ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪم ڪرائڻو آهي ته ساڄي ڪن ۾ چئو
پهرين ريسرچ هڪ ڪلب ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي آواز سان موسيقي هلي رهي هئي ۽ هتي 286 ماڻهو ڳالهه ٻول ڪري رهيا هئا انهن ماڻهن 72 سيڪڙو ڳالهه ٻول ساڄي ڪن ۾ ڪئي.
ٻئي تجربي ۾ تجربو ڪندڙ ماڻهن ڪلب ۾ اچي 176 ماڻهن جي ويجھو مٺي آواز ۾ بي معني ڳالهه ڪئي ۽ انتظار ڪيو ته اهي ماڻهو پنهنجو ساڄو ڪن يا کاٻو ڪن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ اڳيان ڪندا آهن . تجربو ڪندڙ انهن ماڻهن جي توجه حاصل ڪرڻ کان پوءِ سگريٽ گھريا انهن ماڻهن مان 58 سيڪڙو ساڄو ڪن موڙيو ۽ 42 سيڪڙو کاٻو ڪن.
ٽئين تجربي ۾ سائنسدانن ڄاڻي ڳجھي ڪلب ۾ 176 ماڻهن جي يا ته کاٻي يا ساڄي ڪن ۾ ڳالهه ڪندي سگريٽ گھريا. هن ريسرچ ۾ ساڄي ڪن ۾ ڳالهه ڪرڻ کان وڌيڪ سگريٽ مليا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کان ڪم ڪرائڻو آهي ته ماڻهو جي ساڄي ڪن ۾ ڳالهائيو انهي ڪري جو اها ڳالهه دماغ جي هن حصي ۾ وڃي جتي جانڪاري کي درست سمجھي سگھجي.
يونيورسٽي ڪاليج لندن جي پروفيسر سوفي اسڪاٽ جو چوڻ آهي ته گھڻا ماڻهو ڳالهه ٻول ۽ زبان کي دماغ جي کاٻي پاسي کان سمجھندا آهن. جڏهن ته ساڄي پاسي کان احساسن کي سمجھايو ويندو آهي. اسان کي اهو فرق عام طور تي تڏهن نظر ايندو آهي جڏهن ماڻهو فون ساڄي ڪن کان هڻي پوءِ ڳالهيون ڪندا آهن.