23 هين دفعي ماءُ ٿيڻ جي تياري

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]

    هندستان جي سرڪار سالن کان ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ”هم دو هماري دو“ جو پيغام ڏئي رهي آهي. پر محسوس ٿيندو آهي ته هندستان جي ڪجهه علائقن تائين اِهو پيغام مشڪل سان پهچندو آهي.

    راجسٿان جي سرحدي ضلعي بار ميٽر جي هڪ ڳوٺ ۾ 49 سالن جي جنت 23 هين دفعي ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ سندس 50 سالن جي مڙس عبدالله کي سندس ٻار جو انتظار آهي.

    راجسٿان جي ڪير ڪوري نالي ڳوٺ ۾ روڊ رستا ڪچا آهن ۽ هتي بنيادي سهولتون پڻ موجود ناهن. جنت جي گهر ۾ سندس ارڙهن ٻار کيڏندي نظر آيا. هنن مان 14 نينگريون ۽ 4 نينگر آهن. جنت جو چوڻ آهي ته سندس 14 نينگريون ڄاڙيون ڄايون آهن.

    جنت جا 2 ٻار ڳوٺ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اڃان تائين جنت 22 ڀيرا ماءُ بڻجي چُڪي آهي ۽ سندس 18 ٻار زنده آهن. جنت جي ڳوٺ ۾ صرف هڪ پڙهيل لکيل شخص آهي جنهن جو نالو مولوي ڪريم آهي ۽ ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو به شخص پڙهيل لکيل ناهي.



    مولوي ڪريم جو چوڻ آهي ته ٻار رب جي نعمت آهن.



    هندستان ۾ هلندڙ سال شروع ٿيندڙ مردم شماري اڃان تائين ختم ڪونه ٿي آهي. سال 2001ع ۾ ٿيندڙ مردم شماري موجب راجسٿان ۾ آبادي ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو