دوستي

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوستي

    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻهونئان ميٺ گهڻو.

    سنڌ سلامت جا دوستو،
    هي ڪجه دوستيءَ تي سنڌي سٻاجهڙن جا خيال ۽ ويچار آهن ... ياد ناهي ته هي قيمتي خيال مون ڪٿان ورتا هئا پر جيئن ته وقتائتا ۽ ڪارائتا خيال آهن، انڪري اوهان دوستن سان ونڊ ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو ، خاص ڪري ادي جهانداد سمي لاءِ جو هو دوستن سان ڪجه ناراض ناراض آهي ...
    ...........
    دوستي هڪ اهڙو دان آهي جيڪو بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ڪبو آهي
    اگر دان ڪنهن لالچ سان ڪجي ته اهو ڌڻي در قبول ڪونه ٿيندو
    اهڙي ئي نموني اگر دوستي ڪنهن لالچ سان ڪجي ته
    اها ايتري پائيدار ۽ مضبوط ثابت نه ٿيندي
    راجا دائم ڪنري
    .....
    دوستي هڪ اهڙو گل آهي جنهن جي خوشبوءِ سدا حيات هوندي آهي
    بشرط ته گل جي حفاظت صحيح نموني سان ڪجي
    سچي دوستي جو ٻيو نالو قرباني آهي جيڪا بنا لوڀ جي ڏبي آهي
    ۽ هڪ سٺي بندگي آهي صرف سچي هئڻ جي ناتي سان
    ماستر ڀمر لعل عمرڪوٽ
    ......
    هن دنيا ۾ انيڪ نعمتون آهن پر انهن مان هڪ اهم نعمت دوستي آهي
    ۾ دل جو راز پنهنجي ڀاءُ کان لڪائي سگهجيٿو.
    پر اهو راز دوست کي با آساني ٻڌائي سگهجيٿو
    پر اها دوستي سچي هجي .مطلب جي دوستي کان تنهائي بهتر آهي
    ماستر وشنداس ڊڍرو
    ......
    دوست اهو سٺو جيڪو ڏکي ويل ۾ ڪم اچي سگھي
    جنهن جو ڪو ڪردار هجي نالي جا دوست ته ڪئي ملندا پر
    پنهنجو اصل روپ ڪو هڪ ڏيکاريندو آهي دوستي هڪ اهڙو ٻوٽو آهي
    جنهن کي جيڪڏهن ماڻهو جذباتي رشتي جو نالو نه ڏي ته
    اها دوستي نالي جي توهين آهي دوستي هڪ پاڪ جذبي جو نالو آهي
    جنهن کي ماڻهو غلط رنگ ڏيئي انهي کي بدنام ڪندا آهن
    اهو دوست ئي ڪهڙو جنهن جي اندر دوست لاءِ پاڪ جذبو نه هجي .
    وشنداس رحمت ڪالوني ڪنري
    .......
    دوستي عظيم دل جي گهراين مان جنم وٺندڙ هڪ گل جي مثل آهي
    جهڙي نموني سان گل ڏسڻ ۾ ته تمام خوبصورت هوندو آهي
    پر سندس نازڪ پنن هيٺان زهريلا ڪنڊا پڻ سمايل هوندا آهن
    جيڪي گل کي ڇهڻ وقت ڪڏهن زخمي به پڻ ڪري وٺندا آهن
    اهڙي نموني سان دوستي هڪ پاڪيزہ رشتي جو نالوآهي
    مگر انهي کي نڀائڻ لا عظمت جي ضرورت هوندي آهي.
    جيئن ڀٽ ڌڻي هڪ بيت ۾ چيو آهي ته
    شيخن ماہ پچاءِ پوءِ نالو وٺ نيهن جو
    عاجز سمون ڪنري
    .......
    دوستي رشتو آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نٿو ٿي سگهي
    دو جي معني ٻه، ست معني طاقت،
    جنهن جي ميلاپ کي دوستي چئبو آهي.
    نٿو مل رحمت ڪالوني ڪنري
    ......
    دوستي اکر جي معني آهي ٻه سچا دوست جيڪي ڪنهن ڏکئي
    وقت يا مهل هڪ ٻئي جو ساٿ ڏين پر اڄڪلهه جي دوستي
    صرف لالچ ۽ مطلب جي آهي جيئن ته سياڻن چيو آهي ته
    ڪم لٿوڪاڳر ڦاٽو هن موجودہ دؤر ۾
    سچا دوست ڪي ورلي ملندا آهن
    راڻو مل ڪڇي ڪنري
    ....
    دوستي هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪو نڀائڻ بلڪل مشڪل ٿئي ٿي
    دوستي نڀائڻ مکڻ جي شيخ پچائڻ جي برابر آهي
    چندر مهراج دونٻاڙو ٿر
    ....
    دوستي هڪ اهڙو گل آهي جنهن جي سنڀال ڪرڻ ڏاڍي ڏکئي آهي
    دوستي نڀائڻ تمام ڏکي آهي. دوستي رکجي ته هميشہ جي لاءِ
    سچي دل سان رکجي ايئن نہ ٿئي ته ٻه ٽي ڏينهن دوستي رکي
    ۽ وري ڇنائڻ جي ڪوشش ڪري دوستي هڪ ايڪتا اتفاق ٻڌي جو جزو آهي
    جيڪا ڪنهن ڏکئي وقت هڪ ٻئي لا جان قربان ڪري ڇڏيندا آهن
    دوستي رکي ته عمر ڀر تائين ان کي سٺي نموني نڀائجي
    وڌيڪ لکڻ اجايو آهي ٿورو لکڻ گهڻو سمجهڻ شل الله سائين دوستن کي
    حياتي رکي رٺائي رهن هجن شل حياتي
    ڌرمداس ايڇ آر ڪنري
    .....
    دوستي پيار اڄڪل جي دوستي زماني ۾ ختم ٿي ويئي آهي باقي
    هيئنر جي دوستي فقط ٽن لفظن جي آهي کائڻ پيئڻ ۽ گهمڻ
    ڪرشن لال پي لڇاڻي ڏامون مينگهواڙ
    ......
    دوستي هڪ عظيم ناتو آهي سڀ کا پهرين دوستي ڀاءُ کان ٿيندي آهي
    پر ڀاءُ دوست وانڱر هجي تنهن کان پوءَ دوست کان دوستي رکجي.
    پيرغلام فاروق شاه جيلاني ڪنري
    .....
    دوستي انهن معصوم جذبن جو نالو آهي جو بنا
    ڪنهن لالچ جي ٻئي ايثار ۽ قرباني لاءِ آماندہ هجن
    ماستر ايسرداس بي چنداني دوٻاهر
    ....
    مخلص دوستي زندگي جي سفر جي اهم
    ضرورت آهي ، جنهن کان بنا زندگي جو سفر مشڪل آهي
    پيرغلام محي الدين شاه جيلاني ڪنري
    .....
    دوستي اها شيءِ آهي جيڪا رکڻ ته سولي آهي مگر نڀائڻ ڏاڍي ڏکي آهي
    دوستي اها نڀائي سگهندو جيڪو دوست جي هر مصيبت ۾ گڏ هجي.
    ڀيمراج ڪي حاجا ڻي گوارڻ
    .....
    دوست الله تعاليٰ جي ڏات هوندو آهي وفادار
    دوست خدا جي طرفان هڪ سٺو ساٿي هوندو آهي .
    هن مشغول ترين دنيا ۾ مسئلن ۾ گهريل انسان کي اڻ کٽ مسئلا
    پيش ايندا آهن انهن کي حل ڪرڻ لاءِ الله طرفان دوست جي صورت ۾ مدد پهچندي آهي
    تنهن کي الله جي امانت سمجهي ڦٽائڻ نه گهرجي
    ماستر غلام حيدر چانڊيو ڪنري
    .....
    دوستي هڪ اهڙي جذبي جو نالو آهي جيڪو گهڻو ڪري ڪير پاڙي نه سگهندو آهي
    دوستي هڪ اهڙو ٻوٽو آهي گهڻو ڪري انهي ٻوٽي کي ڪير پوکي نه ٿو سگهي ،
    پر انهي ٻوٽي جي گل جي خوشبوءِ ورتي آهي انهي کي ئي سڀ خبر آهي ته دوستي ڇا آهي
    ۽ ڪيئن نڀائبي آهي مگر اڄڪلهه جي دوستي مطلب جي نه ته اهو دشمن آهي.
    سنيل ڪمار عرف دليپ ڪمار ڪنري
    ....
    دوستي حقيقي اها آهي جيڪا هڪ دوست جو سهارو يعني ساڄو هٿ هوندو آهي
    حقيقي دوستي زندگي ۾ صرف هڪ سان هوندي آهي ۽ اها دوستي اڄڪلهه سون
    مان هڪ نڀائي سگهندو آهي ۽ هر قدم دوست جي چوڻ تي
    کڻندو آهي ۽ اهودوست انهي جو سهارو هوندو آهي
    اها دوستي هڪ مکڻ جي شيخ پچائڻ جي مثل هوندي آهي
    نوٽ: دوستي اها هلي سگهي ٿي جيڪا هڪ دوست ٻئي
    دوست جو ڪڏهن آزموتو نه وٺي .
    راجا ڀمرلعل مهراج ڪنري
    .....
    دوستي در حقيقت هڪ اهڙي پُرخلوص جذبي کي چئجي جنهن ۾ خلوص
    کان سواءِ هر ڳالهه وساري ڇڏجي منهنجي نظر ۾دوستي جي
    هڪ پُرخلوص لمحي لاءِ انسان کي پنهنجي هر شيءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهُرجي
    ڇاڪاڻ ته هِن ملاوٽ جي دور ۾ هر شيءِ ۾ ملاوٽ آهي
    ۽ معصوم انسان هر قدم تي دوکي جي زد ۾ آهي
    صرف خلوص ئي اهڙي شيءِ آهي جنهن ۾ ڪابه ملاوٽ نه آهي.
    لڇمڻ داس آسناڻي لوهاڻه ڪنري
    ......
    دوستي اهڙو پوتر ناتو ۽ اڻ ٽٽ تاحيات نڀاءِ جو نالو آهي جنهن ۾ دل جي اُمنگن ۽ جذبن جي درياءُ جي قدرن جو نالو آهي ،دوستي هڪ اهڙو انمول رشتو ۽ پريم جي ويرن جو اٿاھ ساگر آهي جنهن ۾ مفادن جهڙي هماليه جبل کي به موم بنائي سگهجي ٿو ، ۽ مقصد جهڙي ڍونگ کي سر عام ڦاسي جي ڀيٽاءُ چاڙهيندو آهي ، ٻن دلين ٻن جهانن جي جذبن ۽ قدرن کي دوستي جهڙي عظيم رشتي سان ڄاڻائي سگهجي ٿو دوستي هڪ تمام اونهون عميق آهي جنهن ۾ نه لالچ نه مقصد صرف قربانين جي سرچشمي سان ٽمٽار ٿيل آهي ، دوستي سچ ۽ سورهيائي جو لڪيل خزانو آهي جنهن به هن خزاني کي حاصل ڪيو تنهن ڄڻ آسمان ۾ ماءُ جي املهه ٿڃ سان مُشهابت رکندڙ کير واٽ جو سير ڪيو دوستي اهڙو پريم ٻنڌن آهي جنهن ۾ موتيي گل جي خوشبوءُ ۽ سفيدي سمايل آهي
    نهال نيازي ڪنري
    ......
    دوستي اهڙو ٻوٽو آهي جيڪو ڪهڙي به طوفان ۾ جدا ٿي نٿو سگهي، دوستي اها شيءُ آهي جيڪا رکڻ ته سولي آهي مگر نڀائڻ ڏاڍي ڏکي آهي دوستي اهو نڀائي سگهندو جيڪو
    دوست جي هر مصيبت ۾ گڏ هجي ۽ سهارو ڏي
    ماستر بختارام ميرپورخاص
    .....
    دوستي سورن جو سمنڊ آهي جنهن ۾ سچا عاشق اهڙا املهه موتي ڪڍن ٿا جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا سداءِ تا دم سلامت رهندي آهي ، دوستي دردن جو درياءُ آهي ، جنهن مان پيار جو پاڻي ڪڍي عاشق جي دل جي برباد باغ کي سرسبز ۽ شاداب بنائي سگهجي ٿو، دوستي رکڻ لاءِ سڀ کان پهرين دوست جون برايون پنهنجي دل جي قبرستان ۾ دفن ڪجن ۽ پوءِ دل جا دروازا دوستن جي لاءِ کولي ڇڏجن پوءِ هُوان ۾ خوشين جاخزانا کڻي اچن يا ڏکن جا ڏاتار .دوستي رکڻ لاءِ سورن جي سرڪش گهوڙي تي سوار ٿي بربادين جو بيابان پار ڪرڻو پوي ٿو ايئن نه ڪرڻ سان دوستي ڪچي ڌاڳي برابر آهي جنهن کي جو چاهي ڪنهن به وقت ٽوڙي سگهي ٿو.
    ماستر نهچلداس سترامداس ڳوٺ داديو هاليپوٽو
    ....
    دوستي هڪ اهڙو پُرخلوص رشتو آهي جيڪا خوني رشتي کان به بهتر سمجهيو وڃي ٿو . دوستي ۾ هڪ دوست جا خيال قدرتي طور ٻئي دوست سان ملندا آهن ، بشرط انهن جي سچي دوستي هجي . جيڪڏهن ڪا به مصيبت دوست تي آئي ته ٻئي دوست کي انهي وقت احساس ٿيندو ته هينئر منهنجي دوست تي ڪا مصيبت آهي مگر اڄڪلهه اها دوستي هزارين مان هڪ هوندي .دوستي ۾ ڪڏهن به آزمايو نه ويندو آهي جيڪڏهن دوستي کي آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي ته دوستي نه بلڪه دُشمني هوندي.
    .....
    ڪنور رام سوني ڪنري

    دوستي هڪ اهڙو گل آهي جنهن ۾ خلوص جي خوشبوءُ سمايل آهي ۽ اهو گل ڪڏهن به مُرجهائي نٿو، دوستي جو ڪو ملهه نه آهي. هيرا جواهر دوستي جي اڳيان ڪجهه به نه آهن
    ڪيول رام سوٽهڙ ڪنري
    .....
    دوستي هڪ هڙو گل آهي جنهن ۾ وفا جي خوشبوءُ سمايل آهي. جنهن ۾ نه لالچ نه رشتيداري صرف وفا ئي وفا آهي، دوستي کي نڀائڻ ۽ سنوارڻ لاءِ هر وقت قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو آهي. دوستي هڪ انمول هيرو آهي جنهن کي ڪڏهن به بي وفائي جو ڪٽ نه لڳندو آهي
    نالي چڱو درس ڪنري
    ....
    دوستي هڪ اهڙو اڻ ملهه ماڻڪ آهي جيڪوڪنهن وڏي قسمت واري کي نصيب ٿئي ٿو. دوستي لفظ جي معني ڪجهه هن ريت آهي
    د- ديانتدار
    و- وفادار
    س- سچار
    ت- تابعدار
    يقينن دوستي اهو نڀائي سگهندو جنهن ۾ اهي خصلتون هجن .
    سرڻ ڪمار مهندرو مل عمرڪوٽ
    .....
    دوستي هڪ اهڙي اڻ ملهه موتي آهي
    جيڪا ڪنهن وفادار دل واري وٽ هوندي آهي .
    اي ڪي ريگستاني عمرڪوٽ
    ....
    دوستي هڪ اهڙو دل جو حصو آهي جنهن کي مرڻ گهڙي تائين دل جي ڌڙڪڻ ٿي رهڻو آهي ، دوستي هڪ انمول هيرو آهي جنهن ۾ وفا جا گل سمايل آهن .
    ذوالفقار علي درس ٿري
    ....
    دوستي دنيا جو عظيم رشتو آهي جنهن
    کي اوهان جو دل دوست سمجهي ٿو انهي
    کي ڪڏهن آزمائش جي مرحلي ۾ نه آڻيو،
    ٿي سگهي هُو اوهان جي آزمائش تي پورو نه لهي ۽ اوهين هڪ سٺي دوست کان محروم ٿي وڃو .
    يسونت گرڙو ڊينگاڻ
    .....
    دوستي دنيا جو هڪ پوتر ناتو آهي جنهن سان دوستي هجي ان سان دل جي خلوص سان نڀائجي دوست جي هر ڏک سُک ۾ گڏ هُجي.
    سومجي مل ڀڳواني ڪاسبو
    .....
    دوستي ٻن دلين جي وچ ۾ اهڙو ناتو آهي
    جيڪو هڪ ٻئي کي ويجهو آڻي ٿو اهوئي پريم ڀريو ناتو جنهن مان ماڻهو کي پرکيو ۽ پرُوڙيو وڃي ٿو .
    شنڪر لال ڊي موتياڻي ڪاسبو
    ،،،
    دوستي،سنگت،ڪمپني، هڪ ماڻهو جي اهم ضرُورت آهي هن معاشري ۾ رهڻ لاءِ هر هڪ کي مختلف ماڻهن سان لھ وچڙ ۾ اچڻو پوندو آهي مگر ڪن ماڻهن جو سنگ يا جدائي ۾ انسان جي دل ۾ هڪ ڪسڪ پيدا ڪندي ۽ اهو ناتو وڌي سنگت جي شڪل اختيار ڪندو آهي دوستي هڪ اهڙو رشتو آهي جيڪو پنهنجي سمپورڻتا لاءِ رت جو ريج گهرندو آهي دوستي ۾ دوست جي آشنائن جي ديپن جلائڻ لاءِ اگر کيس پنهنجي حياتي جو ڏيئو به وسائڻو پوي ته به گريز نه ڪري
    جئه پرڪاش آر موراڻي ڏيپلو
    .....
    دوستي هڪ عظيم رشتو آهي جيڪو ٻن دلين جي وچ ۾ هڪ اهڙو لاڳاپو آهي جنهن کي دوستي سڏبو آهي دوستي هڪ اهڙو ناتوآهي جنهن ۾ وفاداري سمايل آهي دوستي ۾ جان جي بازي لڳائڻي پوندي آهي ۽ ڪيترائي ڏک سهڻا پوندا آهن دوستي هڪ سچي محبت آهي جيڪا انسان جي دل سان ڳنڍيل آهي.
    نند لعل پي لوهاڻه ڪنري
    ....
    دوستي هڪ پويتر ناتو آهي جنهن ۾ انسان هر وقت تن من ۽ ڌن قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهندو آهي دوستي يار جي امانت هوندي آهي ڪڏهن ان امانت جي سنڀال خاطر پنهنجو وجود به داءَ تي لڳائڻو پوندو آهي.
    کيمچند پي مهراج ڪنري
    ....
    دوستي اهو لفظ آهي جنهن ۾ نہ لوڀ نہ لالچ هوندي آهي صرف قرباني ئي قرباني هوندي آهي
    ڌڻي بخش پنهور کپرو
    ....
    دوستي هڪ اهڙو ناتو آهي جيڪو ٻن طاقتن سان گڏجي ٺهندو آهي دوستي هڪ اهڙو گل آهي جنهن ۾ بي وفائي جو ڪو به ڪنڊو نه آهي.
    ماستر ڍولڻ عمرڪوٽ
    ....
    دوستي ٻن طاقتن جو وجود آهي هميشه
    رکڻ سولي ۽ نڀائڻ ڏکي، جيئن چوڻي آهي ته دوستي رکڻ رُڪ جا چڻا چٻائڻ آهي.
    ارباب علي لوري ڪنري
    ....
    دوستي ٻن محبت ڀريل دلين جي آزمائش جو نالو آهي جنهن جي معني آهي ساٿ جيڪا هر مشڪل حالات ۾ ڪم اچي هن دنيا جو سرشتو دوستي جي بنياد تي قائم آهي جيڪڏهن دنيا ۾ دوستي جو وجود نه رهي ها ته هي دنيا هزارين ورهيه اڳ تباه برباد ٿي وڃي ها دنيا جي عظيم قيمتي دولت دوستي آهي جيئن سج کانسواءِ دنيا ۾ اونده آهي تيئن زندگي دوست بغير ويران آهي .
    ڀيم چند آڏواڻي نبيسر روڊ
    .....
    فارسي جي زير اثر سنڌي موجب دو معني ٻه است معني هٿ هندي جي زير اثر سنڌي موجب دو معني ٻه ست معني سچ، تقريباَ ٻنهي ٻولين جي زير اثر آيل اشتقاق مان ساڳي معني نڪري ٿي فارسي جي لحاظ کان ٻن هٿن جو ميلاپ ۽ هندي جي لحاظ کان ٻن سچن جو ميلاپ انهي مان دوست يا دوستي لفظ جي معني اها ٿي نڪري ته ٻن پاڪ سچ دلين جو اهو ميلاپ جنهن ۾ اهي هڪ ٻئي جا اهنجهه ڏک سور هڪ جسم جا ئي ڏک سور ڪي سمجهن انهن جي وچ ۾ ڪابه ڳالهه مختلف هئڻ جو ا مڪان باقي نٿو رهي ٻن دوستن جي اها سچائي جنهن تحت اهي هڪٻئي سان ساٿ نڀائين تنهن کي دوستي چئبو آهي.
    وينجهراج عرف سچل ڍاٽي ڀوڄاسر
    .....
    دوستي ٻن دلين جي وچ ۾ هڪ اهڙي ڪشش آهي جيڪي هڪٻئي کي وقت جي آئيني ۾ ڳولي لهندي آهي.
    دوارڪا داس عمرڪوٽ
    .....
    دوستي هڪ اهڙو عظيم رشتو جيڪو ٻن دلين کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو .
    علي نواز منڱريو ساڏوري
    ....
    دنيا ۾ خلقيندڙ جا قدرتي رشتا ته موجود آهن
    مگر انهن رشتن کان بہ وڌيڪ اٽوٽ ۽ اٽل دوستي آهي جنهن کي ڪو به ٽوڙي نه
    سگھندو پاڪ پويتر،معصوم ۽ نيڪ تمنائن جي جذبن کي به دوستي چئي سگهجي ٿو
    پريتم داس مهراج ڀوريلو
    .....
    دوستي هڪ مقدس سٻنڌ آهي جنهن پويان
    وفاداري ديانتداري محبت جي حصول جو
    جذبو ڪار فرما آهي دوستي انساني زندگي
    جي اهم ضرورت آهي ان جي ڪامِيابي جو
    بنياد هم خيالي هم شخصيت ۽ ذاتي همدردي آهي دنيا ۾ سماجي رشتن جا قسم آهن جن ۾ مائٽي واقف ڪاري وغيره اچي وڃن ٿا پر دوستي انهي ٻنهي جي اونهائي جو ٻيو نالو آهي . وسيع تعلقاتن ۽ ڪافي وقت جي تجرباتي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ حاصل ٿيندي آهي دوستي اعتماد سچائي ۽ قرباني ڪري قائم رهندي آهي .
    مهراج ڪرشن لال ويراڳي ٽنڊو غلام علي
    ....
    دوستي انهي ساٿ جو نالو آهي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ يا تمنا نه هجي دوستي اهو نالو آهي جيڪو هر برائي کان صاف ۽ هر لالچ کان پاڪ هي. دوستي انهي وڻ مثل آهي
    جنهن جو ميوو ماکي کان مٺو آهي مگر انهي وڻ جي سنڀال ڏکي آهي . دوستي اها قائم و دائم رهندي جيڪا اصولن تي قائم هجي . دوستي ۾ پاڻ تڪليف ڏسي پر پنهنجي دوست جي همدردي ڪري ۽ خبرنه پوي دوستي جي راه ۾ ڪيئي مشڪلاتون هونديون آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر جي حرص و حوص ۽ لالچ ۽ برائي کان پاڪ رکي .
    دوستي پاڪائي ۽ اصول جو ٻيو نالو آهي دوستي معيارن ڏوراپن کان ڏور چيز جو روپ آهي .دوستي حقيقت جو آئينو آهي ۽ دوستي هم خيالي جو ساگر آهي .
    ماستر مدن لعل مارو وهرو شريف
    ......
    دوستي انهي جو نالو آهي پنهنجو پاڻ کي دوست لاءِ قربان ڪرڻ. جيڪڏهن دوست لاءِ سر به ڏيڻو پوي ته به انهي لاءِ دير نه ڪري ۽ اهڙو مثال قائم ڪري وڃي جنهن کي دنيا ياد ڪري.
    ماستر پريم ڪمار مالهي عمرڪوٽ
    ....
    دوستي يا دوست چوڻ سولو آهي پر نڀائڻ بلڪل ڏکيو آهي. دوستي نڀائڻ لاءِ مکڻ جي شيخ پچائڻ آهي . دوستي زباني نه پر دلي طرح هئڻ گھرجي ۽ ڏکي وقت ۾ صحيح دوستي نڀائڻ جي خبر پوي. رڳو زباني طرح نه .
    ماستر علي بخش رند
    ڳوٺ حاجي علي خان رند
    ......
    دوستي هڪ اهڙو رشتو آهي جنهن ۾ ذات پات رنگ ۽ نسل جو سوال نه هوندو آهي .دوستي ۾ قربا ني لاءِ هر وقت تيار رهڻو پوندو آهي . دوستي وفا جي خوشبوءُ آهي ۽ اها خوشبوءُ تاحيات رهندي آهي.
    ماستر محمد ايوب ڪنڀر جانهيرو
    ....
    دوستي هڪ عظيم جذبو آهي جنهن ۾ وفا
    پيار قرباني ايثار ۽ محبت جهڙي سهڻي
    پياري خوبضورت خوشبوءُ سمايل آهي
    پر مضبوط ايڏو جنهن کي هن ظالم دنيا جو
    ڪو به ڪاپاري ڌڪ ٽوڙي نه سگھي .
    ماستر عبدالشڪور ڪنڀر عمرڪوٽ
    ....
    دوستي هڪ عظيم رشتو آهي جيڪا هر
    ڏکي ويل ڪم ايندو آهي. دوستي اڻ ٽٽ
    رشتو آهي جيڪو زندگي ڀر رهندو آهي
    ماستر مريد خان ڪنڀر عمرڪوٽ
    ....
    دوستي هڪ اهڙو فصل آهي جو محبت سان پوکبو آهي ۽ شڪريي سان لڻبو آهي.جيڪڏهن اوهان جو دوست خاموش آهي ته کيس خاموش نه سمجھو ڇو ته دوستي جو سڪوت ايتريقدر وسيع جو هر هڪ لطيف خيال پياري اميد سٺي نصيحت ۽ اندروني خوشيءُ جو اظهار انهي گونگي طريقي ممڪن ٿيو پوي۽ ناطق زبان کٽيو پوي.
    پير معصوم شاه جيلاني ڪنري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    راجا دائم ڪنري
    ماستر ڀمر لعل عمرڪوٽ
    ماستر وشنداس ڊڍرو
    وشنداس رحمت ڪالوني ڪنري
    عاجز سمون ڪنري
    نٿو مل رحمت ڪالوني ڪنري
    راڻو مل ڪڇي ڪنري
    چندر مهراج دونٻاڙو ٿر
    ڌرمداس ايڇ آر ڪنري
    ڪرشن لال پي لڇاڻي ڏامون مينگهواڙ
    پيرغلام فاروق شاه جيلاني ڪنري
    ماستر ايسرداس بي چنداني دوٻاهر
    پيرغلام محي الدين شاه جيلاني ڪنري
    ڀيمراج ڪي حاجا ڻي گوارڻ
    ماستر غلام حيدر چانڊيو ڪنري
    سنيل ڪمار عرف دليپ ڪمار ڪنري
    راجا ڀمرلعل مهراج ڪنري
    لڇمڻ داس آسناڻي لوهاڻه ڪنري
    نهال نيازي ڪنري
    ماستر بختارام ميرپورخاص
    ماستر نهچلداس سترامداس ڳوٺ داديو هاليپوٽو
    ڪنور رام سوني ڪنري
    ڪيول رام سوٽهڙ ڪنري
    نالي چڱو درس ڪنري
    سرڻ ڪمار مهندرو مل عمرڪوٽ
    اي ڪي ريگستاني عمرڪوٽ
    ذوالفقار علي درس ٿري
    يسونت گرڙو ڊينگاڻ
    سومجي مل ڀڳواني ڪاسبو
    شنڪر لال ڊي موتياڻي ڪاسبو
    جئه پرڪاش آر موراڻي ڏيپلو
    نند لعل پي لوهاڻه ڪنري
    کيمچند پي مهراج ڪنري
    ڌڻي بخش پنهور کپرو
    ماستر ڍولڻ عمرڪوٽ
    ارباب علي لوري ڪنري
    ڀيم چند آڏواڻي نبيسر روڊ
    وينجهراج عرف سچل ڍاٽي ڀوڄاسر
    دوارڪا داس عمرڪوٽ
    علي نواز منڱريو ساڏوري
    پريتم داس مهراج ڀوريلو
    مهراج ڪرشن لال ويراڳي ٽنڊو غلام علي
    ماستر مدن لعل مارو وهرو شريف
    ماستر پريم ڪمار مالهي عمرڪوٽ
    ماستر علي بخش رند۔۔۔۔۔۔۔ڳوٺ حاجي علي خان رند
    ماستر محمد ايوب ڪنڀر جانهيرو
    ماستر عبدالشڪور ڪنڀر عمرڪوٽ
    ماستر مريد خان ڪنڀر عمرڪوٽ
    پير معصوم شاه جيلاني ڪنري

    سائين نثار احمد توهان جا لک لائق جو سنڌ جي مهان شخصيتن جا دوستي بابت چيل لفظ ونڊيا۔۔۔۔ توهان جون سنڌ سلامت تي ايندڙ تحريرون انتهائي لاجواب هونديون آهن۔۔۔۔ منهنجا اهي دوست جيڪي فورم تي هڪ دفعو رجسٽريشن ئي مس ڪرائي سگهيا آهن ۽ سنڌي نه لکي سگهڻ ڪري لاگ آف ئي سنڌ سلامت جو مطالعو ڪندا آهن اهي يا ان رجسٽرڊ ميمبر ڪال ڪري توهان جي لکڻين تي داد ڏيندا آهن گڏ توهان کي انهن جا سلام پهچائڻ لاءِ پڻ چوندا آهن۔۔۔ انهن جو نيڪ تمنائون توهان سان آهن۔۔۔۔
    منهنجي نظر ۾ دوستي
    روشني به آ ته انڌيرو به آ۔۔۔۔
    خواهشن جو ڀريل جزيرو به آ۔۔۔۔
    هڪ انمول هيرو به آ ته۔۔۔۔
    هڪ خوبصورت خواب به آ۔۔۔
    ڏک ملڻ تي عزاب به آ ته۔۔۔
    پيار ڪرڻ جو جواز به آ۔۔۔۔
    هڪ خيال به آ ته حقيقت به آ۔۔۔۔
    ڪڏهن وڇوڙو ته ڪڏهن ميلاپ به آ۔۔۔
    ڪڏهن زمين ته ڪڏهن آسمان به آ۔۔۔
    ڪڏهن ڪوڙ به آ ته ڪڏهن سچائي به آ۔۔۔۔
    ڪڏهن ته هار به آ ۽ ڪڏهن جيت به آ۔۔۔
    ساز به آ ته سگيت به آ۔۔۔
    نظم به آ ته گيت به آ۔۔۔۔
    دوستي دل مان نڪتل دعا به آ ته پيار جي انتها به آ۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash

    shal judy hujeen
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد صاحب
    حق موجود؛

    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا، ادا! اوهان سان گڏ انهن دوستن جو ٿورائتو آهيان جي منهنجين ڪاوشن کي قدر جي نگاه سان ڏسن ٿا ... منهنجي طرفان کين سلام ۽ نيڪ خواهشون پهچائجو ...

    ڀائڙا، دوستيءَ جي باري ۾ جي خيال اوهانجا آهن ۽ جنهن روانيءَ سان لفظن جو استعمال ڪيو اٿوَ، انتهائي وڻندڙ ۽ اندر جي ترجماني ڪندڙ آهن ...

    دوستيءَ جو مضمون انتهائي وڏو آهي جو هوند ڪئي ڊاڪٽريون ٿي سگهن ... انڪري ان جي تشريح ڪنهن هڪ اڌ جملي يا مقالي سان ڪري نٿي سگهجي ... پر تنهن هوندي به اوهانجي خيالن جي تاعيد ڪندي چئبو ته؛

    دوستي سچي ۽ ڪوڙي هوندي آهي، دوستي سچي ته زندگي آسان ۽ جي دوستي ڪوڙي ته زندگي زهر ٿيو وڃي ... منطقي طور ايئن چئبو ته ”سٺي شئي، هرگز خراب نتيجا نه ڏيندي ۽ خراب شئي ڪڏهن به سٺا نتيجا پئدا نه ڪندي“ ...

    وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو ۽ دوستين جي ڪيترن ئي تجربن مان گذرندا به هوندا ...

    رب اسان سڀني کي سٺا دوست عطا ڪري ۽ ڪوڙن دوستن کان بچائي ... آمين

    سدائين گڏ
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا سائين تمام بهترين هڪ دفعو ٻيهر تمام بهترين شيئرنگ آهي، سائين اهڙي لاجواب شيئرنگ موڪلڻ جي مهرباني،
     
  6. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: دوستي

    مهرباني ...................
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دوستي

    سائين موضوع الاهي وڏو ۽ ڪارائتو آهي۔۔۔ڪجھ پڙهون پيا ڪجھ پڙهنداسين۔
    ونڊڻ جي مهرباني
     
  8. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: دوستي

    بهترين ونڊ آهي....
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دوستي

    دوستي​


    دوستي پنجن لفظن سان ٺهندي آهي (د) مان دعا ۽ دل ( و ) مان وعدو ۽ وفا (س) مان سچائي ۽ ساٿ ( ت ) مان تحفظ ۽ تسلي ( ي) مان ياد ۽ (ي) يقين​


    دوستي حضرت علي عه جي نظر ۾

    ليکڪ : مشتاق ٽانوري​



    [justify]علي عه ابن ابو طالب اهڙي شخصيت آهي جنهن کي عرب کان وٺي عجم جي هر ماڻهو پنهنجو سمجهيو. زندگي جو شايد ئي ڪو اهڙو شعبو هجي جنهن بابت دنيا جي هن عظيم مفڪر علي ابن ابو طالب جو فرمان يا قول موجود نه هجي. ٻين سڀني موضوعن کي ڇڏي دنيا جي هر ماڻهو جي ضرورت واري موضوع دوست کي حضرت علي عليه السلام جي قولن جي روشني ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا جي نفسا نفسي واري دؤر ۾ هر ماڻهو متلاشي آهي، ان ماڻهو جو جنهن سان هي پنهنجي جيءَ جون سڀ ڳالهيون اوري سگهي، هر ماڻهو جي دل ۾ اها آس هوندي آهي ته هن کي ڪو وفادار، ڪو پُرخلوص ۽ سچو ماڻهو ملي. ماڻهن جي زندگي جو سڄو سفر ان ڳولا ۾ گذري ٿو ۽ اهو سفر ختم ٿئي ٿو ته شڪايتن ۽ گلائن تي سڄي عمر جي ڳولا بعد به آخر ماڻهو ناڪام ڇو ٿو وڃي. آخر ڇو ماڻهو پنهنجو هدف سچو دوست ماڻي نٿو سگهي. ڇو هر دوستي جي پڄاڻي شڪايتن ۽ گلائن تي وڃي ٿئي ٿي.

    دنيا جي عظيم ترين مفڪر حضرت علي عليه السلام جي قول جي روشني ۾ ڏسجي ته ڪنهن حد تائين اسان کي ان سوال جو جواب ملي ويندو. حضرت علي عليه السلام جي قولن، خطن ۽ خُطبن جي مجموعي نهج البلاغه ۾ سندن هڪ خطبو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته هن دنيا ۾ هر ڪوئي سچو دوست ڳوليندو آهي پر پاڻ اهو ٿيڻ جي تڪليف برداشت ناهي ڪندو. سچي دوست جي متلاشين لاءِ ان کان وڌيڪ رهبري ڪا ٻي نه ٿي سگهي ٿي ڇو ته جيڪڏهن سچي دوستي جي ڳولا ڪندڙ پاڻ سچو ٿي پوي ته هن دنيا ۽ هر ماڻهو کي سچو ٿيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن دنيا جو هر ماڻهو سچو ۽ سٺو بڻجي وڃي ته انسان جي تلاش ئي ختم ٿي وڃي ۽ هر طرف سٺائي ۽ سچائي جو آغاز ٿي پوي. اصل ۾ سڀڪجهه انسان پاڻ ئي آهي جيڪڏهن انسان پاڻ ئي پنهنجي پوتاميل ڪندو تڏهن ئي معاشري ۾ بهتري جي سفر جو آغاز ٿيندو. ان سان گڏوگڏ حضرت علي عليه السلام دنيا جي ماڻهن لاءِ دوست ۽ دشمن جا قسم پڻ بيان ڪيا آهن. پاڻ فرمائين ٿا ته دوست ٽن قسمن جا ٿين ٿا هڪ دوست، ٻيو دوست جو دوست، ٽيو دشمن جو دشمن ۽ وري دشمن به ٽن قسمن جا ٿين ٿا هڪ دشمن ٻيو دوست جو دشمن ۽ ٽيون دشمن جو دوست. دوست ۽ دوستي جي ان کان وڌيڪ بهتر وصف شايد ئي ڪو بيان ڪري سگهي. جيڪڏهن ان قول جي روشني ۾ ڏسجي ته اسان کي پنهنجي دوست ۽ پنهنجي دشمن جي بهتر نموني سان سڃاڻ ٿي پوندي. ان قول کي اڳتي وڌائيندي علي عليه السلام دوست ۽ دوستي جي وصف کي هيٺيئن ريت وڌيڪ سولو ڪري ٿو.

    دوست جا 3 قسم ٿين ٿا هڪ اهڙا دوست جن جو هجڻ غذا وانگر ضروري آهي ۽ ٻيا اهي دوست جيڪي دوا وانگر هوندا آهن ۽ انهن جي ضرورت بيماري وقت محسوس ٿيندي آهي ۽ ٽيان اهي دوست جيڪي بيماري جيان هوندا آهن اهي جڏهن ملندا آهن بيمار ڪري ويندا پر هوندا اسان جا دوست آهن. دوستن جي انهن قسمن کي ايڏي سولائي ۽ وڻندڙ انداز سان بيان ڪرڻ جو فن صرف علي عليه السلام وٽ ئي موجود آهي. اسان جي معاشري ۾ اڪثر ماڻهو دوستن جا عيب ۽ غلطيون سرِ محفل بيان ڪندي نظر ايندا آهن. پر علي عليه السلام ان عمل کي غلط قرار ڏيندي فرمائي ٿو ته دوست ڪرڻ کان پهريان دل ۾ هڪ قبرستان ٺاهيو جنهن ۾ هن جون غلطيون ۽ عيب دفن ڪري سگهجن. سٺو دوست اهو آهي جيڪو روبرو بُرائي بيان ڪري تنقيد ڪري ۽ غيرموجودگي ۾ پنهنجي دوست جون خوبيون بيان ڪري. هي دنيا جتي انسان دولت ۽ مال جي معيار تي امير ۽ غريب سمجهيو وڃي ٿو، ان معيار کي علي عليه السلام رد ڪندي چوي ٿو ته توهين ڇا ٿا سمجهو غريب اهو آهي جنهن وٽ دولت ناهي، اهو به بلڪل غلط آهي غريب اهو آهي جنهن جو ڪو به دوست ناهي. هڪ پاسي علي عليه السلام ان ماڻهو کي امير ٿو سڏي جنهن وٽ دوست هجن ته ٻئي طرف ان جي ئي ابتڙ عجيب نظريو ڏيندي علي عليه السلام چوي ٿو ته لکين ماڻهن کي دوست بڻائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته هڪ اهڙو دوست ٺاهيو جيڪو اوهان جو ساٿ ان وقت ڏي جڏهن لکين ماڻهو توهان جا مخالف بڻجي وڃن.

    حضرت علي عليه السلام دوست کي ماڻهو جو آئينو سمجهي ٿو، جڏهن کانئن پڇيو وڃي ٿو ته مولا ٻڌايو دوست ڀلو يا ڀاءُ ته پاڻ بنا دير جي جواب ڏنائون ته ڀلو ڀاءُ پر جيڪڏهن دوست هجي زندگي جي عظيم تعلق دوستي بابت دنيا جي هن عظيم شخص جا ڪيترائي نظريا ۽ قول مختلف ڪتابن ۾ پکڙيا پيا آهن. مان پنهنجي هنن وِيچارَن کي حضرت علي عليه السلام جي ان تاريخي آخري وصيت تي ختم ڪندس جيڪا پاڻ پنهنجي موڀي پٽ حضرت امام حسن مجتبيٰ کي لکت ۾ ڏني هئائون. نهج البلاغه ۾ اها وصيت ائين موجود آهي. دوست اگر ناراض ٿئي ته ان کي پرچائڻ وڃو، هو اگر منهن ڦيري ته ان طرف وڃو ٻئي طرف منهن ڦيري ته ٻئي طرف وڃو، بار بار وڃڻو پوي ته بار بار وڃو، دوست تعلق ٽوڙي توهان تعلق جوڙيو، هو قطع تعلقي ڪري ته توهان صلئه رحمي ڪيو، توهان هن سان اهو رويو رکو جيڪو هڪ غلام پنهنجي آقا سان رکندو آهي پر خبردار اهو رويو نااهل ۽ ڪم ظرف سان نه هجي ۽ پنهنجي دوست کان ايترو پري نه رهو جو اهو توهان کانسواءِ جيئڻ سکي وٺي.[/justify]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دوستي

    واه ۔۔۔

    دوست سليمان اوهان ته هن ڌاڳي کي چار به نه ڏهه ڏهه چنڊ لڳائي ڇڏيا، حضرت علي رضي الله عنه جي دوستي بابت قولن سان سنواريل ليک ونڊ ڪري ۔۔۔ هن ليک جي قسمت کلي پئي آهي ۔۔۔ بيشڪ دوستي جو موَضوع ايترو ته وڏو آهي جو ان تي دنيا جي ادب ۽ فڪر ۾ هزارين لکين قول موجود آهن ۔۔۔ هر ٻولي ۽ هر قوم وٽ دوستن جي لا چيل قول اهڙا ته قيمتي ۽ سونهري آهن جو هوند انسان سڀ رشتا وساري صرف دوستن جي تلاش ۾ نڪري پوي ۔۔۔

    اچو ته اسين سڀ سنڌي هڪٻئي جا دوست ٿي وڃون ته ممڪن حد تائين سڀ مسئلا حل ٿي وڃن ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔ دوستي زنده آباد

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: دوستي

    ماشاءالله تمام بهترين ٻول انتخاب ڪيل ۽ دوستي تي سٺي روشني وڌل آهي

    اهڙي قيمتي ونڊ اوهان جي دوست شناشي ۽ دوستي جي قدر ڏانهن اشارو ڪن ٿا ،

    سائين اوهان جي مهرباني

    ڪي دل جون ڳجهيون ڳالهيون رڳو هڪ سٺي دوست سان ئي ڪري سگهجي ٿو ۔ دوستي قدرت جو انمول تحفو آهي وفادار دوست هجي ته اها وڏي سعادت آهي ، الله تعالى اسان سڀنن کي دوستي جو قدر ڪرڻ جي توفيق عطا فرما
     
  12. حسين جوڻيجو

    حسين جوڻيجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: دوستي

    واهه واهه تمام بهتر ادا۔۔۔۔
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دوستي

    تمام دوستن جا لک ٿورا، جن هن دوستيءَ جهڙي موضوع کي پسند فرمايو، دوستي لفظ ئي اهڙو آهي، جو جڏهن اهو لفظ ڪنن تي پوي ٿو ته هڪ لطيف احساس اڀري ٿو، جنهن ۾ سچائي ۽ خلوص سمايل هجي ٿو ۔۔۔

    اميد ته اسين سنڌي ۽ خاص سنڌ سلامت جا دوست پنهنجيون دوستون نڀائڻ ۾ اڳ کان اڳرا رهنداسون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دوستي

    سنڌين جي سنڌ سان محبت ته پنهنجي جاء تي پر سنڌين جي هڪٻئي سان دوستي ڪيتري آهي ۔۔۔۔۔۔۔ ڪجهه ڏينهن کان فيسبوڪ تي هيٺين تصوير بار بار شيئرنگ ٿي رهي آهي ۔۔۔۔۔۔۔ ته اسان پاڻ ۾ دوست ٿي هڪٻئي سان محبت ڪيون

    [​IMG]
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دوستي

    اڄ نيٽ گردي ڪندي حضرت علي رضي الله تعالا عنه جو هڪ قول، ”دوستي“ جي تعريف ۾ ، نظر مان گذريو، هونءَ ته حضرت علي رضه جا کوڙ ساترا قول آهن پر هي قول به سمجهڻ واري لئه هيرن جي کاڻ آهي ۔۔۔

    قول؛
    1۔ جيڪو ننڍڙي ڪنهن ڳالهه تي دوست نه رهي، سمجهو ته اهو دوست هيو ئي نه۔
    2۔ جنهنکي اهڙي دوست جي تلاش آهي جنهن ۾ ڪا خامي نه هجي ته پوءِ کيس ڪڏهن ڪو دوست نه ملندو۔
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دوستي

    دوستي بابت هڪ بيو قول ونڊ ڪيان ٿو :

    جيڪڏهن ڪو دوست اوهان سان ناراض آهي ۽ ان کي اهو غرور آهي ته اوهان کيس مڃائي وٺندا ته ان جي غرور کي ٽٽڻ نه ڏجو. اهائي دوستي آهي.
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دوستي

    ادا سليمان، اهو پيغام ڪنهن سنڌ دوست جو ئي ٿي سگهي ٿو ۽ انتهائي سهڻو ۽ وقتائتو پيغام آهي، اسان سڀني کي دل سان قبول ڪري هڪٻئي ۾ دوستين جا رشتا پئدا ڪري، ڏکن سورن جو ساٿي ٿي سنڌ جي خدمت ڪرڻ گهرجي ۔۔۔

    سلام آهي پيغام ڏيڻ واري کي ۽ سلام آهي اوهانکي جو اوهان اسان سان اهو سهڻو ونڊ ڪيو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دوستي

    دوست اهو هوندو آهي جيڪو اوهانجي دل ۾ لڪل گيت به ٻڌي وٺندو آهي، ۽ اوهانکي اهي گيت ڳائي ٻڌائيندو آهي جڏهن اوهانکان ان گيت جا لفظ وسري ويندا آهن۔

    دوستيءَ تي ونڊ ڪيل هڪ خيال

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دوستي

    پيار مظفر حسين، اوهان اسانجا ساٿي، دوست ۽ ڀائر آهيو، ساٿي ان لا ته اوهان سنڌ سلامت تي ايندا رهو ٿا، دوست ان لا ته اوهانجا خيال ۽ پنهنجا خيال هڪجهڙا آهن ۽ هم خيال هجڻ دوستي جي نشاني آهي، ڀائر انڪري ته اسين هڪ ڌرتي ڄاوان آهيون ۽ هڪ ڌرتي جي مٽي ما ٺهيل آهيون ۔۔۔

    اوهان سنڌ سلامت تي ايندا ڪريو ۽ جيڪڏهن ڪو ليک اوهانجي دل جي تارن مان ڪو آواز ڪڍي ته اهو اسان سان ونڊ ضرور ڪندا ڪريو ۔۔۔

    لک ٿورا
     
  20. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: دوستي

    هڪ سچو ۽ مخلص دوست بنجڻ لا۽ تمام بهترين معلومات آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔تمام بهترين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو