ڪئمپن ۾ ويهاريل سنڌ جي درد-ڪٿا

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪئمپن ۾ ويهاريل سنڌ جي درد-ڪٿا​


    علي آڪاش
    درياهه هيل سنڌ کي ٻوڙڻ نه آيو هو. پر اهو ورهين پڄاڻا هن اُڃايل ڌرتيءَ جي ڏکايل ماڻهن جا سڀ سانڍيل ٿڪ لاهڻ آيو هو، اُنهن کي خوشحال ڪرڻ ۽ انهن جي ٻنين ٻارن کي سرسبز ۽ زرخيز ڪرڻ آيو هو. درياهه کي هيل موچارا اوڀڙ اڀارڻا هئا، جيڪي مال متاع چري ڍاوا ٿين ها ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي روايتي ۽ قديم تهذيبي اهڃاڻن سان جيئن جو تيئن زنده رهن ها؛ انهن کي ڪو به نقصان نه پهچي ها. اهوئي سبب هو جو جڏهن درياهه جي اچڻ جون انهن خبرون ٻڌيون هيون ته اُنهن خوشيءَ مان شادمانا ڪيا هئا، مٺايون ورهايون هيون، جهومريون پاتيون هيون ۽ هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون هيون. سنڌو درياهه سنڌ جو ساهه پساهه آهي. آد جڳاد کان اُن جي جياپي جو اڪيلو وسيلو آهي، هي اُهوئي درياهه آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ديوتا جي حيثيت ڏيندا رهيا آهن. جڏهن سنڌو سنڌي ماڻهن کان رُسي ويندو آهي ته سنڌي ماڻهن کي اِئين لڳندو آهي ته کانئن ڪل خُدائي رسي وئي آهي. اِن ڪري جڏهن سنڌو آيو پئي– گجگوڙ ڪندو، لس ليٽ ڪندو، سير سان ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ سمورا ڀاڳ ميڙيندو ته اهڙو ڪاٿو پاڻ سنڌي ماڻهن کي به هو.

    هن ٻاجهاري درياهه، هن دياوان دادلي درياهه جي انهن سنڌي ماڻهن لاءِ آندل سمورن سک جي سوکڙين کي ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ جيڪڏهن ڪنهن مٽايو آهي ته اُها اسان جي روايتي نااهل، ڪرپٽ ۽ عوام دشمن ڪامورا شاهي آهي، جنهن پنهنجا جهان خاني فيصلا ڪيا ۽ درياهه جي سموري ٻاجهه، درياهه جي سموري سک کي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي تباهيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. اهڙي تباهي جيڪا سؤ سالن جي عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.

    هيل درياهه سان وڏي حد تائين من ماني ڪئي وئي، اُن سان هٿ چراند ڪئي وئي، اُن کي هٿرادو گسن ۽ گهيڙن ڏانهن روانو ڪيو ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو ته سنڌي ماڻهو جيڪي پنهنجي اجهن ۽ ڪکن ۾ صدين کان وٺي آباد هئا ۽ پنهنجي حال سارو خوش هئا، اُهي سڀ جو سڀ درياهه جي غضب ۽ غصي جي نشاني تي اچي ويا. ڳوٺن جا ڳوٺ لڙهي ويا، ماڻهن جا الهه تلهه ناس ٿي ويا. هي مالوند ماڻهو ڦرجي فقير بڻجي ويا. هيءَ هيڏي وڏي تباهي درياهه پنهنجو پاڻ نه آندي آهي. درياهه سنڌي ماڻهن کي نه ٻوڙيو آهي پر وقت جي وس وارن يعني آبپاشي ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل سموري انتظاميا ۽ وقت جي سرڪار جي بااثر ماڻهن گڏجي سنڌي ماڻهن کي لوڙهيو آهي. هن هيڏي وڏي عظيم ۽ انتهائي وڏي تباهيءَ جو ڪيس سڌيءَ ريت وقت جي حڪومت ۽ نااهل، جاهل ۽ ڪرپٽ آبپاشي پاڻي انتظاميا مٿان داخل ڪرائڻ کپي. اُنهن ناقابل تلافي ڏوهه ڪيو آهي، انهن اسان جي ماڻهن کي پنهنجن اباڻن ڪکن مان کڻي روڊن رستن تي آڻي فقير بڻائي ڇڏيو آهي. اُهي ماڻهو جيڪي پنهنجن ڪکن ۾ محفوظ هئا، پوءِ غريب هئا، مسڪين هئا، وٽن ڪي هو يا نه هو- پر انهن جي بُک، انهن جي بدحالي، انهن جي لاچاري ڍڪي پئي هئي. ها هي اُهي ماڻهو آهن، جن کي ڪابه خبر نه هئي ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪهڙي ويڌن پئي ٿئي. انهن کي اها به پروڙ نه هئي ته ڪو اُنهن جو تيل ۽ گئس کنيو پيو وڃي، اُنهن کان معدني وسيلا ڦريا پيا وڃن، اُنهن کي اها به ڄاڻ نه هئي ته ڪو اين ايف سي ايوارڊ ۾ انهن جي ڌرتيءَ سان زيادتي ٿي رهي آهي، اُنهن کي اها خبر به ڪونه هئي ته ڪو سندن شهر باقاعدي هڪ سازش وسيلي کانئن کسيا ويا آهن.

    جيڪڏهن اڄ هزارن جي انگ ۾ لڙهي ويل ڳوٺن کي جاچڻو آهي ته انهيءَ ڏس ۾ هڪ ننڍڙو منظر پيش ڪجي ٿو. انهن هزارن جي تعداد ۾ لڙهي ويل ڳوٺن ۾ هر هڪ گهر ڪجهه هن طرح هوندو آهي. هڪ گهر جي چوڌاري وونئڻاٺين ۽ ٻين ڍنگهرن جو ڏنل لوڙهو انهيءَ اندر ڪچيون پڪيون ڪي ٻه ڪوٺيون، هڪڙو واڙو، جنهن ۾ ٻه چار ڍور ڍڳا بيٺل، گهر ٻاهران يا گهر اندر رڍن ۽ ٻڪرين لاءِ واڙ، ٻه چار ان جون رکيل گنديون ۽ ڪنهن ڪمري ۾ رکيل هڪ پيتي، جنهن ۾ ڪجهه هنڌ بسترا رکيل، جيڪي کين اُن وقت ڪم ايندا هئا، جڏهن ڪو مهمان تائي وٽن لڙي ايندو هو. اهي ماڻهو مالوند هئا، ٻني ٻارو ڪندا هئا ۽ سالياني يا ڇهه ماهي حساب سان جيئندا هئا. اُنهن وٽ اَنُ پنهنجو هو ۽ ڪِلي تي ٻه چار مينهون يا ڍڳيون بيٺل هونديون هيون، جنهن جو کير پيئندا هئا. جهڻ ۽ مکڻ تي گذارو ڪندا هئا ۽ اِئين ئي اُهي جيئندا رهندا هئا. هي اُهي ماڻهو آهن، جن وقت جي سرڪار کان ڪڏهن به ڪا به تقاضا نه ڪئي هئي. انهن نه ته بجليءَ جي گهر ڪئي هئي، نه پاڻيءَ جي گهر ڪئي هئي ۽ نه گئس جي سهولت گهري هئي. انهن مان گهڻن ته پنهنجي ڳوٺ تائين ايندڙ پڪي رستي لاءِ به سرڪار ڏانهن نه واجهايو هوندو ۽ روايتي طرح صدين پراڻن ڪچين سڙڪن ۽ پيچرن سان پنهنجن اجهن ڏانهن ايندا ويندا هئا. سنڌ جي ماڻهن جي اها پوئتي پيل زندگي ئي سهي پر انهيءَ ۾ اُهي سکيا هئا. پنهنجن ٻارن ٻچن سان محفوظ هئا، پنهنجي مال متاع سان موکيل ۽ اطمينان واري زندگي گذاري رهيا هئا. توڻي جو زندگيءَ جا طريقا مٽجي ويا آهن، دنيا ڏاڍي جديد ٿي وئي آهي، پر سنڌي ماڻهو جيڪو انهن لڙهي ويل ڳوٺن ۾ پوئتي پيل زندگي ئي گذاري رهيو هو، اُهو پنهنجي حال ۾ مطمئن هو، اُن کي ڪا به ڳڻتي نه هئي، نه ئي اُهو ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍندڙ هو، اهوئي سبب آهي جو هر هڪ سنڌي ماڻهو اهو چوندي ٻڌو ويندو آهي ته: ”ڀاءُ پنهنجي گهران ٿا کائون“. ان جو مطلب آهي ته انهن کي ٻئي ڪنهن جي مدد جي ضرورت نه هئي.

    سنڌ جا سڀ وسيلا کسيا ويا، سنڌ جا سڀ شهر کسيا ويا، پر سنڌ جون ٻهراڙيون محفوظ هيون ۽ جتي سنڌي ماڻهن جي اڪثريت رهي پئي، هن ڀيري وقت جي بااثر ماڻهن اُنهن ٻهراڙين کي به نه سَٺو ۽ درياهه کي هٿرادو گس ۽ ڏس ڏئي اُنهن ٻهراڙين کي ٻوڙي تباهه ڪرايو ويو. هيءَ درياهه جي تباهي ناهي، پر هي هڪ هٿرادو آندل بربادي آهي، جيڪا هڪ وڏي سازش تحت سنڌي ماڻهن جي اوائلي ڳوٺاڻي نظام کي تباهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي ۽ اُنهيءَ تي عملدرآمد ڪرايو ويو. هن سڄي مجرماڻي عمل تي اعليٰ سطح جي انڪوائري ويهاري وڃي ۽ جيڪي به ماڻهو انهيءَ تباهيءَ جا ذميوار آهن، اُنهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي. اسان جي ماڻهن سان هيءَ زيادتي رڳو ئي رڳو وقت جي سرڪار ۾ ويٺل بااثر ماڻهن ۽ ڪنهن ڪرپٽ ترين انتظاميا ڪئي آهي.

    اهو مڃون ٿا ته ٻوڏون وڏيون تباهيون آڻينديون آهن. هيءَ هڪ قدرتي آفت آهي، جيڪا بهرحال ماڻهن کي متاثر ضرور ڪندي آهي. سنڌ ۾ اڳي به وڏي درجي جون ٻوڏون اينديون رهيون آهن، پر تاريخ شاهد آهي ته اسان جو دادلو درياهه سدائين پنهنجون فطري واٽون وٺندو آهي ۽ چاڙهه جي صورت ۾ اُن جا پنهنجا گس گهيڙ هوندا آهن، جن وٽان گذري هو وڃي پار پوندو آهي. هن ڀيري به ائين ئي ٿيڻو هو، پر ڪجهه وڏيري سياستدانن جي من ماني ۽ ضد جي ڪري اِئين نه ٿي سگهيو ۽ ٽوڙيءَ وٽان بند کي ڪٽ ڏئي سنڌ جي بدن جي ساڄي پاسي کي مڪمل طرح مفلوج ڪيو ويو. هن وقت تائين غوثپور لڙهي چُڪي آهي، ٺل، شڪارپور، جيڪب آباد جي ٻڏڻ کان پوءِ هاڻي پاڻي ڳڙهي خيري کي ٻوڙڻ کان پوءِ قبي سعيد خان ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ اُن کان پوءِ اُهو شهدادڪوٽ ڏانهن موٽ کائيندو. امڪان اِهي پيا ٻڌايا وڃن ته انهيءَ پاڻيءَ کي حمل ڍنڍ ۾ نيڪال ڪيو ويندو ۽ اُن کان پوءِ اُتان ڇنڊڻ وسيلي منڇر ۾ نيڪال ڪيو ويندو.

    هتي سڀ کان وڏو مسئلو اِهوئي آهي ته منڇر اڳي ئي ڀري پئي آهي، اُنهيءَ ۾ وڌيڪ پاڻيءَ جي ڪابه گنجائش نه آهي. عام طرح تي اِئين ٿيندو آيو آهي، جڏهن به سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه ايندو آهي ته اُهو وڌيل پاڻي منڇر ڏانهن روانو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن به منڇر ۾ پاڻيءَ جي واڌ ايندي آهي ته اُها پنهنجو پاڻي درياهه ۾ روانو ڪري ڇڏيندي آهي. منڇر ۽ درياهه جو اهڙو سنگم اڙل واهه وسيلي ٿيندو آهي. هن ڀيري جڏهن منڇر ۾ بنهه اوچي درجي جو چاڙهه آهي، ۽ ٻئي پاسي درياهه پڻ 8 کان 9 لک ڪيوسڪ تائين وهي رهيو آهي ته اهڙي وقت ۾ منڇر جو درياهه ۾ ڇوڙ هڪ ڏکيو معاملو ٿي پيو آهي. جنهن حساب سان رٿا ڪئي وئي آهي، اُن ۾ ڪاميابي تڏهن ئي ملي سگهي ٿي، جڏهن منڇر ۾ پاڻي چڙهيل هُجي ۽ درياهه ۾ پاڻيءَ جي لاٿ هُجي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال کان سواءِ ٻي ڪابه صورتحال جڙي پوي ٿي ته پوءِ سيوهڻ جي تاريخي شهر ۽ اُن جي آسپاس ننڍن وڏن شهرن ۽ آبادين کي تباهيءَ کان ڪير به بچائي نٿو سگهي.

    ٻئي پاسي جيڪڏهن درياهه کي علي واهڻ وٽان ڪٽ ڏنو وڃي ها ته ايتري تباهي ڪڏهن به نه اچي ها. جڏهن درياهه ۾ چاڙهه آيو هو ته اُن وقت علي واهڻ واري پاسي جي ڳوٺن ۽ آبادين اڳواٽ ئي لڏپلاڻ جا سانباها شروع ڪري ڇڏيا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هئي ته انهن جي ڳوٺن ۽ آبادين وٽان درياهه جو تاريخي گذر آهي. جڏهن ته درياهه ۾ چاڙهه ايندو آهي ته اُهي ڳوٺاڻا محفوظ ماڳن ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ جڏهن به درياهه ۾ لاٿ ايندي آهي ته واپس اچي پنهنجن اجهن ۾ ويهندا آهن. اهڙو سلسلو صدين کان وٺي هلندڙ آهي ۽ پاڻ اِئين به چئي سگهون ٿا ته اهڙي لڏپلاڻ ڄڻ ته علي واهڻ واري پاسي جي ماڻهن جي عام نفسيات جو حصو آهي. اُنهن کي اها ڄاڻ هئي ته درياهه جو گذر انهن وٽان ئي آهي. پر هيل درياهه جي اصل گذر کي بند ڪيو ويو. درياهه جي فطرت ۽ ان جي ڪيفيت سان هٿ چراند ڪئي وئي. انهيءَ ڪري ايڏي وڏيءَ سطح جون تباهيون آيون آهن، جيڪڏهن علي واهڻ وٽان ڪٽ ڏنو وڃي ها ته سنڌو جو چاڙهه وڃي اڇڙي ٿر کي آباد ڪري ها. اُتي به ڪيترائي ڳوٺ ۽ آباديون آهن، جيڪي پڻ سالن کان وٺي درياهه جي آمد لاءِ پئي سڪيون آهن، اُتي به ڪيترائي ڍنڍون ڍورا آهن، جيڪي درياهه جي پاڻيءَ سان ڀرجڻ اوسيئڙي ۾ هئا، پر بااثر وڏيري سياستدانن اِئين ڪرڻ نه ڏنو. درياهه کي پنهنجي حقيقي ۽ قدرتي گذرگاهه وٽان گذرڻ نه ڏنو، تنهن ڪري ايڏي وڏي حد تائين تباهيون ۽ بربادي اسان سڀني جي اڳيان آهي. ايتري تائين جو تاريخ ۾ هيءُ واقعو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته اسان جو درياهه وڃي بلوچستان نڪتو آهي.

    هاڻ ڇا آهي؟ اُهي ماڻهو جيڪي وقت جي سرڪار کان ۽ سرنديءَ وارن کان ڪوهين پري هُئا، پنهنجي طور تي جيا پئي، اُهي وڏن شهرن ۾ ڪئمپن ۾ گذاري رهيا آهن. اُهي نينگريون، جن پنهنجن پرڻن جا خواب ڏٺا هئا ۽ اُنهن جي مائرن، اُنهن لاءِ ڏاج ڪٺو ڪري رکيو هو، اُهو پڻ لڙهي ويو. ڪيترن ئي مائرن کان پنهنجا ٻار وڇڙي ويا. ڪيترن ئي ڀائرن کان ڀائر ۽ ڀينرن کان ڀينرون، زالن کان مڙس ۽ مڙسن کان زالون وڇڙي ويون. هي ڪئمپن ۾ رهندڙ سنڌ تاريخ جي سڀ کان اذيتناڪ وقت مان گذري رهي آهي. اُهي نياڻيون جيڪي ڪڏهن به ڪنهن غير مرد جي سامهون نه آيون هُيون، اُهي سرِعام کليل آسمان جي هيٺان بي پردي ويٺيون آهن. اُهي عورتون جن جي هٿن، پنهنجي تڏي تي آيل پنجاهه پنجاهه، سٺ سٺ مهمانن جون مانيون پچايون هيون ۽ جن جا هٿ ڪڏهن به اڻڀا نه ٿيا هئا، انهن جا هٿ اڻڀا ۽ رُکا آهن ۽ رڳو هڪڙي مانيءَ لاءِ هوا ۾ کڄيل آهن. اُهي ماڻهو جيڪي ڦلڙيءَ تي اجرڪ پائي نراڙ تي ٽوپي رکي ڌوتل پوتل ويس ۾، تازا توانا شام جو اوطاق تي ويندا هئا ۽ ڀري ڪچهريءَ ۾ گفتا ونڊيندا هُئا، اڄ اُهي ڪئمپن ۾ ڪنڌ هيٺ ڪريو رڳو ئي رڳو پاڻ سان پاڻ سور سلڻ ۾ رڌل آهن، وڏي ارمان ۾ آهن ۽ امدادي سامان لاءِ واجهائي رهيا آهن. انهن سڀني مڙسن جي من ۽ ذهن ۾ جيڪو سور پلجي رهيو آهي، اُن جو شايد اندازو هلنديءَ پڄنديءَ وارن کي ناهي. هي اُهي مڙس آهن، جيڪي پنهنجي طور تي جئا آهن. اُنهن ڪڏهن به سرڪار اڳيان هٿ نه ٽنگيو آهي، اُهي پنهنجي ٻني ٻاري ۽ مال متاع سان سکيا هئا، پر هٿرادو نموني ۽ سازشي انداز ۾ اُنهن کي ٻوڙي، اُنهن کي فقير بڻايو ويو آهي. اُهي پنهنجو اندر جو سور اندر ۾ رکيو، رڳو ئي رڳو هيءَ گهڙي ٽارڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. اُهي انهيءَ اوسيئڙي ۾ آهن ته درياهه بادشاهه لهي وڃي ۽ هُو پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن وڃن ۽ وڃي ٻيهار پنهنجي گذر سفر کي لڳن.

    هڪ پاسي هيءَ سڄي سنڌ ڪئمپن ۾ ويهاري وئي آهي ۽ روڊن رستن تي فقير بڻجي پني رهي آهي ته ٻي پاسي سرڪار انهن ئي هٿ سان ٻوڙيل، ستايل، دربدر ڪيل ۽ پنهنجو سمورو الهه تلهه وڃايل ماڻهن جي نالي تي عالمي برادريءَ اڳيان هٿ ٽنگيو بيٺي آهي. عالمي برادريءَ وٽان جيڪا رقم ايندي، اُها انهن ٻوڏ متاثرن ۽ ماڻهن تي ڪيتري قدر خرچ ٿيندي، اُن جو اندازو به چڱيءَ پر لڳائي سگهجي ٿو. اهڙو عالمي امداد وارو ڊرامو 2005ع واري زلزلي ڀيري جنرل مشرف پڻ رچايو هو. انهيءَ پڻ پنهنجي اڪائونٽ ۾ اربين کربين رپيا جمع ڪرايا هئا، پر اُهي زلزلي متاثرن تي خرچ نه ٿيا. هيل جڏهن عالمي برادري پاران رقم منظور ڪئي ويندي ته انهيءَ مان ٻوڏ متاثرن کي ڇا ملندو؟– ڪجهه به نه، رڳو وقت جا حڪمران پنهنجا پيٽ ڀريندا. اُهي ملڪ ۾ آيل تاريخ جي ٻوڏ کي عالمي برادريءَ وٽ ڪيش ڪرائي رهيا آهن. پنهنجن غريب، مسڪين ۽ ٻوڏ ستايل ماڻهن جي نالي تي پئسا وٺي رهيا آهن. اُهي اها رقم وري به مٿان ئي مٿان هن ڪرپٽ نظام جي هر هڪ پُرزي تي مَکَ وانگي اچي لڳندي ۽ اُهي ساوا سڻڀا ٿيندا، باقي جيستائين هنن ٻوڏ متاثرن جو تعلق آهي ۽ اُنهن مان جيستائين سنڌ جي ماڻهن جو تعلق آهي ته انهن کي پنهنجا اباڻا ڪک پيارا آهن. اُهي ويچارا درياهه جي لاٿ جي انتظار ۾ آهن. اُهي جهڙي تهڙي حال سان وري به وڃي پنهنجا اباڻا ڪک ڪانا وسائيندا ۽ وري ويران ويڙها آباد ڪرڻ ۾ جنبجي ويندا– ۽ نه ڄاڻان ته وري ڪيتري عرصي پڄاڻا انهن جي ساهه ۾ ساهه وري ايندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو