• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ طرفان“سنڌ ڌرتي ٽيلنٽس ڳولا”

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ عنقريب بوڏ جي ستايل ۽ ٻين خوبصورت، ٽيلينٽيڊ نوجوانن کي پنهنجي چينل تي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِسنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ، ڊرامن سان دلچسپي رکندڙن نوجوان، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي سليڪشن ڪرڻ لاءِ اوهانجي پنهنجي شهر ۾ حاضر ٿي رهي آهي.
ان ”سنڌ ڌرتي ٽيلنٽس ڳولا “ لاءِ، سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ جا ٽي بهترين ججَ:

سنڌي ميڊيا ساليوُڊ جو نمبر ون ۽ ٽاپ ڪلاس ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر مُحترم ”علي اڪبر پٺاڻ“،
سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ جو ٽاپ ڪلاس ۽ پهريون نمبر چاڪليٽي هيرو ”ارسلان دستگير“ ۽
بهترين، خوبصورت، ٽيلينٽيد ۽ خوشگوار آواز واري ”مهوش“
جج جا فرائض انجام ڏيندا. ۽ اوهان جو آڊيشن ۽ اسڪرين ٽيسٽ اوهان جي پنهنجي شهر ۾، اوهان جي پنهنجن جي وچ ۾ ، چٽا ڀيٽيءَ سان ، اوهانجي سليڪشن ڪندا.

جي توهان ۾ هڪ بهترين اداڪار يا اداڪاره هُئڻ جي صلاحيت آهي هن چٽاڀيٽي جي مُقبلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ، اڄ کان ئي :

پنهنجي گُرومنگ ( ويس وڳي پائڻ، پرسنالٽي، ڳالهائڻ جي رکُ رکاءُ) جي پريڪٽس ڪري ويهو،
تياري ڪري ويهو.
ڪارا مرچ چُسي پنهنجي آواز ۾ نکار پئدا ڪريو ۽ پنهنجي گليء مان ڪن ڪچرو ڪڍي صاف شفاف ڪريو.

سليڪٽيد ۽خوبصورت نوجوان، پوڙهن، ٻارن ۽ ٻين چهرن کي ، نه صرف شوق پورو ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ملندو، پر کين ؛
عزت، شهرت ۽ روز گار پڻ حاصل ٿيندو،

۽ روزگار ڏيڻ جي هن طريقي سان توهانجو پنهنجو سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ جو هڪڙو يونٽ ”ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ“ مُصيبت ۽ ڏهڪاءَ جي هن گهڙيءَ ۾ به، توهان سان گڏ ۽ ٻانه ٻيلي آهي.

. توهان جي پنهنجي شهر ۾ اچڻ، علي اڪبر پٺاڻ جي سربراهيءَ ۾ ايندڙ ٻين ججن، ارسلان دستگير ۽ مهوش، ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم جو انتظار ڪريو. تاريخ ۽ وقت ڪيڏي مهل به سنڌي انٽرٽينمينٽ چينل ”ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ“ يا سنڌي اخبار(مُقدمو ) ۽اڙدو اخبار(مُقدمه) ۽ ۾ ٻُڌايو ۽ لکيو ويندو.
وڌيڪ معلومات يا راءِ ڏيڻ لاِ هن نوٽ تي تبصرو ڪري سگهو ٿا، پنهنجا ڪامينٽس لکي، جنهن کي سنڌ ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ جا نمائندا ۽ جج پڻ مُطالعو ڪن ٿا ۽ اوهان جي راِ ءِ جو احترام ڪري ،اوهان کي هن نوٽ تي ڀرپور موٽ پڻ ڏيندا پڻ ڏيندا
 
جواب: ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ طرفان“سنڌ ڌرتي ٽيلنٽس ڳولا”

تمام بهترين ڪوشش آهي۔۔۔۔۔
هونئن به جتي سنڌ ۽ سنڌين کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو اتي۔
سنڌي نوجوان کي اڳي وڌائڻ جو قدم ساراه جوڳو آهي۔۔۔۔


""معاف ڪجو""
(( باقي ادا مون سنڌي جي هر ڊڪشنري ڏٺي آهي، هر ڪتاب ۾ ڳولهڻ‌جي ڪوشش ڪئي اٿم پر ڪٿي به
سنڌي ٻولي ۾ ""مقدمو"" جو لفظ ئي موجود نه آهي۔۔۔ در اصل اهو هڪ اڙدو ٻولي جو لفظ آهي جنهن کي سنڌي لهجي مطابق
استعمال ڪيو وڃي ٿو۔۔۔ باقي لفظ ""مقدمو"" جو سنڌ زبان سان ڪوئي واسطو نه آهي۔۔۔
 
جواب: ڌرتي ٽيليويزن نيٽ ورڪ طرفان“سنڌ ڌرتي ٽيلنٽس ڳولا”

ادا معاف ڪجو اوهانکي شايد غلط فهمي آهي ته ڌرتي ٽيليوزن سنڌي نوجوانن جو مستقبل سنواريندي

ڌرتي ٽيليوزن ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن کي جبري طور برطرف ڪري سندن مستقبل سان راند کيڏي آهي۔۔۔۔
برطرف ٿيل سنڌي نوجوان جون لکين روپين جون پگهارون کائڻ کانپو شايد اڃان به لينڊ مافيه جي حصي مقدمو گروپ جو پيٽ نه ڀريو آهي۔۔۔
جبري طور برطرف ڪيل سنڌي نوجوان 2 کان 3 هفتا سندن نوڪري ته ٺهيو۔۔ پر بقايا پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو۔ پر
افسوس ته مقدمو گروپ جي انتظاميه جي ڪن تي جوئن به نه چُري، وري ابتو انهن نوجوانن کي موت مار ڌ مڪيون ڏنيون ويون آهن۔۔۔۔
۽ هاڻي جڏهن ڪم جو زور پيو آهي ۽ ادارو تباهي ڏانهن وڌي رهيو آهي ته سيلاب متاثرن ۽ بيروزگار نوجوانن کي پنهنجي لُٽَ ڪرائڻ جي
دعوت ڏني وڃي ٿي۔۔۔۔۔۔۔

سنڌي ٿي ڪري سنڌين سان ناانصافي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ افسوس ؟؟؟؟؟؟؟
 
Back
Top