محترم جناب سهيل سانگي جي لکين ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    هڪ استاد، هڪ محسن!



    ڇنڇر 21 جنوري 2006ع

    اڄ سنڌي صحافت وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندي اڳتي وڌي رهي آهي ۽ اليڪٽرانڪ جو عنصر شامل ٿيڻ سان ٽائيم ۽ اسپيس وارو سوال ئي ختم ٿي ويو آهي. ان بعد صحافت ۽ ميڊيا جون حدون ايترو وڌي ويون آهن جو ڄڻ ان کي هٿ وٺي ترقي ڏيارڻ وارو سوال رهيو ئي ناهي. پر آئون ان زماني جي ڳالهه پيو ڪريان، جڏهن اڃا سنڌي صحافت ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان مڪينڪل دور ۾ هئي. شيهي مان جوڙيل ٽائيپ جو هڪ هڪ اکر ڪمپازيٽرن کي جوڙي هڪ لفظ جوڙڻو پوندو هو. جنهن ۾ هر الفابيٽ جي هر جزي جون ٽي کان چار تائين شڪليون هونديون هيون. ان وقت نه رڳو خبرون پهچائڻ ۾ فاصلا وڏا هئا. وقت جون وڇوٽيون ۽ خرچ کٻاڙا به ججها هئا. اڄ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڪمپيوٽر ڪيبن رکي اخبار ڪڍي سگهجي ٿي، پر تڏهن ان لاءِ فوٽن ۾ نه، پر والن ۾ جڳهه گهربل هئي. اهو دور صحافت کي هٿ وٺي ترقي وٺائڻ جو دور هو. هي سڄو عمل بنهه گهٽ اپراسي وارو، گهٽ سهوليتن هيٺ ڪم ڪندي بنهه ٿڪائيندڙ هو. تڏهن هن شعبي ۾ رڳو اهي ماڻهو ڪم ڪري ٿي سگهيا، جن ۾ ڪجهه ڪرڻ يا ڪجهه تبديل ڪرڻ جو جذبو هو.

    ميڊيا جي سگهه کي ساريندي ڪيئي سڌڙيا ميدان ۾ لٿا، پر جلد ئي ٿڪجي ميدان ڇڏي ويا ۽ وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ لڳا. صرف چند نالا آهن، جن صحافت کي پنهنجو پيشو ۽ پنهنجو مشن بنايو. شيخ علي محمد جوشمار به انهن چند نالن ۾ ٿئي ٿو. شيخ علي محمد صحافت ۾ گهڙيو، ته مختلف ڏکيايون، مرحلا طئي ڪندو اڳتي وڌندو رهيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين صحافي ئي رهيو، نه پيشي ۾ تبديلي آندائين، نه خيالن ۾، ۽ نه ئي وري طبيعت ۾.

    صحافت جي شروعات شيخ صاحب ڪڏهن ڪئي ۽ ڪهڙي اخبار کان ڪئي، تنهن بابت شايد ئي ڪو پڪي ڳالهه چئي سگهي، پر سندس قلم جو جوهر هلال پاڪستان، عبرت ۽آفتاب جي ڏينهن ۾ گهڻو جرڪيو. اهي اخبارون ئي سندس سڃاڻپ رهيون. سندس ڪالم ”نظري خوش گذري“ گهڻو مقبول رهيو. اڄ جڏهن پابنديون ناهن، ميڊيا آزاد آهي، تڏهن اخبار ڪڍڻ نسبتن سولو ڪم لڳي ٿو، پر ايوب جي آمريت جڏهن اظهار جي آزاديءَ تي پابنديون هيون، سياسي سرگرميون بند هيون، صحافتي ادارا به سگهارا نه هئا، تڏهن صحافت ڪرڻ ۽ ذميواري سان ڪرڻ ڪجهه ڏکيو ڪم هو. هن ماڻهو اهو ڪم ذهانت ۽ پيشورانه صلاحيتن سان نڀايو.

    ون يونٽ ۽ ايوب خان جي آپيشاهي ۽ ڳوٺاڻي پس منظر شيخ علي محمد کي سياسي طور سنڌ دوست ۽ عوام دوست بڻائي ڇڏيو هو. سڄي عمر انهن ٻن نقطن تي قائم رهيو. جڏهن ون يونٽ خلاف تحريڪ هلي ته هو نوجوانن جو حامي ۽ ساٿي رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي پيپلز پارٽي جوڙي ته هو ڄڻ اڻ سڌي طرح ان جي بانيڪارن طور موجود رهيو. سندس پي پي سان وابستگي ئي هئي، جنهن کيس عبرت مان ڇڪي هلال پاڪستان ۾ آندو. پر پارٽي جي اندروني اٿل پٿل، شيخ صاحب جي فقيراڻي طبيعت کي راس نه آئي ۽ جلد ئي هلال پاڪستان کي خيرباد چيائين.

    اڄ عام راءِ جوڙيندڙ ۽ عام راءِ کي پڌرو ڪندڙ يعني دانشور، اديب، سياستدان ۽ صحافي الڳ الڳ ڌريون آهن. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي سان تضاد ۽ چٽا ڀيٽي ۾ اچي وينديون آهن. اهو عمل ممڪن آهي ته تن ڏينهن ۾ به هجي، پر شيخ علي محمد جو اهو ڪمال هو جو هو راءِ ڏيندڙن ۽ عوامي راءِ جي نمائندگي ڪندڙن سان گڏا نهن جي ويجهو ئي رهيو. سنڌ جي نمائنده اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن سان سندس رسمي ڄاڻ سڃاڻ يا پي آر ئي نه، بلڪه ويجهڙائپ ۽ دوستي ئي رهي. اها ڳالهه ڪامياب صحافيءَ جي نشاني آهي. سياست ۽ صحافت هڪ ٻئي تي مدار رکندڙ ۽ گڏ هلندڙ شيون آهن. جيڪي به صحافت، سياست ۽ ان جي گهٽين کان اڻ واقف هوندا آهن، تن جي سياسي بصيرت، خبرچار جي وسيلن ۾ اوتري ئي ڪمي اچي ويندي آهي. ڪجهه سنڌي اخبارن جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ انهي نقطي کي نه سمجهڻ چئي سگهجي ٿو.

    منهنجي شيخ صاحب سان پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي، ڪٿي ٿي؟ ياد ڪرڻ جي باوجود ياد نه پيو اچي. هو جڏهن به مليو، ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ سان مليو. هڪ ٻه ڀيرو شيخ عزيز صاحب سان گڏ به ملاقات ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو. سنڌي صحافت جي ٻن وڏن جي ڳالهين ۽ ڪچهري گهڻو ڪجهه سيکاريو.

    ضياءَ دور ۾ جڏهن ڄام ساقي تي ٻين ساٿين سان گڏ فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو ته شيخ علي محمد کي مون بچاءَ جي شاهد طور گهرايو. عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايل سندس اهو جملو ته، ”همارا بچا هي اس ڪو ڪيون بند ڪيا هوا هي“ اڄ به مون کي ياد آهي. ڪيس هلي پورو ٿيو ۽ چند مهينن ۾ پتو پيو ته بدر ابڙو ۽ آئون ڪيس مان بري آهيون، پر حڪومت آزاد نٿي ڪرڻ گهري. شرط اهو آهي ته ڪو ڀروسي جوڳو ماڻهو ضمانت ڏي. شيخ صاحب سان گهر وارن رابطو ڪيو، جنهن تڏهوڪي گورنر جنرل جهانداد خان کي چيو ته، سهيل سانگي ڪيس مان بري آهي، کيس آزاد ڇو نٿا ڪريو؟ جنرل چيس ته، ”خطرناڪ ماڻهو آهي، ڀڄي ويندو“ شيخ صاحب وراڻيو ته، ”ٿر جو رهاڪو آهي ڪيڏانهن ويندو، ننڍي هوندي کان اسان جي اکين اڳيان رهيو آهي. توهان آزاد ڪريوس آئون کيس پاڻ وٽ رکندس.“ جنرل جهانداد سان ملاقات بعد هن نياپو ڪيو ته، ”بابا قيد مان ضمانت سان گڏ، نوڪريءَ جي ضمانت ڏني اٿم جلد آزاد ٿي ويندين.“

    پوءِ واقعي هن منهنجي ضمانت به ڪرائي ۽ نوڪري به ڏني. انهيءَ بهاني شيخ صاحب جي ماتحت ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. منهنجي لاءِ هيءُ هڪ وڏو تجربو ۽ سکڻ جو موقعو هو. هي ايم آر ڊي واري تحريڪ کان پوءِ جو دورو هو. تڏهن ان ڳالهه جي ضرورت هئي ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو کي جيڪا مڃتا ملي آهي، تنهن کي ڪيئن برقرار رکجي. شيخ صاحب پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ان مقصد لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو.

    شيخ علي محمد صحافتي زندگيءَ ۾ نه رڳو ڪيترائي صحافي پيدا ڪيا، بلڪه هو صحافين جو ڀرجهلو به هو. جڏهن به ڪو صحافي بيروزگار ٿيندو هو ته کيس گهرائي چوندو هو ته، ”ابا سڀاڻي کان هتي ڪرسي لڳائي اچي ويهه.“

    sohailsangi@yahoo.com
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محترم جناب سهيل سانگي جي لکين ڪالمن جو مجموعو

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو