Sindhi Media
سينيئر رڪن
مدد، امدادي ڪئمپون، ماڻهن کا ن گهُرڻ اسٽاف ۽ فنڪارن کان ڪٽوتي، سڀ بهتر ... پر اڄ قوم کي اهو ٻُڌايو وڃي ته مُشرف جي اعلان وانگر، سنڌي قوم لاِ ڪنهن چينل جي مالڪ، پروگرام مئنيجر، ڪنهن پير، سيد، جاگيردار، قوم پرست، سياستدان، وڏيري ڪنهن ڪاروباري طبقي واري، ڪنهن ايم اين اي، ڪنهن ايم پي اي، ناظم، ڪائونسلر، اين جي او واري،ڪنهن ڪاموري پنهنجن اربن جي جائداد مان سنڌ جي ٻوڏ ستايلن لاءِ ڪيترن ڪروڙن، لکن، هزارن جو اعلان ڪيو آهي ۽ روڪ رقم ڏني آهي؟