رنجيت
سينيئر رڪن
سڄي سنگت کي سلام! سڀني دوستن جا جواب پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔۔۔۔
بس جڏهن ڪم ڪجي ٿو ۽ ان جو اجورو پگهر سڪڻ کان اڳ ۾ ملي ٿو قسم سان سڀ ٿڪ ئي ڀڃي ٿا پون (اها ڳالهه ٻئي آهي ته ممبئي ۾ ٿڌ لڳي پئي آهي۔۔۔ برساتن جي موسم آهي۔۔۔)
خيئر سنگت! اڄ جي سبق ۾ توهان کي هن سافٽويئر جي رجسٽريشن جي باري ۾ ٻڌائينداسين۔ انسٽاليشن جا ته سنڌي ماهر هوندا آهيون ان جي ڪري انسٽاليشن کي پاسي ۾ رکي سنڌين وارو طريقو شارٽ ڪٽ استمعال ڪجي ٿو۔۔۔ مطلب ڊائريڪٽ هن سافٽويئر جي رجسٽريشن ۽ ڪريڪ (چريو)ڪرڻ جي طريقي طرف هلندي۔۔۔۔۔ اڄ جي هن سبق جي شروعات ڪجي ته رب سائين جي مهربان نالي سان۔۔۔۔۔
ادا هي وڊيو ادي عاشق ۽ انهن دوستن جي لاءِ آهي جن کي رجسٽريشن جي دوران مسئلو پيو ٿيئئئئ
مونکي خبر آهي ته اسين سنڌي هميشه هر ڪم ۾ تڪڙ ڪندا آهيون سو مونکان به رهيو ڪونه ويو سوچيو ته رجسٽريشن سان گڏ توهان کي اظافي ڄاڻ به ڏيندو هلان....
سبق پهريون (الف)
ايڊيٽنگ آخر آهي ڇا۔۔۔۔۔۔؟
دوستو ڪنهن به گاني يا تصوير جي ڪَٽَ ڪُٽ کي ايڊيٽنگ چئبو آهي۔۔۔ مطلب هڪ اهڙو عمل جنهن ۾توهان تصويرن يا وڊيو کي هيڏي هوڏي هلايو ڊلايو ته ان کي ايڊيٽنگ چئبو آهي۔۔۔۔۔
ايڊيٽ ڪرڻجي لا پهرين ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٽيپن جو استمعال ٿيندو هو۔۔۔ جيئن توهان مان ڪيترن کي دوستن شادي جي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ وارن جو اسٽوڊيو ڏٺو هوندو۔۔ اڄڪالهه ته جديد ٽيڪنالاجي آهي۔۔۔۔ جنهن جي ڪري ڊائريڪيٽ ڪيمرا مان هارڊ ڊسڪ ۾ رڪارڊ ڪيو ويندو آهي۔۔۔۔ پر خيئر اهي سڀ ته آهن واندڪائيجون ڳالهيون جيڪي يقينن توهان کي بور به ڪنديون هونديون، پر دوستو ڇا ڪجي جي سکڻو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون برداشت ته ڪرڻيون پوندو نه۔۔۔۔
فلمي دنيا ۾ پهرين نيگيٽوِ فلم ( رول)جو استمعال ٿيندو هو۔۔۔ جيڪو اڄ تائين به ٿيندو آهي۔۔۔ توهان دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته اسان جيڪا فلم (مووي) ڏسندا آهيون اها فريمن ( فوٽوز)تي مشتمل هوندي آهي ته اسان وٽ مطلب ايشيا ملڪن ۾ هڪ سيڪنڊ ۾ 25 فوٽن واري وڊيو هلندي آهي، مطلب جيڪا وڊيو توهان ٽي ويتي ڏسندا آهيو اُتي هڪ سيڪنڊ ۾ 25 فوٽو نڪرندا آهن۔۔۔ اهي سڀ ملي ڪري هڪ وڊيو تيار ڪندا آهن۔ جنهن کي اسان ۔PAL Video System جي نالي سان چوندا آهيون۔ پر يورپ ۽ آمريڪي ملڪن ۾
هڪ سيڪنڊ ۾ 30 فريمن واري وڊيو هلندي آهي جنهن کي اسين NTSC Video System چوندا آهن... توهان مان ڪيترن ئي دوستن پٺاڻن کان هينڊ موويون ورتيون هونديون...(ٻئي ڪنهن جي خبر ڪونهي پر اهي آخري بئنچ تي ويٺل اسان جا ٻه دوست اهو عبدو ۽ فقير، انهن ته ضرور ورتي هوندي) خيئر پنهنجي ڪم جي ڳالهه طرف ٿا اچون ته انهن هينڊي ڪيمرا ۾ NTSC سسٽم هوندو آهي جنهن جي ڪري اهي پراڻي زماني جي ٽي ويءَ تي ڊائريڪٽ آئوٽ پٽ ڪونه ڏينديون آهن.....
وري مزي جي ڳالهه اها ته توهان جيڪا وڊيو ڪنهن سنيما جي اسڪرين تي ڏسندا آهيو ان ۾ هڪ سيڪنڊ ۾ 24 فريم هوندا آهن.
ايڊيٽنگ ڪرڻ کان وڏي ڳالهه ڪونهي بس ٿوڙي ساز آواز تي مهارت هجڻ گهرجي.. مطلب چوندا آهن ته ايڊيٽر اهو جيڪو بيٽ (رڌم) کي پڪڙي توهان فلمن ۾ ڏٺو هوندو ته مختلف قسمن جي آواز سان گڏ وڊيو به مٽجندي ويندي آهي... بلڪل ايئن ئي....
ڪجهه ايڊيٽر حضرات ساز آواز سان گڏ ايڊيٽنگ ڪندا آهن ان کي ٻئي ٻوليءَ ۾ مڪسنگ ۽ ايڊيٽنگ به چئي سگهجي ٿو. پر ڪجهه صرف ايڊيٽنگ ڪندا آهن، هوئنن به سائونڊ مڪسنگ جو ڪم سائونڊ ڊپارٽمينٽ جو هوندو آهي....
مان جڏهن ممبئي ۾ آيس ته مان پهرين هڪ فوٽو اسٽوڊيو تي ڪم ڪندو هوس پوءِ هڪ پروڊڪشن ڪمپنيءَ ۾ نوڪريءَ تي لڳي ويس ان ئي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندي دوستن صلاح ڏني ته يا تون آڊيو مڪسنگ جي طرف هليو وڃ يا وري وڊيو ايڊيٽنگ جي دنيا ۾ اچ.... ڇو جو مان خيرپور ۾ ريڊيو پاڪستان تي آڊيو ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هوس. ۽ مُنهنجو دوستن جو وڊيو اسٽوڊيو هيو جتي مونکي وڊيو جي سُٺي ڄاڻ ملندي هئي.... ڪافي گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مون هن وڊيو ايڊيٽنگ جي دنيا ۾ اچڻ جو پڪو پروگرام ٺاهيو..
سنگت هاڻي توهان ايئن سوچيندا هوندا ته مولائي لڳي ٿو هاڻي نشن ۾ آهي جنهن ڪري هاڻي پنهنجي رام ڪهاڻي شروع ڪئي اٿائين.... سهي ٿا چيو ادا.... ننڊ جا نشا ئي اهڙا آهن.... ان کان اڳ جو مان ننڊ جي نشي ۾ غش ٿي ڪمپيوٽر جي اڳيان سمهي پوان....
موڪلاڻي ڪونهي... انشاالله ايندڙ سبق ۾ ڪجهه وڌيڪ ڳالهين سان حاضر ٿينداسين ۽ ها دوستو رجسٽر جي پنهنجي حاضري لڳائڻ نه وسارجو ۽ هن مولائيءَ کي پنهنجي دعائن ۾ ياد ڪجو... گڏيا پيا آهيو.....
سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.....