سانت سان ڀريل ڪهاڻي

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سانت سان ڀريل ڪهاڻي​

    علي بابا

    آئون نقاد نه آهيان. بس مونکي رڳو ايتري خبر آهي ته ڪهاڻيءَ جي معنيٰ ڪنهن پر به ’ڳجهارت ڳجهڙي جنهنکي نه ڪن نه پُڇڙي نه آهي، ڪهاڻي ڪو ڏيڏريءَ جو ويم نه آهي. جهڙيءَ ريت علامتي (Symbolic) ڪهاڻيءَ لاءِ چيو ويندو آهي يا جواز ڏنو ويندو آهي ته جڏهن ليکڪ آڏو سنسربورڊ يا آمر حڪمران جي رڪاوٽ موجود هوندي آهي ته پوءِ ڪهاڻيڪار ايسپ بڻجي ويندو آهي ۽ چيف مارشل جنرل ايوب خان مهاراجا اوڌ بڻجي ويندو آهي. ڪڏهن ڪهاڻي پنهنجي سونهن لاءِ پاڻ ڪهاڻيڪار تي حاوي ٿي علامتن جي سونهري سونهن بڻجي ويندي آهي. ٻي ايبسٽريڪٽ (Abstract) ڪهاڻي آهي، جيڪا انسان جي ٻاهرين کل جي نه پر اندرين وارتائن جي ڪهاڻي هوندي آهي. انساني ذهني مونجهارن جي ڪهاڻي، جنهنکي پڙهڻ ائين هوندو آهي جئن مومل ۽ سومل جي ريشمي سُٽ جي منجهايل ڍيري، جنهنکي ڪو راڻو پڙهندڙ ئي سلجهائي سگهندو آهي.
    تجريدي ڪهاڻيءَ کي تجريدي ڪهاڻيءَ بڻائي رکڻ ايڏو ئي ڏکيو ڪم آهي، جيڏو انساني ذهن جو آپريشن.
    باقي ڪهاڻيءَ لاءِ ايترو چوندس ته ڪهاڻي جنهن به فارم ۾ آهي، ڪهاڻي ئي آهي. پنهنجي مڪمل شڪلين ۽ پنهنجي سمورن ايڪشنز ۽ امپريشنز سميت، جنهنکي اسين اڄ نئين يا جديد ڪهاڻي چئون ٿا. جيئن ته هر ڪهاڻيءَ پٺيان هڪ خاص مقصد هوندو آهي زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ. جيئن انگريزي قول ”وين فئٿ ڪمن، اول ڊپارٽز“ سچ ته ڪهاڻي اهڙي ئي عقيدي جو نالو آهي. جنهنکي اسان سنڌين جهڙي نرجي ۽ ناڪاره قوم مڃڻ کان انڪار ڪندي آهي. شاهه عبداللطيف سائين ته ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون آهي، پوءِ سنڌي قوم اڄ ڪٿي بيٺي آهي. ڇا رڳو مسجد منزل گاهه وارو آلاپ ئي اسانجي قوم جو سِر سسيءُ کان ڌار ڪرڻ جو ڪارڻ هو؟ جڏهن ته سائين جي ايم سيد ته ڪِول به نه ماري سگهندو هو. ماڻهو رڳو بهانا ڳوليندا آهن. ماڻهو علامه آءِ آءِ قاضي، حيدربخش، مولوي صادق (کڏي وارو) ڊاڪٽر گربخشاڻي، جمشيد نسروانجي، ساڌو هيرانند يا ميرمحمد ٽالپر نه ٿي سگهندا آهن. ڊگهي ۾ ڊگهي کڙيءَ وارا بوٽ پائڻ سان به نه. اهو سڄو دور ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون آهي، پر اُهي ڪهاڻيون ڪنهن به نه لکيون، مون به نه. نه ئي ڪو اسان ڪرشن کٽواڻي پيدا ڪري سگهيا آهيون.
    سنڌي اديبن کي ڪهاڻيءَ جو اهو تيز ۽ تکو رخ اصل هن، جي سنڌي ڪهاڻيڪارن کان مليو آهي. مشتاق شورو، منير احمد ماڻڪ، شوڪت شورو (عبدالحق عالماڻي نه) ۽ آئون پاڻ به ذري ماتر انهن ڪهاڻين کان متاثر ٿيس. اهي ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا، شيام جئسنگهاڻي، ايشور چندر، لعل پشپ هئا. باقي مون لاءِ ڪهاڻيءَ جي سفر جو ڪاٿو ڪرڻ تارا ۽ شمسي نظام کڻڻ برابر آهن. ڪهاڻي ڪٿان هلندي آهي ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڏيهه پنهنجائيندي ويندي آهي! سائبيريا کان ايندڙ پکين جو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو، پر ڪهاڻيءَ جو نه. ڪهاڻيءَ جو نه ڪو ڏيهه هوندو آهي، نه پرڏيهه- پر ڪهاڻيءَ جون پنهنجون گهرجون هونديون آهن. اڪثر ڪهاڻي ڪهاڻيڪار کي شطرنج جو مُهرو بڻائي، پنهنجي چال پاڻ وٺندي آهي. ملڪن جا ملڪ ٽٽي ويندا آهن، فلسفا وڏي ڌماڪي سان يا ماٺ مٺيءَ سان پنهنجي حيثيت وڃائي ويهندا آهن، پر ڪهاڻي نه وڃائيندي آهي. ماڻهو ڪيميونزم تان هٿ کڻي ويا. سوويت يونين ٽٽي وئي، پر ليفٽيننٽ جنرل ميخائيل شولو خوف جون انقلابي ڪهاڻيون ۽ ڊان وهندو رهيو (And quiet flows the Don) يا سندس افسانن تي ڪنهن کي به آڱر کڻڻ جي جرئت نه ٿي سگهندي ڀلي دنيا جو انگاس نقاد سڏائيندو هجي- ته اِها آهي ڪهاڻيءَ جي طاقت.
    ٻن صفحن جي هي ڪهاڻي”پراڻو گراهڪ“ پنهنجو پاڻ ۾ سمونڊ جهڙي گهرائيءَ ۽ سانت سان ڀريل آهي. اِن -ڊور ڪهاڻي آهي هڪ هوٽل جي. ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ منجهي، ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهڻو ٿو پوي. ڪهاڻي جي وڏي خوبصورتي سندس ماحول آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪُل ٽي ڪردار ڏيکاريل آهن، گراهڪ نه. نه ئي سندن ڪو چؤٻول.
    ان ڪري ڪهاڻيءَ کي ڪريڪٽر اسٽوريءَ جو ڇٽ به پهرائي سگهجي ٿو. ڏسڻ ۾ ڪردار فقط ٽي آهن. ٽئي خاموش. هڪ مينيجر، هڪ بيرو ۽ هڪ ’هو‘، جنهن جي چؤڌاري ڪهاڻي ڦري ٿي. پر حقيقت ۾ ڪهاڻيءَ ۾ ڇهه ڪردار (ڏينهن جي ماني کائڻ لاءِ آيل ڪردار جدا جي ڪهاڻيءَ جي اسڪرين تان گم آهن پنهنجي آواز سميت) ٻه مرڪزي غائب ڪردار، هڪ هوٽل جو اصلوڪو مالڪ جو شايد گذاري ويل آهي، ٻيو ان جو پٽ يا موجوده مالڪ آهي، اهي ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي اخلاقيات جا اڏيندڙ آهن ۽ سڀ کان نرالو ڪردار آهي. هوٽل جو ٿنڀ جيڪو هن مٿان بيري جيان بيٺل آهي ۽ بيري جيان هڪ ٻه دفعو هلندو ڦرندو به نظر اچي ٿو. جيڪو ڪهاڻيءَ جو سڀ کان ڇرڪائيندڙ ڪردار آهي. پر ائين کڻي چئجي ته اهو ٿنڀ جي نه هجي ها ته هيءَ ڪهاڻي به عام ڪهاڻين جيان هجي ها. هتي ڪهاڻيڪار انساني ڪيفيت کي ٿنڀ سان تشبيهه ڏئي، پنهنجي اندروني ڪيفيت جو مظاهرو ڪيو آهي يا هو جڏهن سيٽ خالي ڪري ٿو ته فقط بيرو اُتي ٿنڀ جيان ويٺل نظر اچي ٿو.
    ڪهاڻيءَ ۾ جا ڳالهه ڪرڻ گهرجي ها، اُها نه هوندي به آهي. پوري وسواس سان لکيل هيءَ ڪهاڻي لعل پشپ جي ناوليٽ ”هن جي آتم جو موت“ واري فارم آهي. اهڙيون خوبصورت ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ گهٽ پڙهڻ ۾ نظر اينديون آهن.
    يا ته ڪهاڻيءَ جو سڀ کان وڏو موت سنسر بورڊ هوندو آهي. اهو بورڊ اهڙو ڄٽ هوندي آهي جو گوگول جي ناول ڊيڊ سؤلز (Dead Souls) لاءِ چيائون ته نالو مٽائي ”چچيڪوف جا ڪارناما“ رکينس. چوڻ جو مطلب ته ڪهاڻيءَ يا ناول کان وڏا وڏا زار ۽ محمود غزنوي جهڙا ماڻهو به خوف کائيندا آهن
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,189
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سانت سان ڀريل ڪهاڻي

    ادا بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو