• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوڏ متاثرن ۾ 5 لک حامله عورتون: اقوام متحده

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ٻوڏ متاثرن ۾ 5 لک حامله عورتون: اقوام متحده​

1676sty.jpg
اقوام متحده هن ڳالهه تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان متاثر ٿيل 2 ڪروڙ ماڻهن ۾ انگن اکرن موجب 5 لک حامله عورتون پڻ شامل آهن جن کي صحت جون بنيادي سهولتون پڻ ميسر ناهن. اقوام متحده جي بهبود آبادي واري اداري ”يو اين ايف پي اي“ جي عهديدار نصير نظاماڻي ذريعن کي ٻڌايو آهي ته اسانکي ڪئمپن ۽ گاڏين ۾ ٻار پيدا ٿيڻ جون اطلاعون ملنديون آهن جڏهن ته ٻوڏ سان متاثر ٿيل علائقن ۾ خوراڪ جي کوٽ هجڻ سبب مائرن جون کائڻ پيئڻ جون ضرورتون پوريون ڪونه ٿي سگهنديون آهن جنهن سبب پيدا ٿيندڙ ٻارن جي صحت کي سنون سڌو خطرو آهي.
هن چيو آهي ته هڪ ٻيو وڏو مسئلو پيدا ٿيندڙ ٻارن جي سار سنڀار جو آهي ڇاڪاڻ ته ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ بعد ماڻهن وٽ سندن ٻارن کي پهرائڻ لاءِ ڪپڙا ناهن. گڏيل قومن جي عهديدار چيو آهي ته ننڍن ٻارن کي ٿڌ لڳڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ٿڌ ٻارن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته انهن حامله عورتن کي طبي سهولتون ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي پر سندس ادارو پاڪستاني سرڪار جي تعاون سان ڳڻتي جوڳي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي صلاحيت موجب ڪارروايون ڪري رهيو آهي.
عالمي اداري جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 200 طبي مرڪز ۽ اسپتال ٻوڏ سان متاثر ٿيا آهن جن کي جلدي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ملڪي تاريخ جي سڀ کان بدترين ٻوڏ سان سرڪاري انتظاميا موجب هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 1،475 ڄڻا مارجي ويا آهن پر عالمي تنظيم خبردار ڪيو آهي ته ٻوڏ سان متاثر ٿيل علائقن ۾ ڪنو پاڻي پيئڻ سان گڏوگڏ ٻين ڳالهين سبب مرندڙ ماڻهن جو انگ وڌي سگهي ٿو.
گڏيل قومن موجب هينئر تائين ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ لڳ ڀڳ 4 لک ماڻهو چمڙي جي بيمارين، اسهال ۽ اُلٽين ۾ ورتل آهن جڏهن ته ٻوڏ سان متاثر ٿيل علائقن ۾ 35 لک ٻارن کي خطرناڪ بيماريون لڳڻ جو خدشوظاهر ڪيو ويو آهي.
 
Back
Top