نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم، جيئي سنڌ۔ سنڌي جي اربيلي شاعر جاکوڙي شاعر، مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني وارن وڊيوز جو سلسلو جارِي آهي، لک لائق محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب ٽنڊو محمد خان واري جا جنهن هن قومي شاعر جا ناياب وڊيوز سنڌ سلامت جي مُحبتي اڱڻ کي عطيي طور ڏنا ، ڊاڪٽر صاحب بلڪل هي وڊيو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ڏٺا آهن، هُو تمام گهڻو خُوش آهي، جو ڊاڪٽر صاحب جنهن مقصد لا مرحوم شاعر مُنشي ابراهيم جي زندگي ۾ پوري سنڌي قوم لا پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني رڪارڊ ڪرائي هُئي سا شاعري بلڪل سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان هڪڙي سنگهر جي ڪڙِي ڪڙِي جي حيثيت سان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪئي پئي وڃي۔ اڄ مُنشي ابراهيم مرحوم جي شاعري جي هڪ نئين ڪڙي ونڊي پيو ڪريان جنهن ۾ مُنشي ابراهيم مرحوم پنهنجي شاعري جا ٻه اسم ڀاڳياڻي او ڀاڳياڻي، ۽ چارڻ پڙهي ٻُڌايا هُئا۔ مونکي اميد آهي ته اهو سلسلو توهان کي پسند ايندو، ۽ هڪڙي مهان شاعر جي زندگي ۾ رڪارڊ ڪيل هي شاعري سنڌ سلامت جي اڱڻ تي هڪڙو اڻ مٽ ۽ هڪڙو نئون باب ثابت ٿيندو۔
پيش آهي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پنهنجي پيشڪش مُنشي ابراهيم ۔5