تعريف

'سنڌي ادب' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    تعريف​

    تعريف ٻُڌڻ جي تمنا انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري آهي ليڪن ان ڪمزوري جي اندر انسان جي وڏي طاقت لڪل هوندي آهي. تعريف ٻڌڻ جي آرزو ۾ انسان جي اندر سُتل فنڪار جاڳي پوندو آهي ۽ خراجِ تحسين وصول ڪرڻ لڳندو آهي. فن جي بقا تعريف جي دم سان آهي. تعريف نه هجي ته فن غمزده ٿيو وڃي.

    انسان جي صفات تعريف جي تقاضا ڪن ٿيون. تعريف خوشامد ناهي، خوشامد بغير صفت جي تعريف آهي. خوشامد ان بيان کي چوندا آهن، جيڪو چوڻ واري کي خبر هوندي آهي ته اهو ڪُوڙ آهي ۽ ٻُڌڻ وارو سمجهندو آهي ته سچ آهي. خوشامد ٻڌڻ جي طلب رکڻ وارو مريض هوندو آهي ۽ خوشامندي ڪندڙ ان جي مرض ۾ اضافو ڪندو آهي.

    بادشاهن کي ”بادشاهه سلامت“ چورائڻ جو شوق درٻار کي خوشامدين جي جنت بنايو ڇڏي ۽ درٻاري وري بادشاهن جي اکين تي خوبصورت پَٽيون ٻَڌي انهن کي ان جي اصليت کان بيخبر رکندا آهن. ملڪي معاملن جي اصلاح جي بجاءِ شهنشاهه پنهنجا قصيدا ٻُڌندا آهن ۽ عوام کي مرثيه خوانن جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن.

    تعريف نه هجي ته شايد دنيا ۾ ايترو هنگامو نه هجي. ماڻهو جائز ۽ ناجائز دولت ڪمائي پنهنجي گهرن کي سجائيندا آهن، ان کي روشنين سان سجائي پنهنجي دوستن جون دعوتون ڪندا آهن. تعريف ٿيندي آهي ۽ پوءِ ٿيندي ئي رهندي آهي. گهرن ۾ ته شمع ٻرندا آهن پر دل اندر ۾ اجهامندا ويندا آهن. مال جي تعريف، مال جي ڏيکاءُ جي تعريف انسان کي انڌو ڪري ڇڏيندي آهي. جنهن انسان ۾ ذاتي صفت نه هجي اهو پنهنجي لباس کان وٺي پنهجي گهر تائين، پنهنجي هر شيءِ جي تعريف چاهيندو آهي.

    تعريف جي تمنا انسان کي وڏي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيندي آهي. وطن ۾ تعريف ٻڌڻ جي تمنا ۾ انسان پرديس تائين پهچي ويندو آهي. مال ڪمائيندو آهي، پرديس جي اذيت برداشت ڪندو آهي. سندن گهر وارا دولت جو اظهار ڪندا آهن، تعريف ٻڌندا آهن ۽ هو پرديس ۾ تنهائي جي بٺي ۾ سڙندو رهندو آهي. سال ۾ هڪ فعو وطن واپس ايندو آهي، دوستن کي جمع ڪندو آهي، مال خرچ ڪندو آهي. تعريف ٻڌندو آهي ۽ پوءِ وري ڏکويل دِل سان پرديس جي اجنبيت جي حوالي ٿي ويندو آهي.

    ڪڏهن ته انسان تعريف جي آرزو ۾ پنهنجي زندگي سان کيڏي ويندو آهي. هو پنهنجي موت کي قابل تعريف بنائڻ ۾ پنهنجي زندگي وڃائي ويندو آهي. تعريف جو زخم، سڀ کان گهرو زخم هوندو آهي.

    تعريف ٻڌڻ جي بيماري ۾ مبتلا انسان جي جيڪڏهن تعريف نه ڪئي وڃي ته هو پنهنجي توهين سمجهندو آهي. اگر توهان جو دوست نئون وڳو پائي توهان وٽ اچي ۽ توهان ڪنهن سبب جي ڪري ان جي لباس جي تعريف نه ڪئي ته پوءِ توهان جي دوست خطري ۾ اچي سگهي ٿي.

    انسان جو سڀ هار سينگار، سجائڻ، سنوارڻ، ناز ، ادائون، نخرا، پوشاڪ، لهجو، انداز يعني سڀ فعل ۽ حرڪتون طلبِ تعريف جا حيلا ۽ هٿيار آهن. هڪ انسان جيڪو اڳ ۾ ئي مقروض آهي، اهو پنهنجي پُٽ جو وليمو وڏي هوٽل ۾ صرف ان لاءِ ڪندو آهي ته هن جي تعريف ٿئي. تعريف ڪرڻ وارا هن جي تعريف ڪندا آهن پر دل ئي دل ۾ ان جي بيوقوفين تي کِلندا آهن. هُن کي قرض ڏيڻ وارا هن جي ڇا تعريف ڪندا هوندا.

    جيڪڏهن انسان جي شڪل سُٺي آهي ته ان ۾ هُن جو پنهنجو ڪهڙو ڪمال آهي. انسان ۾ انسان جو پنهنجو ڇا آهي؟

    امير ماڻهو جي تعريف ڪرڻ معني ته هن کي هڪ جواز مهيا ڪرڻ آهي ته هو غريب جو حق کسي. جيڪڏهن اسان دولتمندن جي آرائشن جي تعريف ڪرڻ ڇڏي ڏيون ته شايد دنيا ۾ ظلم گهٽ ٿي وڃي. حق وارن کي حق کان محروم ڪري ظالم پنهنجي تعريف ٻڌندو آهي ۽ ان سان معاشري ۾ اڻ برابري قائم رهندي آهي. ظالم پنهنجي ظلم کي فن وانگر ظاهر ڪندو آهي ۽ تعريف ڪرڻ وارا هن کي داد ڏيندا آهن. ڏٺو وڃي ته تعريف جي داستان ۾ ظلم جو داستان لڪل هوندو آهي. وڏيون وڏيون بادشاهيون، وڏا وڏا ملڪ، ترقي يافته ملڪ قابل تعريف ڪارناما سرانجام ڏيندا آهن ليڪن ان جي پٺيان اهي لڪل ظلم هوندا آهن جيڪي هو انسانن سان ڪندا ٿا رهن. انسان دوست ملڪ افغانستان ۾ دوستي جو حق ادا ڪري رهيا آهن، اڄ اڌ دنيا ڪرب ۾ مبتلا آهي ۽ باقي دنيا قابل تعريف چورائيندي آهي.

    سائنس وڏا وڏا قابل تعريف ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. ڪائنات ۾ انسان جي طاقت جوسهرو سائنس وٽ آهي ۽ ائٽم بم جون تباهڪاريون به ان تعريف جي پردي ۾ موجود آهن. زندگي کي سهوليتون عطا ڪرڻ جو دعوائون ڪندڙ تهذيبون، زندگي کي عذاب ۾ مبتلا ڪري رهيون آهن. بيمارين جي لاءِ اسپتال قابل تعريف ڪارنامو آهي. زندگي جي حفاظت جي دعوا ڪري پنهنجي تعريف ٻڌڻ وارا زندگي کي هميشه ختم ڪرڻ جو اهتمام ڪري رهيا آهن. امن جا پوڄاري جنگ جي تياري ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن تعريف ڪرڻ وارو مزاج بدليو وڃي ته پوءِ تعريف ٻڌڻ واري جو مزاج ضرور تبديل ٿي ويندو.

    تعريف ٻڌڻ واري انسان جي اصلاح ان وقت تائين ممڪن ڪونهي، جيستائين تعريف ڪرڻ واري جي اصلاح نه ٿئي. بهرحال تعريف حد کان نه وڌڻ گهرجي. تعريف جي باب ۾ سڀ کان خطرناڪ مقام اهو آهي، جڏهن ڪو گهٽ ظرف وارو پنهنجي زبان سان پنهنجي تعريف ڪري رهيو هجي. هي عذاب آهي. ڪو به آئينو هُن کي ان عذاب کان نه ٿو بچائي سگهي. تعريف جتي انعام آهي اتي سزا به آهي. تعريف صفت ساز به آهي ۽ صفت شڪن به. ليڪن پنهنجي زبان سان پنهنجي تعريف ڪرڻ، پنهنجي انسانيت جي تذليل آهي.


    واصف علي واصف
    ترجمو: سلطان
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ادا سلطان
    توهان اهڙي تحرير پيش ڪرڻ تي جس لهڻو shal judy hujeen


    lajwab-sharing


    sindhsalamatsaathsal
     
  3. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سلطان

    آهي ته سورنهن آنا سچ۔۔۔ جيڪڏهن هر انسان پاڻ ۾ پنهنجي تعريف واري صفت نه رکي ته انسان واقعي وڏي فضيلت ۽ مرتبي وارو ٿي وڃي۔۔

    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهي سجود
    وڃائي وجود، تهان پوء تڪبير چئو

    انسان پنهنجي انا ۽ خود پسندي کي پاسيرو رکي ته واقعي ”انسان“ ٿي وڃي


    سٺي ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو