عثمان حجم جو روزو رکڻ

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عثمان حجم جو روزو رکڻ (علي احمد بروهي)​

    عثمان حجم کي روزو رکائڻ هڪ اهڙو ڪٺن ڪم هو، جھڙو ڪنهن پئنچ کي پاٽ تي وهارڻ يا اٺ کي پتڻ ٽپائڻ. ڇاڪاڻ ته عثمان پنهنجي پنجاهه سالن جي حجامڪي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڀلجي به روزو نه رکيو هو. روزو ته درڪنار، پر ٻاڪري عيد جي سوا پهر ڏينهن تائين روزو رکڻ به سندس لاءِ ناممڪن امر هو. پر اڳيان به هئا مڇڏا مڙس، جھڙوڪ صفر پان ٻيڙيءَ وارو، عدو موچي ۽ سومر نانوائي، جن يارهن مهينا اڳ اها سازش سٽي هئي ته عثمان کي روزو ضرور رکايو وڃي، سي ڪيئن ٿا باز اچن. عدو موچي، جو سازش جي پاڙ هو، تنهن ته ماه رمضان جي آمد کان ڪافي ڏينهن اڳ، روزي جي برڪت ۽ فضيلت جي بيان ۾ روايتون ۽ حديثون ٻڌائڻ شروع ڪيون. عثمان کي هرکائڻ لاءِ مٿس وقت بوقت پڌرو ڪندو رهيو ته ڏهه دنيا ۽ ستر آخرت جو سودو فقط روزو رکڻ ساڻ لاڳو هو ۽ روزي رکڻ جي حالت ۾ بهشتي برڪتون ستر سيڪڙي گڏيل وياج جي حساب پلئه پيون ٿي.

    ماهه رمضان جو چنڊ ڏٺو ۽ عدو موچي اسڪيم جي ابتدا ڪندي، عثمان حجم تي روزي رکڻ لاءِ ورڪ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. عثمان گھڻيون گوهيون ڪيون ۽ هر ڀيري هي چئي لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ”سندس اڌ کان زياده عمر بغير روزن رکڻ جي گذري وئي هئي، ۽ هاڻ پڇاڙيءَ ۾ کيس هن طرح پُڇ ٻڌي مهري ڇا لاءِ بڻايو ٿو وڃي.“ سومر نانوائيءَ عثمان کي مخاطب ٿيندي هڪ زوردار وعظ ڪيو ۽ انگن اکرن سان ثابت رڪي ڏيکاريائين ته روزي نه رکڻ جي حالت ۾ عثمان کي ستر سال ساندهه دوزخ ۾ ٽپال وراهڻي پوندي ۽ ان بعد ٻيا ستر سال کيس شيطان جو دفتردار ٿي ڪم ڪرڻو پوندو.

    ”چاهي جهنم ۾ جتيون ڇو نه ڳنڍڻيون پون،“ عثمان ترش رو ٿيندي وراڻيو، ”پر روزو هرگز نه رکندس. انکان سواءِ جڏهن اسلام ۾ زوري جائز نه آهي، ته پوءِ کيس مجبور ڇو ٿو ڪيو وڃي. عضب خدا جو،“ عثمان چيٽون ڪندي چيو، ”هڪ اڻ ڏٺي تي ايمان آڻيون، ٻيو وري هوندي سوندي بکيون ڪاٽيون. اها مسلماني مهانگي ٿي پيئي.“ ائين چوندي، عثمان ڌمڪي پڻ ڏني ته جيڪڏهن اڃا به کيس روزي رکڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، ته هو لاهور وڃي يا ته ڀنگي ڪرستان ٿيندو يا ڀارت وڃي شڌي ٿيندو. ٻنهي حالتن ۾ زندگيءَ جون سڀ سهولتون، سواءِ روزن رکڻ جي، نهايت آسانيءَ سان ملي سگھيون ٿي. سومر نانوائيءَ، جو اسانجي سنگت ۾ مذهبي خيال رکندڙ آهي ۽ هميشه ماني کائڻ وقت بسم الله پڙهندو آهي، هڪ ٻه دفعا حج تي وڃڻ لاءِ پڻ ارادو ظاهر ڪيو اٿس، هو اذان ٻڌڻ وقت ”لبيڪ“ چوندو آهي، تنهن کي عثمان جي ملحدانه ٻول ٻولڻ تي سخت جوش آيو، ۽ هڪدم کٽ تي چڙهي، بيهي عثمان تي ڪفر جي فتوى جاري ڪيائين ۽ اعلان ڪيائين ته، عثمان جو منهن ڪارو ڪري، کيس گڏهه تي چاڙهي گھمايو وڃي. عدو موچي پيش ٿيل پروگرام جي مخالفت ڪندي ظاهر ڪيو ته عثمان جو قدرتي طور منهن ڪارو هو، انهيءَ ڪري سندس منهن تي دانگي گھمائڻ بيسود آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو ائين سمجھندا ته عثمان شايد منهن ڌوئي آيو آهي. ازانسواءِ کيس گڏهه تي چاڙهڻ عثمان لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي، ڇو ته هو روزانو اهو ڪرتوت ڪندڙ هو. قصو ڪوتاهه، آخر اهو ارادو ترڪ ڪيو ويو.

    عثمان تي روزن جي عذاب ۽ بهشت جي اميدن جو ڪو خاص اثر نه ٿيو ته صفر پان ٻيڙي واري هڪدم هڪ پنهنجي پوليس واري کي سڏايو. صفر جيئن ته پوليس جو پرمنٽ مشير آهي ۽ روزانو شاهديون ڏيڻ سندس هڪ ”سائيڊ بزنس“ آهي. تنهنڪري پوليس سان نه فقط ’معمولي رستو‘ بلڪ ’پڪي سڙڪ‘ اٿس. پوليس واري جي اچڻ شرط صفر کيس پاسيرو ڪري، اٺ آنا کن چانهه پاڻيءَ لاءِ ڏيئي عرض ڪيو ته، عثمان کي روزي رکائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. عثمان، جو پوليس واري کان سخت ڊڄندڙ آهي ۽ کليو کلايو چوندو آهي ته انهن کي ’پڳ به پرائي،‘ پوءِ ڇو نه شريف ماڻهو کانئن ڊڄي؟ پوليس واري پنهنجون ’مارشل ٽائيپ مڇون‘ وڪوڙيندي عثمان کي ڌمڪي ڏني ته، روزي نه رکڻ ڪري کيس نئين اسلامي قانون مطابق ڦٽڪا به هنيا ويندا ۽ جيل پڻ ڏنو ويندو. لاچار ٿي عثمان آڻ مڃي ۽ واعدو ڪيو ته هو آخري جمعي جو روزو ضرور رکندو، ڇا لاءِ ته آخري جمعي جو روزو ساري مهيني جي (ڪوٽا) برابر هو.

    روزو رکڻ کان هڪ ڏينهن اڳ عثمان پنهنجي يارن دوستن وٽ وڃي کانئن روئي ڳراٽڙيون پائي موڪلايو ۽ کين استدعا ڪئي ته سندس کاڌو پيتو ۽ چيو آکيو بخشيو وڃي. ڪيترن دوستن کيس ورجايو ته روزو آخر ڪو شيهتر يا لوهي گارڊر ٿورو ئي هو جنهن جي رکڻ سان عثمان چيڀاٽجي مري ويندو. پر عثمان چيو ته، ”ادا، موت هر انسان جي ڪڍ پوليس پڳيءَ جيان پيرو کڻندو ٿو رهي، پوءِ ڪهڙي خبر ڪٿي هلي گھٽو ڏئي. ازانسواءِ جيئن ننڊ موت جي ننڍي ڀيڻ هئي، تيئن روزو به موت جي پڦيءَ جو پٽ هوندو.“

    رات جو عثمان پنهنجي گھر ڀاتين کي هڪ هنڌ جمع ڪري پاڻ ۾ اتحاد سان رهڻ جي تلقين ڪئي ۽ بعد ۾ وصيت ڪيائين ته جيڪڏهن سڀاڻي روزو رکندي سندس قضا ٿئي، ته هو ترت پوليس ٿاڻي ڏانهن وڃن، ۽ سومر نانوائي، عدو موچي ۽ صفر پان ٻيريءَ واري، ٽنهي تي ناليوار خون جو فرياد داخل ڪرائين، ته هنن سازش سٽي عثمان کي خودڪشيءَ لاءِ آماده ڪيو هو، ۽ 303 قلم ا پ ڪ سان گڏ 120 ب ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جو فقرو به ضرور لاڳو ڪن. جڏهن مڙني مائٽن عثمان کي سندس وصيت جي بجا آوريءَ لاءِ خاطري ڏني، تڏهن به عثمان کي اعتبار نه آيو ۽ عريضي نويس کي گھرائي هڪ دستاويز لکاريائين، جنهن جي اصل تي سڀني حاضر ڀاتين جا کٻا آڱوٺا ورتائين.

    پنهنجي مال ملڪيت بنسبت وصيت ڪندي عثمان چيو ته سندس ڇڳل کٽ، کٿل موڙا ۽ پراڻيون واڻ جون ويڙهيون يتيم خاني جي فنڊ ۾ جمع ڪرايون وڃن ۽ کانئن هي خاطري ورتي وڃي ته سندس يادگيريءَ ۾ ڪونه ڪو حجامڪو دارالعلوم تعمير ڪرائين. پنهنجي سيرب وارن سنجن بنسبت خواهش ظاهر ڪيائين ته ڪسبت جو ٿيلهو ڪشمير تي چڙهائي ڪندڙ خاڪسارن جي حوالي ڪيو وڃي.

    وصيت وغيره کان فارغ ٿي عثمان سمهي پيو. عثمان ننڊ ۾ ڏٺو ته روزي رکندي هو دارالفنا ڏانهن راهي ٿيو، ۽ جنت جي اسٽيشن تي سندس زبردست آجيان ڪئي ويئي ۽ فلڪ شگاف نعرا هنيا ويا. ان کان علاوه آسماني ريلوي پليٽفارم تي کيس پاڪين ۽ نچڪڻن سان گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو ۽ سندس زمين تي ڪيل خدمتن جي سلسلي ۾ هڪ سپاس نامو پڙهيو ويو. خواب جي دنيا ۾ چهل قدمي ڪندي عثمان پنهنجو ’ٽوئر‘ جو پروگرام مرتب ڪرڻ جي فڪر ۾ هو ته سندس اک کلي ويئي، ڏٺائين ته گھر جا ڀاتي کيس روزي رکڻ لاءِ اٿاري رهيا هئا. عثمان گھڻو ئي نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عدو موچي (جنهن جي پاڙي جا ڏهه ٻارنهن ماڻهو عثمان کي روزي رکائڻ جي لاءِ ساڻ آندا هئا) جي عملي ڏانهن ڏسندي گاريون گند چوندي اُٿي ماني کاڌائين، ۽ سج اُڀرڻ ۾ اڃان ڏهه ٻارنهن منٽ دير ڏسي وري رلي تاڻي سمهي پيو.

    صبح جو ننڊ مان اُٿي هٿ منهن ڌوئيندي، عثمان حجم ٿڌي پاڻيءَ جا ٻه وٽا پي ويو ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو پاڙي جي مُلان وٽ وڃي فتوى حاصل ڪيائين ته جيڪڏهن ڀُل چُڪ ۾ ڪجھ پاڻي پي وڃجي ته ڪا اربع خطا ته نه هئي. مُلان فتوى جاري ڪندي ظاهر ڪيو ته ڀُل ۾ هو پاڻي ته درڪنار پر فالودو، نان کٽايون يا ڳنڍيريون وغيره به کائي ٿي سگھيو. پنهنجو شخصي مثال پيش ڪندي مُلان ظاهر ڪيو ته هاڻ هو گھران نيرن کايو ٿي آيو، حالانڪ کيس باقاعده روزو هو.

    ڪچڙي منجھند ڌاري عثمان ڏٺو ته سندس اکين اڳيان ترورا ۽ مٿي کي ڦيري اچڻ لڳي. عثمان هي سوچيندي پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ لڳو ته آخر روزي ۾ نفس کي مارڻو هو ۽ نفس کي مارڻ جھاد اڪبر هو. اهو خيال ايندي عثمان محسوس ڪيو نه هو روزي جي برڪت باعث، غوث ۽ قطب جي درجي تي پهچي چڪو هو، پر حضور ــ شرم *۽ نرم دل هئڻ ڪري پنهنجي دشمنن کي پِٽ پاراتو نه ڏنائين، نه ته هو سڀ عذاب جي باهه ۾ سڙي پچي ڪباب ٿي وڃن ها. ڪباب جي خيال اچڻ شرط عثمان جو روزو ڍلو ۽ مڪروه ٿيڻ لڳو، ۽ مڪروه ٿيڻ تي هو، ته پاڻ سنڀاري ورتائين، ۽ اُٿي وري ڀُل چوڪ ۾ پاڻي پي هنيانءُ ٿڌو ڪيائين. شڪر الحمدالله جو ڀُل چُڪ لاءِ گنجائش رکيل هئي، ورنه هن مهل تائين عثمان چاليهارو کن ماڻهو ته چَڪ ۾ وجھي ڦٽي وجھي ها.

    سئلون ۾ گراهڪن جو اچڻ ٻڌي، عثمان جو روزي باعث نهايت لاغر ۽ ڪمزور ٿي ويو هو ، سو ريڙهيون پائيندي ۽ ڀتين کي هٿ ڏيندي اچي دڪان تي وارد ٿيو. رستي ۾ کيس ٻه مسلمان اهڙا به نظر آيا، جي بي روزائتا هئا ۽ ٻئي ڇٻي واري ڀئيئي کان ڦول پتاشا وٺي ڳڙڪائي رهيا هئا. عثمان ٻنهي مسلمانن کي مخاطب ٿي خدا جي غضب ۽ قبر جي عذاب بنسبت وعظ ڪيو ۽ کين ڊزن کن ’وضو ٽوڙ‘ گاريون به ڏنائين ۽ کين هدايت ڪيائين ته جيڪڏهن هو روزو رکي نٿا سگھن، ته گھٽ ۾ گھٽ احترام ته رکن.

    عثمان هي سمجھي اصل نٿي سگھيو ته الائجي ڇو روزي رکڻ جي پورن چئن ڪلاڪن بعد کيس سموري دنيا گھنگار ڏسڻ ۾ ٿي آئي. عثمان هر هڪ واٽهڙوءَ کي بيهاري کيس روزي رکڻ جي لاءِ تلقين ٿي ڪئي يا وري کين احترام ڪرڻ جي هدايت ٿي ڪيائين. هڪ مانهو، جنهن کُليو کُلايو سگريٽ ٿي ڇڪيو، تنهن کي پِٽ پاراتو ڪندي عثمان ياد ڏياريو ته ’بيروزائٽ‘ جي جھنم ۾ وڃڻ بعد دوزخ جي باهه ۾ ٻارهن سؤ هارس پاور جو اضافو ٿي ٿيو. پر اها خبر عثمان کي بعد ۾ پيئي ته سگريٽ ڇڪيندڙ مسلمان نه هو، بلڪ هندو هو. دڪان تي پهچي عثمان ڪسبت کولي گراهڪن جي سيرب لاهڻ شروع ڪئي. پر بک سبب اڄ سندس پاڪي گڊو بئراج جي بلڊوزر جيان بي لغام هلي رهي هئي. هڪ گراهڪ جنهن کيس مٿي جي وارن ٺاهڻ لاءِ چيو، تنهن غريب جون مڇون ۽ ڏاڙهي ٻيئي ڪوڙي، ’ون يونٽ‘ ڪري ڇڏيائين. هن غريب گھڻيون دانهون ڪيون، پر عثمان جو بک سبب ڇتو ٿي پيو هو، تنهن تي ڪو اثر نه ٿيو. وري بدقسمتيءَ سان جنهن سا تعدي ٿي، اهو ڪو هو به برسرِ اقتدار پارٽيءَ جو ميمبر، تنهن ترت وڃي عثمان تي ’خانگي معاملي ۾ دخل ڏيڻ‘ جي قلم ماتحت فرياد ڪيو. هڪ ٻئي گراهڪ جي ڏاڙهي ڪوڙيندي سندس نڙگھٽ تي پاڪي رکي کانئس’ون يونٽ‘ بنسبت رايو پڇيائين. شڪر ٿيو جو اهو ماڻهو سياڻو هو ۽ عثمان جي پاڪي هٽائڻ بعد پنهنجو خيال ظاهر ڪيائين، نه ته شايد هن وقت ٻئي جھان ۾ الاٽمينٽ لاءِ ويٺو عريضيون لکندو رهي ها.

    ٻنپهرن ڌاري عثمان حجم بيان جاري ڪيو ته ٽن ڪلاڪن جي سينما شو کي به انٽرويل ٿيندو آهي، پر هي سورهن ڪلاڪ لڳاتار روزو رکڻ ڪا فضيلت ته نه هئي، خاص طور اونهاري جو. پنهنجي بيان ۾ عثمان سرڪار کي هي مشورو پيش ڪيو ته ملڪي ’آئين‘ ۾ درستي آڻي، روزن جو مهينو هميشه سياري ۾ مقرر ڪيو وڃي، جيئن هي ثواب هر هڪ مسلمان حاصل ڪري سگھي. ازانسواءِ، حج تي جو هر سال ڪيترا حاجي گرميءَ وگھي موت جو شڪار ٿين ٿا، سي پڻ اجل جي چنبي کان محفوظ رهندا. آخر روزي مان مراد عبادت آهي ۽ عبادت هر موسم ۾ ڪري سگھجي ٿي.

    ٽيپهر ڌاري عثمان جي حالت هڪ مرگھيءَ جي مريض جيان نازڪ ڪڙيءَ تي اچي پهتي. حالانڪ ڀل چُڪ جي ايڪٽ هيٺ اڌ سير ڳنڍيريون واپرايون هئائين، تاهم روزي جو ’هائو‘ آپي کان ٻاهر ڪڍي رهيو هو. دليل ڊوڙايندي، آخر عثمان حجم پاڙي جي ملان دينوءَ ڏانهن ماڻهو موڪليو ۽ کيس گھرائي گذارش ڪيائين ته هو مسجد جي منبر تي چڙهي اذان ڏئي، جيئن عثمان روزو افطار ڪري سگھي، ملان دينوءَ صاف انڪار ڪيو ته اڃا ٽيپهريءَ جي نماز جو پڻ وقت نه ٿيو آهي. روزو سانجھيءَ جي اذان تي ڇوڙيو ويندو آهي، ۽ نه ڏينهن ڏٺي جو. پر عثمان ضد تي قائم رهيو ۽ ملان کي ٻانگ ڏيڻ لاءِ طرحين طرحين لالچون ڏيندو رهيو. ملان کيس صاف ٻڌايو ته جيڪڏهن هن کي روزو قضا ڪرڻو آهي، ته هو سواءِ اذان ٻڌڻ جي پڻ ڪري ٿي سگھيو، پوءِ ٻانگ لاءِ ترسڻ جو مقصد؟ عثمان جي خواهش هئي ته ملان دينو اذان ڏئي، جيئن روزي ڀڃڻ جو بار سندس گردن کان ٽرانسفر ٿي ملان جي ڳچيءَ ۾ حائل ٿئي. ويچارو ملان عجيب ڪشمڪش ۾ اچي ڦاٿو ۽ جان ڇڏائڻ جي فڪر ۾ هو، ته عثمان ڏنڊو کڻي اچي مٿان ڪڙڪيو ۽ چيائين ته، ”ملان منهنجي لاءِ هاڻ موت ۽ زندگيءَ جو معاملو آهي. جيڪڏهن هاڻ جو هاڻ اذان نٿو ڏين، ته پوءِ تون قبرستان ۾ هوندين ۽ آءُ روپوش هوندس يا جيل اندر.“ عثمان جي اکين ۾ خون جون علامتون ڏسي، ملان ٽپو ڏيئي منبر تي چڙهي ٻانگ شروع ڪئي. ملان اڃا ڪنن تي هٿ مس رکيا، ته عثمان پنهنجي کيسن ۾ پيل ريوڙين کي ڳڙڪائڻ شروع ڪيو ۽ سندس چاٻَيءَ جو ٺڪاءُ ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ شرطي گھوڙو ڪچا چڻا چٻي رهيو هجي. اُهو ڏينهن اُهو شينهن وري عثمان روزي رکڻ کان ئي توبهه ڪئي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو