اسان اردو ٻولي کان 50 سال پوئتي آهيون:

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسان اردو ٻولي کان 50 سال پوئتي آهيون:​

    ڊاڪٽر غلام علي الانا
    ٻولي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا مادري زبان جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان ٻڌايو ته​

    دنيا ۾ اهميت صرف مادري ٻولي جي آهي، ان جي اهميت کي بيان نٿو ڪري سگهجي، اهو قدرت جو هڪ ڪرشمو آهي، هر انسان لاءِ قدرت جو هڪ معجزو آهي، جنهن کي ڪير سنڀالي ڪير نه سنڀالي، سنڌي ماڻهن لاءِ اها خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌي زبان سندن لاءِ نفسياتي ڳانڍاپو آهي، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ وڃو، فرانس، جرمني، روس، چين، اتي به صرف مادري ٻولي کي اهميت حاصل آهي، هن چيو ته پنجابي وارا بدقسمت آهن جو لکن اردو، ڳالهائين پنجابي، هن چيو ته جڏهن شناختي ڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ پئي ڪيا ويا تڏهن اسان ٻولي اختياري پاران نادرا وارن سان جنگ ڪئي. هنن چيو ته سنڌي ۾ ڪارڊ نٿو ٺهي سگهي، سافٽ ويئر ڪونهي پر اسان کين سنڌي ۾ سافٽ ويئر ڏنو. هن چيو ته اسان وٽ هتي ڪم جو تسلسل ڪونهي، ڪنهن اداري ۾ هڪ ماڻهوءَ جي فيصلن کي نئون اچي ختم ڪري پنهنجي طريقي سان هلائي ٿو، هن چيو ته اسان جي اها به خوشقسمتي آهي ته سنڌي دنيا جي ٻين ٻولين سان عالمي ادب جي مقابلي ۾ ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلي رهي آهي، نوان نوان تجربا ڪري ترجما به ٿين پيا، ڊاڪٽر الانا چيو ته سنڌي ادب جي تاريخ نئين سر لکڻ گهرجي، لکيل تاريخ جي حوالي سان آئون مطمئن ناهيان، جيئن اردو ۾ جميل جالب لکي اها شاندار آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٻولي اختياري جي ڪم کي جاري رکيو وڃي ها ته اسان اردو کان گهڻو اڳتي هجون پر اهو تسلسل ٽٽڻ ڪري اسان اردو کان 50 سال پوئتي هليا ويا آهيون. ڊاڪٽر الانا چيو ته ٻولي اختياري ڪافي عرصي بعد اڄڪلهه بهتر ڪم پئي ڪري، فهميده حسين ۽ سنڌ يونيورسٽي جو آءِ ٽي شعبو ٻولي جي حوالي سان بهترين ڪم پيو ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو