چار مارچ جي هڪ جوڌي يوسف لغاريءَ کان اعجاز سنڌيءَ جو انٽرويو

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    چار مارچ جي هڪ جوڌي يوسف لغاريءَ کان اعجاز سنڌيءَ جو انٽرويو​

    مارچ جو ذڪر هلي ته ذهن خود بخود يوسف لغاريءَ ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. يوسف لغاري انهن چند سچن سپوتن مان هڪ آهي، جن پنهنجي ذاتي مفادن تي سنڌڙيءَ جي مفادن کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجي زندگي ڏکن ۽ ڏولاون ۾ وجهي سنڌڙيءَ جي سينڌ سنواري ويا. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن 4 مارچ وارو واقعو نه ٿئي ها ته جيڪر ون يونٽ ٽٽڻ لاءِ سنڌ وارا اڃا به ويٺا سڪن ها. چوٿين مارچ جو جوڌو ۽ هيرو غير متنازعه طور تي صرف ۽ صرف يوسف لغاري آهي. مان يوسف لغاريءَ جي اميج ٺاهڻ جي ڪوشش ڪونه ٿو ڪريان. صرف هڪ اهڙي سپوت کي دلي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو آهيان، جنهن وقت سرحالات کي سمجهيو ۽ باوجود مشڪلات ۽ مخالفتن جي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ جي عزم تي ثابت قدم رهيو ۽ قوم کي هڪ اهڙي طوق مان نجات ڏيارڻ لاءِ رستو هموار ڪري ويو، جيڪو پنهنجن جو ئي وڌل هيو، ۽ جنهن جون ڪڙيون صرف هڪ فولادي انسان ئي ٽوڙي ٿي سگهيو. قوم انجي عيوض هنکي ڇا ڏنو؟. صرف بک ۽ بيروزگاري، مسئلا ۽ مشڪلاتون، ۽ تهمتون ۽ الزام.




    سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي پاس ڪرڻ بعد يوسف لغاري ڪافي عرصي تائين بي روزگار رهيو. هو پنهنجي خاندان جو واحد سهارو هيو، ۽ هو ڪو سرمائيدار بھ ڪونه هيو. هن جي مٿان هڪ وقت اهڙو به آيو جو پنج ڏينهن هن جي گهر ۾ تئو بھ ڪونه چڙهيو ھو. آخر مجبور ٿي هن ميرپور خاص ۾ ڪوئلا وڪڻڻ شروع ڪيا، پر خودداري ۽ غيرت اهو گوارا ڪونه ڪيس ته ڪنهنجي آڏو وڃي سوال ڪري. هنکي لاهور ۾ سرڪاري نوڪري ملي ۽ هڪ وڏي عهدي تي فائز ٿيو. لاهور وڃڻ شرط هن لاهور ۾ سنڌي ملازمن جي يونين ٺاهي ۽ پنهنجي محڪمي ۾ سنڌي ملازم ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيا. ماڻهن هن تي الزام هنيو ته يوسف حڪومت وٽ وڪامي ويو آهي. حالانڪه يوسف جيڪڏهن بيروزگار هيو ته به سياست کان ڪناره ڪش نه هيو ۽ جيڪڏهن نوڪري مليس تڏهن به هن قوم جي مفاد جي خلاف ڪوبه ڪم ڪونه ڪيو. پوءِ به، هو جڏهن حيدرآباد ۾ ڪنهن سرڪاري ڪم سان آيو ته کيس يوسف ٽالپور ۽ ٻين چيو ته، يوسف هن وقت قوم کي تنهنجي سخت ضرورت آهي. تون سنڌ کان ٻاهر نه وڃ. يوسف ان وقت ئي بنا ڪنهن مهلت ۽ موقعي جي پنهنجي آفيس کي لاهور ۾ تار ڪري ڇڏي ته مان ڪونه ايندس ۽ سندس سامان ۽ پگهار به لاهور ۾ رهجي ويا. يوسف لغاري اڃا تائين اڻ سڌيءَ طرح عتاب جو شڪار آهي. هن وقت هو ميرپور خاص ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. 14 مهينا کيس وڪالت کان روڪيو ويو هو. ان دوران هن ڪافي تڪليف وارا ڏينهن گذاريا، ۽ هاڻي به بلڪل ڪسمپرسيءَ وارا ڏينهن گذاري رهيو آهي.

    4 مارچ جي خاص نمبر لاءِ يوسف لغاريءَ کان انٽرويو وٺڻ جوسوچي آءٌ ۽ خان محمد پنهور سندس ميرپورخاص واري مڏيءَ تي هڪ شام جو ساڍي چئين بجي ڌاري اچي سهڙياسين، جتي مامونءَ جي هوٽل تي اچي هن کي هٿ ڪيوسين.

    هو اسان سان نهايت گرمجوشيءَ ۽ محبت سان مليو. اسان جڏهن کيس ٻڌايو ته اسان حيدرآباد کان آيا آهيون سندس انٽرويو وٺڻ، ته هو حيران به ٿيو ۽ ڪي ڪجهه لڄي به. هن چيو ته ”يار ڇو ٿا ڀوڳ ڪريو. مون مسڪين جو ڪير انٽرويو ڇاپيندو؟. توهان وانگر ملير ڊائجيسٽ وارا به انٽرويو وٺي ويا هئا پر خبر ناهي ته ان جو ڇا ٿيو؟ ۽ برسات واري به خط لکيو هو ته تنهنجو انٽرويو وٺندس پر….. ڪير ٿو هن مسڪين کي پڇي.“

    جڏھن اسان کيس يقين ڏياريو تڏهن هن کي ڪجهه تسلي ٿي ۽ اسانکي پنهنجي ريلوي اسٽيشن ڀرسان جاءِ ۾ وٺي آيو. مان هن کان اڳ يوسف لغاريءَ سان ڪڏهن بھ ڪونه مليو هوس. سو سوچيندو هيس ته هيڏو وڏو شاگرد ليڊر ۽ وڪيل آهي سو ضرور وڏي رعب ۽ دٻدٻي سان رهندو هوندو. پر جڏهن ساڻس مليس ته مونکي يقين نه ٿي آيو ته هي ڪو اهوئي يوسف لغاري آهي جنهنجي بابت اڪثر ٻڌندو رهندو آهيان. نهايت سادي طبيعت، سادو لباس، سادو اٿڻ ويھڻ، سادو ڳالھائڻ، مطلب تھ سادگي ۽ خلوص جو ھيءُ مجسمو ميرپورخاص جي ڪورٽن ۽ ڪيفي مامونءَ ۾ اڪثر يوسف لغاريءَ جي نالي ڏسي سگهجي ٿو.

    هڪ ڊگهي ۽ اونداهي چوٽيهن ڏاڪن واري ڏاڪڻ چڙهي هنجي فليٽ نما گهر تي آياسين. گهر ۾ ٻه ڪمرا هئا. هڪ رهائش جو ۽ ٻيو سندس وڪالت جي آفيس جو. ٻنهي ڪمرن جو سامان بي ترتيب ۽ ڇڙوڇڙ هو: بلڪل هڪ روايتي ڪنواري ۽ تنها شخص وانگر. هن جي هر شيءِ زندگيءَ ۾ اڪيلو رهجي وڃڻ جي شاهدي ڏئي رهي هئي.

    شام جا ڇهه وڄي رهيا هئا. اسان يوسف صاحب جي فليٽ ۾ هيڏانهن، هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو هڪ همراهه نازل ٿيڻ جي انداز ۾ ڪمري ۾ داخل ٿيو. مٿي تي سنڌي ٽوپي. نيم هپي وار. کاڌيءَ جي سلوار قميص ـ ۽ پيرن ۾ لانگ بوٽ بغل ۾ هڪ چمڙي جو (case)ڪيس (جنهن ۾ هڪ قيمتي ڪئنن ڪئميرا هيس). يوسف لغاري هن جو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ته ”هيءَ مسٽر غلام رسول ناريجو آهي، منهنجو ننڍپڻ جو دوست. همراهه ڊنمارڪ ۾ رهندو آهي. اتي ٻه لاڳيتيون شاديون ڪيون هئائين جيڪي سندس ساٿ ڇڏي ويون ۽ هاڻي ٽينءَ جي پاڙ پٽڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. جو ان کي کنيو مائٽن جي سڪ، سو آيو گهمڻ. جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته هن جا وار تمام وڏا هئا ۽ لباس به ڪنهن پوڙهي هپيءَ جهڙو هيس. بندر روڊ تي هڪ ملنگ جو فوٽو ڪڍي رهيو هو ته اوچتو اتي هڪڙي همراهه ٻانهن کان جهليس. چئين تون انڊيا جو جاسوس آهين. پوءِ ته اچي تماشو ٿيو. جوان گهڻائي قسم قرآن کڻي. گهڻو ئي چوين ته بابا مان سنڌي آهيان، جاسوس نه آهيان. پر ڪير ٿو يقين ڪريس. پوءِ ته سائين ڪراچيءَ جا مهاجر ورائي ويس. ماڻهن جو انبوهه گڏ ٿي ويو. ”يهي هئي، يهي هئي“ ڪري همراهه کي ورائي ويا. ڇڪي اچي ٿاڻي تي ڪڍيائونس. اتي هڪڙو صوبيدار هجي سنڌي. هنکي ڪجهه آٿت ٿيو ته ٻيلي ڪو منهنجي به ٻڌندو سو صوبيدار کي گھڻوئي سنڌي ۾ سمجهايائين. پر هنکي وري ڪراچيءَ ۾ رهي سنڌي به وسري وئي هئي ۽ هن سان سنڌي ڳالهائڻ لاءِ به تيار ڪونه هو“.

    ”خير، ٻه ڏينهن لاڪپ ۾ رکيائونس، جتان مس مس جان ڇڏائي آيو آهي ۽ هاڻي ٻن هفتن کان پوءِ وري ڊنمارڪ ويندو.“. اسانکي مسٽر ناريجي جي حالت تي ڏاڍو ڏک ٿيو. مسٽر ناريجو ڏاڍو زنده دل انسان آهي. اسان سڄي رات هن جي دلچسپ ڳالهين مان لطف حاصل ڪندا رهياسين.

    اٽڪل ساڍي ڇهين بجي اسان يوسف لغاريءَ کان پهريون سوال ڪيو.

    ”ادا! 4 مارچ جي پس منظر تي ڪجهه مختصر روشني وجهي سگهندا؟“

    ”4 مارچ کي هڪ مخصوص ڏينهن يا هڪ مخصوص واقعي ۾ قيد ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر بي انصافي آهي. چوٿين مارچ نتيجو هو ان ٻرندڙ جبل جو جيڪو سنڌ جي نوجوان جي اندر ئي اندر ۾ٽهڪي رهيو هو ۽ آخر ڦاٽ کائي ٻاهر نڪتو ۽ ون يونٽ جي قهري ڪوٽ ۽ ايوب خان جي آمرانه ۽ ظالمانه حڪومت جون بنيادون ئي لوڏي ڇڏيائين“.

    ”1955 کانپوءِ سنڌ جي سياست تي هڪ موت جهڙو موجهاڙو ڇانئجي چڪو هو. ڪوبه شخص سنڌ ۽ سنڌين جي حقن لاءِ زبان نٿي کولي سگهيو“.

    ”ايوب خان جي تلوار هر وقت مٿان لڙڪندي رهندي هئي. ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ سنڌ جي حقن جو نالو وٺڻ ائين هو ڄڻ ته ڪنهن جو نانگ تي پير اچي ويوھجي“.

    ”ڪن ٿورن کانسواءِ سنڌ جا سڀ سياستدان ۽ ليڊر تمام خوفزده هئا. ايتري قدر جو سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز کي حيدرآباد جي هڪ جلسه ۾ شعر پڙهڻ جي اجازت بھ نه ڏني وئي، ۽ کيس 15 ڏينهن لاءِ شهر بدر ڪيو ويو هو“.

    پاڪستان جي سياست جون واڳون مڪمل طور تي پنجابين ۽ پنجابين جي ڇاڙتن (مهاجرن) جي هٿن ۾ هيون. پنجابي ۽ مهاجر سامراج سنڌ ۾ پنهنجا مستقل مفاد قائم ڪري چڪو هو ۽ اسلام ۽ پاڪستان جي نالي تي ون يونٽ جي آڙ وٺي سنڌ جي سياسي، ثقافتي، ۽ اقتصادي برماريت ڪري، غريب سنڌي عوام جو خون چوسي پنهنجون ٽجوڙيون ڀري رهيو ھو“.

    ”هنن جي زبان کي مظلوم عوام جي خون جو ايڏو ته چسڪو اچي چڪو هو، جو سنڌ تان دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه هئا. هنن جي ناپاڪ ارادن جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري هو ته هو سنڌ جي سياست، ثقافت ۽ اقتصاديات تي پنهنجو قبضو جاري رکن. ان لاءِ هنن وٽ ون يونٽ جو ئي هڪ اهڙو هٿيار هو جيڪو هنن جو بچاءُ ڪري ٿي سگهيو“.

    ”ٻيءَ معنٰي ۾، ون يونٽ جي وجود سان پنجابي ۽ مهاجر جو وجود سنڌ ۾ قائم هو ۽ هو ڪنهن به قيمت تي ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا“.

    ”جنهنجو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جو اصلي رهاڪو ڏينهون ڏينهن تباهه ٿيندو ويو ۽ هنن جو رت ۽ ست استحصالين جي ٽجوڙين ۾ سڪن جي صورت ۾ جمع ٿيندو ويو. سنڌ جون زرخيز زمينون ۽ اعليٰ عهدا پنجاب جي فوجي وڏيرن ۽ سياسي چوڌرين کي مال غنيمت طور ڏنيون ويون ۽ سنڌ جي دولت ۽ ثقافت تي مهاجرن کي قابض ڪيو ويو“. ٿوري ساهي پٽي يوسف لغاري وري شروع ٿيو.

    ”سنڌ جا سياسي رهنما گهرن ۾ لڪا ويٺا هئا ۽ سائين جي.ايم سيد پڻ سياست کان ڪنارا ڪشي ڪري بزم صوفياءَ کولي ويٺو هو“.

    ”سنڌ جي دانشورن ۽ اديبن جي جيڪڏهن ڪا سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگ ٿيندي هئي ته اها به بند ڪمرن ۾. اهو اهو دور هو جڏهن لفافي جي ٻاهران ايڊريس ۾ ”سابق صوبه سنڌ“ لکڻ تي به سي. آءِ . ڊي ڪڍ ڦرندي هئي“.

    ”سنڌ جي سياسي، ثقافتي، ۽ اقتصادي تباهي آڻڻ لاءِ ماڻهن کي برين واش ڪيو ويندو هو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جو، خاص طور تي سرمائيدار طبقو آهستي آهستي سنڌي ثقافت ۽ زبان کان ڪنارا ڪشي ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهو سنڌي ڳالهائڻ به پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪرڻ لڳا. ۽ سنڌيءَ جي مقابلي ۾ اردوءَ کي اپنائڻ لڳا. مونکي نهايت ڏک ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جوئي صاحب جهڙن انقلابي ماڻهن جا ٻار به اردوءَ ۾ پڙهڻ لڳا“.

    ”سنڌ جا قديم ۽ روايتي نالا مٽائجڻ لڳا. مثلاً سنڌ کي ”مهراڻ“ سڏيو ويو. ڪينجهر کي ”ڪلري“ سڏيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي اها وڃي حالت رهي جو خالص سنڌي وڃي صرف جيلن جي چوديواريءَ ۾ ٻڌي سگهبي هئي“.

    ”بهرحال انجو اهو مقصد هرگز نه آهي ته ڪو قوم جو ضمير ئي ختم ٿي ويو هجي. مان اڳ۾ ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته سنڌ جي نوجوانن ۾ پنهنجي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي حقن لاءِ هڪ باهه ڀڙڪندي رهندي هئي، پر ظلم جي آڏو هرڪو بيوس هو“.

    ”انوقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسيلر پروفيسر حسن علي عبدالرحمان جي برطرفي هڪ بهانو بڻجي سامهون آئي، نه ته پٿر پرايو ۽ سور سڀ ڪنهن کي پنهنجا پنهنجا هئا. سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي اچڻي هئي ۽ ون يونٽ ٽٽڻو هو، سو مسرور حسن (ان وقت جي ڪمشنر) کي سندس شامت ڇڪي اچي آڏو بيهاريو.“

    يوسف ساهي پٽي، سگريٽ دکايو ۽ هڪ وڏو سوٽو هڻي خلا ۾ گهوريندي چيو، ”4 مارچ وارو واقعو، رد عمل هو ان مسلسل عمل جو جيڪو ون يونٽ جي ذريعي سنڌين کي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي غلام بنائڻ لاءِ ورهين کان بيچيني ڦهلائي رهيو هو.“

    مون پڇيس، ”اوهان پنهنجي سياسي جدوجهد جو آغاز ڪيئن ڪيو؟“

    هن ايش ٽري ۾ سگريٽ جو گل ڇنڊيندي وڏي سوچ سان چيو ”ادا معاف ڪجو مونکي نه ته ترتيبوار واقعا ياد رهيا آهن، نه انهن دوستن جا پوريءَ طرح نالا ياد رهيا آهن جن جدوجهد ۾ منهنجو ساٿ ڏنو، ۽ نه وري صحيح تاريخون. بهرحال مان ڪوشش ڪندس ته اوهانکي ڪجهه ٻڌائي سگهان“.

    ”1960 ۾ پري ميٽرڪ ۾ پڙهندو هوس، تڏهن کان وٺي مون شاگردن جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو . 61ع ۾ مون مئٽرڪ ڪئي. ان وقت شاگردن جي ليڊرشپ پنجاب جي هٿن ۾هئي ۽ سنڌ جي شاگردن ۾ اڃا سياسي شعور صحيح نموني ۾ بيدار ڪونه ٿيو هو. ڪوبه شخص سنڌين ۽ سنڌي شاگردن جي مسئلن کي کڻڻ وارو ڪونه هو. جانورن جو هڪ ڌڻ هو، جنهن کي مختلف وقت تي، مختلف ڏنڊي سان، مختلف ماڻهو هڪليندا رهندا هئا. ڪوبه ڪنهنکي چوڻ وارو ڪونه هو“.

    ”اهڙي يتيميءَ واري دور ۾ 1962ع ۾ يونيوسٽي آرڊيننس نافذ ڪيو ويو. جنهن سنڌي شاگردن جو ن رهيل سهيل اميدون به خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون“.

    ”جيئن ته مان مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته شاگردن جي ليڊرشپ هميشه کان پنجاب جي هٿ ۾ رهي هئي جنهنکي صرف پنجاب ۽ اردو زبان سان ئي همدردي ٿي سگهي ٿي. سو يونيورسٽي آرڊيننس کان (ستت) بعد ئي شاگردن ۾ بيچيني وڌندي وئي. ڪراچيءَ جي ڪجهه شاگردن ليڊرشپ پنهنجي هٿ ۾ رکڻ لاءِ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وڌو. سڄيءَ سنڌ ۾ ڪابه شاگرد تنظيم ڪانه هئي“.

    ”سو 1965 ۾ مون، ڄام ساقي، عبدالواحد بروهي، مهر حسين شاهه، شمشير الحيدري، جيڪو ان وقت لا ۾ هو، ۽ ٻين دوستن گڏجي ”حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو بنياد وڌو. شروع شروع ۾ هن ۾ اٽڪل 30ـ40 شاگرد هئا. جن ۾ اردودان ترقي پسند ٽولي جا شاگرد به شامل هئا. لالا قادر به 1966 جي آخر ۾ فيڊريش ۾ شامل ٿيو“.

    ”مونکي ياد آهي ته ان وقت مهاجر شاگردن هڪ تحريڪ هلائي هئي ته قومي زبان کي يونيورسٽي ۽ ڪاليجن جو ذريعو تعليم بڻايو وڃي. عام سنڌي شاگردن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي“.

    ”اردوبازن جو مقصد هو ته قومي زبان جي آڙ ۾ سنڌي شاگردن تي اردوءَ کي مسلط ڪيو وڃي ۽ اهڙيءَ طرح سنڌ جي ثقافت کي ختم ڪري يو. پي، سي. پيءَ جي تهذيب رائج ڪئي وڃي. اسان ان سازش جي سخت مخالفت ڪئي ۽ حيدرآباد اسٽونڊنٽس جي هڪ گڏجاڻي سڏائي جنهن ۾ اردوءَ جي خلاف ٺهراءَ بحال ڪيا ويا ۽ ذريعو تعليم سنڌيءَ کي بنائڻ لاءِ زور ڏنو“.

    ”اردوبازن ۽ نام نهاد ترقي پسند شاگردن هن گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪانه ڪئي ۽ اسانجي مطالبي جو زور ڏسي هنن هڪ نئين چال هلي. هنن هڪ ٻي تجويز رکي جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن سنڌيءَ کي ذريعو تعليم بنايو ويو ته پوءِ سڀني مادري زبانن جو حق آهي ۽ انهن کي به ذريعو تعليم بنايو وڃي“.

    ”اها ڳالهه حڪومت لاءِ تقريباً ناممڪن هئي. ڇو ته مادري زبانن ۾ پشتو، پنجابي، بروهي، سرائڪي ۽ گجراتي وغيره غير ترقي يافته زبانون به اچي ٿي ويون، جن جي لٽريچر ۽ ٻين ڪتابن تي ايڏو ٿي خرچ آيو جيڪو حڪومت جي برداشت کان ٻاهر هو. ۽ اها ڳالهه اڻ ٿيڻي هئي“.

    ”پر اردو زبان جو مقصد صرف اهو هو ته ڪنهن طريقي سان سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام نه ملي سگهي. سو هنن اردوءَ جي مقابلي ۾ سنڌيءَ کي هڪ مادري زبان قرار ڏئي ٻين مادري زبانن جي حق جو به مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ٻيون مادري زبانون به ذريعو تعليم نه ٿيون ٿي سگهن ته پوءِ صرف قومي زبان کي ئي ذريعو تعليم بڻايو وڃي.“

    ڪامريڊ يوسف ايترو چئي اٿيو ۽ گيلريءَ جو دروازو کولي هيٺ هوٽل واري کي رڙ ڪري پنج کير پتي چانهن جو آرڊر ڏنو، ۽ واپس اچي پاڻيءَ جو گلاس پي وري شروع ٿيو.

    ”مون ۽ عبدالواحد بروهيءَ ان ڳالهه جي سخت مخالفت ڪئي ۽ مظاهرن جي ڪوشش ڪئي. پر ٻين شاگردن اسان جو ساٿ ڪونه ڏنو. ڇو ته ون يونٽ جي موجودگيءَ ۾ قومي زبان جي خلاف ڪوبه شخص آواز اٿارڻ کان ڊڄي رهيو هو.“

    ”مون ون يونٽ جي خلاف مختلف ڪاليجن طرفان پمفليٽ ڇپرائي ورهائڻ جي مهم شروع ڪئي جن ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جو مطالبو ۽ سنڌين کي نوڪرين ۽ ٻين معاملن ۾ سندن حقن لاءِ گهر ڪئي هئي. هتي مان اوهانکي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان.“

    هوٽل جو ٻاهر وارو چانهه کڻي آيو هو ۽ هن جي اچڻ ڪري سلسلي ۾ رخنو پئجي ويو. ڪامريڊ يوسف لغاري پنهنجي باغ بهار شخصيت سان اسان جي دلچسپي برقرار رکيو ٿي آيو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن دلچسپ ٽوٽڪا ۽ آف دي رڪارڊ ڳالهين سان کلائيندو به ٿي رهيو. هن ڪوپن ۾ چانهه وجهي اسان کي ڏني ۽ پاڻ به پيئڻ لڳو. چانهه جي چسڪي ڀري هن وري سلسلو شروع ڪيو.

    ”اها ڳالهه هيءَ آهي ته بدقسمتيءَ سان جنهن به تحريڪ کي کڻون پيا ته عام شاگرد اسان جو ساٿ ڪونه پيا ڏين.“

    ”ليڪن مان ڪنهن به موقعي تي قوم کان مايوس نه ٿيس، ۽ منهنجي ڪوشش اها هئي ته هڪ دفعو منهنجو ڪوبه مظاهرو ڪامياب ٿئي، پوءِ مونکي اڳتي وڌڻ کان ڪوبه شخص روڪي نٿو سگهي. سو جيستائين عام شاگرد منهنجي پيغام کي سمجهي سگهن تيستائين مون سوچيو ته حڪومت کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ گهرجي ته سنڌ جو نوجوان هاڻي سجاڳ ٿيو آهي ۽ ون يونٽ ۽ ڪارا قانون وڌيڪ عرصي تائين نه هلي سگھندا.“

    ”1966 ۾ اسان ڀٽي صاحب جي صدارت ۾ جامع عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ هڪ عام جلسو ڪرايو جنهن ۾ مسٽر جي. اي. رحيم به شامل هو. اسان مسٽر ڀٽي جي اڳيان يونيورسٽيءَ جا مطالبا پيش ڪيا ۽ کيس ٻڌايو ته پروفيسر حسن علي عبدالرحمان اسان جا مطالبا ڪونه ٿو مڃي. اسان مسٽر ڀٽي جي اڳيان سنڌ جا مسئلا رکيا. هن جلسي ۾ مسٽر ڀٽي چيو هو ته:

    “I am the commander of Army, and Yousif Laghari is my assistant.”

    (مان آرميءَ جو ڪمانڊر آهيان ۽ يوسف لغاري منهنجو اسسٽنٽ آھي) پر افسوس جو اهو يوسف لغاري مسٽر ڀٽي جي صدر ٿيڻ کان پوءِ سندس مارشل لا جو پهريون پهريون قيدي بڻيو.“ ڪامريڊ يوسف کان هن موقعي تي کل نڪري وئي. هن چانهن جو خالي ڪوپ رکي ولز جي ڊبل پاڪيٽ مان آخري سگريٽ ڪڍي دکايو ۽ خالي پاڪيٽ ڦٽو ڪري نئون پاڪيٽ تيار ڪري اڳيان رکيو. مون ڪامريڊ يوسف کان پڇيو ته ”توهان سنڌ يونيورسٽي شاگرد سنگت جا صدر هئا، اهڙي دور ۾ اوهانکي اليڪشن ۾ يقيناً ڪجهه دشواريون پيش آيون هونديون ڪجهه انهن جي باري ۾ به ٻڌائيندا؟“

    هن سگريٽ کي مٺ ۾ جهلي، ڇت ۾ نهاريندي هڪ ڊگهو سوٽو هنيو ۽ چپٽي وڄائي سگريٽ کي ڇنڊيندي پر خيال انداز ۾ چيو، ”ادا مونکي چڱي طرح ياد نه آهي ته مهينو ڪهڙو هو. بهرحال 1967 جي شروعات هئي مان سنڌ يونيورسٽيءَ مان صدارت لاءِ نواز علي ڀٽو نائب صدارت لاءِ بيٺا هئاسين هوڏانهن انجنيرنگ ڪاليج مان مسعود نوراني ۽ مجيب پيرزادو هئا. وائيس چانسيلر حسن علي عبدالرحمان منهنجي سرگرمين تي شروع کان وٺي نظر رکيو ايندو هو. مون جامع عربيه هاءِ اسڪول واري جلسي ۾ وائيس چانسيلر تي سخت نڪته چيني ڪئي هئي جو هو سنڌي شاگردن جا مطالبا پورا ڪونه پيو مڃي. سو هن کي مونکان سخت خطرو هو ۽ حقيقت به اها آهي ته جيڪڏهن حسن علي عبدالرحمان ۽ مسرور حسن وارو مسئلو پيدا نه ٿئي ها ته مان يقيناً حسن علي عبدالرحمان لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿيان ها. انڪري هن منهنجي هر ممڪن طريقي سان سخت مخالفت شروع ڪئي. هاڻي مونکي ٻن مخالفن سان منهن ڏيڻو هو. هڪ مخالف ڌر وارن اردوبازن سان ۽ ٻيو وائيس چانسيلر حسن علي عبدالرحمان سان. حيدرآباد اسٽودنٽس فيڊريشن وارن ترقي پسند اردو زبان وارن به منهنجي مخالفت شروع ڪري ڏني. حالانڪه اصولاً هنن کي منهنجي مخالفت نه ڪرڻ گهربي هئي. پر هنن کي اردوءَ جو مستقبل خطري ۾ ٿي نظر آيو انڪري کليو کلايو مخالفت ۾ اچي ويا. مخالف جيترا وڌندا ٿي ويا، منهنجو ضد به اوترو ئي وڌندو ٿي رهيو. پروفيسر حسن علي عبدالرحمان مونکي چيو ته تون اليڪشن تان هٿ کڻ پر مون هن کي جواب ڏنو ته مان ضرور اليڪشن وڙهندس. “

    ”اسلامي جمعيت طلبا وارن منهنجي مخالفت ۾ سڄي شهر ۾ پوسٽر هنيا. هنن جو اميدوار احمد جمال اعجازي هو، جيڪو هن وقت اردو رسالي زندگي ۾ وڏو ڪالم لکندو آهي.“

    ”پروفيسر حسن علي عبدالرحمان مونکي وقتي طور تي سخت پريشان ڪري ڇڏيو هو. منهنجي خلاف هڪ ٻيو مهاجر اميدوار اقبال قاضي به هو جيڪو اردو ڊپارٽمينٽ جي سربراهه جو پٽ هو. حسن علي عبدالرحمان اقبال قاضيءَ جي حمايت ۾ هو ۽ هر ممڪن طريقي سان هن جي مدد ڪندو هو. هن جڏهن ڏٺو ته يوسف لغاري دستبردار ڪونه ٿيندو تڏهن هڪ ٻي خطرناڪ ترڪيب استعمال ڪئي.“ ڪامريڊ يوسف ٽهڪ ڏئي سگريٽ دکايو ۽ سوٽو هڻي چوڻ لڳو ”يار هلو ته ماني کائي اچون. بابا پاڻ صفا مولائي لڏي تي آهيون. گهر ٻار ته هتي آهي ڪونه ۽ نه وري نوڪر رکڻ جيتري سگهه آهي. سو هلو ته هوٽل تان ماني کائي اچون.“ ائين چئي هو اٿيو ۽ اسان اٿي هن جي ڪڍ لڳاسين. اونداهي طويل ۽ سوڙهي ڏاڪڻ ماچيس جي تيلين جي روشنيءَ ۾ پار ڪري هوٽل ڏانهن وياسين رستي ۾ توڙي هوٽل ۾ مانيءَ دوران ۽ واپسيءَ ۾ مسٽر غلام رسول ناريجو ٿڌين آهن ۽ شوڪارن سان ڊنمارڪ جو ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو.

    اٽڪل هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اسين وري ڪاغذ ڪاپي سنڀالي ڪامريڊ يوسف لغاريءَ ڏانهن متوجه ٿياسون. هن وري چوڻ شروع ڪيو، ”سو مون ٿي چيو ته جڏهن پروفيسر حسن علي عبدالرحمان ڏٺو ته يوسف لغاري اليڪشن تان دستبردار ڪونه ٿيندو ته هن منهنجي حامي شاگردن دوستن کي ساوا ڪوٽ پارائڻ شروع ڪيا.“ اسان ڪامريڊ جي ڳالهه ڪٽيندي پڇيو ته ساون ڪوٽن جو مطلب ڇا هو. هن ٻڌايو تھ، ”ان زماني ۾ هڪڙو چغل خور شاگردن جو طبقو هوندو هو جيڪو شاگردن جي ڳجهين سرگرمين جي سي.آءِ.ڊي ڪري خفيه رپورٽون وائيس چانسيلر تائين پهچائيندو هو. انهن شاگردن کي ساوا ڪوٽ ڏنا ويندا هئا ۽ انهن تي Pro Controls Monitor جو بيج لڳل هوندو هو. انهن پروڪٽرولز مانيٽرن جي في معاف هوندي هئي ۽ ٻيون به کين ڪيتريون ئي سهولتون مليل هونديون هيون. اهي ساون ڪوٽن وارا چغل خور وائيس چانسيلر جي خلاف ڪنهن به سرگرميءَ ۾ حصو ڪونه وٺي سگهندا هئا. سو حسن علي عبدالرحمان منهنجي ساٿين کي ساوا ڪوٽ پارائڻ شروع ڪيا. هڪڙي ڏينهن تي جيڪو شاگرد مونسان گڏ تقرير ڪندو هو ٻئي ڏينهن ڏسان ته انکي سائو ڪوٽ پاتل آهي ۽ هلندي هلندي هٿ ملائڻ به پسند ڪونه ٿو ڪري. وس ڪونه ٿي لڳن نه ته جيڪر منهنجي ڳوٺ کان ايندڙ مهمانن کي به ساوا ڪوٽ پارائي ڇڏين ها.“

    ”مان سلام ٿو ڪريان خادم شيخ ۽ فيروزالدين اعواڻ کي جيڪي آخر تائين مون سان گڏ هئا. سو ڳالهه ٿي ڪيم ته اليڪشن ۾ مونکي ڪهڙيون دشواريون پيش آيون. هڪ طرف يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي وڏي اڪثريت يعني اردوبازـ جمعيت طلبا جو احمد جمال اعجازي، پروفيسر حسن علي عبدالرحمان جو مهاجر اميدوار اقبال قاضي ۽ خود حسن علي عبدالرحمان پڻ ۽ ٻئي طرف مان ۽ نواز ڀٽو. ايڏي مخالفت ۽ دشوارين جي هوندي به اسان اليڪشن کٽي ۽ اردوبازن کي زبردست شڪست ڏني. مون ان اليڪشن ۾ هنن سڀني جي گڏيل ووٽن کان به 123 ووٽ وڌيڪ کنيا ۽ نواز ڀٽو پڻ نائب صدر لاءِ ڪامياب ٿي ويو. هوڏانهن انجنيئرنگ ڪاليج مان مسعود نوراني ۽ مجيب پيرزادو پڻ ڪامياب ٿيا هئا.“

    “ان وقت يونيورسٽي، انجنيئرنگ ڪاليج، ايل.ايم.سي ۽ ايگريڪلچر ڪاليج ٽنڊو ڄام مان، اسان ڪل 17 اميدوار ڪامياب ٿيا هئاسين اها اسان سنڌين جي پهرين بنيادي فتح ٿي جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي سياسي زندگيءَ تي اڻمٽ نقش چٽي وئي. مون سنڌ يونيورسٽيءَ جو صدر ٿيڻ شرط چغل خور شاگردن وارا ساوا ڪوٽ ختم ڪرايا.“

    ”جڏهن اسان سڀني کٽيل اميدوارن جو جلوس ڪڍيو ويو ته مون سنڌي شاگردن کي چيو ته، اسانکي پنهنجا اختلاف وساري متحد ٿيڻ گهرجي ۽ هڪ آواز سان حڪومت کان پنهنجا حق گهرڻ گهرجن. ان وقت زبردست سياسي بيچيني هئي. ڪوبه شخص پنهنجي ذاتي نقصان جي خوف کان قوم جو آواز بڻجي ڪونه ٿي اٿيو. اسان عزم ڪيوسين ته انهيءَ سياسي جمود کي ختم ڪرڻو آهي.“

    ”منهنجي مسعود نورانيءَ سان ملاقات به هڪ ڊرامائي انداز ۾ ٿي. اليڪشن جو زمانو هو. مان به ٻڌندو هوس ته انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ڪو مسعود نوراني به آهي ۽ مسعود به ٻڌندو هو ته يونيورسٽيءَ ۾ هڪ يوسف لغاري به رهي ٿو. پر ڏٺو هڪ ٻئي کي ڪونه هيوسين. هڪ دفعي مان يونيورسٽي واري بس ۾ حيدرآباد ٿي ويس. سو جڏهن بس ۾ چڙهيم ته مهاجر شاگردن چوڻ شروع ڪيو ”سرخا آگياـ سرخا آگيا.“ مان دراصل سوشلسٽ خيالن جو ماڻهو هوس سو مهاجر مونکي سرخي جي نالي سان سڏيندا هئا. مسعود کي به اها خبر هئي. سو هن جو سرخي جو نالو ٻڌو ته هڪ ڇوڪري کان پڇيائين ته سرخو ڪهڙو آهي. هن مون ڏي اشارو ڪيس ته اهو آهي. پوءِ هو اٿي مون وٽ آيو ۽ اچي ڀاڪر پائي مليو.“

    ڪامريڊ يوسف لغاري تقرير ختم ڪندي سگريٽ دکايو، ۽ بي فڪرن وانگر ڊگها ڊگها سوٽا هڻڻ لڳو. اسان کانئس وري هڪ سوال ڪيو ”وائيس چانسيلر حسن علي عبدالرحمان وارو واقعو ڪيئن پيش آيو ۽ ان جو اثر چوٿين مارچ واري واقعي تي ڪيئن پيو؟“

    ڪامريڊ يوسف جي چهري تي وڏي گمڀيرتا ڇانئجي وئي ۽ هن نهايت محتاط انداز سان چوڻ شروع ڪيو. ”ان واقعي جا بنيادي ۽ حقيقي ٻه سبب هئا. پروفيسر حسن علي عبدالرحمان بنيادي طور تي هڪ وڪيل هو. هن هڪ سي.ايس. پي آفيسر، ڪمشنر مسرور حسن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪونه ٿي پسند ڪيو جيڪا وقتاً فوقتاً مسرور حسن جي صدارت هيٺ ٿيندي هئي جنهن جي ڪري ڪمشنر مسرور حسن جا حسن علي عبدالرحمان تي خار هئا.“

    ”ٻيو ته ايل.ايم. سيءَ ۾ ڪرنل نجيب جي زماني ۾ اليڪشن ٿي جنهن ۾ پروفيسر حسن علي عبدالرحمان ۽ ڪمشنر مسرور حسن ٻنهي اميدوار بيهاريا هئا. جيئن ته حسن علي عبدالرحمان ۽ مسرور حسن اڳ ئي هڪ ٻئي کي پسند ڪونه ڪندا هئا سو ٻئي پنهنجي پنهنجي اميدوار کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين زور لڳائڻ لڳا ۽ کليو کلايو هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ نڪري آيا. ڪمشنر مسرور حسن وائيس چانسيلر حسن علي عبدالرحمان جي خلاف سي.آءِ.ڊي جون سخت رپورٽون صدر ايوب خان کي موڪليون.“

    ”ان زماني ۾ سنڊيڪٽ طرفان ڊاڪٽر اي.ايم. شيخ پروفيسر حسن علي عبدالرحمان ۽ سيد غلام مصطفيٰشاھ جي ڪوششن سان ڳوٺاڻي آباديءَ کي شهري آباديءَ کان وڌيڪ داخلائون ڏنيون ويون. ظاهر آهي ته ڳوٺاڻي آباديءَ مان صرف سنڌي شاگردن کي فائدو رسيو ۽ شهري آباديءَ جو سيٽون گهٽائڻ ڪري مهاجر متاثر ٿي رهيا ھئا. اهڙيءَ طرح يونيورسٽيءَ ۾ مهاجرن جو مئن پاور گهٽجڻ لڳو. اها ڳالهه هنن کي پسند ڪانه آئي. ڇو ته هنن کي انديشو هو ته جيڪڏهن سنڌي شاگردن کي وڌيڪ سيٽون ٿي مليون ته هو پنهنجو حق کسي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. سو چوڌري بشير، جهانگير آذر، طاهر رضوي، طاهر صديقي ۽ ٻين مهاجر شاگردن گڏيل بيان ڏنو ته وائيس چانسيلر حسن علي عبدالرحمان مهاجرن سان تعصب ٿو ڪري ۽ يونيورسٽيءَ ۾ صرف سنڌي ملازم رکيا ٿا وڃن. اردوءَ ۽ مهاجرن کي يونيورسٽي ۾ داخلا ڪونه ٿي ڏني وڃي. جيئن ته هو گهڻي تعداد ۾ هئا انڪري هنن هڪ مهم شروع ڪئي ته حسن علي عبدالرحمان سنڌين کي ڀرتي ٿو ڪري ان ڪري هن کي يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو وڃي. مهاجر شاگردن نهايت زور شور سان پوسٽر بازي ۽ بيان بازي شروع ڪئي ۽ ڪمشنر مسرور حسن وٽ وفد به موڪليا. مسرور حسن ته اڳ ئي حسن علي عبدالرحمان تي خار کائيندو هو سو هن کي جو اهڙو موقعو مليو ته هن به وٺي وزير تعليم، گورنر اولهه پاڪستان ۽ صدر ايوب خان کي تارون ڪيون. اهو اهو زمانو هو جڏهن مون تازو اليڪشن کٽي هئي. اردو اخبارون مهاجر شاگردن کي زبردست سپورٽ ڪري رهيون هيون ۽ روزانو حسن علي عبدالرحمان جي خلاف ٻه ٽي زبردست قسم جون خبرون ڇاپينديون هيون. پر سنڌي اخبارون خاموش هيون. سنڌي پريس جو اهو ڪردار نهايت افسوسناڪ هو. ان وقت ۾ مهاجرن جي هڪ گروپ نواب مظفر، صدرالدين انصاري ۽ يامين وغيره گڏجي هڪ محاذ ٺاهيو جيڪو اڳتي هلي ”سنڌ مهاجر پنجابي پٺاڻ محاذ“ جي نالي سان تخريبي ڪاروايون ڪرڻ لڳو.“

    هوٽل جو ٻاهر وارو چانهه جا خالي ٿانو کڻڻ آيو هو جنهن کي ڪامريڊ يوسف وري چانهه آڻڻ لاءِ چيو. ٻاهر واري جي وڃڻ بعد هو وري شروع ٿيو. ”تمام مهاجر سياستادنن جو هڪ مشترڪه وفد ڪمشنر مسرور حسن سان مليو جنهن هنن کي يقين ڏياريو ته وائيس چانسيلر کي هٽايو ويندو. تقريباً روزانو اردو اخبارن ۾ ڪمشنر ۽ ڊي.آءِ. جي عملدار رضا جون پريس ڪانفرنس جون رپورٽون هونديون هيون جن ۾ هو مهاجر ليڊرن کي يقين ڏياريندا هئا ته اردوءَ ۽ مهاجرن جي خلاف قدم کڻڻ وارن کي ڪچليو ويندو ۽ حسن علي عبدالرحمان کي يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو ويندو. مهاجرن جي تحريڪن ايڏي ته شدت اختيار ڪئي جو جنوري 1967 تي اڳوڻو وزير تعليم محمد علي هوتي پروفيسر حسن علي عبدالرحمان جي خلاف تحقيقات ڪرڻ لاءِ آيو ان وقت مهاجر شاگردن پروگرام ٺاهيو ته ان موقعي تي هڪ زبردست مظاهرو ڪيو ويندو. مون کي جڏهن اها خبر پئي ته مون يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي صدر علي محمد ڏاهري ۽ ان جي ماڻهن سان گڏجي هڪ سنڌي گروپ ٺاهيو. مهاجر شاگرد ته اڳ ئي منهنجي مخالفت ۾ هئا پر حسن عليءَ کي به انديشو ٿيو ته شايد يوسف وزير تعليم جي سامهون منهنجي مخالفت ڪندو سو هن صرف ليڪچرارن کي لائبريري هال ۾ وزير تعليم جي خطاب ڪرڻ لاءِ گهرائي دروازي تي پهرو ويهاري ڇڏيو. هوڏانهن مهاجر شاگردن جون مظاهرو ڪرڻ جون زبردست تياريون هيون. ۽ مان نه ٿي چاهيو ته مهاجرن جو ڪوبه مظاهرو ڪامياب ٿي وڃي. ڇو ته هڪ دفعو ڪامياب ٿيڻ سان هنن لاءِ اڳتي آساني پيدا ٿي پوي ها. سو مون علي محمد ڏاهري، اعجاز قريشي، مسعود نوراني ۽ مجيب پيرزادي ۽ ٻين دوستن گڏجي پروگرام ٺاهيوسين ته مهاجرن کي وائيس چانسيلر جي خلاف مظاهرو ڪرڻ نه ڏينداسين . هنن کي به خبر پئجي وئي ته يوسف لغاري اسانجي مظاهري کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندو پر هو ان ڳالهه لاءِ تيار نه هئا. مون هنن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان مظاهري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ نتيجي جي ذميداري توهان تي رهندي، اسان توهان کي هرگز مظاهرو ڪرڻ نه ڏينداسين خواه ڪجهه به ٿي پوي. هنن کي خوف ٿيو سو مظاهرو نه ڪري سگهيا. “

    ”مونکي خبر هئي ته حسن علي عبدالرحمان بند ڪمري ۾ وزير تعليم جو جلسو ڪرائي رهيو آهي ۽ هن منهنجي اچڻ تي پابندي به لڳائي آهي.“

    ”بهرحا، اسين سڀ دوست مهاجرن کي خاموش ڪري لائبريري هال ڏانهن وياسين، جتي وزير تعليم کي خطاب ڪرڻو هو. هال جي ٻاهران دروازي تي پٽيوالو ويٺو هو. دروازو بند هو. هن مونکي اندر وڃڻ کان منع ڪئي پر اسان زوري دروازو ڀڃي اندر وياسين جتي حسن علي عبدالرحمان تقرير ڪري رهيو هو. مون سڌو اسٽيج تي وڃي حسن علي عبدالرحمان کي چيو ته مونکي به ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. هن چيو ته هائو مان ڳالهايان ته پوءِ توکي وارو ڏيندس. پر جڏهن تقرير ختم ڪئي ته فوراً اعلان ڪيو ته هاڻي ”اوهانکي وزير تعليم مسٽر محمد علي هوتي خطاب ڪندو.“ ڇو ته هنکي خطرو هو ته متان يوسف لغاري وزير تعليم کي منهنجي خلاف نه ڀڙڪائي.

    سو جڏهن وزير تعليم اٿي مائيڪ تي آيو ۽ اڃا ايتروئي چيائين ته “My dear, teachers and students” ته مان ڊوڙي وڃي هن کان مائيڪ کسيو ۽ اعلان ڪيو ته “First I will speak and then Minister”. انهيءَ تي حسن علي عبدالرحمان جو منهن لهي ويو ۽ سڄي هال ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي. مون وزير تعليم کي ٻڌايو ته سنڌي شاگردن سان ڪهڙا ڪهڙا ظلم ٿي رهيا آهن. ان وقت سنڌي فائنل جو امتحان ختم ڪيو ويو هو جيڪو غريب شاگردن لاءِ اميد جو آخري سهارو هوندو هو ۽ جيڪو شاگرد ستين سنڌيءَ کان اڳتي ڪونه پڙهي سگهندو هو، اهو سنڌي فائنل پاس ڪري انڌي منڊي نوڪري وٺي ويهندو هو. مون وزير تعليم کي ٻڌايو ته هڪ سي.ايس. پي آفيسر يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر جي خلاف نفرت انگيز ۽ ذلت آميز رويو اختيار ڪري ويٺو آهي. ۽ وائيس چانسيلر کي يونيورسٽي ڇڏڻ لاءِ چئي رهيو آهي. مون هن کي اردو اخبارن واريون ڪٽنگس به ڏيکاريون جن ۾ مسرور حسن ۽ ڊي.آءِ.جي عملدار رضا مهاجر شاگردن ۽ سياستدانن کي خطاب ڪري رهيا هئا ۽ هنن کي يقين دهاني ڪرائي رهيا هئا ته وائيس چانسيلر کي هٽايو ويندو.“

    ”مون وزير تعليم کي ٻڌايو ته جيڪڏهن مسرور حسن ۽ عملدار رضا هوندا ته پوءِ سنڌ ۾ الائي ڇا ٿي ويندو جنهن جي ذميداري مهاجرن ۽ حڪومت تي هوندي. ۽ جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي آفيسر ڪڍيو ويو ته پوري سنڌ ۾ باهه جا الانبانڪري پوندا ۽ رت جا درياهه وهي ويندا. اسان پنهنجي وائيس چانسيلر جي هڪ سي.ايس.پي آفيسر جي هٿان بيعزتي برداشت نه ڪري سگهنداسين.“

    ”وزير تعليم کي جڏهن مون حقيقتن کان آگاهه ڪيو ته هو ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ منهنجي پٺي ٺپي چيائين ته مان وائيس چانسيلر ۽ مسرور حسن جي باري ۾ حڪومت سان ڳالهائيندس.“

    ”پروفيسر حسن علي عبدالرحمان جڏهن منهنجون ڳالهيون ٻڌيون ته هو به حيران رهجي ويو. ڇو ته هنکي منهنجي مخالفت جو خوف هو پر هتي مون هن جي حمايت ڪئي هئي.“

    ”ان جلسي ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه به ويٺو هو. جيڪو پڻ منهنجين ڳالهين کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ هن چيو ته ”مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙو شاگرد نه ڏٺو آهي.“

    ”هن واقعي کان اڳ سنڌي اخبارون ۽ رسالا اسانجي ڳالهه ڪونه ڇاپينديون هيون. پر مان مهراڻ اخبار جي سردار علي شاهه کي داد ٿو ڏيان جو هن ڪمشنر جي خلاف اسانجي جدوجهد جي رپورٽنگ جي ابتدا ڪئي ۽ زبردست لکيو. بعد ۾ ٻين سنڌي اخبارن به اسانجي تمام گهڻي سپورٽ ڪئي ۽ پاڻ ملهايو.“

    ”اسانکي جڏهن پريس جي سپورٽ ملڻ شروع ٿي ته همٿون وڌيون ۽ مسرور حسن جي خلاف روزانو مظاهرا ڪرڻ لڳاسين. پر افسوس جو ڪوبه مظاهرو ڪامياب ڪونه ٿيندو هو.“

    ”هوڏانهن ڪمشنر مسرور حسن رات ڏينهن منهنجي طرفان پنهنجي خلاف مظاهرا ۽ تقريرون ٻڌي ٻڌي مونکان تنگ ٿي پيو هو. ۽ هميشه ان تاڙ ۾ رهندو هو ته ڪنهن موقعي تي مون کي گرفتار ڪري جيل ۾ اماڻي ڇڏي“.

    ”مونکي به ان ڳالهه جو احساس هيو ته مسرور حسن مونکي قطعي ڪونه ڇڏيندو. سو جيترو هو منهنجي تلاش ۾ رهندو هو اوتروئي مان پنهنجون سرگرميون وڌائي ڇڏيندو هوس. پر هن کي ڪنهن به موقعي تي هٿ ڪونه ايندو هوس.“

    ”آخر وائيس چانسيلر جي برطرفيءَ جو آرڊر به اچي ويو. افواه اها هئي ته وائيس چانسيلر کي موڪل ٿي ٿا اماڻين ۽ ائڪٽنگ وائيس چانسيلر جي چارج ڪمشنر مسرور حسن وٺندو.“

    ”اسانکي جڏهن اها خبر پئي ته اسان مظاهرا تيز ڪري ڇڏياسي. حالت اها هئي جو شهر جي جنهن به ڪاليج ۾ ويندا هئاسين ته اردو وارا گهڻي انداز ۾ هوندا هئا. ۽ جيڪي ٿورا گهڻا سنڌي شاگرد هئا تن مان به سائنس وارا شاگرد اسان جو ساٿ ڪونه ڏيندا هئا، جو هو پنهنجي تعليم ضايع ڪرڻ نه ٿي گهريا.“

    ”منهنجي حالت اها اچي ٿي جو ڏينهن ۾ جيستائين 17کان 18 تقريرون ڪونه ڪندو هوس تيستائين آرام ڪونه ايندو هو. دراصل مون اها ڳالهه سمجهي ڇڏي هئي ته جيڪڏهن هي موقعو هٿان ويو ته وري ڪڏهن به قوم کي سجاڳ ڪري ڪونه سگهبو ۽ ون يونٽ ڪڏهن به سنڌ تان نه هٽندو.“

    ”هيءَ ڳالهه نوٽ ڪيو ته، وائيس چانسيلر واري مسئلي کي سنڌي شاگردن جي غيرت جو مسئلو بڻائي پيش ڪيم. نه ته مقصد ون يونٽ جو خاتمو ۽ ڌارين صوبن جي ڦرلٽ ۽ استحصالي نظام جو خاتمو آڻڻ هو.“

    ”ان تحريڪ تي مون جيڪي هن کان اڳ مظاهرا ۽ تحريڪون هلايم اهي حمايت نه ملڻ ڪري سخت بري نموني سان فيل ٿي ويون هيون. هاڻي اهو واحد طريقو هو جنهن سان سنڌي شاگردن کي متحد ڪري قربانيءَ لاءِ تيار ڪري ٿي سگهيم.“

    ”سو سڄو ڏينهن شهر جي مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ويندا هئاسين. ۽ اتي به ويندا هئاسين جتي مهاجر شاگرد هئا ۽ اتي به تقريرون ڪري ايندا هئاسين.“

    ”هڪ ڏينهن سڀني دوستن سان گڏجي سچل ڪاليج ۾ ميٽنگ ڪئي ته هڪ سنڌي استاد کي ڪيئن بچايو وڃي. پر افسوس جو ان وقت سنڌ جو نوجوان ”نيلو ۽ ڪئڊلئڪ ڪار“ جي ڪڍ هو. قومي مفاد وارين ڳالهين تي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ پنهنجي ميڪ اپ ۽ جديد لباس تي وڌيڪ. سو اسانجي ميٽنگ ۾ تمام گهٽ شاگرد شريڪ ٿيا. مون چيو ته باقائدي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ تمام سنڌي شاگرد گڏجي جلوس ۽ مظاهرو ڪن. ان ميٽنگ ۾ چيو ويو ته اڄ تائين سنڌي نمائندن ڪابه تحريڪ ڪانه هلائي آهي. جيڪڏهن سنڌي شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ته ڪوبه فرق نه پوندو. اردو وارا ڪلاسن ۾ ويٺا هوندا ۽ صرف سنڌي شاگردن جا مستقبل تباهه ٿيندا.“ ڪامريڊ يوسف ”ٽوچين“ ٿيل ٻئي سگريٽ کي ايش ٽري ۾ مروٽو ڏيندي چيو .

    هوٽل جو ٻاهر وارو چانهه کڻي آيو هو. مسٽر غلام رسول ناريجو پنهنجن خيالن ۾ گم ويٺو هو. تنهن اوچتو هڪ ڊگهو ساهه ڀريو. مسٽر قمر بلوچ هنکان انگريزيءَ ۾ پڇيو (مسٽر قمر کي انگريزي ڳالهائڻ جو بيحد شوق آهي) ”مسٽر ناريجا ڇا ڳالهه آهي ڇا پيا سوچيو.“ ڪامريڊ يوسف ڪوپ ۾ چانهه وجهندي ٽهڪ ڏئي چيو ”ادا ويچارو سوچي پيو ته ڊنمارڪ ۾ مس ليزي ڪنهن ٻئي بواءِ فرينڊ جي بغل ۾ هوندي ۽ هي ويچارو وري وڃي نئين سري کان ڪنهن ٻئي سهاري جي تلاش ڪندو.“

    مسٽر ناريجي سميت سڀني دوستن ٽهڪ ڏنا ۽ مسٽر ناريجي سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.

    خان محمد ڪامريڊ يوسف کي چيو ”ها ادا پوءِ؟“ يوسف ٻيهر شروع ٿيو.

    ”جڏهن مختلف شاگردن اهڙو خيال ظاهر ڪيو ته اتي ڪامل راجپر اٿي بيٺو ۽ مان هن کي آفرين ٿو چوان جنهن سڀني کي همٿ ڏياري ۽ چيو ته ”يوسف مان نمائندو ته نه آهيان. پر توساڻ آهيان. جيئن چوندين تيئن ڪندس.“ منهنجي دل وڏي ٿي وئي. بعد ۾ ٻين ساٿين به آمادگي ظاهر ڪئي. طئه اهو ٿيو ته هن کان اڳ ڪڏهن به سڄي سنڌ جي بنياد تي شاگردن جو احتجاج ڪونه ٿيو هو. سو سنڌ جي بنياد تي احتجاج ۽ مظاهرا ڪرائي هن مسئلي کي تحريڪ جي صورت وٺائڻي آهي. ۽ شاگردن ۾ هڪ نئون جوش ۽ جذبو ڦوڪيو وڃي.“

    ”ان زماني ۾ جيئي سنڌ جو نالو وٺڻ به ايڏو وڏو جرم هو ڄڻ ته قتل ڪري آيا آهيون. ون يونٽ جي خلاف ڪابه ڳالهه نه ڪري سگهبي هئي. اسان ون يونٽ جي خلاف هڪ پمفليٽ ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو. پر ڪابه پريس پمفليٽ ڇپڻ لاءِ تيار ڪانه ٿي ۽ مجبوراً اسانکي اڌ مڻ پٽاٽا وٺي انهن سان پمفليٽ ڇاپڻو پيو. اسان سنڌ جي بنياد تي شاگردن کي مارچ 1967 جي شروع ۾ ڪوٺ ڏني هئي. پر شاگرد ون يونٽ جو نالو به ٻڌڻ پسند ڪونه ڪندا هئا. بهرحال اسان روزانو مظاهرا ۽ تقريرون ڪندا هئاسين. مون جڏهن ڏٺو ته اسانجو ڪوبه مظاهرو ڪامياب ڪونه ٿو ٿئي سو …“ هن کلي چيو ته ”سوچيم ته هاڻي جيستائين اداڪاري نه ڪبي تيستائين ڪم نه هلي سگهندو. سو مون هڪڙو نعرو ايجاد ڪيو. مون ڇوڪرن کي چيو ته مان جڏهن چوان ”مسرور ڪتوته….“ اتي اچي ڪامريڊ يوسف اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ”توهان ٻئي هٿ مٿي تي زور سان هڻي چئو ”هاءِ هاءِ“ ۽ جڏهن اهو نعرو هنيو ويو ته ايڏو ته مقبول ٿيو جو ان نعري جي ڪشش تي واٽهڙو به بيهي رهندا هئا ته ڏسون ته اهو ڪهڙو تماشو آهي جنهن ۾ شاگرد پنهنجي ٽڪڻ ٿا ڪٽين. اڳتي هلي اسان ان قسم جا ٻيا به ٻي ٽي نعرا ايجاد ڪيا جيڪي پنهنجي جدت جي ڪري مقبول ٿيڻ لڳا. ۽ اسانجي جلسن ۽ مظاهرن ۾ شاگردن جو تعداد به وڌندو رهيو. ۽ منهنجو اصل مقصد به اهوئي هو ته ڪنهن به طريقي سان هڪ دفعو اسانجو ڪوبه مظاهرو ڪامياب ٿئي. پوءِ هماليه جبل به اسانجي قافلي کي نه ٿو روڪي سگهي. اسان ڪيترائي دفعا مسرور حسن جي آفيس ۽ بنگلي تي به مظاهرا ڪيا. منهنجو مقصد هو ته ذهني طرح سان مسرور حسن کي خوفزده ڪري، پوءِ هن کي حسن علي عبدالرحمان جي دشمني تان هٽائي سگهبو. سو اسان ان ۾ ڪامياب ٿياسين ۽ هاڻي مسرور حسن مفاهمت وارا رستا تلاش ڪرڻ لڳو.

    ”آخر اهوڏينهن به اچي ويو جو ڪمشنر مسرور حسن وائيس چانسيلر حسن علي عبدالرحمان کان يونيورسٽيءَ جي چارج وٺڻ لاءِ پهچي ويو. ان ڏينهن مسعود نوراني، مجيب پيرزادو، نواز ڀٽو، علي احمد ڊوگر، اعجاز قريشي، عبدالشڪور وغيره سڀني دوستن سرگرمي ڏيکاري، اسان بسن ۾ جلوس ڪڍيو. جڏهن حسن علي عبدالرحمان وٽ جلوس پهتو ته هو سخت پريشان ۽ خوفزده هو.“

    ”هن جلوس کي ٻڌايو ته مونکي ڪڍيو ڪونه ويو آهي. مان صرف موڪل تي وڃي رهيو آهيان ۽ وري واپس ايندس، توهان واپس وڃو.“

    ”مان ڏاڍو گهٻرائجي ويس ته هي شخص جڏهن پاڻ ئي اسانکي ڪجهه ڪرڻ ڪونه ٿو ڏئي ته آخر شاگردن کي ڪهڙي آڌار تي باهه ۾ ٽپائجي. مون اتي هڪ ٻي اٽڪل ڪئي. رات ڏينهن رڙيون ڪري ڪري منهنجي نڙي به ويهي وئي هئي.“

    ”بهرحال مون جلوس کي چيو ته هيءُ ڪوڙ ٿو ڳالهائي واپس ڪونه ايندو. نه وري هن کي موڪل تي ٿو اماڻيو وڃي. دراصل هيءُ ڊڄي ويو آهي ته متان کيس ڪو نقصان نه پهچي، ان ڪري اوهان کي روڪڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.“

    ”منهنجي اها ترڪيب ڪامياب وئي ۽ شاگردن حسن علي کي چيو ته واقعي توهان ڊڄي ويا آهيو. بهرحال ان ڏينهن اسان جو جلوس ڪامياب ويو ۽ مسرور حسن چارج وٺڻ کان سواءِ ئي ڀڄي ويو.“

    ”رات جو حسن علي عبدالرحمان مون وٽ هاسٽل ۾ آيو ۽ پنهنجي ڪار ۾ کڻي پنهنجي بنگلي تي وٺي ويو. جتي وڃڻ سان هن مونکي نياڻي ميڙ وڌي ته خدا جي واسطي مونکي وڃڻ ڏي. منهنجي عزت خطري ۾ آهي، هو مونکي جيل ۾ وجهندا. ان وقت حسن علي ۽ سندس بيگم زار زار روئي رهيا هئا.“

    ”مون هنن کي چيو ته مونکي ته خدا توهان جو بهانو ڳولي ڏنو آهي. توهان جيل ۾وڃو چاهي ڪاڏي به وڃو. بهرحال جيڪڏهن مان هن وقت خاموش ٿي ويٺس ته پوءِ ڪڏهن به قوم تان ون يونٽ ڪونه ٽرندو. مان دراصل توهانجي آڙ ۾ ون يونٽ توڙائڻ ٿو گهران.“

    ”اهو چئي مان هليو آيس. مان حيران آهيان ته ان وقت ايڏو سنگدل ڪيئن ٿي ويو هوس. ۽ اڄ به سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن ان رات حسن عليءَ جي ڳالهه مڃيان ها ته منهنجو ضمير مونکي سڄي زندگي ملامت ڪندو رهي ها ۽ تاريخ به معاف نه ڪري ها.“

    ”ان رات جو ٽين بجي ڪمشنر مسرور حسن سان به ملاقات ٿي. جنهن ۾ هن سان ڪافي تلخ ڪلامي ٿي. ڇو ته مونکي اها ته خبر هئي ته مان جيل ۾ ويندس پوءِ ڇونه هن کي سڌيون سڌيون ٻڌائي پوءِ وڃان.“

    ”پر ڪمشنر مسرور حسن ايڏو ته خوفزده هو جو هڪ موقعي تي مون هنکي گار به ڏني ۽ هو برداشت ڪري ويو. هن چيو ته مسٽر لغاري مان اوهان کان معافي ٿو وٺان. مون چيس ته معافي قوم کان وٺ. هن جواب ڏنو ته مان سڀاڻي شاگردن کان اچي معافي وٺي ويندس.“

    ”ٻئي ڏينهن 4 مارچ تي اسانجو حيدرآباد ۾ هڪ پرامن جلوس جو پروگرام هو. پر بدقسمتي اها هئي جو شاگرد شريڪ ٿيڻ کان گسائين پيا ۽ باقاعدي ڪلاس اٽينڊ ڪري رهيا هئا.“

    ”مان آرٽس فيڪلٽيءَ وارن کي ٻاهر ڪڍي ڪيمسٽريءَ ڏي ٿي ڀڳم ته واپسيءَ تي ڪيمسٽريءَ وارا ته هئا پر آرٽس وارا وري ڪلاسن ۾ هليا ٿي ويا. اهڙيءَ طرح ڪافي پريشانيءَ بعد شاگردن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. ۽ بسن ۾ جلوس ڪڍي حيدرآباد ڏانهن روانو ٿياسين.“

    ”اسانجو قافلو ڦليلي ٽپي ٿورو اڳڀرو ٿيو ته اسانکي پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مان پهرين بس ۾ هيس ۽ ڊرائيور کي چيم ته جيڪڏهن ڪو پوليس وارو بس جي هيٺان به اچي وڃي ته به گاڏي نه روڪجاءِ، هن بس نه روڪي. ٿورو اڳڀرو وياسين ته پوليس جي هڪ پڪ اپ روڊ بلاڪ ڪيو بيٺي هئي. ۽ بيشمار پوليس ۽ رينجرز جا سپاهي رائيفلن سان بيٺا هئا. لاتعداد ٽرڪون ۽ جيپون بيٺيون هيون.“

    ”مون ڊرائيور کي چيو ته روڊ جي وچ تي بيٺل پڪ اپ جي ڀرسان گاڏي آهستي ڪري پڪ اپ کي ٿورو ڌڪو ڏيندين ته توکي رستو ملي ويندو، پر هتي گاڏي نه روڪجانءِ نه ته مارجي وينداسين. ڇوته چئني پاسن کان پوليس ۽ پاڻي هو. جيڪڏهن ڪو ميدان هجي ها ته به ڪو مقابلو ڪري سگهجي ها. ڊرائيور پهرين ته هائو ڪئي پر پوءِ هزارين پوليس وارا ڏسي دل جهلي نه سگهيو ۽ پڪ اپ جي ويجهو وڃي بس کي بريڪ هڻي بيهاري ڇڏيو. خار ته ڏاڍي آئي پر ڇا ٿي ڪري سگهيس. مجبوراً بس مان هيٺ لهڻو پيو. پوليس کي يوسف لغاريءَ جي تلاش هئي جنهن حيدرآباد ۾ باهه ٻاري ڏني هئي. اٽڪل اڍائي سؤ بيگناهه شاگرد ڪٽجي رهيا هئا. مون فوراً وڃي پنهنجو پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ پيش ڪيم ۽ هنن کي چيم ته توهان کي يوسف لغاريءَ جي تلاش هئي سو مونکي گرفتار ڪريو پر معصوم شاگردن کي ته نه ماريو. پر ڪير ٿو ٻڌي؟ پوليس کي ته الله اهو موقعو ڏنو هو سو دل کولي خالي هٿين شاگردن تي ظلم ڪيا. مسرور حسن بکايل گداڙيءَ وانگر خالي هٿين بيوس شينهن تي ٽٽي پيو هو. هر طرف دانهون ۽ رڙيون هيون. اُڀ ڏاڙيندڙ رڙيون. گوليون ۽ آنسو گيس هئي. ايتري آنسو گيس شايد اڄ تائين ڪڏهن به استعمال ڪانه ڪئي وئي هوندي. بيگناهه شاگرد پنهنجي جان بچائڻ خاطر چئني پاسي پريشان پکيءَ وانگر ڊوڙي رهيا هئا. پر جيڏانهن ٿي ويا ته پوليس ئي پوليس هئي. گوليون ئي گوليون هيون. جان جي خوف کان ويچارا ڦليليءَ ۾ به ٽپي پيا. ڪي تارون هئا ته ڪي گهوتا کائڻ لڳا. پر مسرور حسن جا ظالم ڪارڪن، پوليس ۽ رينجرز وارا هنن کي اتي به ڪونه پيا ڇڏين.“

    ”مطلب تي ڄامشوري روڊ تي موجوده راجپوتا فيڊريشن واري زير تعمير اسپتال وٽ هڪ قيامت هئي جنهن تي فرشتا به روئڻ بنا رهي نه سگهيا هوندا. مظلومن جي آهه ۽ فرياد تي خود خدا جي به دل ڏري پئي هوندي.“

    ”مونکي جڏهن جيل ۾ آندو ويو ته مان اڃا تائين واحد شاگرد قيدي هيس. اڃا تائين ٻيا شاگرد ڪونه پهتا هئا. ۽ ڄامشورو روڊ تي ظلم جي بازار گرم هئي.“

    ”بعد ۾ ٻه سؤ شاگردن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وٺي آيا. اڃا تائين ڪوبه شاگرد ليڊر گرفتار ڪونه ٿيو هو. ۽ بعد ۾ آهستي آهستي هنن کي آندو ويو. مونکي خبر پئي ته هڪ شاگرد ساٿي شهيد ٿي ويو آهي سو مون جيل ۾ هڙتال ڪرائي ۽ تمام قيدي هڙتال ۾ شريڪ ٿيا.“

    ”هتي هڪ لطيفو ٿيو جيڪو اوهانکي ٻڌايان ٿو. شاگردن تي ان واقعي جو ايڏو ته اثر ٿيو جو ڪنهن جا به حواس قائم ڪونه هئا. هر ڪوئي گهٻرايل هو. اسان ان شاگرد ساٿيءَ جي غائبانه جنازي نماز پڙهائڻ جو بندوبست ڪيوسين. مونکي ان جو نالو ياد نه رهيو آهي. جڏهن جنازي نماز لاءِ صفون ٻڌي بيٺاسين ته هڪ ڇوڪري رڙ ڪري چيو ته ”اڙي اهو ته هي بيٺو آهي.“ اسان سڀني ڏٺو ته اهو شاگرد پاڻ پنهنجي غائبانه جنازي نماز لاءِ نيت ٻڌي رهيو آهي. پوليس جي ظلم ۽ بربريت کان هنکي ايترو هوش ڪونه هو جو اسانکي ڏسي ته مان زنده آهيان.“

    ”جيل ۾ روزانو شام جو اسانکي پڇا ڳاڇا لاءِ گهرايو ويندو هو. هڪ ڏينهن مان، يوسف ٽالپر، ڄام ساقي، نواز ڀٽي، منور ميمڻ گڏجي فيصلو ڪيو ته، آئنده جيڪڏهن پڇا ڳاڇا ٿي ته هر ساٿي ائين چوندو ته ”اسان کي ڪابه خبر ناهي. جيڪي ڪجهه ڪيو آهي سو يوسف لغاريءَ ڪيو آهي.“ ڪامريڊ يوسف اهو چئي ساهي پٽي ۽ سگريٽ دکائي وري چوڻ لڳو.

    ”ادا هڪڙي ڳالهه ٻڌايانوَ. اها هيءَ ته پاڪستان جو پهريون ڊي.پي.آر جو قيدي به مان هيس ۽ صدر ڀٽي واري مارشل لا جو پهريون قيدي به مان ئي هيس. ان مان اندازو لڳائي ٿا سگهو ته چوٿين مارچ جي ڪهڙي اهميت ٿي سگهي ٿي، جو هن کان اڳ ڪنهن وڏي کان وڏي سياستدان تي به ڊي.پي.آر ڪانه لڳي هئي. پر چوٿين مارچ جي هڪ شاگرد قيديءَ تي ڊي.پي.آر لڳائي وئي. ڇو ته هن ون يونٽ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو هو ۽ چوٿين مارچ به دراصل ون يونٽ جي هڪ ڪڙي هئي. نه ته وائيس چانسيلر جو جهڳڙو ڪو اهڙو ڪونه هو جو شاگردن تي ڊي.پي.آر لڳائي وڃي. اميد ته 4 مارچ کي سمجهي ويا هوندا.“ ڪامريڊ يوسف لغاري خاموش ٿي اسان کي ڏسڻ لڳو ۽ اسان مسٽر ناريجي کي، جنهنکي رکي رکي ڊنمارڪ جون حسينائون ياد پيون اچن ۽ وري ڪراچيءَ جا ماڻهو جن هن کي هندوستان جو جاسوس سمجهي ٻه ڏينهن لاڪپ ۾ رکايو هو. ڇو ته مسٽر ناريجي جو بندر روڊ تي گهمڻ جو انداز ئي اهڙو هو ڄڻ ته ڪوئي موهن جي دڙي جي زماني جو پوڙهو هپي انگريز هجي.

    مسٽر قمر بلوچ جي واچ رات جا ٻارهن وڄائي رهي هئي اسان شڪر ڪيوسين جو منجهند جا ٻارنهن نه وڄايا هئائين نه ته مسٽر قمر اسانکي يقيناً الجهن ۾ وجهي ڇڏي ها. بهرحال اسان ڪامريڊ يوسف کان سوال ڪيو؛

    ”ادا چوٿين مارچ جو سنڌ جي سياست ۽ ثقافت تي ڪهڙو اثر پيو؟“

    ”سنڌ ۾ صحيح نموني ۾ چوٿين مارچ کان بعد ۾ ئي سجاڳي آئي. ماڻهن سمجهي ورتو ته جيڪڏهن اسانکي هڪ منفرد قوم جي حيثيت سان رهڻو آهي ته ان انفرادي حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ جانيون قربان ڪرڻيون پونديون ۽ ڏاڍ جي ڏونگر سان ٽڪرائڻو پوندو. سنڌين جي انهيءَ عزم کان بعد ئي سنڌ جي انفرادي وجود کي تسليم ڪيو ويو. چوٿين مارچ وارو واقعو هڪ تحريڪ بڻجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويو. اڳ اسانجا وڏيرا ۽ سياستدان ستل هئا، هاڻي هنن به اک پٽي ۽ سنڌ جي حقن ۽ ون يونٽ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. چوٿين مارچ کان اڳ سنڌ ۾ ڪابه شاگرد تنظيم ڪانه هئي. جيڪڏهن ڪا هيڪڙ ٻيڪڙ هئي به، ته اها رجعت پسندن جي. چوٿين مارچ کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ شاگرد تنظيمن جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. اڄ جيڪي به شاگردن جون انقلابي تنظيمون اوهانکي نظر اچي رهيون آهن اهي چوٿين مارچ جون پيداوار آهن. سنڌي شاگردن ۽ سياستدانن جي قرباني، همٿ ۽ جوانمرديءَ سان ڊي.پي.آر ۾ هڪ ترميم آئي، اها هيءَ ته اڳ حڪومت جي خلاف پمفليٽ ڇپائڻ ڊي.پي.آر تحت ناقابل ضمانت ڏوهه هو پر چوٿين مارچ کان بعد ان ۾ ترميم آندي وئي ۽ هاڻي حڪومت جي خلاف پمفليٽ ڇپائڻ قابل ضمانت جرم آهي. چوٿين مارچ اسانکي جيڪا سڀ کان وڏي نعمت ڏني آهي سا آهي ”آزاد ۽ بيباڪ صحافت ۽ ادب“ چوٿين مارچ کان اڳ ڪوبه صحافي يا اديب سنڌ جي حقن ۽ ون يونٽ جي خلاف اخبار يا رسالي ۾ لکڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو هو. چوٿين مارچ کانپوءِ اسانجو صحافي ۽ اديب به قلم کڻي ميدان ۾ نڪري آيو ۽ دل کولي لکيائين. اڳ اسانجو ادب، روايتي افسانوي ۽ رومانوي ڪردار تلاش ڪندو هو ۽ هاڻي اهو ئي اديب حوشو ۽ هيمونءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سنڌ جو سمورو انقلابي ۽ قوم پرست ادب چوٿين مارچ کانپوءِ تخليق ٿيو.“ هن مسڪرائيندي چيو، ”مسعود نوراني، ڄام ساقي، مجيب پيرزادي ۽ مان گڏجي قرآن شريف تي قسم کنيو هيوسين ته جيستائين ون يونٽ نه ٽوڙائينداسين تيستائين شادي ڪونه ڪنداسين. سو ون يونٽ ٽٽڻ کان بعد هو ٽئي يار ته پنهنجن پنهنجن گهرن وارا ٿي ويا. باقي اسان اڃان تائين روڊ پيا ماپيندا وتون.“

    ”انهن تحريڪن جي دوران توهانجي ڪڏهن ايوب خان سان به ڪا روبرو ڳالهه ٻولهه ٿي يا نه؟“ اسان پڇيوسين. ”هڪ دفعي ايوب خان مير اعجاز علي ٽالپور وٽ ٽنڊي محمد خان ۾ شڪار تي آيو هو. اتي هن شڪار جي دوران مون سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي. سو مير اعجاز علي خان مون ڏي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي ڪار موڪلي.“

    هن ٻڌايو، ”جڏهن هن جو قاصد مون وٽ آيو ته مان، مسعود نوراني، نواز ڀٽو، مجيب پيرزادو ۽ ٻيا دوست جن جا نالا ياد ڪونه رهيا آهن گڏ ويٺي ڪنهن ڳالهه تي سوچي رهيا هئاسين. مون قاصد کان پڇيو ته مون سان گڏ ٻيا ڪير ڪير هوندا؟“

    ”هن چيو ته ڪوبه هڪڙو شاگرد پاڻ سان گڏ وٺي هل. مون چيو مانس ته قوم جي مستقبل جو سوال آهي مان اڪيلو ڪونه ملندو مانس. مونسان گڏ منهنجا ٻيا ساٿي به هلندا. مون وري هن کان پڇيو ته ملاقات ڪٿي ٿيندي ۽ گهڻو وقت هوندي. هن ٻڌايو ته مير اعجاز علي خان جي بنگلي تي ۽ ويهه منٽ. مون چيو مانس ته ويهن منٽن ۾ ته ايوب خان سان ملاقات جون رسمون به پوريون ڪونه ٿينديون سو قوم جي لاءِ مان هن سان ڇا ڳالهائي سگهندس. پوءِ اسان اها ڪار واپس موٽائي ڇڏي سين جنهن تي مير اعجاز علي خان مون تي سخت ناراض ٿيو.“

    ”ان جدوجهد واري دور ۾ سنڌي سياستدانن جو اوهان سان رويو ڪيئن رهيو؟“ اسان ٻيو سوال ڪيو.

    هن چيو تھ، ”مان جڏهن جيل ۾ ويس ته مسٽر ڀٽي بابا کي تار ڪئي هئي ته دلجاءِ ڪجو. مراد علي شاهه امداد علي شاهه ڄاموٽ. عبدالحميد جتوئي ۽ قمرالزمان شاهه وارن اسانجي ڏاڍي همت افزائي ڪئي. منهنجي وزير تعليم کان مائيڪ کسڻ واري واقعي کان پوءِ تمام سنڌي اخبارون ۽ خاص طور تي روح رهاڻ اسانجي ڏاڍي مدد ڪئي.“

    اسان پڇيوسين، ”ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ کي ڪو فائدو پهتو آهي يا نه؟“ هن چيو ”شروع کان وٺي سنڌ جو ٽن نمونن سان استحصال ٿيندو رهيو آهي. سياسي ـ ثقافتي ۽ اقتصادي جيڪو اڄ به جاري آهي. مونکي ياد آهي ته هڪ دفعي گورنر موسٰي خان جي.ايم سيد کي چيو هو ته توهان ليگ ۾ شامل ٿيو. جي.ايم سيد هن کي چيو هو ته ٺيڪ آهي مان ليگ ۾ شامل ٿو ٿيان ۽ پنهنجا ٻيا دوست به ساڻ ٿو وٺي اچان. توهانجي ڪابه مخالفت ڪانه ٿيندي. پر هڪڙو شرط آهي. موسٰي خان پڇيو ته ڪهڙوـ جي.ايم سيد چيو هوس ته سنڌين کي پنهنجا حق ڏيو. استحصال بند ڪيو ۽ ون يونٽ ختم ڪريو. جنهن تي موسٰي خان ”يائين يائين“ ڪرڻ لڳو هو. صرف ون يونٽ ٽوڙڻ سان ئي مقصد حل ڪونه ٿو ٿئي پر ان سان گڏوگڏ ون يونٽ واريون برايون به ختم ٿيڻ گهرجن. ون يونٽ کانپوءِ صرف ايترو فرق پيو آهي جو ون يونٽ ۾ سنڌ جون ٽي ڊويزن هونديون هيون ۽ هاڻي ٻه ريجن آهن. اهوئي استحصال اها ئي ڦرلٽ جيڪا اڳ هئي سان هاڻي به آهي فرق صرف ايترو آهي جو اڳ ون يونٽ جي نالي سان استحصال ٿيندو هو ۽ هاڻي اسلام ۽ پاڪستان جي نالي تي.“

    ”ايوب خان واري ۽ موجوده دور ۾ اوهانکي ڪو فرق نظر اچي ٿو؟“

    ”ها…“ ڪامريڊ يوسف ڪنڌ لوڏيندي چيو ”ايوب خان واري دور ۾ عوام سڌيءَ طرح آفيسر شاهي جي ذريعي حڪومت جو غلام هو ۽ هاڻي اڻ سڌيءَ طرح وڏيرن، پيرن ۽ ميرن جي ذريعي.“

    ”پاڪستان جي سياست جي باري ۾ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“ اسان ڪامريڊ کان پڇيوـ هن جواب ڏنو تھ، ”پاڪستان ۾ پنجويهن سالن تائين ڪوبه قانون وقت سر ڪونه هليو آهي. پاڪستان جي چئن صوبن جو عوام چوويهن سالن تائين هميشه غدار رهيو آهي ـ سنڌ وارا به غدار ـ بنگالي ته پنهنجي غداريءَ جو ثبوت ڏئي چڪا، سرحد ۽ بلوچستان وارا به عليحدگي پسند ـ باقي وڃي بچي ٿو پنجاب سو هو جنهن به صوبي تي چاهي، جهڙي به چاهي، ڇاپ هڻي ٿو سگهي. سمنڊ وارو حساب آهي ته وڏي مڇي هميشه ننڍي مڇيءَ کي هڙپ ڪرڻ جي تاڙ ۾ لڳل هوندي آهي. سو پاڪستان جي سياست ۾ به وڏي مڇي ۽ ننڍي مڇيءَ وارو اصول رکيل آهي.“

    رات جا ٽي وڄي رهيا هئا. اسان سڀني تي اوٻاسيون ڇانيل هيون ۽ آهستي آهستي سست ٿيندا ٿي وياسين پر ڪامريڊ يوسف لغاريءَ جي حالت ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو هو. جيئن جيئن رات ڀڄندي ٿي رهي، تيئن تيئن هنجي آواز ۾ ڪڙڪ وڌندي ٿي وئي. آخر جڏهن هن اسانکي ننڊ اکڙو محسوس ڪيو ته پاڻ ئي چيائين ته ”ادا هاڻي اٿو ته ڪجهه سمهڻ جو به بندوبست ڪجي. مان سمجهان ٿو اوهان کي ننڊ اچي رهي آهي.“ اسان ته اهڙي حڪم لاءِ تيار ويٺا هئاسين سو هڪدم اٿي کڙا ٿياسين. ڪامريڊ يوسف پنهنجي هٿن سان اسان لاءِ بسترا وڇايا. هن جي ڪمري ۾ ٽي کٽون پيل هيون ۽ بسترا چار پنج هئا. جيتوڻيڪ اڪيلو رهندو هو. سو اسان ٽنهي کي اڪيلي اڪيلي کٽ ڏئي پاڻ مسٽر ناريجي سان گڏ آفيس واري ڪمري ۾ فرش تي وڇايل فراسيءَ تي بسترو وڇائي سمهي رهيو ۽ سڄي رات هنکان ڊنمارڪ جا احوال وٺندو رهيو.

    ٻئي ڏينهن اسان وري ڪاغذ قلم سنڀالي ويٺاسين. مسٽر قمر بلوچ پنهنجي ڳوٺ هليو ويو هو ۽ هاڻي اسان صرف چار ڄڻا هئاسين. يوسف لغاري، مسٽر ناريجو، خان محمد ۽ مان. اڄوڪي بيٺڪ جو پهريون سوال اسان ڪامريڊ يوسف کان هيءُ پڇيو. ”مهاجر ۽ پنجاب سان سنڌ جي دوستيءَ جي باري ۾ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ اسانکي پنجاب جي قومپرست طبقي کان حمايت حاصل ڪرڻ گهرجي يا نه؟“

    ڪامريڊ يوسف منهنجي سامهون واري کٽ تي ويٺو هو، آڱرين سان وارن ۾ ڦڻي ڏيندي، پنهجي منتشر خيالن کي ھڪ جاٰءِ ڪري سنجيدگي سان چوڻ لڳو:

    ”مون اوهانکي رات ٻڌايو هيم ته سنڌ کي هميشه ٽن نمونن سان لٽيو ويو آهي ـ سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي. پنجاب بنيادي طور تي هڪ زرعي علائقو آهي ۽ هتان جي آبادي تمام گهڻي وڌندڙ آهي، وڏيرا ۽ چوڌري پنجاب ۾ به آهن.“

    ”شروع کان وٺي پاڪستان جي سياست پنجاب جي اثر هيٺ رهي آهي. سو هن هر ڳالهه کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلايو آهي. سنڌ ۾ پنجابين کي زرخيز زمينون الاٽ ڪيون ويون، سنڌ جي نوڪرين جو وڏو حصو پنجابين ۽ مهاجرن ۾ ورهايو ويو.“

    ”اهڙيءَ طرح پنجاب جا لکين ماڻهو سنڌ ۾ دولت جا انبار جمع ڪرڻ لڳا. سياست تي هنن جو اڳ ئي اثر هو. سو هو اسانجي سياست ۽ اقتصاديت جو استحصال ڪندا رهيا. جيڪڏهن هنن کي سنڌ مان نيڪال ڪيو وڃي ته هنن کي پنجاب ۾ اهڙو روزگار ميسر ڪونه ٿي سگهندو. ڇو ته پنجاب ۾ آبادي وڌ ۽ روزگار جا ذريعا گهٽ آهن.“

    ”سو هنن کي ون يونٽ جو بوتو ڊهڻ سان پنهنجا مستقل مفاد لڏندا نظر اچڻ لڳا. اهڙيءَ طرح مهاجرن کي اچڻ شرط سنڌ جي اقتصاديت ۽ سياست تي پنجاب سان گڏ ٻانهن ٻيلي ڪيو ويو. مهاجرن کي يو.پي ۽ سي.پيءَ جي تهذيب بي حد عزيز هئي ۽ ان جي بقا لاءِ هنن ضروري سمجهيو ته سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي فنا ڪري سنڌين تي لکنوءَ جي تهذيب مڙهي وڃي. مقصد ٻنهي جو ساڳيو هو. لٽ مار وارو. هڪڙا صرف دولت ۽ سياست جا بکيا هئا ته ٻيا انهن سان گڏوگڏ اسانجي تهذيب ۽ ثقافت جا دشمن. ٻنهي جا سنڌ ۾ گڏيل مستقل مفاد آهن جن تان هو دستبردار ٿيڻ پسند ڪونه ڪندا. اهڙيءَ صورت ۾ دوستي جو سوال ئي فضول ثابت ٿيندو. باقي رهيو پنجاب جي قوم پرست طبقي جي حمايت حاصل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو سوال. سو ڪنهن به قوم ۾ چڱا ۽ مٺا ماڻهو پيدا ٿي سگهن ٿا.“

    ”جيڪڏهن سنڌ ۾ ”کهڙا“ ۽ ”پير“ ٿي سگهن ٿا ته پنجاب ۾ به چڱا ماڻهو ملي سگهن ٿا پر اهو صرف ان صورت ۾ ئي ممڪن آهي ته پنجاب وارا سنڌ کان مستقل مفاد ختم ڪري ڇڏين ۽ پوءِ پنجاب ۾ ويهي سنڌ جي حقن جي حمايت ڪن. باقي ٻي صورت ۾ هو پنهنجي قوم جي مفادن جي حفاظت ٻين قومن جي لاشن تي بيهي ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا“.

    ”انفرادي طور تي قوم پرست ماڻهو قوم جي مجموعي مفادن جي خلاف ڪڏهن به محاذ آرئي ڪونه ڪري سگهندو. سو جيڪڏهن پنجابي قوم پرست واقعي اسان سان انسانيت جي ناتي همدردي رکن ٿا ته پوءِ کين گهرجي ته هو پنهنجي قوم کي سنڌ مان واپس گهرائڻ جي جدوجهد ڪن، پنهنجي حڪومت تي زور ڏين ۽ استحصالي پنجابين جي خلاف مظاهرا ڪن. باقي ٺلهي حمايت مان ڇا حاصل؟“

    اسان مسٽر يوسف کان صوبائي خودمختياري ۽ آئيني تحفظ جي باري ۾ سوال ڪيو. هو هڪ ڊگهو ساهه ڀري چوڻ لڳو، ”پاڪستان ٺهڻ تي سنڌين سوچيو هو ته مظلوم سنڌين جو رت ۽ ست چوسيندڙ وياج خور ”ڦندڻ مل ۽ ٽوپڻ مل“ کان جان ڇٽي پوندي ۽ غريب سنڌي عوام اقتصادي طور تي خوشحال ٿي ويندو. پر پاڪستان ٺهڻ بعد وري اچي ”للو ۽ ڪلو“ ڪڙڪيا. اڃا انهن مان جان ئي ڪانه ڇٽي هئي ته ون يونٽ جي معرفت ”علم دين ۽ چلم دين“ اچي نازل ٿيا.“

    ”هاڻي جيستائين انهن بيرنگ خطن مان سنڌ جي سياست، ثقافت ۽ اقتصاديت آزاد ڪانه ٿي ٿئي تيستائين صوبائي خودمختياري ۽ آئيني تحفظ جا لفظ ئي بيڪار آهن.“

    ”قائد اعظم جي وفات کانپوءِ پاڪستان ۾ صرف هڪ ئي سياسي طاقت پئي رهي آهي. اها آهي پنجاب. گذريل چوويهن سالن کان وٺي ڪڏهن سڌيءَ طرح ۽ ڪڏهن اڻ سڌيءَ طرح سنڌ جي قسمت جو فيصلو به پنجاب جي هٿ ۾ ئي رهيو آهي. هتي وري به مسئلو اچي ٿو وڃي، سنڌ اندر پنجاب جي مستقل مفادن جو. سو صوبائي خودمختياري ۽ آئيني تحفظ به اوتروئي ملي ٿو سگهي جيستائين پنجاب جا مستقل مفاد متاثر ڪونه ٿا ٿين. ٻيءَ صورت ۾ سنڌ کي صوبائي خودمختياري جو مطلب ٿيندو پنجاب جو پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻڻ برابر.“

    ”بهرحال منهنجي خيال ۾ پاڪستان کي جيڪڏهن صحيح نموني ۾ هڪ فلاحي مملڪت ٺاهڻو آهي ته پوءِ پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني قومن جي انفرادي حيثيت کي تسليم ڪري کين مڪمل صوبائي خودمختياري ۽ آئيني تحفظ ڏيڻ گهرجي. جنهن ۾ ”وڏي ڀاءُ“ پنجاب جي ڪابه اجاراداري نه هجي. ان لاءِ ضروري آهي ته مرڪز وٽ صرف ٽي کاتا هجن. خارجي معاملا، ڪرنسي ۽ بچاءُ کاتا هئڻ گهرجن ۽ بچاءُ واري کاتي ۾ فوج به وفاقي (Federal Army) هئڻ کپي.“

    ”موجوده حالتن جي پيش نظر سنڌي قوم کي ڪنهنجي ڪڍ لڳڻ گهرجي؟“ اسان سوال ڪيو. هن ٻڌايو ته، ”اسان ماڻهن جي هميشه کان اها بدقسمتي رهي آهي ته اسان اصولن جي نسبت شخصيت کي اهميت ڏيندا رهيا آهيون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو انگريزن کان آزادي ملڻ کان وٺي اڄ تائين صحيح نموني سان اسان پنهنجا حق به ڪونه وٺي سگهيا آهيون. اسانکي شخصيت جي ڄار ۾ ڦاسڻ جي بجاءِ نظام کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي نظام هيٺ سنڌ ۽ سنڌيت محفوظ رهي ٿي سگهي. شخصيتن کي به اهميت ڏيڻ گهرجي. ڇو ته نظام جون ذميوار به شخصيتون ئي رهنديون آهن. پر ايتري اهميت به نه ڏيڻ گهرجي جو نظام شخصيت ۾ دٻجي وڃي. جيڪو هر دور ۾ اسان سان ٿيندو رهيو آهي ۽ هر دور ۾ اسان وڏيرا شاهيءَ جي ڄار ۾ جڪڙبا رهيا آهيون. هن وقت جيڪڏهن پنهنجي اردگرد نظر ڦيرائبي ته ڪوبه اهڙو نظام يا شخصيت نظر ڪانه ٿي اچي جيڪا صحيح نموني ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جي تحفظ جي ضمانت ڏئي سگهي. هتي ماڻهو اصولي مخالفت ڪونه ٿا ڪن پر شخصيت جي بنياد تي ٿا ڪن جيڪا ڳالهه سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي“.

    ”سيد (جي.ايم.سيد) جي ڪڍ لڳڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو. ڇو ته هن وقت صرف سيد ئي هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن وٽ سنڌ ۽ سنڌيت جي تحفظ جي ضمانت ڏيندڙ نظام آهي. پر افسوس جو سيد وٽ تنظيم بلڪل ڪونهي. ۽ مونکي خوشي ٿيندي جيڪڏهن سيد پنهنجي پارٽيءَ کي سنڌ جي ليول تي ٻيهر منظم ڪري.“

    ”پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي نسبت اوهانجي نظر ۾ سنڌ سان ڪهڙي پارٽي پرخلوص ٿي سگهي ٿي؟“اسان وري پڇيوسين. ”پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ نعپ اسانجي لاءِ وڌيڪ خطرناڪ آهي. نعپ مهاجرن جي پارٽي آهي ۽ هن جو واڳون اردو ڪميونسٽن جي هٿن ۾ آهن. جيڪي روس جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. روس هميشه ان ڪوشش ۾ رهيو آهي ته ايشيا تان آمريڪا جو اثر ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو تسلط قائم ڪري سگهي.“ ”ان لاءِ ضروري آهي ته عربي سمنڊ تي هن جي اجاداري قائم ٿئي ۽ ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جو بندرگاهه هن لاءِ داخلي دروازي جي حيثيت رکي ٿو. روس ڪافي عرصي کان هن ڪوشش ۾ رهيو ته ڪراچي کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هٿ ڪيو وڃي.“

    ”اتفاق سان بنگله ديش جي آزاد ٿيڻ سان هنکي بنگال وارو سمنڊ ته ملي ويو پر اڳتي وڌڻ لاءِ هنکي اڃا به ڪراچيءَ جي ضرورت محسوس ٿي. سو هن نعپ تي زور ڏنو. سرحد ۽ بلوچستان جون حڪومتون ته نعپ وٽ هيون. پر خالي جبل روس جي ڪم جا نه هئا. سو نعپ موقعي جي تلاش ۾ رهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو وڃي.“

    ”اهو به کڻي اتفاق ئي سمجهو جو جلد ئي سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا هنگاما شروع ٿيا ۽ نعپ کي وارو ملي ويو. هن کليو کلايو اردوءَ جي آڙ ۾ مهاجرن جي حمايت ڪئي.“

    ”مقصد اهو هو ته مهاجرن کي سنڌين کان ڀڙڪائي ڪراچيءَ جو الڳ صوبو ٺهرائڻ جو مطالبو ڪيو وڃي. ان لاءِ نعپ فورا ً پنهنجن ٻنهي صوبن ۾ اردو کي صوبائي ٻولي قرار ڏئي ڇڏيو ته جيئن مهاجرن جي دلين ۾ نعپ لاءِ همدردي پيدا ٿئي ۽ نعپ مهاجرن جي ذريعي ڪراچي کي يا ته الڳ صوبو ٺهرائي يا بلوچستان جي اردو صوبي سان الحاق ڪرائي ڇڏي.“ ”آمريڪا، روس جي سرگرمين تي نظر رکيو ويٺو هو سو هن کي پنهنجو مفاد خطري ۾ نظر آيو ۽ هن فوراً ”ڦٽي ڪريڪ“ وٽ هڪ نئون بندرگاهه قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني جيڪا پاڪستان سرڪار فوراً قبول ڪئي.“

    ”روس لاءِ اها نئين صورتحال ڪافي تشويشناڪ هئي. ڇو ته ڦٽي ڪريڪ جي موجودگي ۾ روس عربي سمنڊ ۾ ڪابه سرگرمي نه ٿي ڪري سگهيو. سو هن اهو معاملو في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو. حقيقت ۾ بلوچستان ۽ سرحد ڪافي عرصو اڳ نعپ جي سرڪردگيءَ ۾ الڳ ٿي وڃن ها پر روس کي بنجر پهاڙن سان ڪابه دلچسپي ڪانه هئي سو اهو معاملو ڪنهن ٻئي موقعي جي لاءِ ملتوي ڪيو ويو جيڪو عراقي سفارتخاني مان روسي هٿيارن جي موجودگيءَ مان ثابت ٿي رهيو آهي. ٻيو ته نعپ جي منشور ۾ ون يونٽ جي خلاف ۽ هر صوبي جي ٻولي اتان جي قومي ٻوليءَ بابت لکيل هو. ليڪن جڏهن اسان ون يونٽ جي خلاف مظاهرا ڪري رهيا هئاسين ته نعپ اسانجي حمايت ۾ هڪ به جلسو ڪونه ڪيو. ۽ جڏهن اسان پنهنجي ٻوليءَ جي حق ۾ جدوجهد ڪري رهيا هئاسين ته نعپ سنڌ دشمنن کي راضي ڪرڻ لاءِ فوراً اردوءَ کي صوبائي ٻولي بنائڻ جو اعلان ڪيو.“

    ”هاڻي اوهان خود اندازو لڳايو ته اهڙي پارٽي سنڌ سان ڪيئن وفادار ٿي سگهي ٿي. سو نعپ جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي بهرحال وڌيڪ بهتر آهي.“

    هن کلي چيو ته ”گهٽ ۾ گهٽ سنڌ کي وڪڻي ڪونه ايندي نعپ وانگر.“

    ”اوهان جو ڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان به تعلق رهيو آهي؟“ خان محمد سوال ڪيوـ

    ”نه ادا، ڪڏهن به نه.“ ڪامريڊ ٻڌايوـ

    ”سنڌي شاگرد پاڻ ۾ متحد ٿي ڪو پروگرام ڇو ڪونه ٿا هلائين ۽ هنن ۾ وڳوڙ جو ڪهڙو سبب آهي. اوهان جي خيال ۾ سنڌي شاگرد ڪيئن متحد ٿي سگهندا؟“ اسان پڇيوـ

    ”سنڌي شاگردن ۾ وڳوڙ جو واحد سبب شخصيت پرستي آهي. منهنجي خيال ۾ ته جيڪڏهن هو شخصيت پرستيءَ کي ڇڏي ڪنهن هڪڙي اصول تي متحد ٿي عمل ڪن ته جيڪر هو ڏاڍي ترقي ڪري سگهن. متفق ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته سڀئي شاگرد گڏجي هڪ ئي پروگرام کڻن جنهن ۾ پاڻي، ٻولي، صوبائي خودمختياري، ڪوڙا ڪليم، سنڌ ريجمينٽ، مليشيا وغيره جا مسئلا کڻي هڪڙو پليٽ فارم ٺاهيو وڃي. منهنجي خيال ۾ انهن مسئلن کان ڪنهن به پارٽيءَ کي اختلاف ڪونه هوندو. پوءِ هو گڏجي هڪ ايڪشن ڪاميٽي ٺاهين جنهن جا ميمبر سڀني پارٽين مان چونڊيا وڃن. ۽ هر مهيني ايڪشن ڪاميٽي جو ليڊر بدلي ڪيو وڃي ۽ مختلف پارٽين مان چونڊيو وڃي. اهڙي طرح ڪنهن به پارٽيءَ کي ليڊرشپ جي شڪايت ڪانه رهندي ۽ ميمبر ته اڳ ئي چونڊيل هوندا. مخالفت جو سوال ئي ڪونه ٿو اٿي. مان هن انٽرويو ذريعي سنڌ جي تمام شاگرد براديءَ کي پرزور اپيل ٿو ڪريان ته جيڪڏهن هو سنڌ سان پرخلوص آهن ته هن فارمولا تي عمل ڪري ڏسن. مان يقين ٿو ڏياريان ته هنن مان اختلاف ختم ٿي ويندا ۽ مسئلن کي گڏجي منهن ڏيڻ ۾ وڌيڪ سهولت ملندن.“ ڪامريڊ يوسف لغاري ٻڌايو.

    ”اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙين شخصيتن کان متاثر ٿيا آهيو؟“ اسان پڇيوسي.

    هن ٻڌايو ته ”مان صحيح نموني ۾ هيمون ڪالاڻي، هٽلر، چي گويرا، لوممبا ۽ ڪرنل ناصر کان متاثر آهيان.“

    اسان ڪامريڊ کان وري پڇيو تھ، ”سنڌ جي مستقبل جي باري ۾ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي. ڇا اوهان سنڌ جي عوام کان پراميد آهيو؟“

    ”مان سنڌ جي عوام کان نهايت پراميد آهيان. ۽ انهن ماڻهن جي سخت مذمت ٿو ڪريان جيڪي اٿندي ويهندي سنڌ جي عوام تي ستل قوم جو طعنو هڻندا رهن ٿا.“ ڪامريڊ فخر مان چيو.

    ”سنڌ ۾ اڳ کان وڌيڪ سجاڳي اچي وئي آهي. سنڌ جو نوجوان ۽ ٻچو ٻچو پنهنجي منزل سمجهي چڪو آهي ۽ وقتي طور تي جيڪڏهن ڪي رڪاوٽون آيون به، ته سنڌ جي نوجوانن جي عزم ۽ حوصلي سان ٽڪرائجي پاش پاش ٿي وينديون. هن کان اڳ سنڌ تي وڌيڪ سختيون هيون. پر عوام انهن کي به ختم ڪري چڪو آهي.“ هن سينو تاڻيندي چيو ”هاڻي هن قافلي کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪوبه روڪي نه ٿو سگهي.“

    ”ادا منهنجي خيال ۾ مون اوهانجو به ڪافي وقت ورتو آهي ۽ پڙهندڙن جو به ـ سو هاڻي آخر ۾ سنڌي شاگردن لاءِ ڪو پيغام هجي ته اسان حاضر آهيون.“ مون آخر ۾ چيو.

    ”ادا! سنڌ جي شاگردن لاءِ صرف اهو ئي پيغام آهي ته خدارا متحد ٿي ڪم ڪن“ ڪامريڊ يوسف لغاريءَ آخر ۾ هٿ ٻڌي پيغام ٻڌايو.

    اسان صبح جو 11 بجي انٽرويو جي ٻي نشست لاءِ ويٺا هئاسين ۽ هاڻي شام جا 4 وڄي رهيا هئا. اسانکي واپس به اچڻو هو سو مسٽر غلام رسول ناريجي جي ڊنمارڪ واري ڪئميرا تي ڪامريڊ يوسف سان گڏجي ڪجهه فوٽا ڇڪرايا جيڪي هن ٻڌايو ته ڊنمارڪ مان صاف ڪرائي موڪليندس. مون کلي چيو مانس ته، ”ادا! خدا جي واسطي ائين نه ڪجانء.ِ ڪراچيءَ جي پوليس اڳ ئي توکي انڊيا جو جاسوس ٿي سمجهي ويتر اسان جا به فوٽا تو وٽان برآمد ٿيا ته اسان غريبن کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيندين. ڇو ته سنڌي پبلشر اڳ ئي پنهنجي کل لڪائيندا ٿا وتن ته متان ڪو ڊي.پي.آر کي خبر نه پئجي وڃي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو