سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏19 آگسٽ 2010۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    سڄي سنگت کي سلام!‌ سڀني دوستن جا جواب پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔۔۔۔

    بس جڏهن ڪم ڪجي ٿو ۽‌ ان جو اجورو پگهر سڪڻ کان اڳ ۾ ملي ٿو قسم سان سڀ ٿڪ ئي ڀڃي ٿا پون (اها ڳالهه ٻئي آهي ته ممبئي ۾ ٿڌ لڳي پئي آهي۔۔۔ برساتن جي موسم آهي۔۔۔)

    خيئر سنگت! اڄ جي سبق ۾ توهان کي هن سافٽ‌ويئر جي رجسٽريشن جي باري ۾ ٻڌائينداسين۔ انسٽاليشن جا ته سنڌي ماهر هوندا آهيون ان جي ڪري انسٽاليشن کي پاسي ۾ رکي سنڌين وارو طريقو شارٽ ڪٽ استمعال ڪجي ٿو۔۔۔ مطلب ڊائريڪٽ هن سافٽ‌ويئر جي رجسٽريشن ۽ ڪريڪ (چريو)‌ڪرڻ‌ جي طريقي طرف هلندي۔۔۔۔۔ اڄ جي هن سبق جي شروعات ڪجي ته رب سائين جي مهربان نالي سان۔۔۔۔۔


    ادا هي وڊيو ادي عاشق ۽ انهن دوستن جي لاءِ آهي جن کي رجسٽريشن جي دوران مسئلو پيو ٿيئئئئ

    مونکي خبر آهي ته اسين سنڌي هميشه هر ڪم ۾ تڪڙ ڪندا آهيون سو مونکان به رهيو ڪونه ويو سوچيو ته رجسٽريشن سان گڏ توهان کي اظافي ڄاڻ به ڏيندو هلان....

    سبق پهريون (الف)
    ايڊيٽنگ آخر آهي ڇا۔۔۔۔۔۔؟

    دوستو ڪنهن به گاني يا تصوير جي ڪَٽَ ڪُٽ کي ايڊيٽنگ چئبو آهي۔۔۔ مطلب هڪ اهڙو عمل جنهن ۾‌توهان تصويرن يا وڊيو کي هيڏي هوڏي هلايو ڊلايو ته ان کي ايڊيٽنگ چئبو آهي۔۔۔۔۔

    ايڊيٽ ڪرڻ‌جي لا پهرين ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٽيپن جو استمعال ٿيندو هو۔۔۔ جيئن توهان مان ڪيترن کي دوستن شادي جي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ وارن جو اسٽوڊيو ڏٺو هوندو۔۔ اڄ‌ڪالهه ته جديد ٽيڪنالاجي آهي۔۔۔۔ جنهن جي ڪري ڊائريڪيٽ ڪيمرا مان هارڊ ڊسڪ ۾ رڪارڊ ڪيو ويندو آهي۔۔۔۔ پر خيئر اهي سڀ ته آهن واندڪائي‌جون ڳالهيون جيڪي يقينن توهان کي بور به ڪنديون هونديون، پر دوستو ڇا ڪجي جي سکڻو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون برداشت ته ڪرڻيون پوندو نه۔۔۔۔

    فلمي دنيا ۾ پهرين نيگيٽوِ فلم ( رول)‌جو استمعال ٿيندو هو۔۔۔ جيڪو اڄ تائين به ٿيندو آهي۔۔۔ توهان دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته اسان جيڪا فلم (مووي)‌ ڏسندا آهيون اها فريمن ( فوٽوز)‌تي مشتمل هوندي آهي ته اسان وٽ مطلب ايشيا ملڪن ۾ هڪ سيڪنڊ ۾ 25 فوٽن واري وڊيو هلندي آهي، مطلب جيڪا وڊيو توهان ٽي وي‌تي ڏسندا آهيو اُتي هڪ سيڪنڊ‌ ۾‌ 25 فوٽو نڪرندا‌ آهن۔۔۔ اهي سڀ ملي ڪري هڪ وڊيو تيار ڪندا آهن۔ جنهن کي اسان ۔PAL Video System جي نالي سان چوندا آهيون۔ پر يورپ ۽ آمريڪي ملڪن ۾
    هڪ سيڪنڊ ۾ 30 فريمن واري وڊيو هلندي آهي جنهن کي اسين NTSC Video System چوندا آهن... توهان مان ڪيترن ئي دوستن پٺاڻن کان هينڊ موويون ورتيون هونديون...(ٻئي ڪنهن جي خبر ڪونهي پر اهي آخري بئنچ تي ويٺل اسان جا ٻه دوست اهو عبدو ۽ فقير، انهن ته ضرور ورتي هوندي) خيئر پنهنجي ڪم جي ڳالهه طرف ٿا اچون ته انهن هينڊي ڪيمرا ۾ NTSC سسٽم هوندو آهي جنهن جي ڪري اهي پراڻي زماني جي ٽي ويءَ تي ڊائريڪٽ آئوٽ پٽ ڪونه ڏينديون آهن.....

    وري مزي جي ڳالهه اها ته توهان جيڪا وڊيو ڪنهن سنيما جي اسڪرين تي ڏسندا آهيو ان ۾ هڪ سيڪنڊ ۾ 24 فريم هوندا آهن.

    ايڊيٽنگ ڪرڻ کان وڏي ڳالهه ڪونهي بس ٿوڙي ساز آواز تي مهارت هجڻ گهرجي.. مطلب چوندا آهن ته ايڊيٽر اهو جيڪو بيٽ (رڌم) کي پڪڙي توهان فلمن ۾ ڏٺو هوندو ته مختلف قسمن جي آواز سان گڏ وڊيو به مٽجندي ويندي آهي... بلڪل ايئن ئي....

    ڪجهه ايڊيٽر حضرات ساز آواز سان گڏ ايڊيٽنگ ڪندا آهن ان کي ٻئي ٻوليءَ ۾ مڪسنگ ۽ ايڊيٽنگ به چئي سگهجي ٿو. پر ڪجهه صرف ايڊيٽنگ ڪندا آهن، هوئنن به سائونڊ مڪسنگ جو ڪم سائونڊ ڊپارٽمينٽ جو هوندو آهي....

    مان جڏهن ممبئي ۾ آيس ته مان پهرين هڪ فوٽو اسٽوڊيو تي ڪم ڪندو هوس پوءِ هڪ پروڊڪشن ڪمپنيءَ ۾ نوڪريءَ تي لڳي ويس ان ئي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندي دوستن صلاح ڏني ته يا تون آڊيو مڪسنگ جي طرف هليو وڃ يا وري وڊيو ايڊيٽنگ جي دنيا ۾ اچ.... ڇو جو مان خيرپور ۾ ريڊيو پاڪستان تي آڊيو ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هوس. ۽ مُنهنجو دوستن جو وڊيو اسٽوڊيو هيو جتي مونکي وڊيو جي سُٺي ڄاڻ ملندي هئي.... ڪافي گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مون هن وڊيو ايڊيٽنگ جي دنيا ۾ اچڻ جو پڪو پروگرام ٺاهيو..
    سنگت هاڻي توهان ايئن سوچيندا هوندا ته مولائي لڳي ٿو هاڻي نشن ۾ آهي جنهن ڪري هاڻي پنهنجي رام ڪهاڻي شروع ڪئي اٿائين.... سهي ٿا چيو ادا.... ننڊ جا نشا ئي اهڙا آهن.... ان کان اڳ جو مان ننڊ جي نشي ۾ غش ٿي ڪمپيوٽر جي اڳيان سمهي پوان....

    موڪلاڻي ڪونهي... انشاالله ايندڙ سبق ۾ ڪجهه وڌيڪ ڳالهين سان حاضر ٿينداسين ۽ ها دوستو رجسٽر جي پنهنجي حاضري لڳائڻ نه وسارجو ۽ هن مولائيءَ کي پنهنجي دعائن ۾ ياد ڪجو... گڏيا پيا آهيو.....

    سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.....
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    واهه منهنجا رنجيتڻ... صدقي.. اهڙي طرح اسان کي سيکاريندين ته ڪيئن نه سکنداسين... اصل جيئن ٻار کي آڱر مان وٺي هلڻ سيکاربو آهي، تون به ايئن پيو سيکارين.... مون جهڙن مستن، فقيرن ۽ عاشقن جو ته ڀلو ٿي پيو... بلي بلي....
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    بئنچ نمبر 2 ، شاگرد : عمران درويش سومرو۔۔۔ "" حاضر سائين""

    اُستا سائين۔۔ ڏاڍو سولو سبق پڙهايو اٿئي۔۔ مونکي ته آرام سان سمجهه ۾ اچي ويو۔۔۔۔۔
    :-bd:-bd:-bd:-bd:-bd:-bd:-bd:-bd:-bd
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    استاد رنجيت۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني لک لائق جو اوهان ايترو سولو سمجهايو۔۔۔۔۔۔۔۔عاشق مجبور آ ته اوهان ٻڌو ئي آهي پر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔عاشق ڪڏهن ڪڏهن انڌو به ٿي ويندو آهي شايد اوهان ٻڌو هجي۔
    مهرباني هڪ دفعو ٻيهر
    هي ڏس استاد۔
    [​IMG]


    [​IMG]
    بينچ نمبر آخري۔شاگرد عاشق سولنگي۔۔۔۔حاضر سائين۔۔۔۔
    سائين 1 لڳو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    آخري بينچ تي شاگرد نمبر 007

    حاضر سائين

    تمام بهترين سولي انداز ۾ سمجهائڻ تي توهان جو ٿورائتو آهيان

    سدائين گڏ
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    اخري بينچ تي 007 سان گڏ ويٺل شاگرد 420 حاضر آهي۔ استاد اصل پراڻيون يادون تازيون ڪري ڇڏيون اٿئي۔ زندگي ۾ پهريون دفعو اهڙو استاد مليو آهي جنهن جي سمجهاڻي ۾ عاشقن جو گانو هلي رهيو آهي۔ اصل جيڪو نه پڙهي سو به پڙهڻ هليو اچي
     
  7. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    سڄي سنگت جي مهرباني۔۔۔۔ جنهن مون سيکڙاٽ جي ڪوشش جي ساراهه ڪئي۔۔۔۔

    باقي ادا عبدو۔۔۔۔! توکي ته خبر آهي سنڌي راڳ رنگ جا ديوانا هوندا آهن۔۔۔ بس مڙئي ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي۔۔۔ مان اها وڊيو تيار ڪئي۔۔۔ سوچيو جيڪا سنگت نه ايندي اها به اچي ويندي۔۔۔۔۔۔

    ڇا ڪجي سائين۔۔۔ زماني سان گڏ جو هلڻو آهي۔۔۔۔
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    اصل ڳالهه اهڙي ڪئي اٿئي جو هڻ‌کڻ۔۔۔۔۔۔۔۔ ~o)
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    استاد او استاد هو هو
    توهان جي ٻئي سبق جو انتظار آهي استاد سائين آهيو ڪٿي ابا ...

    [​IMG][/IMG]​


    سدائين گڏ
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    استاد ٻيو سبق تيار ڪيو آهي پر اهو اڃان کوکراپار موڻابائو سرحد تي مس پهتو آهي۔۔۔ جلدي اچي ويندو با ۔۔ صبرن جميلن
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سوني ويگاس۔۔۔ سبق پهريون۔۔۔۔

    صبر ئي ته ڪونه ٿو ٿئي، باقي مولائي فقير رنجيت تو سوني ويگاس نمبر 8 جو چريو ٿيڻ ڏيکاريو آهي اسان کي وري سوني ويگاس 9 کي ريپڊ شيئر تان ڪي جن سميت ڏس پتو ڏنو آهي ، جيڪو تنهنجي تمام طريقن جيڪي تو سوني ويگاس ۾ جي پهرين سبق ۾ ڏنا آهن ڊائون لوڊ کان پو ڪري ڏٺاسين پر انهن طريقن مطابق سوني ويگاس نمبر 9 بلڪل چريو ٿيڻ لا تيار ڪونهي۔ رنجيت سُهڻا تون ئي ٻُڌائي هاڻي ڇا ڪجي، باقي تنهنجي ٻي سبق جو هي جهونو شديد انتظار پيو ڪري۔

    [​IMG]
     
  12. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌ سلامت ساٿيو !

    دوستو ڪنهن به وڊيو ايڊيٽنگ جي دنيا ۾ سڌي سنئي سنڌي ٻولي ڪهڙي سافٽويئر ۾ لکجي ٿي ؟
    ٻڌائيندا ته شڪرگذار رهندس

    سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو