ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
گهٽ عمر وارن مردن سان شادي ڪندڙ عورتن جي عمر پڻ گهٽ ٿي سگهي ٿي

ميڊيڪل جي ماهرن هڪ ريسرچ ۾ چيو آهي ته 30 کان 40 سالن جي عورتن کي پاڻ کان ننڍي عمر وارن مردن سان شادي ڪندي احتياط ڪرڻ گهرجي. جاچ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته پاڻ کان ست سال ننڍي نوجوان سان شادي ڪرڻ سبب عورت جي عمر 20 سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿي.
پروفيسر يسون ڊير فال اِها ريسرچ ميڪس پلانڪ انسٽيٽيوٽ فار ڊيموگرافڪ ريسرچ ريسٽوڪ جرمني ۾ مڪمل ڪئي جنهن ۾ هن واضح طور تي لکيو آهي ته مرد ۽ عورتن جي عمر ۾ فرق هجڻ تمام وڏو خطرو آهي. رپورٽ ۾ ان خطري کان بچڻ لاءِ چيو ويو آهي ته مرد ۽ عورت جي عمر هڪ جيتري هجي ته بهتر آهي. ان ريسرچ لاءِ ميڊيڪل جي ماهرن 20 لک جوڙن جي متعلق معلومات گڏ ڪئي آهي. ان ريسرچ ۾ ثابت ٿيو آهي ته جن مردن پاڻ کان گهٽ عمر وارين عورتن سان شادي ڪئي سندن عمر طويل ٿي وئي، اِها ريسرچ اخبار جنرل ڊيموگرافي ۾ شايع ٿي آهي