گهٽ عمر وارن مردن سان شادي ڪندڙ عورتن جي عمر پڻ گهٽ ٿي سگهي ٿي

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    گهٽ عمر وارن مردن سان شادي ڪندڙ عورتن جي عمر پڻ گهٽ ٿي سگهي ٿي​

    [​IMG]
    ميڊيڪل جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته وڏي عمر واريون عورتون گهٽ عمر وارن نوجوانن سان شادي نه ڪن، نه ته سندن طبعي عمر گهٽ ٿي سگهي ٿي جڏهن ته وڏي عمر وارن مردن کي گهٽ عمر وارين عورتن سان شادي ڪرڻ سان ڪنهن قسم جو خطرو ناهي.



    ميڊيڪل جي ماهرن هڪ ريسرچ ۾ چيو آهي ته 30 کان 40 سالن جي عورتن کي پاڻ کان ننڍي عمر وارن مردن سان شادي ڪندي احتياط ڪرڻ گهرجي. جاچ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته پاڻ کان ست سال ننڍي نوجوان سان شادي ڪرڻ سبب عورت جي عمر 20 سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿي.



    پروفيسر يسون ڊير فال اِها ريسرچ ميڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ فار ڊيموگرافڪ ريسرچ ريسٽوڪ جرمني ۾ مڪمل ڪئي جنهن ۾ هن واضح طور تي لکيو آهي ته مرد ۽ عورتن جي عمر ۾ فرق هجڻ تمام وڏو خطرو آهي. رپورٽ ۾ ان خطري کان بچڻ لاءِ چيو ويو آهي ته مرد ۽ عورت جي عمر هڪ جيتري هجي ته بهتر آهي. ان ريسرچ لاءِ ميڊيڪل جي ماهرن 20 لک جوڙن جي متعلق معلومات گڏ ڪئي آهي. ان ريسرچ ۾ ثابت ٿيو آهي ته جن مردن پاڻ کان گهٽ عمر وارين عورتن سان شادي ڪئي سندن عمر طويل ٿي وئي، اِها ريسرچ اخبار جنرل ڊيموگرافي ۾ شايع ٿي آهي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گهٽ عمر وارن مردن سان شادي ڪندڙ عورتن جي عمر پڻ گهٽ ٿي سگهي ٿي

    مهرباني ادا اهڙِي معلومات ونڊ ڪرڻ تي

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گهٽ عمر وارن مردن سان شادي ڪندڙ عورتن جي عمر پڻ گهٽ ٿي سگهي ٿي

    مطلب ته هت به عورتن سان انصافي ٿي وئي ۔۔۔

    مردن لئه ته ٻڌو اهي ته ننڍي عمر جي ڇوڪري سان شادي ڪندو ته همراهه ۾ نئين جواني اچيو وڃي ۔۔۔

    باقي عمر جو تعلق ته رب جي ذات سان آهي ۔۔۔ عمر جو حساب ڪتاب ته ٿيل آهي ۔۔۔ پر پو به جيترو احتياط ڪبو اوترو صحتمند زندگي گذاربي ۔۔۔ انڪري مرد کي وڏي عمر جي عورت سان شادي ڪرڻ نه گهرجي ۽ عورت کي ننڍي عمر جي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ نه گهرجي ۔۔۔ ؟؟؟

    پر انسان لالچي آهي ۔۔۔ ڇا ڪري؟ ڪڏهن ڪڏهن صوف کائڻ جي جا تي انبن کائڻ تي دل ڪندو آهي ۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: گهٽ عمر وارن مردن سان شادي ڪندڙ عورتن جي عمر پڻ گهٽ ٿي سگهي ٿي

    اسان جو حال۔۔۔
    هي آهي
    [​IMG]
    زندگي جي گاڏي هلي ٿي ڪا خبر ئي نه پوندي۔ پير قبر ۾۔
    [​IMG]
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: گهٽ عمر وارن مردن سان شادي ڪندڙ عورتن جي عمر پڻ گهٽ ٿي سگهي ٿي

    سائين نثار اسان وٽ هر ڳالھ ۾ عورت کي ئي پوئتي رکيو ويندو آهي
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گهٽ عمر وارن مردن سان شادي ڪندڙ عورتن جي عمر پڻ گهٽ ٿي سگهي ٿي

    اڙي ادا عاشق؛ پنج آڱريون برابر ناهن ۔۔۔ اسان ته اڄ به گڏهه جيئان ڪمائي پنهنجن عورتن کي ئي سکيو رکيو آهي ۔۔۔ ۽ دنيا جا لکين مرد عورتن کي پالڻ ۾، گهر مهيا ڪرڻ ۾، لٽو ڪپڙو ۽ کاڌ خوراڪ ڏيڻ ۾، ڏينهن رات محنت مزوري ڪنٿا ۽ انهن جون ضروريات پوريون ڪنٿا ۔۔۔ ڪي عورتون هروڀرو به مرد کي هيٺاهين ڏيکاڻ خاطر واويلا ڪنديون رهنديون آهن ۔۔۔

    باقي عورت فطري طور تي مرد کان مختلف آهي ۽ مختلف رهندي ۔۔۔ الله تعالا مرد ۽ عورت کي الڳ الڳ خوبين سان نوازيو آهي ته جيئن هن ڪائنات ۾ انسان جي پئدائش جو سلسلو هلي سگهي ۔۔۔ انڪري ٻنهي جي جسماني ۽ ڪيمياوي جزن ۾ فرق رکيو ويو آهي ۔۔۔ ان ۾ مرد جو ڪو به ڏوهه ناهي ۔۔۔!!!

    خئير اهو هڪ وڏو بحث آهي ۔۔۔ باقي آءُ سمجهانٿو ته عورتون جسماني طور ڪمزور هجڻ سبب ذهني طور تي مرد مٿان حڪومت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ دانهون ڪنديون رهنديون آهن ۔۔۔ ۽ ڪنديون رهنديون ۔۔۔ پر ڪي عورتون جيڪي پنهنجي اهميت کان واقف آهن سي الحمد الله ماحول ۽ سماج ۾ تمام سهڻو ڪردار ادا ڪن ٿيون ۔۔۔ ۽ گهر کي جنت ٺاهن ٿيون ۔۔۔

    رب اسانکي علم ۽ سمجهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو