ڪم ڪرائڻو آهي ته ساڄي ڪن ۾ چئو

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪم ڪرائڻو آهي ته ساڄي ڪن ۾ چئو​

    [​IMG]
    سائنسدانن جي نئين کوج موجب جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کان ڪم ڪرائڻو آهي ته هن جي ساڄي ڪن ۾ ڳالهه ڪئي وڃي، انهي ڪري جو ماڻهو ساڄي ڪن ۾ چيل ڳالهه چڱي نموني سمجھندا آهن. اطالوي ريسرچرز جو چوڻ آهي ته هن جو ڪارڻ هي آهي ته دماغ جو ساڄو پاسو جيڪو ڄاڻ کي سمجھڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪندو آهي اوهو ساڄي ڪن کان ڳالهه ٻڌندو آهي. اها ريسرچ آن لائين ريسرچ ۾ پڌري ڪئي وئي آهي.

    پهرين ريسرچ هڪ ڪلب ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي آواز سان موسيقي هلي رهي هئي ۽ هتي 286 ماڻهو ڳالهه ٻول ڪري رهيا هئا انهن ماڻهن 72 سيڪڙو ڳالهه ٻول ساڄي ڪن ۾ ڪئي.

    ٻئي تجربي ۾ تجربو ڪندڙ ماڻهن ڪلب ۾ اچي 176 ماڻهن جي ويجھو مٺي آواز ۾ بي معني ڳالهه ڪئي ۽ انتظار ڪيو ته اهي ماڻهو پنهنجو ساڄو ڪن يا کاٻو ڪن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ اڳيان ڪندا آهن . تجربو ڪندڙ انهن ماڻهن جي توجه حاصل ڪرڻ کان پوءِ سگريٽ گھريا انهن ماڻهن مان 58 سيڪڙو ساڄو ڪن موڙيو ۽ 42 سيڪڙو کاٻو ڪن.

    ٽئين تجربي ۾ سائنسدانن ڄاڻي ڳجھي ڪلب ۾ 176 ماڻهن جي يا ته کاٻي يا ساڄي ڪن ۾ ڳالهه ڪندي سگريٽ گھريا. هن ريسرچ ۾ ساڄي ڪن ۾ ڳالهه ڪرڻ کان وڌيڪ سگريٽ مليا.

    ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کان ڪم ڪرائڻو آهي ته ماڻهو جي ساڄي ڪن ۾ ڳالهائيو انهي ڪري جو اها ڳالهه دماغ جي هن حصي ۾ وڃي جتي جانڪاري کي درست سمجھي سگھجي.

    يونيورسٽي ڪاليج لندن جي پروفيسر سوفي اسڪاٽ جو چوڻ آهي ته گھڻا ماڻهو ڳالهه ٻول ۽ زبان کي دماغ جي کاٻي پاسي کان سمجھندا آهن. جڏهن ته ساڄي پاسي کان احساسن کي سمجھايو ويندو آهي. اسان کي اهو فرق عام طور تي تڏهن نظر ايندو آهي جڏهن ماڻهو فون ساڄي ڪن کان هڻي پوءِ ڳالهيون ڪندا آهن.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪم ڪرائڻو آهي ته ساڄي ڪن ۾ چئو

    واھ واھ ادا ڪم جي ڳالھ شيئر ڪئي آهي اوهان۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪم ڪرائڻو آهي ته ساڄي ڪن ۾ چئو

    واه ادا واه بهترين ونڊ آهي ادا.
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ڪم ڪرائڻو آهي ته ساڄي ڪن ۾ چئو

    ادا ممتاز تمام بهترين ونڊ‌ ڪيو آهي۔ اهڙين ڪوششن کي جاري ئي ساري رکو ۽ اسان جون دُعائون وٺندا رهو۔
    مطلب ته هاڻي فقير جي لاءِ معاف واري چڪر ختم ٿي ويو۔ بس ساڄو هٿ ۽ ساڄو ڪن۔۔۔۔۔۔۔ هل ڙي توهان جي لئه
     
  5. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪم ڪرائڻو آهي ته ساڄي ڪن ۾ چئو

    واه ادا واه بهترين ونڊ آهي ادا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو