عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
(شاعر منير سولنگي)
ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن، منهن کي موڙي ويندا آهن،
مور نه چِت تي چڙهندا آهن، ناتو ٽوڙي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو عيسى بڻجي، مُرده دليون روز جيارين،
مِهَر محبت وارا خيما، جڳ ۾ کوڙي ويندا آهن.
ڪي، ڪي ماڻهو ماکي، مصري، سورج کان وڌ روشن روشن،
هر ڪنهن جي دل اندر يارو، جابون جوڙي ويندا آهن.
ڪي، ڪي ماڻهو رُڃ جا راهي، سسئيءَ وانگي پنڌ پڇائي،
من جي مقصد ماڻڻ خاطر، بَرترَ ووڙي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو رڄ وراڪا، سون سريکا، پيار جا پياسا،
رانجھو واريءَ رَمز سان سائين زهر نچوڙي ويندا آهن.
ڪي ڪي ماڻهو يار ”منير“، ٿيندا آهن ساهه سڌير،
سچ مٿان سر گهورڻ خاطر پاڻ پتوڙي ويندا آهن.