ڏيڻ جو فن

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڏيڻ جو فن
    نوٽ؛ انگريزي ليک تان ورتل آهي، ليکڪ جو نالو لکيل نه هو ... مون هن ۾ ڪجه سنڌي مثال شامل ڪيا آهن ته سمجهڻ ۾ آسان ٿئي ..
    نثار ابڙو
    ..........
    ”درياهَه پنهنجو پاڻي پاڻ ناهن پيئندا، نه ئي وڻ پنهنجو ميوو پاڻ کائيندا آهن، نه ئي بارش پنهنجي پاڻيءَ سبب پئدا ٿيل ڪڻڪ پاڻ کائيندي آهي، سڀ کان بهتر سرمايو اهو آهي جو ٻين جي ڀلي لاءِ استعمال ٿئي ٿو ...

    جيڪڏهن ڏيڻ جو اهو طريقو مڃجي ۽ اهو طريقو اپنائجي به، پر تنهن هوندي به ڪجه سوالن جا جواب به صاف ٿيڻ کپن ...

    پهريون سوال آهي؛ ڪڏهن ڏجي؟

    هڪ ماڻهونءَ کان ڪنهن ضرورتمند اچي سوال ڪيو، هُنَ کيس سڀاڻي جي اچڻ لاءِ چيو ... الله جي قدرت اهو ماڻهون ان رات ئي ڪنهن حادثي ۾ الله کي پيارو ٿي ويو...

    حاصل مطلب ته ماڻهونءَ جي زندگيءَ جو ڪو ڀروسو ناهي ۽ انگريزيءَ جي هڪ ڪهاوت آهي ته ”سڀاڻو ڪڏهن ناهي ايندو“ سو خئير ڪرڻ جو صحيح وقت آهي ... اڄ کان به پهريان ... ”هاڻي“

    ٻيو سوال آهي؛ ڪيترو ڏجي؟

    شايد ڪنهنکي هندستاني تاريخ جو هي واقعو ياد هجي ته راڻو پرتاب، مغلن کان شڪست کائي ، پنهنجي سموري فوج وڃائي ڇڏي، پنهنجي سموري دولت وڃائي ويٺو ۽ سڀ کان اهم ته هو وري مغلن سان وڙهڻ جا آسرا ۽ اميدون به ختم ڪري، لڪڻ جا هنڌ ڳولهي رهيو هو...

    اهڙي انڌيري ۽ مايوس وقت ۾ هن جو هڪ پراڻو وزير ڀئماشا کيس ڳولهيندي اچي مليو ۽ هر قسم جي مدد لاءِ صلاحيو ... راڻي پرتاپ کي ڄڻ ته غيبي مدد ملي وئي جنهن جي ذريعي هن ٻيهر پنهنجي فوج منظم ڪري ورتي ۽ وري ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ...
    ” ڏيو پوري وس آهر“

    ٽيون سوال آهي؛ ڇا ڏجي؟

    صرف پئسو ئي ڏيڻ ناهي هوندو،
    ڪو گل به ٿي سگهي ٿو يا ڪا مشڪ به ٿي سگهي ٿي ...

    انجي ڪا اهميت ناهي ته ڪو ڪيترو ڏئي ٿو، اهميت ان ڳالهه جي آهي ته ڪو ڪيئن ٿو ڏئي...

    جڏهن اوهين ڪنهن کي مشڪ ڏيو ٿا، ممڪن آهي ته انلاءِ ان ڏينهن جي بهتر شئي اها اوهانجي مشڪ هجي! اوهان ڪجه به ڏئي سگهو ٿا پر؛
    ”ڏيو پوري خلوص سان“

    هي به هڪ سوال آهي؛ ڪنهنکي ڏجي؟

    ڪيترائي ڀيرا اسين خيرات يا مدد ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهيون جو اسانکي سامهون واري گهرجائو انسان ۾ ڪا ظاهر معذوري نظر نه ايندي آهي ... خيالي اندازو ڪندي محسوس ڪندا آهيون ته هي گهرجائو ڪنهن به مدد جو مستحق ناهي ۽ کيس موٽائي ڇڏيندا آهيون ... جڏهن ته خبر نآهي ته اهو ئي گهرجائو اصل مستحق هجي؟
    ” ڏيو الله جي راهه ۾“

    هن سوال جو جواب به ڏيڻو پوندو؛ ڪيئن ڏجي؟

    ڏيڻ وقت انڳالهه جو احتياط ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته اوهان مغرور نه هجو يا اوهان مدد ڪرڻ دوران فخر ۾ نه هجو ۽ اهو احتياط به ڪرڻو پوندو ته وٺڻ واري کي شرمندو نه ڪيو وڃي ته هو ڪمزور، غريب يا ڏکيارو آهي ...

    پنهنجي کٻي هٿ کي سڄي هٿ سان ڪيل خيرات جي خبر پوڻ نه ڏيو ... بغير ڪنهن اعلان يا مشهوريءَ جي ڪيل خيرات ئي اصل ۽ اعلا خيرات آهي ...
    ” ڏيو خاموشيءَ سان “
    وٺڻ واري کي هيٺاهين نه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ جو ڪجهه اسين ڏئي رهيا آهيون اهو اسانجو ته آهي ڪونه، ڇا اسين اهو سڀ ڪجه ڄمندي پاڻ سان کڻي آيا هئاسون جو هن وقت اسان وٽ آهي يا وري ڇا اهو سڀ اسين مرڻ کانپوءِ پاڻ سان کڻي وينداسون ؟ قدرت جون مليل نعمتون عارضي وقت لاءِ مليل آهن ۽ اسان وٽ شايد ڪنهنجي امانت آهن!
    ” ڏيو پيار ۽ عزت واري احساس سان“

    ڏيڻ کانپوءِ ڏيڻ واري کي ڇا محسوس ٿيڻ گهرجي؟

    ڏيڻ کانپوءِ پڇتاءُ نه ٿيڻ کپي! ...
    شاهه جي ڪلام مان راءِ ڏياچ جو قصو، ”ڏيـــــــڻ“ جو اعلا مثال آهي ... پنهنجي محبوب خاطر، فقير جي سين تي وقت جو بادشاه پنهنجو سر قربان ڪري ٿو ۽ کيس ڪو پڇتاءُ ناهي، بلڪه شاه چواڻي ته سندس ڏيڻ جو جذبو ايترو ته وسيع هو جو هو هزار سرن وارو هجي ها ته پڪ سڀ سر ڏئي سرخرو ٿئي ها ...

    آخري سوال آهي ته؛ اسين پنهنجن پوئن لاءِ ڪيترو ڇڏي وڃون؟

    پاڻ کان سوال ڪريو! ڇا اسين کين ڪم ڪرڻ جهڙي نعمت ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ خوشيءَ کان وانجهو ته نٿا ڪريون؟

    هڪ انگريز ڏاهي جو هي جواب ٻڌو“

    ”پنهنجن ٻارن لاءِ ايترو ڇڏيو جو هو ڪنهن ڪم ڪرڻ جي لائق ٿين پر ايترو به نه ڇڏيو جو هو ڪجه ڪري ئي نه سگهن”

    آخر ۾ ڪبير جو هي قول به اسانجي اکين کولڻ لاءِ ڪافي آهي؛

    ”جڏهن گهر دولت سان ۽ ٻيڙي پاڻي سان ڀرجي وڃي ته پوءِ ٻنهي هٿن سان کين ٻاهر اڇلايو“

    اها ئي عقلمندي آهي ۽ ان ۾ ئي خئير آهي ...
     
  2. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ادا نثار،
    جزاڪ الله، توهان اهڙي اهم موضوع تي لکيو۔ ادا سائين اسان جو مذهب اسلام سڀ کان وڌيڪ ڏيڻ تي زور ڀريو آهي۔ قرآن مجيد ۾ تمام گهڻيون آيتون صرف ۽ صرف ڏيڻ لاءِ موجود آهن۔ حوالي طور هيٺين آيتن جو مطالعو ڪريون ته خبر پوندي ته ڏيڻ ايمان جي بنيادي شرطن مان آهي، ڏيڻ کانسواءِ ايمان مڪمل ٿي ئي ڪونه ٿو سگهي۔

    ” اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي پر (اصل) چڱائي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ مال ڏنو رشتيدارن کي ۽ يتيمن کي ۽ مسڪينن کي ۽ مسافرن کي ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ قيدين کي، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن وعدو ڪندا آھن تڏھن پنھنجو وعدو پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن2:177 “

    ”چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيء (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي.3:92 “

    ان کان علاوه هر جاءِ تي اهو فرمايل آهي ته ”نماز پڙهو ۽ زڪوات ڏيو“۔ اسان جا مولوي صاحبان نماز جي ته تمام گهڻي هدايت ڪندا پر ڏيڻ جي هدايت بنهه نه ڪندا ۽ زڪوات لاءِ وري خاموشي اختيار ڪندا۔

    جيڪڏهن، الله پاڪ جي فرمانن تي عمل ڪو وڃي ته هن معاشري ۾ ڪو به بکيو ڪو نه رهندو ۽ سماجي اڻ برابري پڻ ختم ٿي ويندي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سبحان الله
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا سلطان،
    حق موجود
    مهرباني جو اوهان هن ليک جي حمايت ۾ قرآن شريف جي هيءَ آيت ڏني آهن ...

    ” اوڀر ۽ اولھ ڏانھن اوھان جو پنھنجن مُنھَن کي ڦيرائڻ ڪا چڱائي نه آھي پر (اصل) چڱائي (ان لاءِ) آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن ۽ ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ پيغمبرن کي مڃيو، ۽ مال ڏنو رشتيدارن کي ۽ يتيمن کي ۽ مسڪينن کي ۽ مسافرن کي ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ قيدين کي، ۽ نماز پڙھيائين ۽ زڪوٰة ڏنائين، ۽ (اُھي ماڻھو جي) جڏھن وعدو ڪندا آھن تڏھن پنھنجو وعدو پاڙيندا آھن، ۽ سڃائيءَ ۽ اوکائيءَ ۾ ۽ جنگ مھل صبر ڪرڻ وارا آھن، اِھي سچا آھن، ۽ اِھي ئي پرھيزگار آھن2:177 “

    ”چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيء (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي.3:92 “

    اادا سائين ”اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي ئي موٽ“، الله تعالي اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو