ضرورت آهي پنهنجو خول لاهڻ جي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ضرورت آهي پنهنجو خول لاهڻ جي

    علي قاضي

    اگر توهان غور سان پنهنجي چوگرد ماڻهن بلڪه پنهنجي پاڻ کي به ڏسندا ته نظر اهو ايندو ته هر ماڻهو پنهنجي مٿان هڪ خول چاڙهيل آهي. ماڻهو اهو خول يا برقعو يا پردو ٻين ماڻهن/دنيا کان پنهنجو اصل لڪائڻ لاءِ چاڙهي رکي ٿو. هر ماڻهو چاهي ٿو ته ان جي اندر جي ڪمزوري، اندر جي غربت، گدلاڻ، جهالت، ڪميڻائپ يا اندر جو خوف وغيره ٻين ماڻهن کان لڪل رهي. تنهن ڪري هو پنهنجي پاڻ مٿان هڪ اهڙو خول چاڙهي رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن ۾ هو طاقتور، صاف، سٿرو، وڏو اڪابر، ايماندار ۽ بهادر وغيره لڳي پر ڪجهه اهڙا ماڻهو به هجن ٿا، جن کي هڪ ٻئي مٿان ٻه خول يا برقعا پاتل هجن ٿا، يعني جڏهن دنيا کي ڏيکاءُ لاءِ پاتل خول لاهي بنهه پنهنجن جي سامهون به اچن ٿا، تڏهن به اندران هڪ ٻيو خول موجود هجي ٿو ۽ اهڙن ماڻهن جو اصل صفا ويجها به ڏسڻ کان قاصر رهن ٿا، پر انهن کان به وڌيڪ بدنصيب اهي ماڻهو هجن ٿا، جيڪي هڪ يا ٻه نه پر ٽي خول چاڙهي گهمن ٿا، ٽيون خول هو پنهنجي پاڻ کي پاڻ کان به لڪائڻ لاءِ چاڙهي وٺن ٿا. اهي ماڻهو پنهنجي پاڻ سان به ڪوڙ، فريب ۽ منافقي جو رشتو جوڙي رکن ٿا. هي ماڻهو ڪنهن سان سنئين سڌي ٺڳي يا فراڊ ڪرڻ باوجود پنهنجي پاڻ کي آرسيءَ آڏو بيهي اهو چئي رهيا هجن ٿا ته، ”مون ڪا ٺڳي نه پر سهي ڪم ڪيو آهي.“ اهي ماڻهو ڪنهن ٻئي سان زيادتي ڪري يا مٿس ظلم ڪري پنهنجي آڏو به شرمنده ٿيڻ بدران اهو سوچي رهيا هجن ٿا، اها زيادتي يا ظلم ڪرڻ سندن حق هو! پنهنجي حقيقت پنهنجي پاڻ کان به لڪائيندڙ ماڻهو بنهه کوکلا هوندا آهن ۽ وڏا بدنصيب به هجن ٿا.

    خوش نصيب انهن ماڻهن کي به نٿو چئي سگهجي، جنهن جي زندگي ۾ ڪو هڪ يا ٻه اهڙا ماڻهو به نه هجن، جن سامهون هو، بنا ڪنهن خول/برقعي جي اچي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو کي ڪو هڪ اهڙو هنڌ، شخص گهرجي ٿو، جيڪو ان ماڻهو جي وحشتن، ديوانگي، ڏکن، سکن جو ساٿي هجي، جنهن آڏو روئڻ يا ٻاراڻي ڳالهه تي دل کولي کلڻ ۾ ڪو عيب يا شرمندگي محسوس نه ٿئي. فطرت جو اهو اصول آهي ته هر شيءِ ٻيءَ سان جڙيل به آهي ۽ هڪ ٻئي جي محتاج به آهي ۽ انسان به ٻئي انسان جو محتاج آهي. اها محتاجي، معاشي به آهي ته اخلاقي به، اها جسماني به آهي ته روحاني به، اها محتاجي سماجي به آهي ته سياسي به ۽ اگر ڪو ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته ٻيا ان جا محتاج آهن ۽ هو نه ته اهو ماڻهو بنهه بيوقوف چئبو ۽ اندران صفا کوکلو هوندو. اتي اها ڳالهه زور ڏئي چوڻ چاهيندس ته صرف اهو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهو سان مضبوطي سان جڙي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي پاڻ سان مضبوطي سان جڙيل هجي يعني هو پنهنجي اندر موجود چڱائين ۽ براين تي پردو ڏئي نه ويٺو هجي، جيڪو پنهنجي پاڻ سان اگر ڪوڙ ۽ منافقي واري رشتي ۾ جڙيل هوندو ته ٻئي سان به سندس تعلق ڪوڙ ۽ منافقي وارو هوندو، پر جيڪر ان جو پنهنجي پاڻ سان محبت، سچ ۽ ايمانداري وارو رشتو هوندو ته پوءِ ئي ٻئي سان به سندس اهڙن جذبن وارو تعلق جڙندو پوءِ اهو تعلق محبت جو هجي يا سماجي يا معاملو سياسي تعلق جو هجي. دراصل جيڪي ماڻهو ٻه يا ٽي خول چاڙهيل هجن ٿا، انهن جي اندر آهستي آهستي انسانيت مرڻ شروع ٿيو وڃي ۽ ظاهري طرح هو هلندڙ ڦرندڙ ماڻهو ته هجن ٿا، پر انهن اندر ماڻهپو فوت ٿي چڪو هجي ٿو. اگر توهان غور ڪندا ته توهان اهم ڪرسين ۽ سگهاري عهدن تي ويٺل ڪجهه ماڻهو به Mannequins (دڪانن ٻاهران ڪپڙن جي نماءَ لاءِ رکيل انساني بوتا) جيان لڳندا. جيڪي انهن عهدن يا ڪرسين جي اختيارين جو نماءُ ئي ڪندڙ هجن ٿا، پر اندران کوکلو هجڻ سبب ۽ سندن انسانيت جي فوت ٿي وڃڻ سبب هو سماج ۽ انسانيت لاءِ ڪا به چڱائي ڪرڻ کان قاصر هجن ٿا.تازو ڪنهن پڙهندڙ هڪ عجيب پر بي چين قسم جي اي ميل موڪلي. ان اي ميل ۾ لکندڙ شڪ ظاهر ڪندي چيو ته، منهنجن ڪالمن ۾ آئون جيڪو ڪجهه لکان ٿو، ان ۾ سچائي ناهي، بلڪه اهي ڪالم لکڻ جو مقصد ڏوڪڙ ڪمائڻ آهي!! معزز لکندڙ ان ڪاروباري گر جي وضاحت ناهي ڪئي ته ڪالم لکڻ سان واڌو ڏوڪڙ ڪيئن ٿا ڪمائي سگهجن، سو ان ڪري مون کي اها عجيب لڳي، پر بي چين ان ڪري محسوس ڪيم ته معزز لکندڙ منٿ واري انداز ۾ لکيو آهي ته، ”اگر منهنجي راءِ توهان جي باري ۾ درست ناهي ته مهرباني ڪري منهنجي سمجهڻ ۾ مدد ڪريو.“ آئون پنهنجي ان پڙهندڙ جي بي چينيءَ کي محسوس ڪندي کيس اها ئي صلاح ڏيندس ته، ”ادا هڪ دفعو پنهنجي پاڻ تان سڀ خول لاهي ڪجهه دير لاءِ ايمانداري سان ڊائلاگ ڪريو ۽ اهو سوال پنهنجي پاڻ کان ڪريو ۽ جيڪو جواب توهان کي من اندران اچي، اهو ئي صحيح هوندو“. حيدآباد مان خير الدين صاحب نالي پڙهندڙ هڪ مايوس اي ميل موڪلي آهي، جنهن ۾ موصوف لکيو آهي ته، کيس سنڌي هجڻ تي ڪو فخر ڪونهي. خير الدين صاحب 11 ”نقطا“ اٿاريا آهن، جن ۾ هن پنهنجي ان سوچ کي Justify (حقي واجبي) ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو ڇو سنڌي سڏائڻ نٿو چاهي. سندس اٿاريل نقطن ۾ انهن ڪمزورين جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر خود سنڌي آهن. مثال طور، تعليمي تباهي، ڪرپشن وغيره. معزز لکندڙ جو اهو بنيادي انساني حق آهي ته هو جيڪو وڻي پاڻ کي سڏائي پر انگريزي جي هڪ چوڻي آهي ته، Friends we choose brothers we don’t (دوستن جي ته اسان چونڊ ڪري سگهون ٿا پر ڀائرن جي نه.) سو اهو ڪنهن جي به هٿ وس نٿو هجي ته ڪهڙي ملڪ يا ڪهڙي قوم يا ڪهڙي خاندان ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو به ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو ته هو پنهنجي جنم ڀومي يا مادري ٻولي تبديل ڪري وٺي. سو سنڌي سٺا آهن يا خراب آهن، خير الدين صاحب توهان به سنڌي آهيو. ها باقي اها چوائس توهان وٽ آهي ته توهان سنڌ ۾ موجود خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪريو، يا ڪنڊ وٺي ويٺا رهو، يا ڪنهن ٻئي ملڪ وڃي اتان جي قوميت وٺي اتي ئي رهي پئو، پر جيئن چئي آيس ته دوست توهان مٽائي سگهو ٿا ڀائر نه، سو آهيو ته سنڌي، پوءِ ڀلي مڃيو يا نه مڃيو. باقي رهجي ويو اهو ته بطور سنڌي توهان فخر محسوس نٿا ڪريو، ته واقعي ڪنهن به قوم کي پاڻ تي فخر محسوس ڪرڻ لاءِ ٺوس ۽ گڏيل عمل ڪرڻا پون ٿا، پر هروڀرو شرمندو ٿيڻ جهڙي به ڪا ڳالهه ناهي. توهان کي گذارش آهي ته توهان پنهنجو خول لاهي ڏسندا ته توهان کي پنهنجي اندر ۾ هڪ مثبت سوچ رکندڙ سنڌي ملندو ۽ جڏهن توهان ان کي ڳولهي لهندو ته توهان کي پنهنجي چوگرد به تمام گهڻا سٺا ۽ مثبت سوچ رکندڙ سنڌي نظر ايندا.

    اڄ کان لڳ ڀڳ ٽيهه سال اڳ جڏهن سماج سيوڪ طور عبدالستار ايڌي ڪم شروع ڪيو ته چوطرف کان شڪ ۽ الزامن جا طوفان اٿيا ته، ضرور ڪا ڳڙٻڙ هوندي نه ته ڪير ٿو انسانيت لاءِ ايترو ڪشٽ کڻي. ضرور ايڌي ان مان ڏوڪڙ ڪمائيندو هوندو. وغيره وغيره، پر اهو فقير انساني جذبي هيٺ پنهنجي ڪم ۾ مست رهيو ۽ اڄ سندس بي لوث خدمت جو شايد ئي ڪو انڪاري هجي. ڏهه ٻارنهن سال اڳ سنڌ ۾ ناصر اسلم زاهد نالي صاحب چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ طور عام ماڻهن کي رليف ڏئي هڪ نئون مثال قائم ڪيو ته ان بابت مختلف رايا ۽ شڪ اٿاريا ويا، شايد ان ڪري جو اڳ ۾ عدليه جي ڪنهن سربراهه عام ماڻهن جي ائين پرگهور نه لڌي هئي. سو اهي شڪ اٿاريا ويا ته، ”ضرور ناصر اسلم جي ڪا ايجنڊا هوندي، ڪو مفاد هوندو.“ چوڏنهن پندرهن سال اڳ جڏهن پوليس کاتي ۾ ٻن ٽن پوليس آفيسرن چڱي ڪارڪردگي سبب عوام ۾ پنهنجي ساک ٺاهي ته به اڪثر ماڻهن کي اهو اعتبار نه پئي آيو ته ڪو پوليس آفيسر چڱو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ضرور اندر ٻئي ڪا ڪهاڻي هوندي! 20 سال اڳ جڏهن سنڌي ميڊيا وڌيڪ عوام دوست ۽ عوامي اشوز سان گڏ اڀريو ته به اهو اڪثر ماڻهن کي هضم نه پئي ٿيو ۽ ٿيوريز ۽ الزامن جون مختلف فهرستون مارڪيٽ ۾ گردش ۾ آنديون ويون پر اڄ سنڌي عوام جي اڪثريت سنڌ جي مفادن ۽ حقن جي حوالي سان سنڌي ميڊيا ۾ پنهنجو عڪس ڏسن ٿا. ساڳي ريت اڄ اگر سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جي ڳالهه يا ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ان کي به شڪ جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان جي پويان وڏين سازشن جون ڳالهيون ٿين ٿيون. سياسي ڪلچر ۾ تبديلي ذريعي بهتر حڪمراني آڻڻ جي ڳالهه ڪندڙن مٿان شڪ ڪرڻ بلڪل ائين ئي آهي، جيئن سخت گرميءَ ۾ تتل ميدان ۾ بيٺل ڪجهه ماڻهن کي ڪو چئي ته اچو ته گرمي ۽ اس کان بچڻ لاءِ گڏجي هڪ ڇپر ٺاهي وٺون ته جيئن ڇانوَ ۾ ويهي سگهون، ته اهڙي صلاح ڏيندڙ کي چيو وڃي ته اهڙو ڪو اجهو يا ڇپر ٺاهڻ پويان ان جو مفاد پاڻ به ڇانوَ ۾ ويهڻ آهي ۽ اهو نه سوچجي ته ڇپر ۾ ته ٻيا به ويهندا، نه ڪي ڪو اڪيلو شخص. سو اگر سڀني لاءِ چڱائي ٿئي ٿي ته ان ۾ حرج ڪهڙو آهي!؟ اها ڪهڙي کل جوڳي روش آهي ته ماڻهو پاڻ سورن ۾ رهي يا عذاب صرف ان سبب جي ڪري برداشت ڪري جو ڪٿي ڪنهن ٻئي جا سور گهٽجي نه وڃن!! منهنجو خيال آهي ته گڏيل چڱائي لاءِ هر عمل يا ڪاوش کي ضرور همٿائڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اگر گڏيل چڱائي ٿيندي ته سڄي سماج کي ان جو فائدو ٿيندو. اتي اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته پاڻ ڪنهن سماج سڌارڪ يا ميڊيا يا ڪجهه سرڪاري آفيسرن ۾ مثبت تبديلي جي ڳالهه نه پر سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪريون پيا، جنهن سان اسان جو اڄ ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقبل جڙيل آهي. ڇاڪاڻ ته سياسي ڪلچر سڌرڻ کانسواءِ انداز حڪمراني نه سڌرندي ۽ اگر اها نٿي سڌري، ته پڪ سمجهو ڪجهه به نه سڌرندو.

    عام ماڻهن جي زندگين ۾ حقيقي قسم جي تبديلي صرف حڪومتون ئي آڻي سگهن ٿيون، پر شرط اهو آهي ته حڪومت ۾ ايندڙن وٽ اهڙو جذبو ۽ فهم به هجي. پوءِ اهڙو جذبو ۽ فهم رکندڙ خوني انقلاب ذريعي يا اليڪشن ۾ ووٽ وٺي ٻنهي صورتن ۾ حڪومت ۾ ئي اچي تبديلي آڻي سگهن ٿا. چون ٿا ته سياست ممڪنات جي راند آهي، پر اهو به چيو وڃي ٿو ته سياست ۾ سڀ ڪجهه ممڪن آهي، سو اگر ڪنهن ووڪل ڪلاسي کي اهو لڳي ٿو ته ڀوتارن کان چونڊون کٽڻ ممڪن ڪونهي ته هو پنهنجي ”ممڪن“ ۽ ”ناممڪن“ جي تشريح مٽائي، ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪجهه نه پر ايترو ته پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته اڄ جو ناممڪن سڀاڻي جو ممڪن بڻجي سگهي ٿو. پنجن يا ڇهن مهينن کانپوءِ بلدياتي چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي، ووڪل ڪلاسي ماڻهو انهن چونڊن کي هڪ ٽيسٽ ڪيس طور آزمائي ڏسن ۽ منهنجو چوڻ آهي ته اگر هر شهر ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجن روايتي خوف جو خول لاهي ٻاهر نڪري آيا ته انهن سان گڏ هزارين ٻيا ماڻهو به وچ چوڪ تي پنهنجا خول لاهي دفن ڪري ڇڏيندا ۽ ٽي ٽي خول چاڙهي گهمندڙ کوکلا ڀوتار انهن آڏو بيهي نه سگهندا.

    روزاني ڪاوش تان ورتل
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا سلطان
    حق موجود
    ڀائڙا، اوهانجا ٻئي مضمون انتهائي معلوماتي ۽ وقتائتا آهن، خاص طور تي ”تعريف“ وارو مضمون ته انتهائي اهم آهي ... تعريف جا پڻ ٻه رخ هوندا آهن ... هڪ انسان جي سگه، هنري محنت ۽ قابليت وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم هوندي آهي ته ٻي تعريف چاپلوسيءَ جي درجي ۾ جا صرف ڪنهن مطلب لاءِ ڪئي ويندي آهي ... جا انتهائي خطرناڪ هوندي آهي ..
    اوهانجون مهربانيون جو اهڙا مضمون اسان سان ونڊ ڪندا رهو ٿا ... وڌيڪ اميدن تي جهان قائم آهي ...
    سدائين گڏ
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مٺا اوهان جي مضمون پڙهي ڪري اسان کي کڻو ڪجهه سمجهڻ لاءِ مليو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو