سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم، جيئي سنڌ۔ سنڌي جي اربيلي شاعر جاکوڙي شاعر، مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني وارن وڊيوز جو سلسلو جارِي آهي، لک لائق محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب ٽنڊو محمد خان واري جا جنهن هن قومي شاعر جا ناياب وڊيوز سنڌ سلامت جي مُحبتي اڱڻ کي عطيي طور ڏنا ، ڊاڪٽر صاحب بلڪل هي وڊيو سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ڏٺا آهن، هُو تمام گهڻو خُوش آهي، جو ڊاڪٽر صاحب جنهن مقصد لا مرحوم شاعر مُنشي ابراهيم جي زندگي ۾‌ پوري سنڌي قوم لا پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني رڪارڊ ڪرائي هُئي سا شاعري بلڪل سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان هڪڙي سنگهر جي ڪڙِي ڪڙِي جي حيثيت سان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪئي پئي وڃي۔ اڄ مُنشي ابراهيم مرحوم جي شاعري جي هڪ نئين ڪڙي ونڊي پيو ڪريان جنهن ۾ مُنشي ابراهيم مرحوم پنهنجي شاعري جا ٻه اسم ڀاڳياڻي او ڀاڳياڻي، ۽ چارڻ پڙهي ٻُڌايا هُئا۔ مونکي اميد آهي ته اهو سلسلو توهان کي پسند ايندو، ۽ هڪڙي مهان شاعر جي زندگي ۾ رڪارڊ ڪيل هي شاعري سنڌ سلامت جي اڱڻ تي هڪڙو اڻ مٽ ۽ هڪڙو نئون باب ثابت ٿيندو۔
    پيش آهي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي پنهنجي پيشڪش مُنشي ابراهيم ۔5​

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    سبحان الله

    تمام پيارو ونڊ آهي

    توهان جي اهڙي بهترين ونڊ جي ڪري ئي مان ڪوشش ڪندو آهيان ته فورم تي هر وقت موجود رهان ته جيئن توهان جي هر تحرير تي نظر رکان ،
    دعا ۾ ياد
    سدائين گڏ
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    جي فقير همت افزائين جو انتهائي ٿورائتو آهيان ، باقي فقيرن جو هر وقت سنڌ سلامت تي موجود رهڻ ۾ نه صرف تنهنجو، مُنهنجو،پر سڄي سنڌ سلامت جو ڀلو آهي، تون فقط منهنجي ڇا پر هر سنڌ سلامت جي دوستن جي لکڻين تي لازمي لازمي نظر رکندو ڪر۔ ڌڻي توکي انهي ڀلائي جا هن دنيا ۾ ڏهه آخرت ۾ ستر دفعا اڻ ڳڻيا ڀاڙا ڏيندو۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    واھ سائين بهترين
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    سائين منهنجا تمام بهترين ونڊ آهي، سائين هن ناياب وڊيو جي مهنجي خيال ۾ جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي ۔

    او ڀاڳياڻي او ڀاڳياڻي۔۔۔۔،،،
     
  6. سنڌي موالي

    سنڌي موالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    39
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    دوستو هاڻي توهان گهٻرايو نه فقيرن سان گڏ موالي به هر تحرير تي نظر رکندو دوستو هي موالي به توهان سان آهي۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    ادا عاشق سولنگي همت افزائي ڪرڻ لا لک ٿورا۔ پيارا عاشق مونکي اميد آهي ته هاڻي پنهنجي سنڌي لکڻي کي امپرو ڪري ڪجهه اڳڀرو ٿيندا پياري ٻولي سنڌي جو مان مٿاهون ڪندا۔ مونکي خبر آهي ته جيڪي سنڌ جا عاشق هوندا آهن انهن وٽ همت افزائين لا بهترين سُٺي کان علاوه به گهڻو ڪجهه لکڻڻ لا هوندو آهي۔ اسان جو بنيادي مقصد به اهو آهي ته توهان جهڙا سنڌ جا نوجوان پُٽ پنهنجي سنڌي ڪمپوزنگ ۾ نت نئون نکار آڻين۔ انهن خوبصورت لفظن کي ڪتب ۾ آڻين جيڪي اڃان تائين ڪنهن ڇُهيا به هُجن، توهان يقين ڪندا مُنشي ابراهيم مرحوم صرف فائنل سنڌي پاس هُئو پر هُن شاعر ايڏا ته خوبصورت خيال ايڏا ته سُهڻا سنڌي لفظ اسان کي پنهنجي شاعري ۾ ارپيا جنهن جو مثال ئي ملڻ مُشڪل آهي۔ اسان خاص ڪري مان چاهيان ٿو ته توهان جهڙو هر سنڌي سپوت سنڌي ڪمپوزنگ جو چوڏهين جو چنڊ ثابت ٿئي۔ دوست توهان سنڌي خوبصورت سنڌي لکي سگهو ٿا جڏهن مان به انٽر نيٽ تي سنڌي فورم تي آيو هُئس ته مونکي به بهترين آهي۔ سُٺو آهي کان سوا لکڻ ڪونه ايندو هو پر الله جو شڪر آهي اڄ ٿورو گهڻو جيڪو لکي پيو سگهان اهو توهان دوستن جي همت افزائين جي ڪري لکان ٿو، اميد آهي ته هاڻي تنهنجا ڪنهنجي به پوسٽ تي رايا هُوندا اها خالص تُنهنجي تخليق وارا خوبصورت ڪامينٽس هوندا دوست صرف ٿوري محنت جي ضرورت آهي جيجل سنڌي ٻولي سان عشق جي ضرورت آهي۔ ٺيڪ آهي ادا عاشق مان تنهنجي سهڻن راين جو بي چيني سان منتظر رهندس۔ تنهنجو دعاڳو
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    مطلب ته دوستي پڪي نه! ها سنڌي دوستو اصل دوستيون پڪيون ڪري الفتن جا انبار ڪٺي ڪيو، وفائن جي ورکا ڪري ساري سماج کي محبت جي گُلن سان واسي ڇڏيو ۔ ڪيئن موالي آئي ڳالهه سمجهه۾يا!
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    واه ادا زبردست بهترين،.
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    منشي سچ جو ساٿاري هو، سرمائيدارن ۽ ظالمن سان نفرت ڪندڙ هو پر وري اتي پيار جو شاعري به هو۔

    هو سنڌ جو عاشق ۽ سونهن ۽ پيار کي ڳائيندڙهو۔ ڏاڍ اڳيان ڪونه جهڪيو۔

    سندس اٺين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪجي ٿي
     
  11. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ جو قومپرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم (مُنشي ابراهيم 5)

    اڄو ڪي عبرت ۾ منشي ابراهيم بابت هي ليڪ ڇپيو سوچيم ته ونڊ ڪري ڇڏيان۔۔

    منشي: انقلاب جو آواز


    سنڌي ادب ۾ مزاحمتي شاعريءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي. ابراهيم منشي به هڪ اهڙو مزاحمتي شاعر هو. جنهن پنهنجي ڌرتي تي تبديليءَ جي چاهنا رکي پنهنجي ڌرتيءَ کي عبادت جو مرڪز بڻائڻ چاهيو، ڌرتي وارن لاءِ حوصلي، همت ، سرت ساڃاهه، جرئت ۽ ۽ جدوجهد جو سبب بڻيو رهيو، ابراهيم منشي، سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو ته جرئتمند شاعر ليکجي ٿو جنهن اول به سنڌ ۽ آخر به سنڌ جو نعرو بلند ڪيو:
    جنگ جنگ جنگ آ. منهنجي توسان جنگ آ.
    پليت پير ڪر پري هيءَ ڌرتي منهنجو ننگ آ (منشي)
    شاعر لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته هو پنهنجو نظريه حيات قائم ڪري، ۽ انهيءَ نظريي تي آخر تائين ثابت قدم رهي، ابراهيم منشيءَ جي زندگيءَ جو مقام سندس شاعريءَ ۾ سڌيءَ ريت ظاهر آهي. هو ڏوٿي ماڻهن جو همدرد، وڏيري، سرمائيدار جو چٽو دشمن نظر ايندو. مارو ماڻهن سان سندس همدرديون کيس وڌيڪ قد آور ڪري ڇڏين ٿيون ديس جي آجپي واري جذبي سندس شاعري کي عام ماڻهن ۾ مقبول ڪري ورتو.
    ورو ورو وارثو! ولهي جا وارث
    هڻي پئي هانَوَ ۾، اوهان جي آرس
    جي پاڻ ٿيو پارس، ته سون سموري سنڌڙي (منشي)
    ابراهيم منشيءَ جي شاعري سنڌي قوم لاءِ اتهاس جي اهميت رکي ٿي هو عام ماڻهن جي آواز هو، هونئن به تاريخي ماڻهو ڪڏهن به ناهن وسرڻا، منشيءَ جهڙي جرئتمند شاعر کي ايترو جلد ڪيئن ٿو وساري سگهجي! جيڪو سڄي عمر قوم کي ويساهه ڏيندو رهي. تنهن کي وسارڻ جهڙي ويساهه گهاتي ناممڪن آهي. ڪالهه ابراهيم منشيءَ جي اٺين ورسيءَ (ياد) جو ڏينهن هو، سندس شاعري ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳائي کيس ياد ڪيو وڃي:
    ونيءَ وانگر ٻنيءَ ٻک
    رت ولوڙي راتو ڏينهان
    پوءِ به هاري بک جو بک (منشي)
    ابراهيم منشي جهڙن اتساهيندڙ ڪردارن کي عام ڪرڻ لاءِ تحريڪ جي ضرورت آهي. جيئن سندن شاعريءَ جو خواب تعبير ماڻي سگهي، سندس شخصيت جا سڀئي پهلو اڳيان آڻڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهو سندس حياتيءَ کي مشعل راهه بڻائي اڳتي وکون وجهن.
    ڪيڏي آهي ڪوڪ ويڙيچن ولهار ۾
    بيگانا، بي ڪفنا، مرن روز ملوڪ
    سانگين ساڻ سلوڪ، ڦاهيون، ڦاسيون، ڦٽڪا (منشي)
    ابراهيم منشي جڏهن پنهنجو گيت ترنم سان پڙهندو هو ته محفل ۾ ويٺل، سندس ترنم ۾ گم ٿي ويندا هئا.
    هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
    ههڙي ۾ اچڻ تنهنجو، ڀاڳن جي ڀري آهي (منشي)
    سندس ترنم ۾ چيل شاعري ماڻهن کي بي قرار ڪري وجهندي هئي، ابراهيم منشي جي شاعري موجوده سنڌ جو چٽو عڪس آهي. عام ۽ سادي سلوڻيءَ ۾ رچيل سندس ڪويتائون عمل جي راهه ۾ رهنمائي ڪندڙ آهن. منشي وقت جي نبض تي هٿ رکي لکيو. ڳايو، ۽ جدوجهد ڪئي ، جيلن جون صعوبتون سٺيون، پر پوءِ به حوصلي مند رهيو،
    هاري تنهنجا هٿ، چمان ڪهڙي چپ سان،
    تون ئي اها وٿ، جنهن ۾ ساهه سنسار جو ( منشي)
    ابراهيم منشي پنهنجي فڪر، فهم پيغام ۽ مزاحمتي روپ جي ڪري سموري سنڌ ۾ مقبول آهي، سندس شاعري ” چيٽ ۾ چئي ويو ايندس مان، جنگ جنگ جنگ آ، مون پڪ سڃاتا پنهنجا ها، ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾“ کان علاوه ڪيتري ئي شاعري مختلف فنڪارن ذريعي ڳلي ڳلي پهچي پنهنجي اهميت وڌائيندي رهي ٿي.


    (ساجد چانڊيو)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو