Sindhi Media
سينيئر رڪن
اڄ ڪٿي آهن اُهي ڪراچي ۽ حيدرآباد جا فلاهي ماڻهو، ڪٿي آهن اُهي فلاهي ادارا،۽ ايڌي، ميمڻ ، خوجا، بوهري جماعتون
سنڌ سڳوري ۽ ان جا ماڻهو جيڪي صدين کان دُنيا جي پناهگيرن جي هنج بڻجي اُن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي اچي، پاڻ نه کائي ڪکائن گهرن ۾ رهي به ڌارين کي پناه ڏيند ي اچي ،جيڪي اڄ سنڌ جا مالڪ بڻيل آهن، اڄ ڪٿي آهن اُهي ڪراچي ۽ حيدرآباد جا فلاهي ماڻهو، ڪٿي آهن اُهي فلاهي ادارا،۽ ايڌي، ميمڻ ، خوجا، بوهري جماعتون ڪٿي آهن اُهي هڏ ڏوکي جيڪي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پاڻ کي سنڌي سڏائيندا هُئا جن جي سامهون ٻوڏ جا ستايل ۽ مصيبت ماريل سنڌي بيگهر ۽ بي آسرا ٿي ويا آهن، ڪٿي آهن اهي ڪارندا، ڪامورا وڏيرا، اڙي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ايريا جي ماڻهن جي سنڀال ته لهو۔
اسان پنڊ پهڻ ڇو ٿي وياآهيون، ڪو ڏاهو؟ ڪو امريڪي يا برطانوي سنڌي، ڪو ڪئنيڊين سنڌي، ڪو مذهبي سنڌي، ڪو اسڪالر، پروفيسر، ڪو سائنسدان، ڪو جھموريت جو دعويدار، ڪو نيشنلسٽ، ڪو سرڪاري ڪامورو ، ڪو بهروپيو ۽ ٻه مُنهون شخص، ڪو سنڌي مظلوم ، ڪو غريب ڪو امير ڪو سياسي ليکڪ، ڪو وڏيرن جي پُڇ ۾ لٽڪيل ليکڪ، ڪو سرڪاري خانگي، سياسي ، بي پُهُچ اديب ڪو اصلي يا نقلي داناءُ، جيڪو پي سي هوٽلن يا آڊيٽوريم ۾ وڃي لک خرچ ڪري پنهنهجن ڪتابن جي رونمائي ڪرائي ليڪک ٿي وڃي ٿو ۽ دوستن کان تعريف ڪرائي ٿو، ڪو اُستاد، جيڪو فقط ٽيوشن وٺي يا گھر رسائيءَ تي پڙهائي ٿو، ڪو اوطاقن جي اسڪول جو اُستاد جيڪو وڏيرن جي پُٽن کي ڪاپي ڪرائي اي گريڊ وٺارائي يا ڪوڙين ڊگرين تي ڪامورو ڪرائي ٿو، ڪو اهڙي ئي طبقن جو جسٽس جيڪو پوءِ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ يا سي ايس امتحان ۾ ايليٽ ڪلاسن کي سرورس پرسن جو سرٽيفڪيٽ ڏئي اسان مٿان اهڙا ئي ڊي سي آءِ جي يا ايم جي گروپ جو آفيسر مُقرر ڪرائي ٿو ، خُدار اڀئي اَڇُوتَ هن پِسجندڙ غريب سنڌي ۽ معصوم قوم کي هاڻ دڳ ته ڏين؟ قوم کي دڳ ته ڏين؟ ته اسان ڪهڙي طبقي ۾ آهيون يا وڃون؟ ۽بار بار ڪنهن جي مُفادن لاءِ شهيد ٿيون، بُکون ڪاٽيون اسٽيبلشمينٽ جو ٻيو شڪار ٿيون، جنهن سنڌ جو ان پاڻي به بند ڪري گھيرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ته تيزيءَ سان ايم ڪيو ايم جو راڪاس اسان جي مٿان لامارا پيو ڏي جيئن فائنل رائونڊ ۾ اسان جو انت اچي ۽ مُشرف مُلڪ ۾ واپس اچي انهن وڏيرن جي نمائندگي ڪري آخري وار ڪرڻ لاءِ؟ هاڻ بيبي شهيد به ڪانهين جنهن جو کين ڊپ ٿئي ۽ رونگ پاڻي ڏئي مرندڙن ۾ ساه وجھن هاڻ ته سنڌ سموري راڪاسن ۽ وڏيرن وٽ گروي ٿي وئي، جن حيدر آباد کي ٽوڙيو ۽ ڪراچيءَ جي کي جوڙي هڪ ضلعو ٺاهيو؟ پهريو جي ايڇ ڪيو جو سنڌي نمائندو 85 سالن جو ٿي ويو ۽ هاڻ وري ٻيو ڪو اُٿندو ۽ چوندو ته مان جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو آهيان ۽ سنڌي ڪُسبو؟ يا جناح پور ٺهبو؟ آهي ڪو عقلمند سنڌي بچيو جو هن راڪاسن ۽ وڏيرن کان باغي ٿئي يا هنن راڪاسن مان جان ڇڏائڻ جو دڳ ڏي. آهي ڪو ڏاهو بچيو يا سڀ پئسي جي بار هيٺ مري کپي ويا؟ ۽ پنهنجو پنهنجو حصو وٺي وڪجي ويا اهڙيءَ طرح خاموش آهن جھڙو نانگ سونگھي ويو اٿن