محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    صدر جو خطاب ۽ قومي اسيمبلي ايوان جا نوان منظر




    آچر 21 سيپٽمبر 2008ع



    اسلام آباد جي چئني پاسن کان پارليامينٽ ڏي ويندڙ روڊ رستا ته ساڳيا ئي هئا پر شاهراه دستور ۽ سپريم ڪورٽ واري روڊن تي بندوبست ۽ حفاظتي انتظام معمول وارا نه هئا، پارليامينٽ لاجز کان پارليامينٽ ڏي ويندڙ لنڪ روڊ تي سيميٽڊ رڪاوٽون رکي مڪمل بند ڪيو ويو هو، ڪنڊ پاسن کان خاردار تارون وڇائي ماڻهن جي پيادل اچ وڃ کي به بند ڪيو ويو هو، ايمبيسي روڊ وٽان ريڊيو پاڪستان کان مڙي پارليامينٽ ڏانهن ويندڙ رستو به سيمٽيڊ بلاڪن سان بند ڪيو ويو هو، ريڊيو پاڪستان ڀرسان شاهراه دستور تي بيٺل گاڏين جي ڊگهي لائين نظر اچي رهي هئي، اهي گاڏيون ڪي سگنل بند هجڻ ڪري نه بيٺيون هيو پر انهن کي اڳتي وڃڻ کان روڪيو ويو هو، ڪن گاڏين کي ڪارڊ نه هجڻ ڪري ته ڪن کي واڌو ماڻهو بنا ڪارڊ جي ويٺل هجڻ ڪري بيهاريو ويو هو ۽ ڪن کي اهو چئي ڪارڊ هجڻ باوجود روڪيو ويو هو ته هن پاسي کان گاڏيون ڇڏڻ جي اجازت نه آهي، ان ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب گوڙ به ٿي ويو هو، نيٺ پوليس اهلڪارن کي ايس پي اسلام آباد کي گهرائڻو پئجي ويو هو، جنهن صحافين جون ته گاڏيون ڇڏايون پر ٻين کي معذرت ڪندي ٻئي پاسي کان وڃڻ جو چئي هو پاڻ به اتان هليو ويو، ايترا سخت حفاظتي بندوبست ڪيا ويا هئا جو ايم اين ايز کان ويندي سيڪريٽريز جون گاڏيون به چيڪ ڪرڻ بعد ڇڏيون ٿي ويون، ماڻهو بيزارگيءَ وچان گاڏيون ڇڏي پيادل قومي اسيمبليءَ سيڪريٽريٽ ڏي وڌي رهيا هئا پر انهن ماڻهن کي جن وٽ ڪارڊ نه هو انهن کي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کان اڌ ڪلو ميٽر جي مفاصلي کان پري انهن روڊ تي گذرڻ نه ڏنو ويو، ڪيترائي صحافي اهلڪارن کي منٿون ڪندا رهيا ته انهن وٽ قومي اسيمبليءَ جا پراڻا ڪارڊ آهن، سندن ڪارڊ مک گيٽ وٽ پي آءِ ڊي وارن وٽ آهن، کين گيٽ تائين گاڏين سان نه ئي کڻي پر پيادل ئي وڃڻ ڏنو وڃي پر پوليس اهلڪار رڳو صحافين جي نه پر ڪنهن جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، اهڙا سخت حفاظتي بندوبست نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جي قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ تي ٻڌل گڏيل پارليامينٽ کي خطاب جي سلسلي ۾ ڪيا ويا هئا

    قومي اسيمبليءَ جا اجلاس ته هن حڪومت دوران ئي 6 سيشنز وقت ڪيترن ئي ڏينهن تائين هلي چڪا آهن، انهن دوران ته ايترا سخت حفاظتي انتظام ڏسڻ لاءِ نه ملندا آهن، اهي سوال ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ويندڙن جي زبان تي هئا، جيڪي پنهنجي تڪليفن جي ڪاوڙ پنهنجي اهڙي راءِ ذريعي ظاهر ڪري رهيا هئا، اهي نظارا ڏسڻ بعد جڏهن قومي اسيمبليءَ جي مک گيٽ وٽ پهتس ته اسڪيننگ مشين کان گذرڻ کان اڳ ئي دعوت نامو گهريو ويو ، اهو ڏيکاريو ته اداري جو ڪارڊ طلب ڪيو ويو هو، اهو ڏيکاري اسڪيننگ مشين مان گذري قومي اسيمبليءَ سيڪريٽريٽ جي مک گيٽ مان اندر داخل ٿيو هئس، جتي ملڪي توڙي پرڏيهي ميڊيا جي ايتري رش هئي جو ڄڻ ميلي جو منظر لڳي نظر اچي رهيو هو، ٽئين فلور تي صحافي گيلريءَ اندر داخل ٿيڻ وقت به ڪارڊ گهريو ويو، قومي اسيمبليءَ هال اندر صدر جو اڃا خطاب شروع نه ٿيو هو، ميمبر هڪ ٻئي سان ڪچهرين ۾ لڳل هئا، قومي اسيمبلي جي اڪثر عورت توڙي مرد ميمبر صدر جو خطاب ٻڌڻ لاءِ خصوصي تياريون ڪري هن اجلاس کي روايتي رنگ کان ڪڍي خصوصي رنگ ڏيڻ لاءِ تياريون ڪري آيا هئا، مسلم ليگ (ن) جي ميمبر به ڪالهه پهريون ڀيرو سرڪاري بئنچن کي خداحافظ چئي اپوزيشن بئنچن تي ويٺا جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر به ڪالهوڪي اجلاس ۾ مخالف بئنچن تي ئي ويٺل هئا، ائين (ق) ليگ جا ڪجهه ميمبر سرڪاري بئنچن ۽ ڪجهه مخالف ڌر واري سائيڊ ويٺل هئا، ڇاڪاڻ ته قومي ايسمبليءَ جو هي روايتي نه پر خصوصي اجلاس هو، جنهن دوران ميمبرن کي نه پر صدر کي خطاب جي صورت ۾ ڳالهائڻو هو، هال کان نظرون گهمائي مهمانن جي گيلريءَ ڏي ڪيون ته اسپيڪر جي کاٻي پاسي واري گيلري ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ ٽن صوبن جا گورنر به گڏ گڏ ويهي ڪچهريون ڪري رهيا هئا، سنڌ جي گورنر ڪالهه واري صدر جي خطاب ۾ شرڪت نه ڪئي، انهيءَ ئي گيلري ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر به ويٺي، ان جي ڀر واري گيلريءَ ۾ چئني هٿيار بند فوجن جا سربراهه، ان بعد گيلري ۾ غير ملڪي سفير موجود هئا، انهن کي اڃا نظرون گهمائي ڏسي ئي رهيو هئس ته اسپيڪر جي ساڄي پاسي واري گيلريءَ مان آواز اچڻ شروع ٿي ويا هئا، اهي آواز بيٺل ماڻهن کي پري ڪرڻ لاءِ هئا، اهڙي ريت ماڻهن جي پري ٿيڻ سان ئي مسلم ليگ (ن) جو سربراهه ميان نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان گڏجي پهتو هو، ميان نواز شريف انهن ئي ڪرسين تي ويٺو هو، جن ڪرسين تي صدر جي چونڊ وقت بلاول ڀٽو زرداري ۽ بختاور ڀٽو ويٺا هئا، ميان نواز شريف کي ايندو ڏسي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني به وٽس پهچي هٿ ملائي سندس آجيان ڪئي، قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽرن ۽ ايم اين ايز جون پاڻ ۾ ڪچهريون جاري رهيون، صدر جي خطاب لاءِ مقرر وقت ٽي وڳي کان 15 منٽ وقت واڌو ٿي چڪو هو، ائين 3 لڳي 16 منٽن تي صدر آصف علي زرداري، اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ سينيٽ چيئرمين محمد ميان سومرو سان گڏ هال اندر داخل ٿيو، صدر جي داخل ٿيندي ئي هال ۾ ويٺل سڀ ميمبر اٿي بيٺا، تراني ختم ٿيڻ بعد اسپيڪر صدر کي خطاب جي دعوت ڏني، جڏهن اسپيڪر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فهميده مرزا صدر کي خطاب بابت دعوت ڏئي رهي هئي، تڏهن ٽنهي ڪرسين تي ويٺلن ڏانهن ڌيان ويو ۽ اهو عجيب اتفاق هو جو اسپيڪر جي ڪرسي ڀرسان رکيل واڌو ٻن ڪرسين سميت ٽنهي ڪرسين تي ويٺلن آصف علي زرداري، فهميده مرزا ۽ محمد ميان سومرو جو تعلق سنڌ سان هو ۽ اوچتو انهن جي ڪرسين مٿان ديوار ۾ لڳل وڏي تصوير ڏي به نظرون ويون هيون، جيڪا تصوير قائداعظم جي هئي، ان جو به تعلق سنڌ سان هو، ائين آصف علي زرداري خطاب ڪرڻ لاءِ ڊائيس تي اچي ويو، هن خطاب جي شروعات کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو جي پاڻ سان گڏ آندل تصوير ڊائيس تي رکي ان جو منهن ميمبرن ڏانهن ڪري پنهنجي تقرير جي شروعات ڪئي، آصف علي زرداري جي صدر ٿيڻ بعد پارليامينٽ کي پهرين خطاب مان ميمبرن جيڪي اميدون رکيون هيون، تن مان گهڻي قدر آصف علي زرداري خطاب ۾ ذڪر ڪيو رڳو مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار علي خان جي پارٽي ڪو چيئرميني ڇڏڻ واري فرمائش صدر آصف علي زرداري پوري نه ڪئي، صدر آصف علي زرداري صوبن کي خودمختياري ڏيڻ جي ڳالهه ته ڪئي پر ٻين صدرن کان وڌي چڙهي صوبن جي آواز سان آواز ملائيندي هن اهو به چيو ته صوبن کي وسيلن جي مالڪي وارو حق به ڏينداسين، هن 58(2) بي ۽ 17هين ترميم کي ختم ڪرڻ بابت ڪاميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني ۽ پارليامينٽ کي اختيار واپس ڪرڻ جو ارادو به ڏيکاريو، هن ڪشمير مسئلي کان وٺي بلوچستان جي صورتحال تائين دهشتگردي جي جنگ کان وٺي، غير ملڪي حملن تائين بابت پنهنجو موقف واضح ڪيو، جنهن موقف کي ميمبرن انتهائي خاموشي سان ويهي ٻڌو، جنهن مان اهو به اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهو خطاب ڪنهن به ميمبر جي امنگن ۽ دل جي ترجماني جي ايترو ابتڙ نه هو، جڏهن ته هن کان اڳ صدر اسحاق خان جي پارليامينٽ کي خطاب وقت ”گو بابا گو“ ۽ جنرل مشرف جي خطاب وقت گو مشرف گو جي نعرن سان گونج هئي، ان جي ڀيٽ ۾ آصف علي زرداري نه رڳو پرامن طور خطاب ڪيو پر ان جي خطاب دوران سرحد جو نالو پختونخواهه ڪرڻ، صوبائي خودمختياري ڏيڻ ۽ ٻين اعلانن دوران ڊيسڪون وڄائي ميمبرن کيس داد به ڏنو، هاڻي ڏسجي ته آصف علي زرداري پاران ڪيل خطاب تي حڪومت ڪيترو عملي طور قدم کڻي ٿي، ڇو ته اعلان يا پاليسي واضح ٿي وئي هاڻي ان تي عمل باقي آهي.
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    رحمان ملڪ جا متضاد بيان ۽ مخالف ڌر کي تنقيد ڪرڻ جو مليل موقعو!




    خميس 25 سيپٽمبر 2008ع



    عام چونڊن کان جلد ئي پوءِ اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ضمني چونڊ جو شيڊيول پڌرو ڪندي تاريخ جو اعلان ڪيو، ننڍي چونڊ جڏهن اوچتو امن امان جون حالتون بهتر نه هجڻ ڪري ملتوي ڪئي وئي هئي، تڏهن چونڊ ملتوي ٿيڻ واري مامري کي کڻي مختلف سياسي پارٽين حڪومت تي آڱريون کڻڻ شروع ڪيون هيون. توڻي جو آصف علي زرداري حڪمران جماعت جي ڪو چيئرمين جي حيثيت ۾ ان عمل تي افسوس به ڪيو هو. حڪومت مٿان ننڍي چونڊ ملتوي ٿيڻ تي الزام بازي جاري ئي هئي ته، وزير اعظم جي وفاقي گهرو وزارت واري صلاحڪار رحمان ملڪ ننڍي چونڊ ملتوي ٿيڻ جو سبب بيان ڪندي،پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته، سرحد حڪومت پاران امن امان جي صورتحال بهتر نه هجڻ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي آهي. رحمان ملڪ جي اهڙي بيان تي ردِ عمل طور سرحد ۾ مک حڪمران جماعت اي اين پي جو ڪو عام اڳواڻ اختلافي بيان ڏئي ها ته به چونڊون ملتوي ٿيڻ جو مطلب معنيٰ خيز نه سمجهيو وڃي ها، پر ان بيان جي ترديد سرحد جي وڏي وزير امير حيدر هوتي پاران ميڊيا سامهون اچي ڪئي وئي. ننڍي چونڊ ملتوي ٿيڻ کي جن ڌرين جواز بنائي ڇهن مهينن جي مختصر عرصي واري حڪومتي ڪارڪردگي مٿان تنقيد پئي ڪئي انهن اڃا ان جواز کي وساريو ئي نه هو ته، وزارت داخلا جي صلاحڪار جو ميريٽ هوٽل تي ٿيل حملي بابت بيان سامهون آيو آهي ته ”20 سيپٽمبر تي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران صدر جي مان ۾ ميريٽ هوٽل ۾ افطار ڊنر رٿيل هئي، پر صدر ۽ وزير اعظم پاران ميريٽ هوٽل واري هنڌ تي افطار ڊنر جو پروگرام ملتوي ڪرڻ سبب ملڪي قيادت وڏي سانحي کان بچي وئي“. رحمان ملڪ جي ان بيان تي مختلف سياسي ڌرين ته تنقيدي بيان ڏنا، پر هوٽل مالڪ صدر الدين هاشواڻي به اهو واضح ڪيو ته، اهڙي ڪا به دعوت هوٽل ۾ رٿيل نه هئي ۽ نه ئي بڪنگ ڪرائي وئي هئي. بڪنگ کانسواءِ اهڙي دعوت ان ڪري ميريٽ هوٽل ۾ ٿي نه ٿي سگهي، جو عين وقت تي بنا بڪنگ جي اسان وٽ هڪ هزار ماڻهن کي ڊنر مهيا ڪرڻ جو بندوبست ناهي. صدر الدين هاشواڻي جي بيان ۾ انڪري به صداقت لڳي رهي هئي، جو مون پاڻ اسپيڪر پاران جاري ڪيل افطار ڊنر جو دعوت نامو پڙهيو هيو، جنهن ۾ افطار ڊنر جو هنڌ پارليامينٽ هائوس لکيل هيو، جنهن تي ليڪ ڏئي پوءِ وزير اعظم هائوس لکي، 20 سيپٽمبر واري ڏينهن کان اڳ ڪارڊ ورهايو ويو هو. جنهن ڪري رحمان ملڪ جي اهڙي موقف جو سٽ اڃان ميڊيا وارا ۽ سياستدان سلجهائڻ ۾ هئا ته آخر هن اهڙو بيان ڪهڙن سببن ڪري ڏنو آهي ته مٿان وري صدر آصف علي زرداري سان گڏ دوري تي رواني ٿيل موجوده حڪومت جي اطلاعات واري وفاقي وزير نيويارڪ مان بيان جاري ڪيو آهي ته ”ميريٽ هوٽل ۾ اعليٰ قيادت جو پروگرام رٿيل نه هيو، رحمان ملڪ جي اها ڳالهه درست ناهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته هوٽل ۾ سياسي قيادت کي گڏ ٿيڻو هيو“.

    رحمان ملڪ جي اهڙي بيان کي مخالف ڌر جيڪڏهن رد ڪري ها ته کڻي ان کي مخالفت براءِ مخالفت ئي تصور ڪجي ها، پر هي ٻيو ڀيرو سندس موقف کي پنهنجي ئي پارٽي جي سڌ سماءُ واري وزير پاران رد ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري هڪ اهڙي وقت حڪومتي موقف مشڪوڪ ٿيو آهي، جنهن وقت دوران ملڪ کي دهشتگردي سميت وڏا چئلينج به سامهون آهن، ته ملڪ جو صدر اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ کي به خطاب ڪرڻ لاءِ پهتل آهي. ملڪي حالتن کي ڏسي ايئن لڳي رهيو آهي ته هن 6 مهينن جي مقابلي لاءِ بيشمار مسئلن کي ڪڍي ميدان تي آندو ويو آهي. جنهن حڪومت جي اڃان وفاقي ڪابينه به مڪمل نه ٿي آهي ۽ عيد بعد جلد وفاقي ڪابينه ۾ واڌ لاءِ سوچيو پئي ويو. اهڙي صورت ۾ رحمان ملڪ جو بيان، انهن ڌرين کي حڪومت مٿان نه رڳو تنقيد ڪرڻ جا جواز پيدا ڪري ڏئي ٿو، پر منهنجي نظر ۾ اهڙا بيان حڪومت لاءِ اڻ ڳڻين پريشانين ۾ اضافي جو به سب بڻيل آهن. جتي حڪومت ٻين پريشانين جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اتي ان کي اهڙين پريشانين جا سبب ۽ حل به ضرورو ڳولڻ گهرجن، جيڪي پنهنجا ئي ماڻهو پيدا ڪري رهيا آهن.

    ميريٽ هوٽل ۾ ٿيل بم ڌماڪي بعد جڏهن باهه هوٽل جي آخري ۽ پنجين ماڙ تائين رسي هئي، تڏهن هوٽل اڳيان سوين ماڻهو گڏ ٿيا هئا، ريسڪيو جو عمل جاري هيو، ايمبولينسن جي سائرن جي گونج ڪلاڪن تائين اتي ڪنن ۾ پڙاڏا ڪندي گونجندي رهي هئي. جيڏانهن به اکيون ٿي ويون، رڳو تباهيءَ جا منظر اڳيان ٿي آيا، مونکي هوٽل جي تباهيءَ جا منظر ڏسي يقين ئي نه ٿي آيو ته، هي ڪو اهو هوٽل آهي جنهن جي مدهم ۽ سلو ميوزڪ جي وڄت، هوٽل اندر داخل ٿيندي ئي هوٽل جي رنگين ماحول جو احساس ڏياريندي هئي. هوٽل ڏاڍي سجيل هئي. آئون تباهي وارن منظرن کان اڳ هوٽل جا ڏٺل منظر ئي ياد ڪري رهيو هئس ته هڪ صحافي دوست وڏي دانهن ڪندي، منهنجو ڌيان ۽ نظرون هوٽل جي چوٿين ماڙ ڏانهن ڇڪرايون هيون، جتي دريءَ وٽان بيهي ڪو ماڻهو مدد لاءِ پڪاري رهيو هيو، هن جي هٿن ۾ شايد موبائيل به هيو، جنهن تان هو نمبر ڊائل ڪري رهيو هيو، ريسڪيو ڪندڙ امدادي ڪارڪن به اهي منظر ڏسي رهيا هئا، منهنجون نظرون ڄڻ ته ان بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ ۾ ڦاٿل، مدد لاءِ واجهائيندڙ شخص ۾ کپي ويون هيون، پر رات دير تائين منهنجي نظرن ان شخص کي امداد ملندي نه ڏٺو ۽ ائين امڪان آهي ته، اهو شخص مدد جو انتظار ڪندي فوت به ٿي ويو هجي. خبر ناهي ڇو هن ٻين وانگر هوٽل جي ڇپري تي سر بچائڻ لاءِ جمپ به نه ڏنو، جيئن ڪيترن ئي ڦاسي پيل ماڻهن کي ٽپ ڏيندي، اسان تي پنهنجي اکين سان ڏٺو هيو، ڇو ته باهه اجهامڻ جو نالو ئي نه وٺي رهي هئي. بند به ڪيئن ٿئي هڪ ته باهه ڀڙڪائيندڙ المونيم پائوڊر جو استعمال ڪيو ويو هو، ٻيو ته گئس پائيپ لائين به ڌماڪي سان ڦاٽي پئي هئي، باهه جي ڀڙڪڻ جا سڀ سبب گڏجي پيا هئا، پر هن ڀيري به اسان جي حڪومت کي عين وقت تي پتو پيو ته، اهڙن حادثن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد سهولتن جي نه رڳو کوٽ آهي، پر اهي اسان وٽ دستياب ئي ناهن. ائين سهولتن جي کوٽ جو احساس اسانجي حڪمرانن کي ان وقت به ٿيو هو، جڏهن لڳ ڀڳ ٽي سال اڳ اسلام آباد ۾ زلزلو آيو هو. اڄ جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان ته آغا خان روڊ سان ميريٽ هوٽل وٽان گذرندي، ميرٽ هوٽل سامهون ٻئي پاسي واري روڊ سان سرحد صوبي جي فرنٽئر هائوس جي پٿرن سان ٺهيل پناهه واري ديوار به ياد اچي رهي آهي ته ،ان ديوار جي فٽپاٿ سان لڳو لڳ هر وقت بيٺل سوين مختلف نمونن جون گاڏيون به ياد اچي رهيون آهن، جن جي ڪنهن وٿي سان هر ڀيري موٽر سائيڪل پارڪ ڪري تالو هڻي، ميريٽ هوٽل جا پروگرام اٽينڊ ڪندا هئاسين. ياد ته هوٽل جي مک گيٽ تي هر وقت تيار بيٺل جاسوسي ڪتا به اچي رهيا آهن، جن چون ٿا ته ميريٽ هوٽل جي سيڪيورٽي گيٽ وٽ ٽرڪ جي اچڻ شرط بارود جو اندازو لڳائي ورتو هيو. جن به هوٽل مان سڙي ويل فوتين جا اسپتالن ۾ لاش ڏٺا هوندا يا زخمين کي تڙپندي اسپتالن ۾ ڏٺو هوندو، تن جي دل ۾ اهڙي دهشتگردي جي ڪارواين کان نفرت کانسواءِ ڪو به جذبو جاءِ والاري نه سگهيو هوندو، پر اسان وٽ ڪجهه ڌرين جي عجيب دل آهي، انهن کي اهڙن سانحن تي به سياسي فائدو وٺڻ اچي ٿو.

    اها حقيقت آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ جي نه موجوده حڪومت شروعات ڪئي آهي ۽ نه ئي موجوده حڪومت جي دور کان ئي خودڪش بم ڌماڪن جي شروعات ٿي آهي، پر جڏهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تڏهوڪن حڪمرانن پاران حصو وٺڻ شروع ڪيو ويو هو، تڏهن کان موجوده حڪمران جماعتن جي چونڊيل ميمبرن توڙي سياستدانن ان جي مخالفت پئي ڪئي آهي ته، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جنهن انداز سان حصو پيو ورتو وڃي، اهو انداز يا طريقو درست ناهي. گذريل حڪومت ۾ جڏهن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مشرف آمريڪا جو ساٿ پئي ڏنو، ان وقت مولانا فضل الرحمان، آفتاب شيرپائو، فيصل صالح حيات ۽ مشاهد حسين سيد جهڙا سياستدان ان حڪومت جو حصو هئا، انهن ان وقت پرويز مشرف جي پاليسي سان ڪو اختلاف نه ڪيو، پر موجوده حڪومت تي هو تنقيد ڪرڻ ۾ ڪو به داءُ يا وارو نٿا وڃائين. اهي سياستدان، جيڪي رٽائرڊ جنرل مشرف جي حڪومتي دور ۾ ان سان گڏ هئا، انهن موجب موجوده حڪومت ۽ صدر مشرف جي دهشتگردي خلاف جنگ جي پاليسين ۾ ڪو فرق ناهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هنن کي ان وقت ساڳي پاليسي ۾ خاميون نظر ڇو نه آيون؟ هاڻي ان پاليسي ۾ آخر ڪهڙيون خرابيون ٿي پيون آهن، جو هنن کي نٿي وڻي؟ نه رڳو حڪومت، پر سڀني سياسي ڌرين کي سياسي راند ۽ فائدي کي پاسي تي رکي ملڪ کي موجوده صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ موجوده حڪومت کي به عجيب قسم جي رٿابندين بجاءِ جٽادار ترقي واريون رٿائون جوڙڻ گهرجن.
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ان ڪئميرا بريفنگ ۽ حڪومت جو پاليسي بيان




    اربع 15 آڪٽوبر 2008ع



    پاڪستان شديد معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، معاشي بحران وڌي وڃڻ بعد وزيراعظم وفاقي وزير نويد قمر کان خزاني واري وزارت جو اضافي قلمدان واپس وٺي، اڻ چونڊيل مشهور اقتصادي ماهر شوڪت ترين کي پنهنجو ناڻي بابت صلاحڪار مقرر ڪيو آهي، شوڪت ترين خزاني واري وزارت جي واڳ ملڻ جي فورن بعد ئي آمريڪا جي دوري تي روانو ٿيل آهي، جتي هو عالمي بئنڪ ۽ حڪومتي عملدارن سان ملاقاتون ڪري ملڪ کي موجوده اقتصادي بحران مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪرڻ ۾ رڌل آهي، سندس ان ڪوششن جي نتيجي ۾ عالمي بئنڪ هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالر پاڪستان کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ته برطانيا وري ترقياتي امداد ٻيڻي ڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

    هڪ طرف ناڻي جو صلاحڪار 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ خساري کي پورو ڪرڻ جون ڪوششون ڪندي نظر اچي رهيو آهي، ته ٻئي طرف پاڪستان جي اقتصادي صورتحال تي ملڪ ۾ موجود سياستدان ۽ اقتصادي مامرن جي ڄاڻ رکندڙ ڌريون تبصرن ۾ رڌل آهن، جن تبصرن بعد صدر آصف علي زرداري اهو چئي چڪو آهي ته ”پاڪستان ڪا لميٽيڊ ڪمپني ناهي جو معاشي ڏيوالي جو شڪار بڻجي“ ان حوالي سان صدر معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ ئي هو پهرئين سرڪاري چين جي دوري تي روانو ٿي چڪو آهي، جنهن کي پاڪستان چين دوستي ۽ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال لاءِ اهم قرار ڏنو پيو وڃي، معاشي حوالي سان گهڻي قدر اسان جو آسرو آمريڪا تي رهيو آهي،جيڪو اڄڪلهه پاڻ ئي معاشي بحران ۾ ورتل محسوس ڪرائي رهيو آهي، ائين چئي ڄڻ آسرو ڪندڙن کي هو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته هو پاڻ گداگر بڻجڻ طرف وڌي رهيو آهي.

    پاڪستان نه رڳو معاشي بحران جي شدت مان گذري رهيو آهي، پر ملڪ اندر هر ڪوشش باوجود بم ڌماڪن ملڪ جي 16 ڪروڙ عوام ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي، مهانگائي وڌڻ جو سفر جاري آهي، قبائلي علائقن توڙي بلوچستان جون حالتون اڄ به اتي ئي بيٺل آهن، جتي اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف ڇڏيون هيون، تن مان قبائلي علائقن جون حالتون ته جنرل مشرف جي دور کان به وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن، جن ۾ بهتري جون ڪوششون ته هن حڪومت اچڻ شرط شروع ڪيون پر حالتون معمول تي اچڻ بجاءِ وڌيڪ خراب ٿيڻ طرف وڌي رهيون آهن، اهڙين حالتن ۾ ميرٽ بم ڌماڪي حڪومت توڙي سڀني سياسي پارٽين کي سنجيدگيءَ سان دهشتگردي جي مامري تي سوچڻ لاءِ آماده ڪيو، ان ڪري ئي فوج پاران ان ڪئمرا گڏيل پارليامينٽ کي بريفنگ ڏيندي قبائلي علائقن ۾ هلندڙ آپريشن توڙي ملڪي سلامتي بابت بريفنگ ڏني وئي آهي، بريفنگ وڊيو فلمن توڙي مختلف انداز سان مڪمل ٿيڻ بعد ڪالهه اڱاري کان ٻيهر گڏيل پارليامينٽ جو ان ڪئمرا بند ڪمري وارو اجلاس شروع ٿيو آهي، جنهن جو جمعي تائين هلڻ جو امڪان آهي، اجلاس ۾ وفاقي وزير اطلاعات شيري رحمان قومي سلامتي توڙي دهشتگردي جي جنگ بابت حڪومتي موقف تي مشتمل بريفنگ ڏني ۽ ان بعد وري اڄ اربع 11وڳي تائين اجلاس ملتوي ڪيو ويو. اڱاري کان قومي سلامتي ۽ دهشتگردي جي جنگ بابت حڪومتي پاليسي بيان ڪرڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اجلاس ٿيو، تڏهن به ميڊيا پارليامينٽ کان اڌ ڪلوميٽر پري مفاصلي تي ڪئمرائون کڻي پريڊ گرائونڊ تي بيٺل رهي، اجلاس ۾ ڪير وڃي رهيو آهي، اجلاس مان ڪير ٻاهر نڪتو آهي، ان بابت ميڊيا کي ڪو پتو نٿي پيو، موبائيل فونن ذريعي ميمبرن کي فون ڪري پڇيو ٿي ويو ته اجلاس شروع ٿيو يا نه ۽ ان بعد اجلاس ختم ٿيو يا نه، وارا سوال ڪري خبرون وٺڻيون پيون،هتي اهو واضح ڪندو هلجي ته امن امان جي تمام خراب صورتحال سبب حڪومت کي پارليامينٽ ۾پوري سياسي قيادت گڏ ٿيڻ وقت حفاظتي انتظام سخت ڪرڻاپون ٿا، پر حڪومت اگر صحافين کي بند ڪمري واري اجلاس ۾ ڀلي نه ويهڻ ڏئي، پر انهن کي معمول موجب خصوصي ڪارڊ جاري ڪري پارليامينٽ جي گيٽ تائين پهچڻ جو بندوبست ته ڪري سگهي ٿي، جتي ٻيهر هو گهٽ ۾ گهٽ اجلاس ختم ٿيڻ جو ته اندازو لڳائي سگهن ٿا ۽ جيڪي چونڊيل نمائندا پاليسي تحت ڪجهه بيان ڏيڻ چاهن، انهن سان به ڳالهيون ڪري خبرن ملڻ واري تشنگي پوري ڪري سگهن ٿا، پر حڪومت ائين ڪرڻ شايد مناسب نه سمجهيو، صحافي پريڊ گرائونڊ وٽ اجلاس واري وقت کان اڌ ڪلاڪ اڳ ۽ اجلاس ختم ٿيڻ تائين بيٺل رهن ٿا. اڱاري ڏينهن واري اجلاس بابت حڪمران جماعت جي ميمبر کان فون ڪري پاليسي بيان بابت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن شيري رحمان پاران ڏنل پاليسي بيان بابت ته ڪجهه نه ٻڌايو، پر پنهنجي ئي پارٽي سان ناراضگي جو تاثر ڏيندي مون کان ئي سوال ڪيا، ان جو پهريون سوال هيو ته ڇا دهتشگردي جي جنگ جي جيڪا پاليسي آمريڪا چاهي ٿو، ان ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي؟ اگر نه ته پوءِ جنرل مشرف واري دور جي هلندڙ دهشتگردي واري جنگ جي پاليسي اسان اعلان ڪري سگهون ٿا؟ اگر ائين به نٿا ڪري سگهون، ته پوءِ اوهان ٻڌايو ته اسان وٽ رستو ڪهڙو بچي ٿو، ته مون کيس چيو ته ان رستي بابت اوهان ئي ڪجهه ٻڌايو ته هن ان رستي بيان ڪرڻ بابت” نه نه“ ڪرڻ بعد اهو چيو ته”دهشتگردي جي جنگ ۾ حڪومتي پاليسي متفقه جڙندي، ان لاءِ ڪاميٽي ٺهندي، ڪاميٽي ٺهڻ بعد اتفاق پيدا ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٿينديون ۽ پوءِ...... ۽ پوءِ مامرو هلندو رهندو.

    ائين هڪ ٻئي ميمبر کان جڏهن اهومعلوم ڪيو ويو ته جڏهن قومي سلامتي ۽ دهشتگردي جي جنگ بابت حڪومتي پاليسي ايوان ۾ پيش ڪئي وئي آهي ته پوءِ ان کي عوام کان اوجهل ڇو پيو رکيو وڃي. بيان ڪيل پاليسي اگر عوام تائين پهچندي ته عوام به ان ۾ حصيدار ٿي سگهندي ته ان جو جواب هيو ته اسان کي عوام چونڊيو آهي، اسان عوام جي امنگن موجب فيصلا ڪنداسين، خير اڱاري ڏينهن شيري رحمان جي پاليسي بيان بعد اڃا ڪجهه ڏينهن اجلاس هلندو ۽ ان دوران ميمبر خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پنهنجون تجويزون به اڳيان رکندا ۽ ان بابت گڏيل طور تي ڇا طئه ٿئي ٿو، اهوڪجهه ڏينهن ۾ ئي واضح ٿي ويندو، پر هتي پاڻ 18 فيبروري کان 14 آڪٽوبر تائين جي 6 مهينن جي لڳ ڀڳ عرصي کي ڏسون ٿا ته اسان کي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن وچ ۾ رڳو ڳالهيون ٿيندي نظر اچن ٿيون، ججن جي بحالي لاءِ ڳالهيون، دهشتگردي جي جنگ بابت ڳالهيون، ملڪ کي مختلف مسئلن مان ڪڍڻ بابت ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، پر هر ڀيري هر پارٽي جو موقف پنهنجو پنهنجو رهيو آهي، نتيجي ۾ ٻين مسئلن سوڌو دهشتگردي جي جنگ بابت به هر پارٽي جو موقف الڳ الڳ سامهون ايندو رهيو آهي ۽ حڪومت پهرين ڏينهن کان مامرا اتفاق راءِ سان هلائڻ جوموقف ورجائيندي رهي آهي، ان بابت اتفاق پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪوششون به ڪندي رهي آهي، ڪڏهن کين عمران خان، قاضي حسين احمد، پير صاحب پاڳاري ۽ ٻين وٽان انڪار ۾ جواب ملي ٿو ته ڪڏهن ڳالهين ۾ شامل ٿيندڙ ڌرين وٽان سندن موقف کان الڳ ٿلڳ موقف ملي ٿو، ان صورتحال مان حڪومت ڪيئن نڪري ٿي، اهوهڪ سوال آهي، پر ملڪ جون موجوده حالتون سڀني ڌرين کان اتفاق سان مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جي تقاضا ضرور ڪن ٿيون.

    صدر آصف علي زرداري اڄ اربع ڏينهن کان چيني اختيارين سان ڳالهين جو دور شروع ڪندو ۽ هتي قومي سلامتي ۽ دهشتگردي جي جنگ بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس جاري رهندو، ٻن ٽن ڏينهن اندر دهشتگردي جي جنگ بابت اتفاق راءِ جڙڻ يا نه جڙڻ بابت صورتحال واضح ٿي ويندي ته چين جي دوري جي حاصلاتن جو به پتو پئجي ويندو، ائين صدر جي ڏيهه پهچڻ جو وفاقي وزير ۽ مملڪتي وزير بڻجڻ جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن جي ساڀيائن جو سفر به شروع ٿيندو، صدر آصف علي زرداري جي چين جي دوري بعد وفاقي وزارتن ۾ واڌ ٿيندي، اتحادين سان به مامرا طئه ڪيا ويندا ته پارٽي جي وزيرن جي نالن کي به حتمي شڪل ڏني ويندي، پر ان مسئلي کي حل ڪرڻ ايترو به سولو ناهي ڇوته هڪ طرف اتحادين جي اهم وزارتن بابت گهر آهي، ٻئي طرف حڪمران جماعت جو هر ميمبر وزير ٿيڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪري رهيو آهي، انهن کي جتان وزير بڻجڻ واري خواب پوري ٿيڻ جو ڪو ڪرڻو نظر اچي ٿو ته ان طرف وڌي هو پنهنجي لاءِ ماحول ٺاهي رهيا آهن ، اميدون ته هر ڪنهن جون آهن، ڪنهن جا خواب ٽٽندا ۽ ڪنهن جا پورا ٿين ٿا، بابت ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پارليامينٽ ۾ سنڌ جو آواز ڇو نٿو گونجي؟




    سومر 17 نومبر 2008ع



    بلوچستان صوبي جي بلوچن جي زخمن تي مرهم رکڻ تي غور ويچار ۽ سوچ لوچ جاري آهي. آصف علي زرداري صدر چونڊجڻ کان اڳ بلوچن سان ٿيل زيادتين تي معافي گهري ورتي هئي ۽ بلوچن جي دردن جو درمان ڳولهڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري پنهنجي سربراهي ۾ ڪاميٽي به جوڙي آهي، جنهن ڪاميٽي جا بلوچستان ۾ توڙي ايوان صدر ۾ اجلاس ٿي چڪا آهن ۽ اها ڪاميٽي بلوچن جي احساس محرومين جي خاتمي لاءِ سفارشون جوڙڻ وارو عمل به شروع ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت گزين مري کي پاسپورٽ واپس ڪيو آهي ته نواب اڪبر بگٽي جي پٽ سميت سوئي گئس فيلڊ جي برطرف ملازمن کي بحال به ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ اڳوڻي صدر مشرف پاران بلوچن لاءِ جيڪا ايذائيندڙ ٻولي ڳالهائي وئي هئي، موجوده حڪومت ۾ اها روش تبديل ٿي آهي. حڪومت بلوچن لاءِ پيار، همدردي ۽ سچائي وارا ٻول به بار بار ورجائي رهي آهي ۽ اهو به چوڻ شروع ڪيو آهي ته ماضيءَ ۾ بلوچن جي ترقيءَ لاءِ ملڪي وسيلا استعمال نه ڪيا ويا. بين الصوبائي مامرن جي وفاقي وزير سينيٽ اجلاس ۾ ٻه ڏينهن اڳ اهو به چيو ته، اسان جي حڪومت بلوچن جي وسيلن تي انهن جو حق تسليم ڪندي. ائين اگر ڏسجي ته سرحد جي پختونن جو به پراڻو مطالبو موجوده حڪومت تسليم ڪيو آهي. سندن مطالبو سرحد صوبي جي نالي جي تبديليءَ جي حوالي سان آهي. جنهن مطالبي کي مڃرائڻ پختون ڊگهي عرصي کان جدوجهد ڪندا پيا اچن. سندن مطالبن کي موجوده حڪومت تسيلم ڪندي سرحد صوبي کي ”پختونخوا“ جو نالو ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. جنهن ڪري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ وفاقي ڪابينا جا وزير توڙي اڪثر ميمبر اين ڊبليو ايف پي (سرحد) چوڻ بجاءِ ”پختونخوا“ چوندي نظر اچن ٿا. سرحد صوبي جي پختونن کي صوبي جي حڪمراني جا اختيار به ملي ويا آهن ته سرحد صوبي مان جي يو آءِ، اي اين پي جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي بڻيل ميمبرن کي وفاقي ڪابينه ۾ به شامل ڪيو ويو آهي ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي ”ڪوٽا“ تي به ان صوبي مان چونڊيل ميمبرن کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ائين اي اين پي، جي يو آءِ جي مک قيادت جو سرحد صوبي سان واسطو هجڻ ڪري صوبي جي نشاندهي ٿيندڙ مسئلن کي به حڪومت پهرين ڏينهن کان غور سان ڏسندي انهن جي حل جا جتن ڪندي رهي آهي.

    پنجاب ملڪ جو اهڙو صوبو آهي، جنهن مان شايد ڪڏهن به احساس محرومي جو آواز بلند ناهي ٿيو ۽ نه ئي ان صوبي جي ڪنهن به اڳواڻ پاران پنجاب صوبي کي قانوني حقن، وسيلن تي مالڪي کان محروم رکڻ جي ڪا شڪايت ڪئي ويئي هجي. پنجاب لاءِ اگر ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته پنجاب صوبو ملڪ جو واحد صوبو آهي جنهن کي ملڪ جي هر ايندڙ حڪومت اڻ گهريو ئي سڀ ڪجهه ڏيندي رهي آهي. هر حڪومت پنجاب صوبي کي هر طرح سان راضي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي رهي آهي.

    هاڻي ذڪر ان ”خوشحال سنڌ“ جو ڪريون ٿا، جيڪا هن ملڪ جي ڪل آمدني ۾ 70 سيڪڙي کان به وڌيڪ حصو ڏئي ٿي. تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ مڙني صوبن کان سنڌ امير آهي. ڪاري سون (ڪوئلو) جو سنڌ وٽ وڏو ذخيرو آهي. ان ”خوشحال سنڌ“ جي 25 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي مرض ۾ مبتلا آهي. لکين نوجوان بيروزگار آهن. بک ۽ بدحالي عروج تي آهي. بدامني، لاقانونيت انهن جهريل جانين ۾ اڃان وڌيڪ پريشانين ۽ ڏکن جو اضافو ڪيو آهي، جنهن ڪري اگر ملڪي بجيٽ بڪ ۾ امير ترين نظر ايندڙ سنڌ جي ماڻهن کي امير سنڌ جا غريب بيوس ماڻهو چئجي ته غلط نه ٿيندو. سنڌ جي انهن دردن جي درمان لاءِ اختيارين کان دانهون ڪندي گهر ڪئي ويندي رهي آهي پر صدين کان سنڌ کي نراسائي ئي موٽ ۾ ملندي رهي آهي. جڏهن تمام وڏي عرصي جي وٿيءَ کانپوءِ پ پ پ حڪومت ۾ آئي ته سنڌ واسين کي آسرو ٿيو ته سندن دردن جو ضرور درمان ٿيندو. وفاق ۾ جڏهن به پ پ پ جي حڪومت قائم ٿيندي آهي تڏهن پڙهيل لکيل توڙي عام ماڻهو اهو چوندا رهيا آهن ته، ”سنڌين جي حڪومت آهي“.پ پ پ جي وفاق ۾ حڪومت قائم ٿيڻ بعد سرحد، بلوچستان جي احساس محرومين کي محسوس ڪندي ان جي حل لاءِ ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر ايترو ڌيان سنڌ تي نه ڏنو ويو آهي.

    سنڌ مان به حڪمراني جو مينڊيٽ پ پ پ کي مليو آهي، پر هن وقت جڏهن قومي اسيمبليءَ جو اٺون سيشن هلي رهيو آهي پر سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو ذڪر ڪرڻ سنڌ مان چونڊيل ميمبرن وساري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جي حڪمران جماعتن سان واسطو رکندڙ توڙي حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين جا ميمبر پنهنجن صوبن جي ڀرپور نمائندگي ڪندي قومي اسيمبلي توڙي سينٽ اجلاس ۾ حڪومت کان سوال ڪن ٿا پر سنڌ جي ميمبرن کي ڄڻ سنڌ جي مسئلن بابت ڪي سوال پڇڻ لاءِ ئي نٿا سجهن. ان ڪري هڪ ميمبر ته ”اسلام آباد جي چڙيا گهر ۾ ڪيترا جانور ٻن سالن ۾ مري ويا؟“ وارو سوال پڇيو پر بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب سان واسطو رکندڙ ميمبر پنهنجي صوبن بابت مسئلن بابت دريافت ڪن ٿا. بلوچستان وارا ته حڪومت کان وفاقي کاتن جي ملازمتن ۾ بلوچن جي تعداد بابت به پڇاڻو ڪن ٿا. سنڌ جي ميمبرن تي حيرانگي تڏهن ٿي، جڏهن قادرپور گئس فيلڊ جي وڪري وارو مامرو سامهون آيو ته ڪو ميمبر ان وڪري کي غلط قرار ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.

    ”ق“ ليگ، جيڪا پنهنجي دور ۾ اسٽيل مل وڪرو ڪري رهي هئي، تن جي ميمبرن سينيٽ جو اجلاس قادرپور گئس فيلڊ جي وڪري واري فيصلي تي رڪيوزٽ ڪرايو ۽ سينيٽ ۾ ان اجلاس دوران ٽي ڏينهن بحث هليو. بحث جي پهرئين ڏينهن تي سنڌ مان چونڊيل، نجڪاري جي وفاقي وزير سيد نويد قمر قادر پور گئس فيلڊ جي نجڪاري بابت ايوان کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪي معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ قادرپور گئس جي نجڪاري ضروري آهي. ملازمن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو. هن اهو به چيو ته قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري جو فيصلو اڳوڻي حڪومت دوران ڪيو ويو پر هتي نويد قمر کي اهو چوڻ شايد وسري ويو ته اڳوڻي حڪومت هي فيصلو غلط ڪيو هو يا درست، ڇو ته موجوده حڪومت اڳوڻي حڪومت جي هر فيصلي کي غلط قرار ڏئي تنقيد ڪندي رهي آهي پر ان فيصلي تي حڪومت اڳوڻي حڪومت کي تنقيد جو نشانو ان ڪري نه بنائڻ مناسب سمجهيو، جو هن پاڻ ان گئس فيلڊ کي وڪرو ڪرڻ ٿي چاهيو. نيٺ اجلاس ۾ پ پ سينيٽرن ته قادرپور گئس جي وڪري بابت لفظ نه ڪڇيو پر جي يو آءِ، جماعت اسلامي، ”ن“ ليگ، ”ق“ ليگ، اي اين پي، ايم ڪيو ايم سميت ڪيترين ئي پارٽين جي سينيٽرن ان وڪري کي رد ڪيو. جي يو آءِ ته ان وڪري خلاف ايوان مان قرارداد منظور ڪرائڻ جو به چيو. ظاهر آهي ته اجلاس جي آخري ڏينهن تي قادرپور گئس فيلڊ جي نجڪاري خلاف قرارداد پيش ٿي ها ته اڪثريت راءِ سان منظور ٿي وڃي ها ۽ پوءِ پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪندڙ حڪومت ڪيئن ان قرارداد کي پٺي ڏئي ٿي سگهي. ائين قومي اسيمبلي جو اجلاس به شروع ٿيو. ان اجلاس دوران به سنڌ مان چونڊيل ميمبرن ان تي حمايت يا مخالفت ۾ ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو. نيٺ ميان مٺو ان تي ڳالهائيندي چيو ته اگر قادرپور گئس نجڪاري ڪئي وئي ته عوام مخالف ٿي ويندو.

    جنهن ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ وزير اعظم اچي قادرپور گئس فيلڊ جي في الحال نجڪاري نه ڪرڻ ۽ نجڪاري پارليامينٽ جي راءِ سان ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان ڏينهن ئي نجڪاري جي وفاقي وزير سيد نويد قمر قومي اسيمبلي ۾ 17 ادارن جي نجڪاري ڪرڻ جا تفصيل پيش ڪيا، انهن ۾ اسٽيل مل به شامل هئي، جنهن جي نجڪاريءَ جي اڳوڻي حڪومت ۾ پ پ شديد مخالفت ڪري چڪي هئي. هاڻي جڏهن حڪومت اسٽيل مل جي نجڪاري نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته کيس نجڪاري لسٽ مان اسٽيل مل جو نالو به ڪڍڻ گهرجي ۽ سڄي سنڌ جي احتجاج کي ڏسندي قادر پور گئس فيلڊ جي نجڪاريءَ عارضي التويٰ بدران نجڪاري نه ڪرڻ جو واضح اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي نجڪاري لسٽ مان ئي ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. وفاقي وزير نويد قمر قادرپور گئس فيلڊ سميت سنڌ جي 6 يونٽن کي 2009ع دوران خانگائڻ جو لکت ۾ اعلان ڪيو آهي، سي به واپس وٺڻ گهرجي. اگر ڪو ادارو خساري ۾ آهي ته ان جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    حڪومتي احتساب وارو ڪلاڪ ۽ ڪابينا ۾ ٽيهر واڌ جو امڪان!




    ڇنڇر 22 نومبر 2008ع



    قومي اسيمبليءَ جو اٺون سيشن ڪالهه نومبر تي پڄاڻي تي پهتو آهي. 10 نومبر تي گهرايل قومي اسيمبليءَ جي اٺين سيشن دوران گذريل ڇنڇر ۽ آچر وارن ٻن ڏينهن جو وقفو ڪيو ويو ۽ ائين اجلاس نون ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ ڪالهه قومي اسيمبلي جي اٺين سيشن کي ختم ڪرڻ کان اڳ قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس مقرر وقت تي شروع ڪرائي ميمبرن ۽ صحافين جي اها شڪايت به دور ڪئي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس دير سان شروع ٿئي ٿو. اها به آبزرويشن حڪومت لاءِ ڏني ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران سوالن جا جواب وٺڻ واري ڪلاڪ دوران وزيرن جو اجلاس ۾ موجود هجڻ ضروري آهي، جنهن کي يقيني بنايو وڃي. انهي مسئلي تي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ايوان کي خاطري ڪرائي ته ايندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزير سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ ايوان ۾ موجود هوندا. هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته قومي اسيمبلي جي سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ واري ڪلاڪ لاءِ سوال اڳواٽ قومي اسيمبلي جي ڪئسچنيئر واري برانچ کي لکت ۾ ڏنا ويندا آهن، جن کي اها برانچ لاڳاپيل وزارتن ڏانهن اماڻيندي آهي جيڪي وزارتون انهن سوالن جو لکت ۾ جواب اماڻينديون آهن، جن کي قومي اسيملي جي سيڪريٽري چپائي اجلاس ۾ آڻيندي آهي. پوءِ ڇپيل سوالن تي ميمبر ضمني سوال به ڪندا آهن ته جيڪڏهن انهن جي سوال جو لکت ۾ پورو ۽ گهربل جواب نه مليو هجي ته هلندڙ اجلاس دوران لاڳاپيل وزير کان ان تي سوال ڪري جواب گهري وٺندا آهن. ان ڪري ئي وزير اعظم قومي اسيمبليءَ جي سوالن جا جواب معلوم ڪرڻ واري ڪلاڪ بابت اهو چيو آهي ته اصل ۾ ان ڪلاڪ دوران حڪومت جو احتساب ٿي رهيو هوندو آهي.

    قومي اسيمبلي جي اٺين سيشن کان اڳ ته (ن) ليگ جي 9 وفاقي وزيرن جي وفاقي ڪابينه مان عليحدگي سان رڳو وفاقي ڪابينه جا 15 وزير هئا، پر صدر آصف علي زرداري 4 نومبر تي 22 وفاقي وزيرن ۽ 18 مملڪتي وزيرن کي حلف کڻائي وفاقي ڪابينه جي کوٽ کي پورو ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو وفاقي ڪابينه پوري نه هجڻ جون ڳا لهيون ڪندا هئا، انهن به نئين زبردست واڌاري بعد اهو چوڻ شروع ڪري ڏنو ته وفاقي ڪابينه ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي واڌ ٿي وئي آهي پر اهڙي راءِ رکندڙن کي وفاقي ڪابينه ۾ ٽئين مرحلي ۾ واڌ ٿئي جو به انتظار ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ايم ڪيو ايم کي وفاقي ڪابينه ۾ شامل ڪرڻ جون ڳالهيون هلندڙ آهن، جيڪي پڄاڻي تي پهچڻ بعد نه رڳو ايم ڪيو ايم، پر جي يو آءِ ۽ پ پ جا وزير به ٽئين مرحلي دوران حلف کڻي سگهن ٿا. خير اهو ته ٿيو بعد جو مسئلو پر 4 نومبر تي وفاقي ڪابينه ۾ واڌارو ٿيڻ بعد 37 وفاقي وزير ۽ 18 مملڪتي وزيرن واري وفاقي ڪابينه جڙي وئي، جڏهن ته رحمان ملڪ گهرو مامرن، شوڪت ترين خزاني ۽ محمد علي دراني وزير اعظم جو نيشنل سيڪيورٽي بابت صلاحڪار مقرر ٿيل آهي، جن کي پڻ اڻ چونڊيل هجڻ باوجود نه صرف وفاقي وزير جو اسٽيٽس آهي پر هو قومي اسيمبلي توڙي سينٽ جا ڪارڪن نه هجڻ وزير اعظم جا صلاحڪار مقرر هجڻ واري حيثيت ۾ جواب ڏئي سگهن ٿا. نه ته قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ جي اجلاس ۾ ميمبرن کان سواءِ ڪو به وڃي نٿو سگهي. ايتري تائين جو جوائنٽ سيشن کانسواءِ ڪو سينيٽر قومي اسيمبلي ۾ نٿو ويهي سگهي، نه وري ڪو ايم اين اي سينيٽ اجلاس ۾ ويهي سگهي ٿو. انهن صلاحڪارن کانسواءِ شهناز وزير علي، ڊاڪٽر شاهد مسعود ۽ ڪمال مجيد الله پڻ وزير اعظم جا خصوصي صلاحڪار آهن، جن جي شموليت سان وفاقي ڪابينه 61 ميمبر تي مشتمل ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن پاڻ رڳو ڪالهه پڄاڻي تي رسيل قومي اسيمبليءَ جي اٺين سيشن جي آخري ڏينهن واري اجلاس تي نظر ڊوڙايون ته گهرو وزارت لڳ ڀڳ مهينو اڳ لکت ۾ اماڻيل 12 اهم سوالن جا جواب سيڪريٽري کي نه اماڻيا، جن بابت قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ايوان کي باخبر ڪرڻ لاءِ لکت ۾ ڏنل سوالن جي جوابن واري ڪتابچي ۾ اهي سوال ڏئي اهو لکيو آهي ته جواب نه ملي سگهيو. نه صرف لکت ۾ سوالن جا وڏي ڪابينه هوندي به جواب نه ملڻ واري روش قائم آهي. ڪالهه نفسيه شاهه، ياسمين رحمان، شمشاد ستار بچاڻي ۽ بشريٰ گوهر جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس جڏهن اسپيڪر کنيو ته ميان رضا رباني، جيڪو بين الصوبائي مامرن جو وفاقي وزير آهي، تنهن اٿي چيو ته جناب اسپيڪر صاحب هن ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ايندڙ اجلاس ۾ کنيو وڃي ڇو ته ماحوليات جو وفاقي وزير موجود ناهي. جنهن تي نيٺ اسپيڪر کي به اهو چوڻو پيو ته ايندڙ اجلاس ۾ هن مامري جو جواب ڏيڻ لاءِ وزير موجود هجڻ ضروري آهي. وفاقي وزيرن ۾ جيئن اضافو ٿيو آهي ته ان سان هڪ نئون طريقو اهو شروع ٿي ويو آهي جو اڪثر وزارتن جا پارلياماني سيڪريٽري يا مملڪتي وزير جواب ڏئي رهيا آهن، پوءِ ڀلي وفاقي وزير اجلاس ۾ موجود ڇو نه هجي. ٻه ڏينهن اڳ آءِ آر او 2002ع جي خاتمي جو بل جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿي رهيو هو ته اهو بل پيش ڪندڙ وزارت جو وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ موجود هيو پر اهو بل سينٽ ۾ قائد ايوان ميان رضا رباني پيش ڪيو ۽ ان بل تي جڏهن اپوزيشن مان (ن) ليگ مخالفت ڪئي ته ان مخالفت جو دفاع سيد خورشيد شاهه بجاءِ ميان رضا رباني ڪيو. ميان رضا رباني جو ذڪر نڪتو آهي ته هتي اهو به ٻڌائجي ته ميان رضا رباني کي وفاقي وزير بنائيندڙ پ پ قيادت کي به اهو فائدو ٿيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ به سرڪار مٿان ٿيندڙ تنقيد جو اثرائتو جواب ڏيڻ وارو خال پورو ٿي ويو آهي، ڇو ته ميان رضا رباني حاضر جواب، سينئر سياستدان ۽ پارلياماني قائدن جي وڏي ڄاڻ رکندڙ پ پ اڳواڻ آهي.

    ڪالهه پڄاڻي تي پهتل قومي اسيمبليءَ جي اٺين سيشن دوران ساڳي صحافين جي گيلري ۽ ٽي وي لائونچ ۾ صحافين جو هجوم ته نظر ايندو رهيو، پر وزيٽر گيلريءَ جون خالي پيل ڪرسيون نهارڻ سان ڄڻ ته اهو سوال ڪنديون رهيون ته اسان خالي ڇو پيون آهيون؟ ميرئٽ خودڪش ڌماڪي بعد قومي اسيمبلي وارو علائقو هاءِ ريڊ زون ۾ آهي ۽ قومي اسيمبلي بلڊنگ تائين پهچڻ کان اڳ 5 کان وڌيڪ ڀيرا تلاشي، ڪارڊ ڏيکارڻ بعد ئي صحافي ۽ پارليامينٽ جا ميمبر پهچن ٿا. شايد ان ڪري وزيٽرن جون گيلريون ڪارڊ اشو نه ٿيڻ ڪري خالي پيل رهيون. رڳو ٻه ڀيرا انهن ۾ ٿوري رش نظر آئي جڏهن هڪ اسڪول جون ڇوڪريون ٽولي سميت گيلريءَ ۾ پهتيون ۽ ٻيو ڀيرو ان وقت جڏهن صحافين جي وفد جي آجيان هلندڙ اجلاس دوران پارلياماني مامرن جي وفاقي وزير بابر اعواڻ ڪئي. هن اٺين سيشن دوران سياسي طور هڪ ٻئي جي مخالفت جي شروعات ڪرڻ وارا منظر به نظر آيا. اهي منظر سامهون تڏهن آيا، جڏهن پ پ حڪومت جنرل مشرف جي دور واري آءِ آر او 2002ع جي جاءِ تي آءِ آر او 2008 منظوري لاءِ پيش ڪيو. جنرل مشرف جي قدمن جي مخالفت ڪندڙ مسلم ليگ (ن) ڪجهه نقطن تي اختلاف واري ان بل جي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ميان رضا رباني (ن) ليگ کي ياد ڏياريو ته اهو بل سينيٽ ۾ (ن) ليگ پاس ڪري چڪي آهي، پوءِ هتي مخالفت ڇو ڪئي پئي وڃي؟ پر ان هوندي (ن) ليگ نه صرف راضي نه ٿي، پر اجلاس مان واڪ آئوٽ به ڪيو ۽ ڪالهه جڏهن اٺين سيشن جي آخري ڏينهن تي به مسلم ليگ (ن) اين ڊبليو ايف پي کي پختونخواهه آئين ۾ ترميم کان اڳ ڪوشش تي اعتراض واريو توڙي جو جڏهن (ن) ليگ حڪمران اتحاد ۾ شامل هئي تڏهن کان ڪيترائي ميمبر اين ڊبليو ايف پي صوبي کي پختونخواهه ڪوٺيندا رهيا هئا، پر ڪالهه انهن اعتراض واريو، جنهن اعتراض بعد ايم ڪيو ايم جي حيدر عباس رضوي چيو ته جيڪڏهن آئين ۾ پختونخواهه نالو ناهي ته سرحد به ناهي، پر ڪورٽن جي ڪتابن ۾ سرحد لکيو ويندو آهي، پوءِ ان تي اعتراض ڇو نه واريو ويو. ميان رضا رباني چيو ته هڪ ڀيرو نه پر ٻه ڀيرا صوبائي اسيمبلي قرارداد منظور ڪري وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي، پر ان صوبي جي آواز کي نظر انداز ڪيو ويو، پر اسان جي حڪومت ائين نه ڪندي. ان بحث تي اي اين پي جي پختون ميمبرن شديد رد عمل ڏيکاريو، جيڪي ڳالهيون ڪارروائي مان ختم ڪيون ويون، جنهن ڪري اهي لکي نٿيون سگهجن. ان دوران نواز شريف تي الزام ۽ ان جي دفاع ۾ بحث به شروع ٿي ويو ۽ ايوان ۾ گوڙ وارا منظر ٻيهر نظر اچڻ لڳا.
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    حڪومتي اتحاد مان نواز ليگ جي جدائي!




    اڱارو 26 آگسٽ 2008ع



    پنجاب هائوس اسلام آباد جي وسيع هال ۾ مصنوعي گلن جي وچ ۾ ويهي نيٺ ميان نواز شريف حڪمران اتحاد مان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن اتحاد جي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي تجزيي نگار ۽ سياستدان اتحاد کي غير فطري اتحاد ڪوٺڻ لڳا هئا، پر ميان نواز شريف ۽ آصف علي زرداري هڪ ٻئي کي وڏو ڀاءُ قرار ڏيندي اتحاد قائم رهڻ جون ڳالهيون ڪندا رهيا. ان هوندي به آصف علي زرداري ۽ ميان نواز شريف جي سياسي ڀائپي وارا رشتا نازڪ ثابت ٿيا آهن ۽ انهن ڳالهين کي تقويت ملي آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي نه صرف هڪ ٻئي جون ملڪ اندر حريف جماعتون آهن پر مقصدن، ٽارگيٽن جي حوالي سان به هڪ ٻئي جو ضد آهن. پنجاب هائوس ۾ اڳ به مسلم ليگ ن سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جا ٻه اجلاس پئي ڪيا آهن، پر ڪالهه واري اجلاس ۾ هڪ نواڻ اها هئي جو پنجاب هائوس جي لان ۾ شاميانن جو پنڊال هنيو ويو. ان پنجاب هائوس، جنهن ۾ حڪمران اتحاد جي اختلافن جي سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي، ڪالهه ان اتحاد کي ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون ئي رڳو نه ڪيون ويون پر ان اتحاد جي خاتمي لاءِ ميمبرن دليل ۽ منطق به شيئر ڪيا. نئين حڪومت جي قيام بعد ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو، جو پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس هال ۾ پريس ڪانفرنس واري ميز کي ايئن ڀرپور نموني مصنوعي گلن سان سجايو ويو هجي ۽ ان ميز پويان مصنوعي گلن واري ڪنات به ڪڏهن خصوصي طور تي نه گهرائي وئي هئي. انهن بندوبستن کي ڏسي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ مسلم ليگ (ن) جي قيادت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش پريس ڪانفرنس کان اڳ ئي ڪرڻ ٿي چاهي ته هاڻي مسلم ليگ (ن) سياسي طور اڄ کان هنن بندوبستن وانگر الڳ ٿلڳ هوندي. ميان نواز شريف جي پريس ڪانفرنس کان اڳ اي اين پي جو اهم اڳواڻ اعظم خان هوتي، جيڪو مسلم ليگ نواز جي حڪومتي دور ۾ ڪابينه جو ٻه ڀيرا حصو رهي چڪو آهي. ان ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي پر هن کي گاڏيءَ ۾ ويندي ڏسڻ سان ئي اهو پتو پئجي ويو هو ته ان جون مفاهمت واريون ڪوششون ذري برابر به ڪامياب نه ٿي سگهيون ۽ ائين مسلم ليگ (ن) نه رڳو حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو پر آصف علي زرداري کي صدارتي چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي پنهنجي اميدوار سعيد الزمان صديقي جو به اعلان ڪري ورتو.

    اهو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت به سمجهي ٿي ته جسٽس (ر) سعيد الزمان جي ڪاميابي جو امڪان نه آهي، پر مسلم ليگ نواز صدارتي چونڊن ۾ پنهنجي اميدوار جو اعلان ڪري ان آصف علي زرداري کي ٿورو ئي سهي، پر پريشان ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جي صدارتي اميدوار جي اعلان قائد ليگ جي ميمبرن لاءِ ڄڻ ته انهن پارٽين ۾ شامل ٿيڻ جا رستا کولي ڇڏيا آهن، ڇو ته آصف علي زرداري جي مقابلي ۾ جيڪڏهن نواز ليگ اميدوار سامهون نه آڻي ها ته شايد نواز ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ايترا ويڇا وڌڻ جا امڪان پيدا نه ٿين ها. پر نواز ليگ جي ان اعلان سان جتي صدارتي چونڊ ۾ ميمبرن جا نخرا برداشت ڪرڻ واريون تڪليفون پ پ توڙي نواز ليگ وارا ڏسندا، اتي پ پ پنجاب حڪومت ۾ نواز ليگ کي پريشان ڪرڻ جهڙيون سرگرميون به شروع ڪري سگهي ٿي. ميان نواز شريف پنجاب جي حڪومت بچائڻ ۽ پ پ پنجاب حڪومت ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون ته ميان نواز کي قائد ليگ جي انهن ميمبرن کي قبول ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ ان جي پارٽي چوندي رهي آهي ته انهن جي اڪثريت کين پٺيءَ ۾ خنجر هنيا آهن، جڏهن ته پ پ ان قائد ليگ جي ميمبرن جو ساٿ قبول ڪندي، جنهن قائد ليگ کي آصف علي زرداري قاتل ليگ چئي چڪو آهي. جتي قائد ليگ جي ميمبرن جا وارا نيارا ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، اتي قائد ليگ جي چوڌري پرويز الاهي جي قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن اڳواڻ واري سيٽ به خطري هيٺ اچي وئي آهي. اپوزيشن اڳواڻ مقرر ڪرڻ بابت نواز ليگ اپوزيشن جي وڏي جماعت هجڻ ناتي درخواست به ڏئي ڇڏي آهي ۽ ائين هاڻي ڏينهن ٻن بعد شايد اسان کي چوڌري پرويز الاهي جي جاءِ تي چوڌري نثار خان کي اپوزيشن اڳواڻ لکڻو پوي. نه رڳو ايترو، پر هاڻي پ پ کي اي اين پي ۽ جي يو آءِ سميت ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ ڪاڻ ڪڍڻي پوندي. انهن جي فرمائشن کي خاطر ۾ آڻڻو پوندو، ڇو ته نواز ليگ ۽ قائد ليگ جي مخالف ڌر ۾ ويهڻ سان ڪو به بل 2 ڀاڱي ٽي اڪثريت سان پاس ڪرائڻ واري برتري به حڪومت هاڻي وڃائي چڪي آهي. ٻيو ته (ن) ليگ جي اپوزيشن ۾ وڃڻ بعد پ پ کي اهو چڱي ريت احساس آهي ته ان نواز ليگ جا ايم اين اي تقرير جا ڪوڏيا آهن، ان ڪري کين تنقيد جو منهن ڏسڻو پوندو. اهو ئي سبب آهي جو مسلم ليگ نواز جي ڌار ٿيڻ واري اعلان کان اڳ پ پ پنهنجي پارلياماني اجلاس ۾ نواز ليگ جي تنقيد کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ حڪمتِ عملي جوڙي. جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن) حڪمران اتحاد کان الڳ ٿي وئي آهي، پر ان هوندي به اهو احساس نواز ليگ کي به آهي ته آصف علي زرداري جي صدارتي چونڊ کي ڪو خطرو ناهي. هو نواز ليگ کانسواءِ به کٽي سگهي ٿو، پر ان هوندي به مسلم ليگ (ن) آخر حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟ واري سوال تي سوچجي ٿو ته ظاهري ۾ اهو جواب ملي ٿو ته مسلم ليگ (ن) کي اهو احساس دير سان ئي سهي، پر ٿيو ضرور آهي ته آصف علي زرداري کين سياسي ملهه ڪري چڪو آهي. هن مسلم ليگ (ن) جي حڪمران اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو پورو پورو فائدو به حاصل ڪري ورتو آهي، جيڪو فائدو (ن) ليگ جي نه هجڻ سان کيس ٿي ئي نه پئي سگهيو. سو وقت جي اهميت کي نه سمجهي سگهندڙ ميان نواز شريف کان حڪمران اتحاد مان ڌار ٿيڻ جو فيصلو اڻ مدائتي موسم ۾ ٿيو آهي، ڇو ته مسلم ليگ (ن) جي ڌار ٿيڻ سان هاڻي پ پ لاءِ ايڏا مسئلا کڙا شايد نه ٿين، جيڪي مسئلا مشرف جي موجودگي ۾ نواز ليگ جي ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ کين ڏسڻا پون ها.

    ان وقت جيڪڏهن (ن) ليگ حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ جي ڳالهه نه فيصلو ڪري ها ته شايد هاڻي جيئن پ پ ان جي ڌار ٿيڻ تي ٿڌائي وارو رويو اپنايو آهي، اهو رويو اپنائي نه سگهي ها. سو ميان نواز شريف جي باڊي لينگويج مان شايد اهو ارمان ئي ڪجهه ڏينهن کان افسوس بڻجي چهري تي به واضح نموني نظر ايندو رهيو ته هن وقت جو ائين قدر ڪيو، جنهن بابت ميان نواز شريف پريس ڪانفرنس دوران لب ڪشائي به ڪئي ته جڏهن واعدا وفا نه ٿيا ۽ معاهدن تي عمل نه ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ٿيون ته مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ان ڪري مون افسوس ۽ ڏک مان اتحاد ٽوڙيو آهي. پر ان افسوس سان ميان نواز کي ويل وقت موٽي نه ملندو، جو هو پنهنجي راند جا نوان پتا کيڏي سگهي. ميان نواز کي هاڻي وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو، ۽ شايد ان ۾ ڪا گهڻي دير نه ٿئي، جو حالتون وري نواز شريف جي حق ۾ ٿي بيهن.
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    حڪمران اتحاد صدر جي مواخذي لاءِ ڪهڙين تيارين ۾ آهي؟




    جمع 15 آگسٽ 2008ع



    صدر پرويز مشرف جي مواخذي واري تحريڪ جي اعلان سان نه رڳو ججن جي بحالي وارو ”اشو“ دٻجي چڪو آهي، پر ان اعلان کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ نئين سياسي هلچل شروع ٿي وئي آهي. مواخذي واري تحريڪ ۾ ميان نواز شريف جو اعتماد حاصل ڪرڻ کانپوءِ پهريان جتي پ پ پ مٿان ”ڀوربن“ معاهدي کانپوءِ ٽيهن ڏينهن اندر هٽايل ججن کي بحال نه ڪرڻ ۽ گذريل 4 مهينن ۾ تيل ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ واڌ اچڻ ڪري جيڪا تنقيد ٿي رهي هئي، هاڻي انهن تنقيدي توپن جا رخ پ پ پ کان مڙي نواز ليگ ڏانهن ٿي ويا آهن. سياسي صورتحال جي پلٽي سان جج بحالي نه ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا مان پنهنجي 9 وفاقي وزيرن کان استعيفائون ڏيارڻ جو فيصلو ڪري، پاڻ کي اصول پسند جماعت مڃرائڻ جا جتن ڪندڙ مسلم ليگ (ن) مٿان ججن جي بحالي کان اڳ صدر مشرف جي مواخذي ڪرڻ واري فيصلي کي قبول ڪرڻ تي هاڻ تنقيدن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. نواز ليگ جيڪا اشوز جي لسٽ ٺاهي هئي، جنهن ۾ ججن جي بحالي پهرئين نمبر تي رکيل هئي، هاڻ اها ٻئي نمبر تي ۽ صدر جو مواخذو پهرئين نمبر تي آهي. ان ڪري مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ججن جي بحالي بابت وضاحتون ڪندي نظر اچي رهيا آهن ۽ پ پ لڳاتار چئن مهينن تائين تنقيدون سهڻ کانپوءِ هاڻ ڄڻ ته ساهي کڻي رهي آهي ۽ مشرف جي مواخذي واري اعلان ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي جو سياسي گراف نواز ليگ کان وڌي ويو آهي. هن اعلان کان اڳ مخدوم امين فهيم سوڌو ڪيترائي ماڻهو پ پ پ جي عوامي مقبوليت گهٽجڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. صدرجي مواخذي واري تحريڪ جي اعلان نه رڳو نئين حڪومت تي ٿيندڙ تنقيدن کي روڪي ڇڏيو آهي،پر مخدوم امين فهيم جي سنڌ اندر وڌندڙ حمايت کي به گهڻي ڀاڱي نقصان پهچايو آهي. جنهن مخدوم امين فهيم لاءِ سنڌ مان فون ڪري ماڻهو اهو پڇندا هئا ته پ پ پ جي اعليٰ قيادت مخدوم امين فهيم سان آخر ائين ڇو ڪري رهيو آهي؟ سي هاڻي فون ڪري اهو چوڻ لڳا آهن ته، مخدوم امين فهيم مواخذي جي تحريڪ بابت لب ڪشائي ڪري نه صرف اندر ظاهر ڪيو آهي، پر ان تڪڙ ڪري پنهنجي سياسي دانشمندي اڳيان پڻ ڪئين سواليه نشان کڙا ڪري ڇڏيا آهن. هن تڪڙ ۾ تيرهن وصول ڪيا آهن، جن اڳيان زيرو ڪڏهن به ناهن لڳي سگهندا، جڏهن ته جيڪڏهن هو صبر ڪري ها ته صبر جا کيس سورنهن ملن ها جن اڳيان دير سان ئي سهي پر وقت اڻ ڳڻيا زيرو لڳائي انهن سورنهن ۾غير معمولي اضافو ڪندو رهيو آهي.مخدوم امين فهيم جي ان موقف بعد پ پ پ جي اهم فيصلن وارن اجلاسن ۾ ويهندڙ هڪ پ پ پ اڳواڻ ڪچهري ۾ هن ريت تجزيو ڪيو هو ته ”مخدوم امين فهيم بابت جيڪي مواخذي جي تحريڪ جي اعلان بعد رابطن جون ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن، انهن خبرن کي مخدوم صاحب جيڪڏهن سچ ثابت ڪري وٺي ٿو ته کيس ڪو عارضي فائدو ملي ته ڀلي، باقي ان کانپوءِ مخدوم صاحب سياسي طور ماضيءَ جي ڪهاڻي بڻجي ويندو“. حڪمران اتحاد پاران جوڙيل ڊرافٽ ڪاميٽي جا روزانو اجلاس جاري آهن، ڪجهه ماڻهو ته ائين به چئي رهيا آهن ته اڄ اهو ڊرافٽ تيار ٿي ويندو. ڊرافٽ ڪاميٽي جو ميمبر احسن اقبال اهو چئي چڪو آهي ته صدر جي مواخذي جي چارج شيٽ سوين صفحن تي ٻڌل هوندي، اهڙي ئي قسم جي ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات جي وزير شيري رحمان به ڪندي چيو آهي ته”صدر جي چارج شيٽ ۾ ايترا ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن، جو اسان لاءِ مسئلو پيدا ٿي ويو آهي ته ڪهڙن ثبوتن کي مواخذي جي چارج شيٽ ۾ شامل ڪجي ۽ ڪهڙن کي نه ڪجي“. انهن ڳالهين مان ظاهر آهي ته صدر جي مواخذي واري چارج شيٽ ڊگهي هوندي. ڊرافٽ ڪاميٽيءَ جا هن وقت تائين اجلاس پ پ پ جي اڳواڻن وٽ ئي ٿيا آهن، ڪڏهن ميان رضا رباني جيڪو سينيٽ ۾ قائد ايوان آهي، ان وٽ ته ڪڏهن وري شيري رحمان وٽ ٿيا آهن. انهن اجلاسن شروع ٿيڻ بعد اهي ڳالهيون به گردش ڪرڻ لڳيون آهن ته ميان رضا رباني کي فاروق ايڇ نائيڪ جي جاءِ تي قانون جو وفاقي وزير بنايو پيو وڃي ۽ فاروق ايڇ نائيڪ کي وري ڪا ٻي ذميواري سونپي ويندي. ايوان صدر به ان چارج شيٽ جو ئي انتظار ڪري رهيو آهي، جيڪا چارج شيٽ قومي اسيمبليءَ جي ٽوٽل ميمبرن جي تعداد جي اڌ تعداد جيترا ميمبر قانوني طور قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي سگهن ٿا،پر حڪمران اتحاد پنهنجي سمورن ميمبرن کان ان تحريڪ پيش ڪرڻ وارن پرو فارمن تي صحيحون ڪرائي ورتيون آهن، جنهن ڪري آئيني گهرج کان وڌيڪ تعداد ۾ ان تحريڪ تي صحيحون ڪري اسپيڪر وٽ جمع ڪرائيندا. ان تحريڪ جي جمع ٿيڻ جي ٽن ڏينهن اندر اسپيڪر آئيني طور پابند آهي ته ان مواخذي جي تحريڪ جي نقل ڪاپي صدر ڏانهن اماڻي، ان بعد قومي ۽ سينيٽ جو گڏيل ايوان هڪ هنڌ قومي اسيمبليءَ جي ايوان ۾ ويهي ان چارج شيٽ جي صحت تي ڳالهين وارو عمل شروع ڪندو،آخر ۾ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس دوران ميمبرن جون مواخذي جي تحريڪ جي حق ۽ مخالفت ۾ ايوان اندر ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻه لابيون اسپيڪر اعلان ڪندي،ان سان صدر جي حمايت ڪندڙ توڙي حڪمران اتحاد جي ساٿ ڏيندڙن جي تعداد جو پتو پئجي ويندو.ان صورتحال ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن لڳندا ۽ حڪمران اتحاد 3 کان 4 سيپٽمبر تائين مواخذي وارو مرحلو پورو ڪرڻ جو اعلان به ڪري چڪو آهي.سازشن ۽ افواهن جي شهر طور مشهور اسلام آباد ۾ اڄڪلهه اهي تبصرا به ٿي رهيا آهن ته جيڪڏهن صدر مشرف مواخذي جي تحريڪ جمع ٿيڻ کان اڳ استعيفيٰ نه ڏني ته، ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته هن کي مدد جو ڪٿان ڪو وڏو آسرو مليو آهي.اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ اهو به چون ٿا ته جيڪڏهن مواخذي جي تحريڪ کان اڳ جنرل پرويز مشرف استعيفيٰ نه ڏني ته پوءِ هو صدارت تان انهن کي هٽندي نظر نٿو اچي.مواخذي واري تحريڪ ۾ ڪير کٽيندو ۽ ڪير هارائيندو هاڻ اهو فيصلو جلد ٿيڻ وارو آهي.

    صدر پرويزمشرف جي مواخذي ۾ ڪاميابي لاءِ حڪمران اتحاد جي چئني پارٽين وٽ پنهنجي ميمبرن جو تعداد في الحال پورو ناهي. پ پ وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ميمبرن جو تعداد 125،سينيٽ ۾10۽ نواز ليگ جا91 قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ 4 ميمبر آهن،جڏهن ته اي اين پي جا قومي اسيمبليءَ ۾ 13 ۽ سينيٽ ۾ ٻه ميمبر موجود آهن. اهڙي ريت حڪمران اتحاد ۾ شامل چوٿين جماعت جي يو آءِ جا قومي اسيمبليءَ ۾ 6 ۽ سينيٽ ۾ 13ميمبر آهن.سمورين حڪمران اتحاد جي پارٽين جي ميمبرن جو ڪل تعداد 264 ٿئي ٿو جنهن ڪري حڪمران اتحاد کي مواخذي جي تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ اڃا گهٽ ۾ گهٽ 31 ميمبرن جي ضرورت آهي.اهو به تڏهن جڏهن پ پ پ پنهنجي ميمبر مخدوم صاحب جي حمايت يقيني طور حاصل ڪري سگهي. 31 ميمبرن جي کٽل تعداد کي ڏسڻ بعد آزاد طور ڪامياب ٿيل 7 ايم اين ايز پ پ پ جوائن ڪئي آهي ۽ 4 ايم اين اي وري مسلم ليگ (ن) ۾ وڃي چڪا آهن، جن سان حڪمران اتحاد وٽ 11 ميمبرن جو اضافو ٿيو آهي، جيڪو تعداد هاڻ 275 ٿئي ٿو. اڃا به حڪمران اتحاد کي وڌيڪ 20 ميمبرن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو آهي. پ پ پ، پختونخواهه پارٽي جي 3 سينيٽرن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ محمود خان اچڪزئي سان رابطو ڪري چڪي آهي، جيڪو اي پي ڊي ايم جو ڪنوينر پڻ آهي ۽ تازو ئي صدر مشرف کي هٽائڻ ۽ ججن جي بحالي لاءِ اي پي ڊي ايم تحريڪ جو به اعلان ڪري چڪي آهي، کڻي فرض ڪجي ته اهي ٽي سينيٽر حڪمران اتحاد جي حمايت ڪندا ته به حڪمران اتحاد جو تعداد پورو نٿو ٿئي.سينيٽ جي 11 سينيٽرن سان ڳالهيون ڪري تعداد پورو ڪري سگهجي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته حڪمران اتحاد فنڪشنل ليگ جا 6 ووٽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي مدد سان حاصل ڪري وٺي. صدر مشرف کي به ايترا ئي ووٽ پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کانپوءِ مواخذي جي تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگهندي. خصوصن فاٽا ۽ ڪجهه آزاد ميمبرن جي ماضي جي ڪردار کي ڏسي اهي به ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ته انهن سدائين طاقت جو ساٿ ڏنو آهي ۽ انهن ميمبرن کي ڪير طاقتور هجڻ جو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.اجيتوڻيڪ حڪمران اتحاد وٽ مواخذي جي تحريڪ جي ڪاميابي جيترو ميمبرن جو تعداد موجود ناهي، پر ان حوالي سان مواخذي تحريڪ کان وڌيڪ تعداد هجڻ واريون ڳالهيون به حڪمران اتحاد جون ڪي غلط نٿيون لڳن، ڇاڪاڻ ته ق ليگ جي سينيٽ توڙي قومي اسيمبليءَ ۾ موجود ميمبرن موجوده صورتحال کان اڳ ئي فاروڊ بلاڪ جوڙي حڪومت سان رابطا ڪيا هئا، تڏهن صدر پرويز مشرف ايتري ڪمزور حيثيت ۾ به نه هيو ۽ هاڻي جڏهن هو ظاهري طور جڏهن مقابلو هاريندي نظر اچي رهيو آهي تڏهن نه رڳو فارورڊ بلاڪ جي ميمبرن حڪومت سان رابطا وڌايا آهن، پر اهي صدر مشرف کي استعيفيٰ ڏيڻ جا به مشورا ڏئي رهيا آهن. نه رڳو ايترو پر ق ليگ جي حڪومت دوران وفاقي گهرو وزير رهندڙ آفتاب شير پائو به حڪمران اتحاد جي حمايت ڪئي آهي ۽ فارورڊ بلاڪ کانسواءِ ق ليگ جا اهي ميمبر به حڪومت سان رابطي ۾ آهن، جن کي پنهنجو سياسي مستقبل ايندڙ وقت دوران خطري ۾ محسوس ٿي رهيو هو. ڪير آمريت جو ساٿ ٿو ڏي ۽ ڪير جمهوري ڌرين جو ان بابت جلد عوام آگاهه ٿي ويندو.
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    ڇا نواز شريف پنهنجي فيصلن تان ڦرڻ واري روايت کي پاڻي ڏيندو؟




    سومر 25 آگسٽ 2008ع



    اڄوڪي ڏينهن تي ملڪي سياست ۾ ڪا تبديلي اچڻ جي حوالي سان اهم چيو پيو وڃي. اڄوڪو ڏينهن ان ڪري غير معمولي آهي، جو حڪمران اتحاد جي اهم ڌر مسلم ليگ ن جي سربراهه پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جيڪو 3 وڳي شروع ٿيندو ۽ امڪان آهي ته قومي اسيمبليءَ جي اڄ واري اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري مٿان لکت ۾ ڪيل واعدن جي خلاف ورزي جا الزام هڻي اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏي. حڪمران اتحاد کان مسلم ليگ (ن) جي ڌار ٿيڻ جي امڪانن کي ئي هر دفعي ڇو ٿو محسوس ڪيو وڃي؟ واري سوال جي جواب ۾پ پ پ جي هڪ اڳواڻ چيو ته، اڳ ميان نواز شريف جي لهجي ۾ تلخي ايتري نه هئي، جيتري هاڻ آهي، ان جي تلخي جي وڌڻ جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جيڪو پريس ڪانفرنس دوران ميان نواز شريف انڊين گلوڪار محمد رفيع جي ججن جي بحالي نه ٿيڻ واري سوال تي، گاني جا ٻول جهونگاريا هئا ته ”ڪيا هوا تيرا واعده، وه قسم وه اراده“. جنهن مان لڳي ٿو ته هو ڌار ٿي ويندو، ڇو ته مسلم ليگ (ن) جي ٻين مرڪزي اڳواڻن جي ٻولي به هاڻي آصف علي زرداري بابت ساڳي نه رهي آهي، جيڪو ڪجهه وقت اڳ ڳالهائي پئي وئي، جنهن مان لڳي ٿو ته، نواز ليگ حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پر اعلان اڄ (سومر) ڪيو ويندو. پ پ پ جو اهو اڳواڻ پنهنجي ڪمري جي ڊرائنگ روم ۾ اڃا ڳالهه مڪمل ئي مس ڪري ٿو ته، اتي ويٺل هڪ ٻيو شخص چوي ٿو ته، اڃان به حڪمران اتحاد بچڻ جو امڪان آهي، ڇاڪاڻ ته، ميان صاحب گاني جا اڳيان ٻول نه جهونگاريا آهن، جيڪي هي آهن ”بهولي گا دل جس دن تجهي وه دن زندگي ڪا آخري دن هوگا“. ان شخص موجب جيڪڏهن ميان صاحب، اهي ٻول جهونگاري ها ته، پوءِ سمجهجي ها ته هاڻي اتحاد نه هلندو، پر جيئن ته ميان صاحب اهي بچائي رکيا آهن، ان ڪري ميان صاحب کي هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ پ اڳواڻ مڃائي وٺندا.

    شايد ميان نواز جي مڃي وڃڻ جو اڃان آسرو انڪري به رکيو پيو وڃي جو ميان نواز شريف پنهنجن فيصلن تان پٺتي هٽندو رهيو آهي. پوءِ هو ڪهڙي به مجبوري تحت پنهنجي فيصلن تان هٿ کڻي ويو هجي يا پوئتي هٽيو هجي پر هن پاڻ بابت ماڻهن ۾ فيصلن تان هٿ کڻي وڃڻ واري سياستدان واري راءِ جوڙي ڇڏي آهي. ميان صاحب جي اهڙي عمل تي ڪجهه ماڻهو ان خيال جا پڻ آهن ته، هو جذباتي فيصلا ڪري ته وٺي ٿو پر انهن تي بيهي نٿو. ان حوالي سان اهي دليل ڏنا پيا وڃن ته، چونڊن بعد ميان نواز شريف پهريان پرويز مشرف کي گهر موڪلڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تان هٽائي کيس پ پ پ جي اعليَ قيادت ججن جي بحالي تي ڳالهيون ڪرڻ تي راضي ڪيو ۽ ان ڳالهه تي راضي ٿيڻ کانپوءِ ميان صاحب ججن جي بحالي ٿيندي ئي، جنرل مشرف کي اقتدار تان گم ٿيندي محسوس ڪرڻ لڳو. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته هي اهو ئي ميان نواز شريف آهي جنهن ججن جي بحالي نه ٿيڻ تي وفاقي ڪابينه مان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ وري جڏهن آصف علي زرداري صدر جي مواخذي ڪرڻ جي يقين دهاني ڪرائي ته هن ججن جي بحالي کان اڳ پنهنجا چار وفاقي وزير ڪابينه ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. ان حوالي سان ميان نواز شريف جي چونڊن جي بائيڪاٽ ڪرڻ سوڌو، صدر مشرف کان حلف نه کڻڻ وارا مثال پڻ ڏنا پيا وڃن. ميان نواز شريف انهن حوالن جي ڪري ڪجهه پ پ پ اڳواڻن کي اتحاد کان ڌار ٿيندي نظر نٿو اچي.

    سينيٽر ميان رضا رباني به حڪمران اتحاد قائم رهڻ جي اميد ظاهر ڪندي چئي چڪو آهي ته اڳ به حڪمران اتحاد ٽٽڻ جون ڳالهيون ٿيون، پر حڪمران اتحاد موجود آهي ۽ موجود رهندو، پر ان باوجود آصف علي زرداري جي صحيحن وارا معاهدا بار بار ڪوٽ جي کيسي مان ڪڍي ڏيکاريندڙ ميان نواز شريف جا ويجها حلقا چون ٿا ته، حڪمران اتحاد سان هاڻ گڏ هلڻ نه رڳو مشڪل پر ناممڪن ٿيندو پيو وڃي. جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ٿي ته، مسلم ليگ (ن) جا 91 ايم اين اي مخالف ڌر جي انهن ميمبرن سان اچي ويهندا، جن تي پ پ پ ميمبرن کان وڌيڪ ن ليگ جا ميمبر تنقيد ڪندا رهيا آهن ۽ اهڙي صورت ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ نئين منظر جو ڏيک ڏيندي. ان سان گڏ اڄ اهو به ٿي سگهي ٿو ته، اجلاس دوران ئي مسلم ليگ (ن) جي خالي ڪيل سرڪاري بينچن تي ايم ڪيو ايم جا 25 ايم اين اي اچي براجمان ٿين، جن بابت پردي پويان گهڻن ڏينهن کان ڳالهيون هلنديون رهيون آهن ۽ اهي اطلاع آهن ته پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ مامرا طئه ٿي چڪا آهن رڳو (ن) ليگ جي ڌار ٿيڻ جي دير آهي. اهو به چيو پيو وڃي ته، ججن جي بحالي پنهنجي طريقي سان ڪرڻ يا پاڻ ڪريڊيٽ کڻڻ وارا ڪم پ پ پ، مسلم ليگ (ن) جي اتحاد ۾ موجودگي تائين نه ڪري سگهندي، ان ڪري ئي آصف علي زرداري ڀوربن معاهدي بعد آگسٽ ۾ ڪيل لکت واري معاهدي تان ڦرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، معاهدن تان ڦرڻ جو جيتوڻيڪ ظاهري طور تي ته آصف علي زرداري کي فائدو ٿي سگهي ٿو، پر اهو عمل هڪ سياستدان جي ساک کي پڻ متاثر ڪري سگهي ٿو. اڄوڪو ڏينهن انڪري به اهم آهي جو پ پ پ کان هزارين شڪايتون ڪندڙ، مسلم ليگ (ن)، آصف علي زرداري کي صدر لاءِ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿي يا پنهنجو اميدوار سامهون ٿي آڻي. مسلم ليگ (ن) ڪهڙو به فيصلو ڪري، پر ق ليگ پنهنجي جهڙي تهڙي صدارتي اميدوار جو اعلان ڪندي، جيڪو اميدوار ڪاميابي ته ماڻي نه سگهندو پر ڪجهه ڏينهن تائين کيس مفت ۾ ميڊيا جي پبلسٽي ضرور نصيب ٿيندي. باقي جي يو آءِ، اي اين پي، ق ليگ جي فارورڊ بلاڪ توڻي قومي اسيمبلي جي آزاد ميمبرن سان پ پ پ قيادت ڳالهيون مڪمل ڪري صدارتي چونڊ ۾ واضح اڪثريت ڏسڻ بعد ئي آصف علي زرداري جو نالو اميدوار طور اعلان ڪيو آهي. چون ٿا ته جي يو آءِ کي بلوچستان جي گورنري ۽ اي اين پي کي وري سرحد جي گورنري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻئي طرف وري فاٽا ۽ آزاد ميمبرن کي مملڪتي، وفاقي وزارتون يا پارلياماني سيڪريٽري شپ ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

    جيتوڻيڪ آصف علي زرداري جو صدارتي اميدوار طور باضابطه اعلان ڪيو ويو آهي، پر اڃان تائين ان اعلان کي منجهيل سٽ سمجهي ماڻهو سلجهائيندي نظر اچي رهيا آهن ته آخر اهڙو عهدو جنهن عهدي کي پ پ پاڻ بي اختيار ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندي رهي آهي، جي آصف علي زرداري چونڊ ڇو ڪئي آهي؟ ان سوال تي طرح طرح جا بحث ٿي رهيا آهن پر پاڻ ڪنهن به بحث دوران ايندڙ راءِ کي حتمي قرار ڏئي نٿا سگهون، باقي اهو ضرور نظر اچي رهيو آهي ته، ظاهري طور سياسي ميدان ۾ سوڀاري نظر ايندڙ پ پ پ ايندڙ وقت ۾ گهڻن امتحانن مان گذرندي، ڇو ته آصف علي زرداري جي صدر ٿيڻ بعد به آصف علي زرداري پارٽي معاملن ۾ دخل ڏيندو، جنهن جا گهڻا امڪان به آهن. ان کانپوءِ پ پ پ مٿان اهڙي ئي تنقيد شروع ٿيندي، جيڪا رٽائرڊ جنرل مشرف جي دور ۾ ق ليگ کي سپورٽ ڪرڻ تي جنرل مشرف مٿان ٿيندي هئي. سياست تي گهري نظر رکندڙ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته حڪمران اتحاد وٽ جنرل مشرف جو مواخذو ڪرڻ جيتري عددي برتري هئي، پر ان باوجود حڪمران اتحاد آئين ۾ ڏسيل طريقي موجب صدر کي هٽائڻ واري رستي تي پابندي سان عمل ڪرڻ بجاءِ ڳجهين طاقتن جي مداخلت سان مشرف کي گهر ڀيڙو ڪري نه، صرف هڪ مثبت نئين روايت کي پيدا ٿيڻ کان روڪيو، پر پاڻ کي به مسئلن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اڄوڪو ڏينهن ملڪي سياست ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي ٿو، ڇا هڪ ٻئي جي مخالف رهندڙ ٻن سياسي پارٽين جا رستا الڳ ٿين ٿا يا هڪ ڀيرو وري نواز شريف پنهنجي فيصلن تان ڦرڻ واري روايت کي پاڻي ڏيندي اتحاد ۾ رهڻ جو فيصلو ڪندو؟
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    وڪيلن جي تحريڪ کي زندگي ارپيندڙ انسان جو وڇوڙو!




    اربع 30 جولاءِ 2008ع



    امداد اعواڻ جو نالو ان وقت ڏيهي پرڏيهي ميڊيا ۾ گونجيون ۽ بار بار ايندو رهيو، جڏهن هو پني عاقل جي پريمي جوڙي شائسته عالماڻي ۽ بلخ شير مهر جو وڪيل ٿيو هو. ان پريمي جوڙي کي ڌار ڪرڻ بابت دٻاءُ رکندڙ ۽ ڪوششون ڪندڙ هاڻي ته ڪنهن کان لڪل به ناهن پر سنڌ جي ان وقت وڌ ۾ وڌ طاقتور ماڻهوءَ جي دٻاءَ باوجود امداد اعواڻ ان جوڙي کي گڏائڻ جي لاءِ ڪيس مضبوطيءَ سان وڙهيو. ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي مان ڊگري وٺندڙ ان 64 ورهين کي پهتل وڪيل کي اهو پتو نه هيو، جتان هن ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي شروعات ڪئي هئي، ان شهر ۾ ئي هو عدليا جي بحالي جي تحريڪ جي ڏئي ۾ پنهنجي ساهه جي ڌڙڪن وجهي راهه رباني وٺندو. امداد اعواڻ کي اوچتي موت جي ته خبر نه هئي پر ڊاڪٽرن پاران ڪيل کيس هدايت ضرور ياد رهندي هئي ته توهان جي شگر ليول ان سطح تي آهي جو اوهان سفر نٿا ڪري سگهو، پر عدليا جي بحاليءَ واري تحريڪ جو هي يگانو اڳواڻ انهن هدايتن کي ياد رکي به عمل نه ڪندو هو. تازو ملتان ۾ معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد هو سکر گهر اچڻ بدران ڪراچي ۾ جلسي جا بندوبست ڪرڻ لاءِ سڌو ڪراچي روانو ٿيو هو، ائين 5 ڏينهن کان سندس گهر وارن کيس ڳالهائيندي افتخار محمد چوڌري، اعتزاز احسن سان هٿ هٿن ۾ ملائي هلندي ٽي وي اسڪرين تي ئي ڏٺو هو ۽ هاڻي جڏهن هن جو لاش سکر آندو ويندو ته خاموش ٿي عدليا جي بحاليءَ جا خواب کڻي ويندڙ امداد اعواڻ جي گهر وارا ۽ دوست هن جو ديدار ڪندا.

    امداد اعواڻ کي سکر بدران اباڻي قبرستان شڪارپور ۾ ئي دفن ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي، ڇو ته امداد اعواڻ جي جنم ڀومي شڪارپور آهي ۽ سندس اباڻو گهر اڄ به لکيدر شڪارپور ڀرسان موجود آهي. هاءِ ڪورٽ بار سکر جو وڪيل شبير شر چوندو هو ته، امداد اعواڻ اسلام آباد هجي يا لاهور ۾ ٻين صحافين سان هو مونکي رابطي ڪرڻ لاءِ ذميواري رکندو هو. اها امداد اعواڻ صاحب جي مهرباني هئي، جو هو لاهور ۾ هجي يا اسلام آباد ۾ وڪيلن جي فيصلن کان مونکي آگاهي ڏيندو هو. جڏهن ڪراچي کان اسلام آباد تائين ججن جي بحاليءَ بابت لانگ مارچ ڪيو ويو هو ته هن قافلي جي لوڪيشن بابت هو مون کي وقت به وقت با خبر پئي رکيو ۽ اهو به پئي چيو ته يار شگر ليول وڌي ويل آهي ۽ ڊاڪٽر آرام ڪرڻ لاءِ ٿا چون، پر مان ڪيئن عدليا جي بحالي واري تحريڪ ۾ موجود دوستن جي سٿ مان پاڻ کي ڌار ڪريان. ان جو ارادو ايترو مضبوط هو، جو ڪالهه هن هٽايل چيف جسٽس جي گاڏي هلائيندي تحريڪ لاءِ جان جي قرباني ڏئي پنهنجو نالو انهن ماڻهن جي لسٽ ۾ رقم ڪرايو آهي، جيڪي جدوجهد جي ميدان ۾ زندگي خوشيءَ سان ڏئي ڇڏيندا آهن. 11 سالن کان لڳاتار هاءِ ڪورٽ بار سکر جو صدر رهندڙ امداد اعواڻ پساهه پورا ڪرڻ وقت سپريم ڪورٽ بار جو نائب صدر به هو. هو پ پ جي 1995ع واري حڪومت ۾ سينيٽر به رهيو ته 7 سال ڊسٽرڪٽ بار سکر جو صدر به رهيو. سندس وڪيل تنظيمن ۾ عهدن جا تفصيل ڏسي اهو لڳندو هو ته هن جو ڄڻ ته وڪيل تنظيمن سان عشق هو. جيڪڏهن انهن چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ امداد اعواڻ جو شوق ۽ عشق نه هجي ها ته هو پاڪستان بار ڪائونسل جي سنڌ مان ميمبر ٿيڻ عيوض پ پ سان جواني کان واسطي کي داءُ تي لڳائڻ جهڙو ڏکيو فيصلو نه ڪري ها. 2005ع ڌاري پاڪستان بار ڪائونسل جون چونڊون ٿي رهيون هنيون ته سنڌ مان ميمبر ٿيڻ لاءِ پ پ مان امداد اعواڻ ۽ فاروق ايڇ نائيڪ فارم ڀرائي ورتا هئا. پ پ جي قيادت فاروق ايڇ نائيڪ جي حق ۾ امداد اعواڻ کي هٿ کڻڻ ۽ ان جي حمايت ڪرڻ جون هدايتون ڪيون هنيون. امداد اعواڻ کان جڏهن مون اهڙيون خبرون اچڻ بعد پڇيو هو ته، هن وراڻيو هو، مان ان ڪري هٿ نه کڻندس جو ان سان سنڌ جي بار ڪائونسل ۾ نمائندگي ئي نه رهندي، ڇاڪاڻ جو فاروق ايڇ نائيڪ ڪشمير جو آهي. ٻيو ته مون کي ان تي گوڙ ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري به ناهي، جو مان کيس هارائي ڇڏيندس. واقعي ٿيو به ائين. پ پ جي حمايت باوجود فاروق ايڇ نائيڪ هارائي ويو هو ۽ امداد اعواڻ پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو هو. پر قيادت جو فيصلو نه مڃڻ تي امداد اعواڻ کي پ پ جي قيادت پيپلز لائير فورم جي ڊويزنل صدر واري عهدي تان هٽائي لياقت علي شر ايڊووڪيٽ کي فورم جو صدر مقرر ڪيو هو. ان باوجود هو پ پ ڇڏي ٻي ڪنهن پارٽي ۾ نه ويو هو. مونکي جڏهن اهو پتو پيو هو ته پ پ مان سندس بنيادي ميمبرشپ به ختم ڪئي وئي آهي ته ان بابت مون امداد اعواڻ کان پڇيو هو، جنهن جي هن تصديق ته نه ڪئي هئي، پر اهو چيو هو ته مون ايم آر ڊي تحريڪ 1983ع ۽ 1986ع دوران جيلون پ پ پ جي ڪري ڪاٽيون آهن، نوجوان مان اچي پوڙهو پ پ ۾ ٿيو آهيان، مان پ پ کي نه ڇڏيندس. هن اهو چيو هو ته مان پنهنجي موقف ۾ درست هيس ۽ اڄ به اهو سمجهان ٿو ته مون پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر واري چونڊ مان فاروق ايڇ نائيڪ جي حق ۾ هٿ نه کڻي ڪو غلط فيصلو ناهي ڪيو.

    ٻن پٽن ۽ ٽن نياڻين جي والد امداد اعواڻ کي 2 نومبر 2007ع تي اعتزاز احسن ۽ ٻين وڪيلن سميت گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس پهريان سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي گهر مان گرفتار ڪري آندو ويو هو. مارشل لا ۽ ايمرجنسي آرڊر تحت امداد اعواڻ کي سکر جيل جي ڦاسي گهاٽ ۾ رکيو ويو هو ۽ جڏهن سندس شگر ليول 500 کي رسي هئي ته کيس سکر اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي سندس علاج ڪيو پئي ويو. جڏهن افتخار محمد چوڌري کي هٽايو ويو هو ته امداد اعواڻ هٽايل ججن جي بحاليءَ جي تحريڪ جي شروعات سکر مان ڪرڻ جي حوالي سان هٽايل چيف جسٽس کي سکر هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ ان بعد هن مٿان تمام گهڻو دٻاءُ به رکيو ويو هو، پر ان هوندي به سکر ۾ چيف جسٽس جي خطاب وارو پروگرام هن ڪرائي هٽايل ججن جي بحالي واري جدوجهد ۾ نئون روح ڦوڪيو هو ۽ ان تقريب ۾ هاءِ ڪورٽ جا ان وقت موجود جج به شريڪ ٿيا هئا.

    امداد اعواڻ ان ڪراچي شهر ۾ فطري طور جدوجهد ڪندي ساهه ڏئي امر ٿيو آهي، جنهن شهر ۾ ان جي دوستن گذريل ڀيري غير فطري طور جانيون ڏئي هن تحرريڪ ۾ پنهنجو رت شامل ڪيو هو. جيئن امداد اعواڻ جي وفات بعد سندس ٻارڙن جي مٿي تان سندس شفقت جو سايو هٽي ويو آهي، ائين سکر به هڪ بهترين وڪيل، هڪ بهترين انسان کان محروم ٿي ويو آهي.
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    تيل جون وڌندڙ قيمتون، مهانگائي ۽ ڪنهن نئين اعلان جا منتظر ماڻهو!




    اڱارو 22 جولاءِ 2008ع



    ملڪ اندر مهانگائي پنهنجي انتها تائين پهتي آهي، ان جي رڪجڻ جي انديشن بجاءِ ان ۾ اڃا به وڌيڪ شدت اچڻ جو امڪان آهي، ڇو ته 15 جولاءِ تي اوگرا پيٽرول جي في ليٽر تي 10 رپيا 97 پئسا، ڊيزل 9 رپيا 49 پيسا ۽ گاسليٽ جي في ليٽر تي 8 رپيا 10 پيسا واڌ ڪرڻ جي سمري منظوري لاءِ وزير اعظم کي اماڻي آهي. منظوري لاءِ ويل ان سمري جي منظور ٿيڻ سان مهانگائي جي عروج ۽ انتها ۾ جيڪو اضافو ٿيندو ان بابت هر ڪو اندازو به ڪري سگهي ٿو پر ان مهانگائي مان سڌو متاثر غريب ماڻهو به لب ڪشائي ڪندا، جن ملڪ ۾ جمهوري حڪومت اچڻ جا نه صرف سنهري ۽ اميدن ڀريا خواب ڏٺا هئا، پر انهن خوابن جي ساڀيا لاءِ انهن غريب ماڻهن هزارين مخالفتون ۽ دشمنيون به ڪلهن تي کنيو هيون؟ جمهوري حڪومت جي دور ۾ چار ڀيرا پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ جون قيمتون وڌيون، گيهه، کنڊ، دالين سميت عام واهپي جي شين جا اگهه 20 کان 30 سيڪڙو تائين وڌي ويا، پر نه وڌي آهي ته ان غريب اڪثريت جي آمدني نه وڌي آهي، ان ڪري هڪ سئو کان سئو ٽيهه رپيا روزانو ڪمائيندڙ غريب مزدور لاءِ زندگي جو گاڏو گهلڻ نه صرف مشڪل نه پر ناممڪن ٿي ويو آهي، ڇو ته جڏهن گيهه 130 رپيا ڪلو تائين پهچي ۽ داليون به 50 ۽ 70 رپيا ڪلو تائين وڃي رسن، ان صورت ۾ شادي، غمي جو فڪر ته پري جي ڳالهه پر ٻن وقتن جي ماني جي پريشانيءَ مان ئي پاند آجو ڪرائڻ ممڪن ناهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت جي مقبوليت گهٽجڻ جا تجزيا ٿي رهيا آهن. انهن تجزين ۾ حڪومت جي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ ڪوٺيو ويو آهي.

    اهڙي تنقيد شروع ٿيڻ کان پوءِ ئي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني قوم کي خطاب ڪري 100 ڏينهن جي حڪومتي ڪارڪردگي بابت اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ماڻهن جڏهن اهو ٻڌو ته انهن اهو سمجهيو ته وزيراعظم قوم کي خطاب ۾ عام واهپي جي شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندو، جو سرڪار مٿان وڏي تنقيد ٿي آهي. سکر مان پٿر ٽوڙي روزگار ڪندڙ نوجوان ته اهو به چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺا آهيو، اوهان کي ته خبرون ملنديون هونديون ته وزير اعظم قوم کي خطاب ۾ ڪهڙا اعلان ڪندو؟ ڇا هو اٽي، دال ۽ گيهه بابت رعايت جو اعلان ڪندو؟ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪندو. ائين ان جي سوالن جي هڪ ڊگهي لسٽ هئي، جيڪا هو ڳالهائڻ دوران بنا بريڪ بيان ڪندو ٿي ويو. جڏهن وزير اعظم صاحب جي خطاب جو اعلان ٿيو ته ڪنهن وڏي رليف واري اعلان جي آسري تي اهي خطاب جو وقت پڇندا رهيا، پر وقت جي خبر نه ٻين کي ته ڇا، پر ريڊيو ۽ ٽي وي جي انتظاميا جن کي خطاب نشر ڪرڻو هو به بي خبر هئا. قوم کي خطاب جو وقت مقرر نه ڪرڻ سبب مخالف ڌر جي اڳواڻن کي موقعو ملي ويو، جو هو چئي سگهن ته، ”خطاب جي متن جي منظوري دير سان ملڻ ڪري ائين ٿيو آهي. ”ان کي تاريخ جو جبر چئون يا پنهنجي بدقسمتي جو جڏهن به پيپلز پارٽي کي اقتدار مليو، تڏهن نه صرف حڪومتون بلڪه پوري رياست ئي شديد بحرانن ۾ ورتل هوندي آهي. تباهه حال ادارا، ٻڏندڙ معيشت، قحط ۾ ورتل ماڻهو، خودڪشيون ڪندڙ نوجوان ۽ خطرن ۾ ورتل وفاق اسان کي مليو آهي.“ اها منظرڪشي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني قوم کي خطاب دوران ڪئي ۽ ان بعد هن ملڪ کي هن وقت درپيش مشڪلاتن ۽ بحرانن جي هلڪي جهلڪ به پيش ڪئي. انهن ۾ وزير اعظم پاران اٽي جي کوٽ، لوڊشيڊنگ، دهشتگردي، انتهاپسندي، ججن جي بحالي، بگڙيل اقتصادي صورتحال ۽ انهن بحرانن کان وڏي ۾ وڏو بحران مهانگائي ۽ بيروزگاري کي قرار ڏنو ويو. وزير اعظم ننڍن آبادگارن جي فصلن جي انشورنس لاءِ پاليسي جو اعلان ڪيو ۽ اهو چيو ته ننڍن آبادگارن جي فصلن جي انشورنس جو پريمئر حڪومت ادا ڪندي. باقي ”محترمه بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام“ بابت نئين ڳالهه اها چئي وئي ته ان اسڪيم تحت 14 آگسٽ کان پهرين مرحلي ۾ 34 لک غريبن کي هر مهيني هزار رپيا ادا ڪيو ويندو. وزير اعظم خطاب ۾ گهڻي نه پر ٿوري ئي ججن جي بحالي بابت اها ڳالهه ڪئي ته ان بابت جلد خوشخبري قوم کي ٻڌڻ لاءِ ڏني ويندي.

    وزير اعظم جي قوم کي ڪيل خطاب دوران اها ڳالهه به سچ آهي ته جمهوريت ۽ عوام خاطر ان جي پارٽي سربراهن جان جو نظرانو ڏنو، ان پارٽي جي ڪارڪنن جيل ڪاٽيا، جدوجهد ڪئي ۽ اهو چوڻ به ٺيڪ آهي ته قائد اعظم ان ڪري پاڪستان جي تخليق نه ڪئي، جو آمريت جا پاڇا ان جو چهرو ڌنڌلائي ڇڏين. پر وزير اعظم جي خطاب ۾ چيل ان ڳالهه سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو ته ”هن وقت سڀ ادارا آئين موجب ڪم ڪري رهيا آهن، پارليامينٽ بالادست آهي.“ ڇو ته موجوده حڪومت جي ٽن مهينن دوران خود پ پ جي اهم ماڻهن پاران نجي ڪچهرين ۾ ڪيل اهي آهن ته ڪلرڪ کان ايس ڊي او تائين، انجنيئر کان مختيارڪار تائين مقررين تي پيسا ورتا پيا وڃن ۽ وزير اعظم جي ان ڳالهه تي به جزوي طور تي اتفاق ڪري سگهجي ٿو، جيڪا ڳالهه هن پنهنجي خطاب دوران چئي آهي ته ”ملڪ ۾ پهريون ڀيرو وفاق ۽ صوبن ۾ مڪمل هم آهنگي ۽ تعاون جي فضا قائم ٿي آهي.“ وزير اعظم جي ان ڳالهه سان جزوي طور تي ان ڪري اتفاق ڪريون ٿا ته حڪومت پاران ان ڏس ۾ نيڪ نيتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، پر عملن صوبن ۾مڪمل هم آهنگي جي فضا تڏهن قائم ٿيندي، جڏهن صوبن سان ناانصافي واري ڊگهي تاريخ جي باب جو خاتمو ٿيندو.

    وزير اعظم جي خطاب بعد چيو ويو ته قوم کي خطاب ۾ وزير اعظم ڪجهه به نه ڏنو، ماڻهو ته شادي بعد ڪنوار جو منهن ڏسڻ تي به منهن ڏيکارڻ جي مبارڪ ڏيندا آهن، اهڙين روايتن واري عوام کي ملڪ جي وزير اعظم پهرين خطاب ۾ ڪا به مبارڪي نه ڏني.
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    حڪومت جي سئو ڏينهن واري رٿابندي ۽ ان جا نتيجا




    آچر 13 جولاءِ 2008ع



    18 فيبروري وارين عام چونڊن کان مهيني بعد صدر جنرل(ر) پرويز مشرف وڏي تنقيد کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 19 مارچ تي طلب ڪيو هو، ان ڏينهن قومي اسيمبليءَ هال ۾ نون چونڊجي آيل ميمبرن قدم رکيا هئا ۽ ان ئي ڏينهن انهن ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر چوڌري امير حسن هٿان حلف کڻي صحيحون ڪرڻ بعد پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت ايم اين اي کي قومي اسميبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو هو.اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد نئين چونڊيل وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ساڳئي ڏينهن نظر بند ججن جي آزادي جو زباني آرڊر جاري ڪيو هو. 29 مارچ واري ڏينهن وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني اعتماد وارو ووٽ حاصل ڪيو هو ۽ اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد وزيراعظم ميمبرن ۽ عوام جي خواهشن کي نطر ۾ رکندي قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ 100 ڏينهن بابت ورڪنگ پلان جو اعلان ڪري ڄڻ ته، عوام کي خواب ڏسڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.

    وزير اعظم جي اعلانيل 100 ڏينهن واري ورڪنگ پلان ۾حڪومت کي ڪيتري ڪاميابي ٿي ۽ ڪيترن اعلانن تي عمل ٿي سگهيو ۽ ڪيترن تي نه ٿي سگهيو، اهو موضوع هن وقت ملڪ ۾ تمام وڏي بحث هيٺ آهي.جيتوڻيڪ عام واهپي جي شين توڻي تيل ۽ گئس جا اگهه عالمي مارڪيٽ ۾ وڌڻ ڪري ان جا اثر اسان جي ملڪ تي به پيا آهن. نئين حڪومت پنهنجي ٽن مهينن واري مختصر عرصي دوران تيل جي اگهن وڌائڻ جي هيٽرڪ مڪمل ڪئي آهي نه، صرف ايترو پر اڳوڻي حڪومت پاران مختلف شين تي ملندڙ سبسڊي کي اٽڪل 50 سيڪڙو گهٽائي ڇڏڻ جهڙو ڏکيو فيصلو به ڪيو ۽ ائين ئي بجلي جي بلن تي جي ايس ٽي 15 کان وڌائي سورنهن سيڪڙو ڪرڻ واري معاملي کي فنانس بل ۾ شامل ڪري ايوان کي گذارش ڪئي وئي ته، مذڪورهه جنرل سيلز ٽيڪس شروع ٿيندڙ مالي سال کان عام صارفين کان وصول ڪيو وڃي. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته، گئس، تيل ۽ بجلي جا اگهه بجيٽ پاس ٿيڻ بعد وڌايا ويا، جنهن بعد نه رڳو پي آءِ اي ۽ ريلوي پنهنجن ڀاڙن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو پر يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن به انهن اگهن وڌڻ جو جواز ڄاڻائي 20 کان 25 سيڪڙو اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي. نئين حڪومت جڙڻ کان اڳ يوٽيلٽي اسٽورن تي جيڪو گيهه 67 رپين ۾ ٿي مليو، هاڻي اهو گيهه 120 کان 125 رپيا في ڪلو پيو وڪرو ٿئي. مهانگائي جي طوفان غربت جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ ملڪ جي اڪثريتي عوام کي ايڏين ته تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جو انهن مان نجات جو عوام کي ڄڻ ته رستو ئي نظر نٿو اچي.مهانگائي وارو معاملو حڪومت جي ساک کي ڌڪ رسائي رهيو آهي.هن سڄي صورتحال ۾ ٻين سياسي پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏي امتحان ۾ پيپلز پارٽي آيل آهي، ڇاڪاڻ ته،نواز ليگ وفاقي وزارتن تان اسٿعيفائون پيش ڪري چڪي آهي، ان ڪري پيپلز پارٽي تي ذميورايون به وڌيڪ آهن.ڏسجي ته پيپلز پارٽي ڄاڻايل چئلينجن کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي.

    29 مارچ تي وزير اعظم پاران جنهن 100ڏينهن جي ورڪنگ پلان جو اعلان ڪيو ويو هو، ان ۾ قومي سڃاڻپ ڪارڊ مفت فراهم ڪرڻ، ليڊي هيلٿ ورڪرن جو تعداد وڌائڻ، بجلي بچت پروگرام شروع ڪرڻ، ڀاشا ڊيم جوڙڻ، وزير اعظم هائوس جا خرچ گهٽائڻ، رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي رٽائرمينٽ وقت گهر يا فليٽ ڏيڻ جهڙا نقطا شامل هئا. مٿين اعلانن جي سلسلي ۾ حڪومت پيش رفت ته ڪئي آهي، بجيٽ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو تعداد هڪ لک وڌائڻ لاءِ رقم رکي وئي آهي، توانائي بچائڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ گهڙيون اڳتي ڪيون ويون آهن، وزير اعظم سيڪريٽريٽ جا 40 سيڪڙو خرچ گهٽ ڪري بجيٽ ۾ سامهون آندا ويا آهن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي گهر ڏيڻ جي اسڪيمن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي پر وزير اعظم جي ورڪنگ پلان ۾ شامل جن اعلانن تي عمل نه ٿي سگهيو، انهن ۾ قبائلي علائقن جي پسماندگي ختم ڪرڻ وارو اعلان به شامل آهي، جنهن پسماندگي کي وزير اعظم دهشتگردي کي هٿي ملڻ جو سبب به قرار ڏنو هو. انهن علائقن لاءِ ڪنهن پئڪيج جو ته اعلان نه ٿي سگهيو آهي، پر اتي آپريشن ضرور شروع ٿيو آهي، جنهن تي حڪومت جون اتحادي جماعتون مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ تنقيد ڪري رهيون آهن. وزيراعظم پنهنجي ان اعلان ۾ پارلياماني ڪاميٽين کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه به ڪئي هئي، پر پارلياماني 46 ڪميٽين جي ميمبرن پاران منظوري ڏيڻ باوجود حڪومت چيئرمين مقرر نه ڪري سگهي آهي،ان ڪري اهي ڪاميٽيون به متحرڪ ناهن ٿي سگهيون.وزيراعظم اسٽيبلشمينٽ جي زيادتين جو شڪار ٿيلن جي زخمن تي پها رکڻ لاءِ انهن جو ذڪر ڪندي چيو هو ته، ان حوالي سان ”مفاهمتي ڪميشن“ قائم ڪئي ويندي پر اها ڪميشن به نه جڙي سگهي. 10 ملين انرجي سيور ڏئي بجلي جو بحران ختم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو هو ته، ڪابيناجي وزيرن لاءِ 16سئو سي سي کان وڌيڪ گاڏيون استعمال نه ڪرڻ جوبه اعلان ٿيو هو. ان کان علاوه وزير اعظم ڪابينه جي منظوري سان سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ملازمتون پيدا ڪرڻ لاءِ امپلائيمنٽ ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته، اها ڪميشن نوڪريون پيدا ڪرڻ بابت منصوبا بندي ڪندي ۽ ان ڪميشن تحت لٽريسي اينڊ هيلٿ ڪارپوريشن جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو، جنهن تحت گريجوئيٽ بيروزگارن کي 2 سالن تائين روزگار مهيا ٿيندو. وزير اعظم اهو به اعلان ڪيو هو ته، ملڪ ۾ نيشنل امپلائيمينٽ اسڪيم شروع ڪئي ويندي، جنهن تحت 50 سيڪڙو ضلعن جي هر غريب گهراڻي مان هڪ فرد کي سرڪاري نوڪري ڏني ويندي، سي اين جي گاڏين ۽ بسن لاءِ عام ڪئي ويندي ته جيئن ماحول بهتر ٿي سگهي، گهٽ زمين رکندڙ هارين جي زمين تي فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، شهرن توڙي ٻهراڙين جي غريب ۽ بيگهر ماڻهن کي اجهو ڏيڻ جي اسڪيم شروع ڪئي ويندي، مري معاهدي ۽ ميثاق جمهوريت تي عمل ڪيو ويندو. انهن اعلانن تي عمل نه ٿي سگهڻ جو هڪ سبب اهو به آهي جو حڪومت اڃا تائين هٽايل ججن جي بحالي وارو مامرو به حل نه ڪري سگهي آهي.پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چوندو رهيو آهي ته، پيپلز پارٽي ۽ حڪومتي اتحاد جي سينيٽ ۾ اڪثريت ناهي، جيڪڏهن سينيٽ ۾ اڪثريت ناهي ته پوءِ آئيني پئڪيج ذريعي ججن جي بحالي وارو فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ حڪومت اڃان تائين نان اشوز تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ اتحادي پارٽيون پنهنجي ساک بهتر ڪرڻ ۽ مستقبل لاءِ گرائونڊ تيار ڪرڻ ۾ رڌل ٿيون نظر اچن، شايد ان ڪري ئي نواز ليگ وفاقي وزارتون ڇڏيون.نواز ليگ وزارتون ڇڏڻ کانپوءِ آهسته آهسته پنهنجي تنقيد پيپلز پارٽي تي وڌائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.جڏهن ته هي حڪومت صرف پپيلز پارٽي جي نه پر گڏيل حڪومت آهي،جيڪڏهن مسئلا حل نه پيا ٿين ته ان لاءِ جيتري پيپلز پارٽي ذميوار آهي، اوتريون ئي ٻيون حڪومت جون اتحادي پارٽيون به ذميوار آهن.
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    صدر مشرف جو مستقبل ۽ ججن جي بحاليءَ وارو سوال!




    سومر 7 اپريل 2008ع



    ملڪ ۾ تازي نمودار ٿيل جمهوريت صدر پرويز مشرف کي پريشان ضرور ڪيو آهي پر سندس صدر طور عهدي تي رهڻ يا نه رهڻ وارو سوال اڃا تائين موجود نظر اچي رهيو آهي؟ في الحال ٽڪراءَ کان پاسو ڪندي نظر ايندڙ پ پ جي قيادت ته صدر پرويز مشرف جي مستقبل بابت لبڪشائي ڪري ڪجهه به واضح ناهي ڪيو پر پ پ جي وزير دفاع چوڌري احمد مختار صدر پرويز مشرف بابت راءِ ڏيڻ لاءِ ڳڙهي خدا بخش جي چونڊ ڪندي چيو آهي ته، ”صدر پرويز مشرف قومي اثاثو آهي، اسان ان سان گڏجي ڪم ڪنداسين ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ بابت پاليسيون پوئيواري ڪرڻ جهڙيون آهن، جن سان عالمي امداد حاصل ٿي سگهي ٿي.“ خبر ناهي ته وزير دفاع چوڌري احمد مختار جي لب ڪشائي پ پ قيادت کي سٺي لڳي، يا نه ان بابت ڏينهن ڏيڍ ۾ ئي شايد پتو پئجي وڃي، پر يقينن اها لب ڪشائي مسلم ليگ (ن) کي نه وڻي هوندي، جنهن پارٽي جو قائد توڙي ٻي مرڪزي قيادت صدر پرويز مشرف کي غير آئيني ۽ غير قانوني صدر قرار ڏيندي رهي آهي. صدر پرويز مشرف بابت اهڙو سخت موقف رکندڙ مسلم ليگ (ن) به صدر پرويز مشرف جي مستقبل بابت چٽائي ناهي ڪري سگهي، سواءِ صدر پرويز مشرف تي سخت تنقيد ڪرڻ جي. آمريڪا جي پرڏيهي وزير جان نيگرو پونٽي ۽ جنوبي ايشيا بابت آمريڪا جي وزارت خارجه جي خاص معاون رچرڊ بائوچر جڏهن پاڪستان جي نئين حڪومت جي اتحادي پارٽين جي سربراهن سان سندن گهرن تي وڃي ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو ته انهن ملاقاتن جي مقصد جي حوالي سان اهو تاثر اڀريو هو ته آمريڪي دهشتگردي واري جنگ بابت ته ملاقات دوران مخلوط حڪومت جي اتحادي پارٽين جي سربراهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا، پر اها ڳالهه ٻولهه رڳو ان حد تائين ئي محدود نه هوندي، ڳالهه ٻولهه جو ملاقات دوران رخ ۽ موضوع صدر پرويز مشرف ۽ عدليه جي هٽايل ججن جي بحالي وارو اشو به ٿي سگهي ٿو. ملاقاتن بعد نيگرو پونٽي ۽ رچرڊ بائوچر سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت دهشتگردي واري جنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ جي ته هر ڪنهن اڳواٽ تصديق ڪئي، پر جڏهن مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف کان ملاقات بعد فرنٽيئر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران اهو پڇيو ويو ته رچرڊ بائوچر ۽ نيگرو پونٽي صدر مشرف بابت اوهان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي؟ ان سوال جو جواب ڏيندي ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو هو ته، اسان آمريڪا اڳيان واضح ڪيو آهي ته اسان صدر پرويز مشرف کي غير آئيني ۽ غير قانوني صدر مڃون ٿا. ان ڳالهه مان واضح ٿي ٿو ته ضرور ملاقات دوران صدر مشرف جي مستقبل بابت ڳالهه ٻولهه ڇڙي هوندي، جنهن جي جواب ۾ ميان نواز شريف اهو چيو هوندو. ان کانسواءِ ججن جي بحالي بابت ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ بابت نواز ليگ جي سربراهه چيو هو ته، هٽايل ججن کي اسان کي بحال ڪرڻو آهي، آمريڪا کي نه. خير آمريڪين جون اتحادي پارٽين سان ملاقاتون پوريون ٿي وڃڻ باوجود صدر پرويز مشرف جي آواز ۾ پراڻو پڙاڏو نظر نه اچڻ ۽ سندس چهري تي اڳ واري تازگي ڳولڻ باوجود نظر نه اچڻ سان اهو تاثر اڀري رهيو آهي ته سندس نئين آيل جمهوريت سبب پريشاني جو علاج اڃان تائين تلاش نه ٿي سگهيو آهي.

    پر وزير دفاع چوڌري احمد مختار جي بيان پڙهڻ سان کيس ايتري ئي خوشي ملڻ جو انديشو آهي، جيتري حيراني صدر پرويز مشرف کي شايد چيف آف آرمي اسٽاف اشفاق پرويز ڪياني جي وزير اعظم هائوس ۾ وزير اعظم ڪابينا جي وزيرن توڙي اتحادي پارٽين جي سربراهن آصف علي زرداري، ميان نواز شريف، اسفنديار ولي ۽ مولانا فضل الرحمان کي ڏنل ملڪي صورتحال تي بريفنگ ڏيڻ تي ٿي هجي، جنهن ڪري صدر پرويز مشرف جي مستقبل بابت باوجود وزير دفاع جي بيان جي سوال پنهنجي جاءِ تي موجود ملي ٿو، جنهن سوال تي ملڪ جي گادي واري شهر ۾ بحث ٿين ٿا. اهو سوال صحافين، سياستدانن کان ويندي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ به موجود ملي ٿو ۽ ان حوالي سان ڇا ٿيندو؟ بابت هاڻي ائين ئي سوال ٿي رهيا آهن، جيئن ڪجهه ڏينهن پهريائين هرڪو اهو ڄاڻڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيو هو ته وزير اعظم ڪير ٿيندو؟ ڏسجي ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد هر مامري اڳيان سواليه نشان نظر آيا ۽ اها صورتحال اڄ به قائم آهي. چونڊون ٿينديون يا نه؟ هڪ ٻئي جي مخالف رهندڙ پارٽين ۾ اتحاد قائم ٿيندو يا نه؟ وزير اعظم ڪير ٿيندو؟ جهڙن سوالن مان نڪري هاڻي عوام صدر پرويز مشرف جي مستقبل ۽ هٽايل ججن جي بحالي وارن سوالن جي جوابن جي تلاش ۾ نظر اچي رهيو آهي. چون ٿا ته ابتدائي ڳالهه ٻولهه دوران نواز شريف صدر پرويز مشرف کي هٽائڻ ۽ هٽايل ججن جي بحالي وارا شرط پ پ قيادت آڏو رکيا هئا، پر بعد ۾ کيس پنهنجي ئي قيادت اهو چيو ته، عدليه جي هٽايل ججن جي بحالي سان صدر پرويز مشرف جو مامرو پاڻ ئي حل ٿي ويندو، جنهن بعد نواز ليگ هٽايل ججن جي بحالي واري شرط کي حڪومت ۾ اتحادي ٿيڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) هٽايل ججن جي بحاليءَ واري ”مري ڊڪليريشن“ تي ميڊيا جي موجودگيءَ ۾ صحيحون به ڪيون آهن ۽ ان بعد وزير اعظم 24 مارچ تي چونڊجڻ شرط قيد ججن جي آزادي جو حڪم ڏنو، جنهن ڪري جسٽس افتخار محمد چوڌري جي نظربندي ختم ٿي. ائين 29 مارچ واري ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد 100 ڏينهن جي پلان ۾ به وزيراعظم هٽايل ججن بابت ڪيل مري معاهدي تي عمل ڪرڻ واري موقف کي ورجايو آهي.

    مري معاهدي تي اتفاق ڪندي وڪيلن وزير اعظم جي اعتماد واري ووٽ وٺڻ واري تاريخ کان هٽايل ججن جي بحالي واري ڏينهن تائين ابتي ڳڻپ شروع ڪئي آهي ته پ پ ۽ اتحادي پارٽيون به ڏينهن گذرڻ سان هٽايل ججن جي بحالي واري فارمولا کي جلد طئه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪوئيٽا ۾ بحالي کانپوءِ 2 نومبر کان ڇڏيل سلسلي کي شروع ڪرڻ بابت تقرير دوران اظهار ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ججن جي بحالي بابت حڪومت پاران ان جي تقرير کان مختلف فارمولا جوڙڻ جون ڳالهيون منظر تي اچي رهيون آهن. ججن جي بحالي بابت ڏنل وقت تائين اڃان وڌيڪ تڪراري ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، پر 29 مارچ کان ججن جي بحاليءَ بابت شروع ڪيل 30 ڏينهن جي ڳڻپ 27 اپريل تي پوري ٿيندي. هٽايل ججن جي بحالي ان کان اڳ به ٿي سگهي ٿي، نه ته انهيءَ اشو بابت ٿيل معاهدي تي عمل ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت 27 اپريل تي ڳالهه واضح ٿيندي ۽ هٽايل ججن خصوصن معذول چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحاليءَ کانپوءِ ئي صورتحال گهڻيون شيون واضح ڪري ڇڏيندي. بحال ٿيڻ جي صورت ۾ افتخار محمد چوڌري ان سپريم ڪورٽ پهچي آفيس ۾ براجمان ٿيندو، جنهن جي کاٻي پاسي کان وزير اعظم سيڪريٽريٽ هوندو ته ساڄي پاسي کان پارليامينٽ، سينيٽ، ايوانِ صدر، ڪينيبٽ ڊويزن ۽ وفاقي وزيرن جون آفيسون آهن. انهن ادارن جي وچ ۾ ئي سپريم ڪورٽ جي بلڊنگ ٺهيل آهي. حڪومت به عدليه جي آزادي جي حق ۾ آهي، ڏسجي ته آزاد عدليه ۽ هٽايل ججن جي بحاليءَ جي صورت ۾ ملڪ اندر ڪهڙي نئين تاريخ رقم ٿي ٿئي.
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    انتظار جون گهڙيون طويل ڇو پيون ٿينديون وڃن؟




    جمع 7 مارچ 2008ع



    چونڊن جي غير سرڪاري نتيجن کي سامهون رکندي, پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ اي اين پي پاران 19هين فيبروريءَ کان شروع ڪيل ڳالهين کي اڃا تائين حتمي صورت نه ملي سگهي آهي. انتظار جون گهڙيون ڪجهه وڌيڪ ئي طويل ٿي ويون آهن.پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پاران جوڙيل مذاڪراتي ڪميٽين جا اڳواڻ روزانو ملاقاتون ڪري، ڳالهين کي حتمي صورت ڏيڻ جون ڪوششون ڪن ٿا، پر ملاقات ختم ٿيڻ بعد خبر پوي ٿي ته ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي ۽ مامرا جلد طئه ٿيڻ وارا آهن.

    بهرحال اڃا تائين ته ملڪ جي ٻنهي وڏين سياسي پارٽين وچ ۾ گڏيل حڪومت جوڙڻ واري خيال تي ڪو به اختلاف ناهي. پ پ، مسلم ليگ (ن) ۽ اي اين پي جي قيادت وچ ۾ مرڪز، پنجاب ۽ سرحد ۾ گڏجي حڪومت ٺاهڻ واري ڳالهه تي اتفاق هجڻ ڪري ئي ٽئي پارٽيون اسلام آباد ۾ پنهنجن 171 ايم اين ايز کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، پنهنجي طاقت واضح ڪري چڪيون آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته، خاص طور پ پ ۽ نواز ليگ وچ ۾ ججن جي بحالي، ايندڙ حڪومت ۾ اتحادين جي حصي ۽ صدر پرويز مشرف جي موجودگيءَ ۾ ڪم ڪرڻ وارن نقطن تي اتفاق نه ڪرڻ جو سبب ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڄاڻايل مسئلن جي حل بابت سوچيل طريقئه ڪار ۾ تفاوت ئي آهي. شايد ان ڪري ئي اهي اڃا تائين ڳالهين کي حتمي شڪل ڏئي ناهن سگهيون. جڏهن ته هاڻ آزاد چونڊجي آيل ميمبرن جي مختلف پارٽين ۾ شموليت وارو مرحلو به مڪمل ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن کٽي آيل پارٽين جي کنيل ڪل سيٽن مان مخصوص سيٽن وارو مرحلو به وڏي مهارت سان اڪلائي ڇڏيو آهي. ان ڪري امڪان آهي ته صدر ڪنهن به وقت قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو. جيڪڏهن آئين ۾ اليڪشن جا سرڪاري نتيجا جاري ٿيڻ کان پوءِ اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ ڏينهن ۽ وقت مقرر ٿيل هجي ها ته چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ پارٽيون ائين ايوان صدر ڏانهن واجهائيندي نظر نه اچن ها، جيئن هاڻ واجهائي رهيون آهن. ان ڪري ئي ايم ڪيو ايم سميت ايندڙ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڳالهيون ڪندڙ پارٽيون قومي اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ مطالبا ڪري رهيون آهن.

    حڪومت سازيءَ وارين ڪوششن ۽ ڳالهين دوران آمريڪا کان ويندي سعودي تائين جي سفيرن جون ملاقاتون به ان عمل ۾ ڊيگهه ٿيڻ جو ڪارڻ ٻڌايون وڃن ٿيون.ٻيو ته ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ججن جي بحاليءَ واري مسئلي جي حل لاءِ سوچيل طريقئه ڪار ۾ به فرق ٿو ڏسجي. مسلم ليگ ن پ پ کان ججن جي بحاليءَ بابت اسيمبليءَ ۽ حڪومت ٺهڻ کان پهرين ئي وضاحت چاهي ٿي. جڏهن ته پ پ عدليه جي بحاليءَ وارو مامرو پارليامينٽ تي ڇڏڻ وارو پنهنجو موقف دهرائيندي رهي آهي. ٻئي طرف نواز ليگ پنهنجي چونڊيل ميمبرن کان عدليه جي بحاليءَ لاءِ قسم به کڻائي چڪي آهي. ميان نواز شريف، صدر جنرل پرويز مشرف کي غير قانوني ۽ غير آئيني صدر قرار ڏئي ٿو ۽ هو بار بار ياد ڏياريندو رهي ٿو ته، هو ان معاملي تي هڪ قدم به پٺتي نه هٽندو. پهرين ته نواز شريف، صدر مشرف کي هٽائڻ جو مطالبو به پ پ قيادت اڳيان رکيو، پر کيس جڏهن اهو سمجهايو ويو ته هٽايل ججن جي بحال ٿيڻ سان صدر جي عهدي اڳيان پاڻ ئي ڪئين سواليه نشان کڙا ٿي ويندا. ان بعد وڃي هُو ان مامري تي ٿورو ٿڌو ٿيو. آصف علي زرداريءَ وانگر وڏيءَ دل ۽ درگذر ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندي، ميان نواز شريف ته نظر نٿو اچي. ان جو وڏو سبب شايد کيس وزيراعظم جي مسند تان اٿاري جيل موڪليندڙ پرويز مشرف ئي آهي.

    قومي اسيمبلي هڪ اهڙو ادارو آهي، جيڪو ميمبرن جي اڪثريت سان آئين ۾ ترميمون ۽ واڌارا ڪرڻ جو مجاز آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ جڙندڙ نون چهرن واري ايوان ۾ پ پ وٽ 85، مسلم ليگ (ن)وٽ 65 ۽ اي اين پي وٽ 10 سيٽون آهن. جڏهن ته ٻئي طرف قومي اسيمبليءَ جي 19 آزاد اميدوارن مان 16 پ پ ۽ نواز ليگ کي حمايت جو يقين ڏياري چڪا آهن. انهن پاران اهڙي يقين ڏيارڻ کانپوءِ ايندڙ حڪومت وٽ قومي اسيمبليءَ ۾ اها گهربل اڪثريت نظر اچي رهي آهي، جنهن سان هو صدر خلاف عدم اعتماد واري رٿ آڻي سگهي. ايندڙ حڪومت ٺاهڻ بابت ڳالهيون ڪندڙ ٽن مک سياسي پارٽين وٽ آزاد اميدوارن سميت 258 جي ظاهر ڪيل نتيجن مان 176 ميمبرن جي اڪثريت آهي. جڏهن ته بلوچستان ۾ جي يو آءِ سان حڪومت ٺاهڻ وارو فيصلو به پ پ ڪري چڪي آهي، جنهن سان کيس يو آءِ جي جي پنجن وڌيڪ ميمبرن جي به حمايت حاصل ٿي ويندي.

    جيتوڻيڪ عدليه جي بحاليءَ واري نقطي تي نواز ليگ، اي اين پي ۽ پ پ اڳواڻن وچ ۾ بظاهر ڪو اختلاف ناهي ان جي باوجود حڪومت سازيءَ لاءِ هلندڙ ڳالهيون ڇو پڄاڻيءَ تي نٿيون پهچن؟ اهو سوال ئي ملڪ جي سياسي صورتحال تي نظر رکندڙن کي پريشان ڪري رهيو آهي. بهرحال اهو منجهيل سُٽ ڪهڙو آهي، سو شايد ڪجهه ئي ڏينهن ۾ فاش ٿي ويندو ۽ وزير اعظم سميت وزارتن جي ورڇ وارا معاملا به طئي ٿي ويندا.
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم جناب ايم بي سومري جي لکيل ڪالمن جو مجموعو

    پ پ جي نئين قيادت، ڀٽو خاندان جو سحر ۽ ڪجهه قياس آرائيون




    اڱارو پهرين جنوري 2008ع



    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي سڄي ملڪ جو عوام سوڳوار آهي ۽ ماڻهن جو ڌيان ۽ دليون هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڙهي خدا بخش طرف ٿي ويون آهن. ملڪي عوام پهرين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ، ان جي پٽ شاهنواز ڀٽي کي فرانس ۾ زهر ڏئي قتل ڪرڻ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ٻئي اڪيلي رهجي ويل بهادر پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ ان جي وڏي نياڻي پنڪيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ وارين قربانين تي بحث ڪندي، اکين مان لڙڪ هاري رهيو آهي. سڄي ملڪ ۾ ماڻهن جي بحث جو موضوع گهڻي ڀاڱي هن خاندان سان ٿيل سانحا ۽ پ پ ئي آهن. اهڙيءَ صورتحال کي ڏسندي ئي پ پ جا اڳواڻ اهو سمجهن ٿا ته اعلانيل 8 جنوري تي چونڊون ٿيون ته پ پ زبردست ڪاميابي حاصل ڪري سگهندي. اهو ئي سبب آهي ته پ پ جي سي اي سي جي اجلاس ۾ اڪثريت ساڳيءَ تاريخ 8 جنوري تي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو ڪندي، چونڊون ملتوي ڪرڻ تي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي.

    اهو ڪنهن جي وهم گمان ۾ ئي نه هو ته محترمه پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي حالتن جو اندازو لڳائي، پنهنجي زندگي ۾ پنهنجو جانشين مقرر ڪري ويندي، جنهن بابت محترمه جي شهادت جي ٻئي ڏينهن تائين به ڪو ذڪر ٻڌڻ ۾ نه آيو هو. ان ڪري پ پ جي مک اڳواڻن ۾ اهو بحث هلندو رهيو ته پ پ جي قيادت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي اولاد مان اڪيلي رهجي ويل نياڻي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي ننڍي ڀيڻ صنم ڀٽو سنڀاليندي. البته ان جو به امڪان هو ته پ پ جي قيادت آصف علي زرداري ڏانهن منتقل ٿئي، پر محترمه بينظير ڀٽو جي ٽيجهي کان هڪ ڏينهن پهرين ئي پارٽي قيادت بابت محترمه جي لکيل وصيعت منظر تي آندي وئي ۽ محسوس اهو ڪرايو ويو ته محترمه پنهنجي پٽ بلاول زرداريءَ کي پارٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪري وئي آهي. ان بعد سڄي ملڪ ۾ اهڙيءَ وصيعت تي بحث ٿيندا رهيا. پ پ جا اڳواڻ چوندا رهيا ته سي اي سي جي اجلاس ۾ پ پ جي قيادت صنم ڀٽو حوالي نه ٿي ته پارٽي جي ووٽ بئنڪ کي نقصان ٿيندو. ٽيجهي واري ڏينهن اڃا محترمه بينظير ڀٽو جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ٿي رهي هئي ته نئين ديري هائوس ( محترمه بينظير ڀٽو جي گهر ) جي مک گيٽ ٻاهران پ پ جا ڪيئي ڪارڪن ٽولن جي صورت ۾ ايندي، سڄو ڏينهن نعرا لڳائيندا رهيا ته ءِ آئيگي آئيگي صنم ڀٽو آئيگي، پ پ ڪو بچائي گئي. ۽

    سڄي ملڪ توڙي دنيا جي ميڊيا انهن ڪرسين کي فوڪس ڪري انتظار ۾ بيٺل رهي، جيڪي ڪرسيون پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ هلندڙ اجلاس واري حال ڀرسان لڳايون ويون هيون. 7 وڳي ڌاري پهرين شيري رحمان ٻاهر آئي. ان بعد هڪ شخص صحافين ۽ ڪيمرامينن وٽ پهچي ويو، جنهن ڪنهن به هٿيار يا بارود جي هجڻ جي نشاندهي ڪندڙ آلات کان سواءِ چيڪنگ شروع ڪري ڏني. هو ٿيلهن جون زپون کولي، سنگهڻ وسيلي هٿيار يا بارود جي خاطري ڪري رهيو هو. چيڪنگ ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ يوسف رضا گيلاني ۽ جهانگير بدر جي نالن وارا ڪرسين تي لڳايل بيج شيري رحمان سان گڏ آيل هڪ شخص پٽڻ شروع ڪري ٿو ته سڄي ميڊيا جون نظرون ان طرف ٿي وڃن ٿيون. ڪجهه دير کان پوءِ هڪ بيج آندو وڃي ٿو ۽ پريس ڪانفرنس حال جي وچ ۾ رکيل سربراهي ڪرسي، جنهن تي سينيٽر آصف علي زرداريءَ جو نالو لکيل هو، تنهن کي هٽائي ڀرسان رکيو وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي بلاول ڀٽو زرداري وارو آندل بيج لڳايو وڃي ٿو. سي اي سي ۾ ٿيل پارٽي سربراهه جي فيصلي بابت پ پ پاران پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان پهرين صحافين کي بريڪنگ نيوز ملي وڃي ٿي. ان بعد پريس ڪانفرنس ٿئي ٿي، جنهن ۾ بينظير ڀٽو جي جاءِ تي سندس پٽ بلاول کي چيئرپرسن مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو. ان سان گڏ اهو به اعلان ٿئي ٿو ته بلاول پنهنجي ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پنهنجي نالي پويان پهرين ڀٽو ۽ پوءِ زرداري سڏائيندو. اهو شايد پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ٿيو هجي، جو هڪ شخص هڪ ئي وقت ماءُ ۽ پيءُ جون ٻئي ذاتيون سڏائي. بلاول زرداريءَ جي ڀٽو ٿيڻ مان اهو ته ظاهر ٿي ويو آهي ته خود آصف علي زرداريءَ کي به يقين آهي ته عوام ڀٽو خاندان کان سواءِ پيپلز پارٽي جي قيادت کي گهربل موٽ نه ڏيندو.

    پارٽي قيادت بلاول کي پارٽي چيئرپرسن مقرر ڪرڻ وارو فيصلو چون ٿا ته ان ڪري به ڪيو، ڇاڪاڻ ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي صنم ڀٽو پارٽي جي قيادت سنڀالڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي. صنم ڀٽو پاران پارٽي جي سربراهي قبول نه ڪرڻ واري ڪيل فيصلي تي به ڪيترا ئي سوال اٿي رهيا آهن. اهي ته سڀ مختلف مبصرن جون ڳالهيون هيون، پر صنم ڀٽو پاران پارٽي قيادت نه سنڀالڻ ڪري پارٽي وٽ بلاول کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن نه هو، ان ڪري ئي بلاول کي پارٽي سربراهه مقرر ڪيو ويو. ڇو ته بلاول وري به شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ آهي. جيئن شهيد ِڀٽو کان پوءِ عوام محترمه بينظير ڀٽو کي اڳواڻ طور قبولي ورتو، ائين بلاول ڀٽو زرداريءَ کي به عوام قبول ڪري وٺندو. خير ان بابت ته مستقبل ئي فيصلو ڪندو، باقي نئين تبديليءَ منجهان اهو واضح ٿي ويو آهي ته پ پ جي واڳ آصف علي زرداريءَ جي هٿن ۾ هلي وئي آهي. ڇو ته بلاول اڃا زير تعليم ۽ عمر جو ننڍو آهي، جنهن سبب ان جي عهدي واريون ذميواريون به سندس پيءُ آصف علي زرداري سنڀاليندو. ٻئي طرف پ پ جا ذميوار حلقا چون ٿا ته جڏهن آصف زرداري 8 سال جيل ڪاٽي آزاد ٿيو هو ته ان جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پ پ جي سينيئر پارليامينٽرين گڏيل طور تي محترمه بينظير ڀٽو کي خط لکي، اهو چيو هو ته کين بينظير کان سواءِ پارٽيءَ جي قيادت قبول ناهي. ان کان پوءِ مسلسل آصف علي زرداري لنڊن ۾ ئي رهيل هو. بهرحال هن وقت پارٽي جا اهي اڳواڻ به ٻڏتر واري صورتحال جو شڪار آهن، جن محترمه بينظير ڀٽو سان 30 سال گڏجي سياست ڪئي ۽ ان جا ڏک سک جا ساٿي رهيا. جن سان ملندي ئي محترمه پهريون سوال اهو ڪندي هئي ته ”ڀاڀي اور بچون ڪا ڪيا حال هئي“. پ پ جي شهيد چيئرپرسن جي لاڏاڻي کان پهرين به پيپلز پارٽي تي آصف علي زرداريءَ جي اثر انداز ٿيڻ جو ذڪر پ پ اڳواڻ ذاتي ڪچهرين ۾ ڪندا رهندا هئا، پر هاڻ ته آصف علي زرداري ئي پارٽي جو وڏو بڻجي ويو آهي، تنهن ڪري شايد هو پنهنجي رويي ۾ به لچڪ آڻي ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلي، ڇو ته ان ۾ ئي پارٽي جا مفاد آهن.

    هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پ پ جي نئين قيادت شهيد ڀٽو کان پوءِ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي ڪيترو اڳتي وٺي هلڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ٿي ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا هن وقت تائين ڀٽو خاندان جو ورثو تصور ڪئي ويندي هئي، تنهن جي قيادت پهريون ڀيرو ڀٽو خاندان کان ٻاهر آئي آهي ته ان جا ڪهڙا اثر ظاهر ٿين ٿا. اهڙي صورتحال پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي ڪانگريس پارٽي به ڏسي چڪي آهي. ڪانگريس جي قيادت اندرا گانڌيءَ کان پوءِ نرسما رائو کي ڏني وئي هئي، پر پارٽي چونڊن دوران گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهي. ان ڪري پارٽي کي ٻيهر گانڌي خاندان منجهان سونيا گانڌيءَ کي اڳواڻ طور سامهون آڻڻو پيو. ڏسجي ته پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي هن نئين تجربي وسيلي ڇا ٿي حاصل ڪري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو