ڪوٽڙيءَ وٽ خطرناڪ چاڙهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي کي خطرو، شهدادڪوٽ بچائڻ جا جتن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]
    حوالو(عوامي آواز)

    راچي (نمائندن وٽان) سنڌو درياهه جي ٻوڏ حيدرآباد، مٽياري، ڄام شوري ۽ شهيد بينظير آباد، ٺٽي جي ڪچي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. مختلف علائقن ۾ بندن کي روڻيون پئجي ويون آهن. جڏهن ته ڪوٽڙي ڀرسان ريلوي ٽريڪ پاڻي هيٺ اچڻ ڪري ڪوئيٽا ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. شهدادڪوٽ جي بند تي خطرناڪ دٻاءَ ٿي ويو آهي بند جي سمڻ کان پوءِ بند ۽ شهر کي بچائڻ جون آخري ڪوششون جاري آهن. لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ مان رپورٽرن وٽان مليل معلومات موجب ٽوڙي بند ۽ بيگاري ڪئنال جي گهارن وارو پاڻي شهدادڪوٽ شهر جي چوطرف بچاءَ بندن سان ٽڪرائجڻ سبب صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي وئي آهي ۽ انتظاميه طرفان ڪجهه ڪلاڪ انتهائي اهم ٻڌايا پيا وڃن. ٻوڏ واري پاڻي ۾ تيزي سبب بچاءَ بندن تي انتهائي درجي جو دٻاءُ آهي، جنهن ڪري بندن مان پاڻي جي سمڻ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته بلوچستان جي ڪوٽ مگسي واري علائقي مان ايف پي بند تي پهتل ٻوڏ واري پاڻي به شهدادڪوٽ شهر لاءِ خطرا وڌائي ڇڏيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻوڏ جي پاڻي ڳوٺ غلام محمد ڀرڳڙي، ڳوٺ غلام محمد جروار، ڳوٺ جمعو، ڳوٺ دلمراد چوڍيو، ڳوٺ شاهه مراد چوڍيو، ڳوٺ مصري جروار، ڳوٺ سهراب بروهي، ڳوٺ ٽنڊو مصري، ڳوٺ جانڊهه سميت شهدادڪوٽ ۽ قبي سعيد خان تعلقن جي تقريبن 2 سئو ڳوٺن کي مڪمل طور تي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت پاڻي جا تيز وهڪرا شهدادڪوٽ شهر کي بچائڻ لاءِ نئين اڏيل بند سان ٽڪرائجي تيزي سان گذري رهيا آهن. جنهن کي آر بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرايو پيو وڃي. ڳڙهي خيري ۽ ٻين علائقن کان شهدادڪوٽ ايندڙ ٻوڏ واري پاڻي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري بچاءَ بند تي 7 فوٽ پاڻي هجڻ ڪري سخت دٻاءُ آهي ۽ مختلف هنڌن تان پاڻي جي سيپيج ٿي رهي آهي. جنهن کي بند ڪرڻ لاءِ ڳرين مشينن ذريعي مٽي ۽ ريتي وجهڻ وارو ڪم تيزي سان ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته شهدادڪوٽ جي بچاءَ بند ڀرسان موٽروي روڊ جي هيٺان پاڻي جي دٻاءُ سبب لڳل واٽر ڪورسن کي 10 هنڌن تان روڻيون پئجي ويون، جيڪي انتظاميه آبپاشي عملي ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان سخت ڪوششن کانپوءِ بند ڪرائي ورتيون. جيتوڻيڪ شهدادڪوٽ جي بچاءَ بند تي پاڻي جو سخت دٻاءُ آهي، تنهن هوندي به صوبائي وزير ميرنادر مگسي جي سربراهي ۾ جڙيل 15 رڪني ڪاميٽي پراعتماد آهي ۽ هو پنهنجي شهر کي بچائڻ لاءِ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بند تي محافظ بڻجي بيٺل آهن. صوبائي وزير مير نادر مگسي جي هدايت تي ڪالهه شهر جي ڪيترن ئي مسجدن ۾ پڙها ڏئي گهرن ۾ رهيل ماڻهن کي بند تي پهچي هلندڙ ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ جي اپيل ڪئي وئي ، جنهن تي ڪيترائي ماڻهو بند تي پهتا ۽ هلندڙ ڪم ۾ ڀرپور حصو ورتو. هوڏانهن قمبر-شهدادڪوٽ جي ضلعي انتظاميه شهدادڪوٽ شهر مان لڏپلاڻ نه ڪري سگهندڙ ماڻهن کي لاڙڪاڻي پهچائڻ لاءِ 30 بسن، 100 ٽريڪٽرن ٽرالين ۽ ڪجهه آرمي جي گاڏين جو انتظام ڪيو آهي، جن ذريعي ماڻهن کي تيزي سان منتقل ڪيو پيو وڃي. انتظاميه طرفان لڏيندڙ ماڻهن کي رهائڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ اسڪول ۾ بندوبست ڪيو ويو آهي، جتي تقريبن 2 سئو ٽينٽ به لڳايا پيا وڃن. هوڏانهن وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه شهدادڪوٽ جو فضائي معائنو ڪري بند سان ٽڪرايل پاڻي واري صورتحال ۽ آسپاس جي ٻڏي ويل ڪيترن ئي ڳوٺن جو جائزو ورتو ۽ تازي صورتحال بابت بريفنگ ورتي. ان موقعي تي صوبائي وزير مير نادر مگسي، محمد اياز سومرو، ڄام سيف الله ڌاريجو، صوبائي صلاحڪار جميل سومرو ۽ ايم اين اي رميش لال ساڻس گڏ هئا. ڪوٽڙي بئراج وٽان جيئن ئي 8 لک ڪيوسڪ پاڻي گذر ڪيو ته ڳوٺ يعقوب شورو، ڳوٺ عبدالله شورو، ڳوٺ راڻو ڀيل، ڳوٺ جمن ملاح ۽ نٿو ڀيل سميت ننڍا وڏا علائقا بيٺل فصل سميت پاڻي هيٺ اچي ويا. جڏهن ته خاڻوٺ ۽ ڪوٽڙي ريلوي ٽريڪ پاڻي هيٺ اچي ويا. جنهن جي ڪري ٽرينن جي ڪوٽڙي ۽ ڪوئيٽا لاءِ ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي. پاڻي خانپور ۾ داخل ٿي ويو آهي. هوڏانهن ملڪ اسد سڪندر ۽ ڊي سي او ڄام شورو سميع الدين صديقي خانپور پهچي ويا. ڊي سي او سميع الدين صديقي ٻڌايو ته اڃا تائين پاڻي خانپور ۾ داخل نه ٿيو آهي ۽ پڪو محفوظ آهي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هليا ويا آهن. حيدرآبادمان رپورٽر موجب سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ اچڻ کان پوءِ ڪالهه شام تائين ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو 7 لک 99 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 لک 60 هزار 511 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ مسلسل واڌ اچي رهي آهي ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ انتهائي وڏي درجي واري ٻوڏ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي، پاڻيءَ ۾ واڌ اچڻ سبب بچاءُ بندن تي پاڻي جو دٻاءُ تمام گهڻو وڌي ويو آهي، ٻوڏ سبب سرڪاري سطح تي هنگامي ۽ حفاظتي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، جڏهن ته لطيف آباد نمبر 10 ۾ بچاءَ بند جي اندرين پاسي ڪچي ۾ قائم مختلف ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ حسين آباد لڳ ڪچي واري علائقي ۾ قائم پارڪ پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي، جڏهن ته ڪچي واري علائقن جا هزارين متاثر ماڻهو بي يارو مددگار ويٺل آهن، کاڌ خوراڪ جو سامان نه هجڻ ڪري هو بکون ڪاٽي رهيا آهن ۽ گهر ٻڏي وڃڻ ڪري هو بندن تي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پر انتظاميا سندن ڪا به سار سنڀال نه لڌي آهي. جڏهن ته حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي وٽ سنڌو درياهه جي ڇلگري لڳ بچاءَ بندن تي پاڻي جي دٻاءُ وڌي وڃڻ ڪري درياهه لڳ پڪي وارن ڳوٺن سهراب سانگي، عثمان قريشي، جت ڳوٺ، چانڊيا ڳوٺ، ملاح ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن جا ماڻهو ڊپ وچان لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، هنن پنهنجن گهرن جو سمورو سامان ۽ مال متاثر محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ٺٽي ۾ منارڪي، سورجاڻي، قادر ڏنو شاهه، ڪوڪا، هيلايا، سونڊا ۽ بي يو گليل بندن نالي تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي وڃڻ ڪري علائقي جو عوام ڳڻتي ۾ پئجي ويو آهي. گهوڙا ٻاري جي يوسي کاڻ ۽ ڪوٽڙي الهرکيو جا 50 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. جتان لاپلاڻ جاري آهي يوسي ٽنڊو حافظ شاهه شهر به ٻڏي ويو. جڏهن ته ڪاروکهو لڳ آر بي او ڊي بند ٽٽي ويو، جنهن ڪري پاڻي علائقو ٻوڙي ڪي بي فيڊر طرف وڌي رهيو آهي. حيدرآباد ڀرسان رائلو نياڻ جي زميندارن بند کي گهارو پوڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ٽنڊي محمد خان ڀرسان سنڌو درياهه جي ملاڪاتيار بند تي پاڻي ۾ خطرناڪ چاڙهه اچڻ جي ڪري مقبرو شريف ڀرسان وڌيڪ هڪ ڳوٺ خليفو مجيد شورو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي ۽ ان جا متاثر پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪري جبلن تي آباد ٿي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌو جي پاڻي سهڻي ٻيلو مڪمل طور تي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ پاڻي مولچند ٻيلي ۾ داخل ٿي ويو آهي جڏهن ته کٿڙ، حيدرآباد روڊ جي پاسن کان پاڻي ٽڪرائجي رهيو آهي ۽ ڪچو مڪمل ٻڏي وڃڻ ڪري پاڻي ڪچي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل مختلف زميندارن جي ڦٽين کي ٻوڙي ڇڏيو آهي جڏهن ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي خطرناڪ حد تائين وڌي وڃڻ کان پوءِ ملاڪاتيار بندن تي روڻيون پئجي رهيون آهن جن کي بند ڪرڻ جي لاءِ مختلف زميندارن ۽ سياسي تنظيمن جا ماڻهو ڪوششون ڪري رهيا آهن جڏهن ته بند تان آبپاشي جو عملو غائب ٿي ويو آهي ذريعن موجب هن وقت ملاڪاتيار بند وٽان 7 لک 35 هزار ڪيوسڪ جو وڏو وهڪرو گذري رهيو آهي وهڪرن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪوٽڙيءَ وٽ خطرناڪ چاڙهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي کي خطرو، شهدادڪوٽ بچائڻ جا جتن

    ادا عاشق هڪ راز جي ڳالهه ٿو توهان کي ٻڌايان اڄ

    ادا اسان جي حڪمرانن جي اها ڪوشش آهي ته جيتري ٿئي سگهي ايتري ٻوڏ تباهي مچائي ڀل نقصان ٿين
    جيتري تباهي ايندي ايتري وڌيڪ امداد ملندي ، امداد وڌيڪ ملندي پنهنجا کيسا ان حساب سان ڀربا
    باقي غريب ته اڳي پو۽ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو ۽ ڪندو رهندو

    اسان جا کيسا ته ڀربا رهندا ٻوڙ هجي يا ڪو زلزلو حڪمرانن کي آسرو امداد جو هوندو آهي

    هاڻي توهان پاڻ ئي ٿورو غور ڪريو ته جيڪڏهن حڪمران سنڌ کي بچائڻ چاهين ها ته ايترو نقصان نه ٿئي ها پر حڪومت
    اهڙي ڪا به ڪوشش هن وقت تائين ناهي ڪئي ۽ نه وري ڪندي

    توهان اخبار پڙهو توهان ڏسو ته هن وقت تائين ڪيتري امداد ملي چڪي آهي ۽ ڪيترن ملڪن امداد جو اعلان ڪيو آهي
    تازو سائين خالد محمود سومري جو بيان آهي ته جيتري امداد ملي آهي ته سنڌ 10 سال اڳتي اچي سگهي ٿئي پر امداد صحيح
    نموني سان استعمال ٿئي

    بهرحال غريب جو صرف الله سائين

    سدائين گڏ
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪوٽڙيءَ وٽ خطرناڪ چاڙهه، حيدرآباد ۽ ٺٽي کي خطرو، شهدادڪوٽ بچائڻ جا جتن

    ادا نااهلي ء جهالت ظاهر ٿي پوندي آهي سو اسانجي حڪمرانن جي قابليت سڄي دنيا ڏٺي۔ بس ادا سنڌ ء سنڌين لاء دعا ئي ڪري سگجي ٿي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو