• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ رنجيت
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

جيڪي انهي شاگرد جا اُستاد ٿيا آهن۔۔۔۔سي در بدرآهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ :((

استاد سائين ٻڌو پيا نه

نه استاد سائين توهان ٻڌي ڪيئن ٿا سگهو پڙهو پيا نه بيان بازي

وڌيڪ توهان پاڻ استاد آهيو

استادن جي وچ ۾ شاگرد جو ڪهڙو ڪم

سدائين گڏ
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

ان جو مستقبل توهان جي سامهون آهي مٺا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هٿ ۾ ڪشتو وات ۾ پان۔ ڦلپوٽو خان ڦلپوٽو خان =))

لڳي ٿو مون کي توهان گهٽ ۾ گهٽ ايم اين اي جي سيٽ تي ضرور بيهاريندو

معاف ڪجو توهان جي نعرن مان مون اهو اندازو لڳايو

باقي توهان جي نعرن تيارن ڪرڻ مان مون کي اهو اندازو ٿئي ويو ته توهان به ڪنهن ٽائيم ۾ ورڪر هيو

..............................:d:d:d:d
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

فقير بابل۔۔۔۔ الائي ڇو ضد لڳائي ويٺو۔۔۔۔۔

معاف ڪجان ير۔ پر چوندا آهن ته هلي پاڻ نه سگهي لک لعنت ڳوڏن تي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها ها ها

ير موزيلا ڊائنلوڊ ڪري ان ۾ ڊائنلوڊ ڪر۔۔۔ اجايو ڇو ضد لڳائي ويٺو آن۔۔۔۔

باقي جيڪو ايندڙ سبق آهي ان ۾ توهان کي ڊائنلوڊ ڪرڻو ئي پوندو۔۔۔۔۔۔ ۽ ان کان پو هڪ مشق ٿيندي۔۔۔ جيڪو جلدي ۽ تڪڙو جواب ڏيندو ان کي ادي رشيد پاران هڪ خوفيه گفٽ ڏني ويندي۔۔۔۔

استاد سائين يڪدم ايڏي ناراضگي ~x(~x(~x(

بس ڪئي استاد سائين موزيلا انسٽال ڪري اڄ ئي ٿو ڊائونلوڊ ڪريان

هاڻي ته خوش :p:p:p:p
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

سنگت کي سلام

ير معاف ڪجو۔ اوطاق تان ڪافي ڏينهن غائب رهيس۔۔ ڇا ڪجي ير۔۔۔ دنيا ۾ اور بهي غم هين محبت ڪي سوا۔۔۔۔۔

وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو۔۔۔ سنگت!‌ توهان مان ڪيترائي اهڙا هوندا جن کي وڊيو ايڊيٽنگ ۽‌ مڪسنگ جو تمام گهڻو شوق هوندو۔۔۔۔ مون وانگر۔۔۔ ها ها ها ها

سو انهن دوستن جي ڳالهه کي دل ۾ رکي مان هڪ وڊيو ٽيوٽوريل پيو تيار ڪيان۔۔۔ سنگت کي گذارش آهي ته هيٺ ڏنل لنڪ تان اهو سافٽ ويئر ڊانلوڊ ڪري انسٽال ڪري وٺو۔ انشاالله جلد ئي ان جي پهرين ڪڙي توهان سنگتين سان ونڊ ڪندس۔۔۔۔

پنهنجي داخلا ڪرائي وٺو۔۔۔۔ مزي جي ڳالهه اها آهي ته داخلا بلڪل مفت آهي۔۔۔ ۽ سيکارڻ جا به پئسا ڪونه ورتا ويندا۔۔۔۔۔;);)
http://www.youtube.com/watch?v=lxue-cdtdbo

سافٽ ويئر ڊانلوڊ ڪرڻ لا هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔

۽ ان جي چاٻي حاصل ڪرڻ‌لا هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

چاٻي ون رار فارميٽ ۾ آهي جنهن جو پاسورڊ آهي keygen.rar

هن سافٽ ويئر جي لنڪ ۽‌ ڄاٻي۔۔۔ ادي مست جي ٿوڙن سان لڳائي وئي آهي۔۔۔۔۔۔
مولائي فقير رنجيت رام رکيا ڪٿي گُم آهين تو واري سوني ويگاس 8 جي لنڪ ڪم ئي ڪانه ٿي ڪري صفا کُلي ئي ڪانه ٿِي مست ۽‌ تون ڪن جي هيٺان هٿ رکيو ستو پيو آهين۔ ٻيلي ڏاها ٿيو ٻيو ڪو سوني ويگاس 8 جو لنڪ ڳولهي ڏيو۔
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

مولائي فقير رنجيت رام رکيا ڪٿي گُم آهين تو واري سوني ويگاس 8 جي لنڪ ڪم ئي ڪانه ٿي ڪري صفا کُلي ئي ڪانه ٿِي مست ۽‌ تون ڪن جي هيٺان هٿ رکيو ستو پيو آهين۔ ٻيلي ڏاها ٿيو ٻيو ڪو سوني ويگاس 8 جو لنڪ ڳولهي ڏيو۔

سائين توهان جي مرضي آ۔۔۔ باقي مست ته چوويهه ڪلاڪ ڪاڪي آچار وانگر سنڌ سلامت جي اڱڻ‌۾ کٽ رکيو ويٺو آهي، يقين نه ٿو اچي ته سنڌ سلامت جي اڱڻ‌ کان پڇو۔۔۔ رڳو صدا پئي ايندي۔۔۔ ” مست ۔۔۔ مست۔۔۔ مست“
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

سائين توهان جي مرضي آ۔۔۔ باقي مست ته چوويهه ڪلاڪ ڪاڪي آچار وانگر سنڌ سلامت جي اڱڻ‌۾ کٽ رکيو ويٺو آهي، يقين نه ٿو اچي ته سنڌ سلامت جي اڱڻ‌ کان پڇو۔۔۔ رڳو صدا پئي ايندي۔۔۔ ” مست ۔۔۔ مست۔۔۔ مست“
مست يار سنڌ سلامت جي مستن، درويشن ، فقيرن ۽ مولائين جِي بادشاهي جو خير هُجي اسان به سدائين اهي ئي نينهن وارا حق مست مست مست مست جا ڳاٽي ڀڳا نعرا هڻندا آهيون، پر ڀائو في الحال مونکي سوني ويگاس 8 جي ڪا نئين لنڪ لڀي ڏي نه ته ائين سمجهندس ته مست مست مست واريون صدائون هوا بڻجي ويون ۔
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

مست يار سنڌ سلامت جي مستن، درويشن ، فقيرن ۽ مولائين جِي بادشاهي جو خير هُجي اسان به سدائين اهي ئي نينهن وارا حق مست مست مست مست جا ڳاٽي ڀڳا نعرا هڻندا آهيون، پر ڀائو في الحال مونکي سوني ويگاس 8 جي ڪا نئين لنڪ لڀي ڏي نه ته ائين سمجهندس ته مست مست مست واريون صدائون هوا بڻجي ويون ۔

سائين توهان مست واري ساڳئي موضوع ۾ وڃو ته سهي۔۔۔ اتي لنڪ ڪڏوڪو اپڊيٽ ٿي چڪو آهي۔۔۔
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

سائين ديوان فقير۔۔۔
ڪلاس ته اسان به وٺندا سين ، خيال سان ڪلاس هلائجو اسان شاگرد ٿورا ڏنگا آهيون۔۔۔

حق لطيف
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

ادا ديوان
شاگرد دانهون پيا ڪن جواب ته اماڻيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
چئبو ته بيتابي سان بيتاب به بي چين آهن رنجيت رام رکئي ساحل جي ڪلاس جي شروع ٿيڻ لا رام رکيا رنجيت بيتاب پنهنجو پاڻ کي ڏنگو شاگرد سڏي پيو، ممبئي وارا مولائي قلندري ڏنڊو جنهن کي اڃان تائين هتي جي اسڪول ۽ ڪلاسن ۾ مولابخش سڏيو ويندو آهي، ضرور ساٿ کڻيو اچجان ، ڇا ڪجي ڏنگن شاگردن کي سِڌو ڪرڻ جو فن مولابخش کان سوا ڪير به ڪونه ڄاڻندو آهي۔ ڏنگي استاد ۽ ڏنگي شاگرد وچ ۾ صرف مولابخش جو ئي ته فرق هوندو آهي۔ اسان ته هُون ئي گونگا شاگرد آهيون ، ڏنگائي مُور نه ڄاڻون۔ الا ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏُک ڏسن۔ پُڄ ڙي رام رکيا پُڄ جڏهن بيتابن جي بيتابي وڌي وڃي ته ضرور سمجهيو وڃي ته تنهنجي عيد واريون موڪلون ڪڏهن کان ختم ٿِي چُڪيون آهن ، تنهنجي ڪلاس جا شاگرد صفا اتاولا ٿِي پيا آهن متان ائين نه ٿئي جو اسڪول جي انتظاميه تنهنجي مسلسل غير حاضري تي ايڪشن کڻي وجهي۔ جنهن جو ڏک توکي ٿئي يا نه ٿئي پر اسان گونگن شاگردن کي ضرور ٿيندو۔
 
رنجيت رام رکيو اڄ ڪلهه وڏن سورن ۾ آهي، هڪ ته زخمي ٻيو وري آفيس جي طرفان ٿورو ڪم جو زور وڌي ويو اٿس، همراهه اصل پنج منٽ سڪون ۾ نه آهي۔ مست کي دعا جي التجا ڪئي اٿس۔۔ مان چيومانس پڪ تون ڦلپوٽو فقير سان ڦٽائي آهي تڏهن ته پٽيل لڳو پيو آهين۔
 
ڀليو آهين ڀائو، مولائين جي مستن درويشن فقيرن، نازن، ابڙن، موالين، مُلن، جادوگرن، عاشقن سان سدائين ٺهندي آهي، پر منهنجي خيال ۾ رام رکيو يا رام رکئي سان جيڪڏهن ڪنهن ڦٽائي آهي ته اهو صرف هڪڙو ماڻهو آهي سو اٿئي راجه قمبراڻي عبدو، ڪنڌ ڪوٽي، حال اسلام آبادي، ڏسين ڪونه پيو جو ٻنهي هڪ ٻئي سان ڦٽائي آهي ۽ ٻئي يڪو گُم آهن۔ باقي فقير ڀلي ڪيڏو به آئوٽ هُجي پر پنهنجن کي ضرور سُڃاڻندو آهي، اهو پنهنجن کي سراپ (پٽون) نٿو ڏئي سگهي۔ چلو اسين به رام رکئي لا دُعا کي ديڳڙي ۾ وجهي دم تي لڳايون ٿا۔ انهي دُعا واري ديڳڙي تي ڍڪ به ڪونه ٿا لڳايون۔ اميد ته رام رکيو چاڪ چنڱون ڀلو نو بنو ٿِي پنهنجي خطابين جنهن ۾ هڪ نئون خطابي بيتاب به شامل ٿي ويو آهي جي وچ ۾ هوندو۔ اسان جون دعائون اٿس۔
 
اميد ڪري سگهون ٿا باقي ڪم جي جيڪا نوعيت ٻڌائي اٿئين ته لڳي ڪونه ٿو ته جلد واندو ٿيندو۔۔ ڪم جو پريشر ٿورو وڌي ويو اٿس۔۔۔ انگريزي ۾ مست چواڻي هولڊ پريشر چئبو آهي۔۔ پوءِ سنڌي ۾ الائي ان جو ڪهڙو لفظ استعمال ٿيندو آهي۔۔۔ ها ها ها
 
جواب: سوني ويگاس پرو۔۔۔ وڊيو ايڊيٽنگ جو سافٽ ويئر

مھرباني ادا رنجيت واھ جو ڪم ڪيو اٿئي سر اصل ڪم ٿي ويو ڏاڍو شوق ھو ان جو اجھو ٿوپورو ٿئي بس ھڪ گذارش ايڊميشن ٿي وڃي بس ويٺو ھوندس پين وات ۾ وجھيو ٻيا سکندا انھن کان وري وري پُڇي به سکي ويندس
 
Back
Top