سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو! السلام عليڪم جيئي سنڌ.
    دوستو جيئن ئي پُٽ جي شاديءَ مان فارغ ٿيس ته پنهنجي ڪمپيوٽر جي خرابيءَ جي ڪري مسلسل توهان سان رابطو ٿي نه سگهيو، الله الله ڪري ڪمپيوٽر درست ٿيو ته براڊ بينڊ ۾ جنرل خرابي جي ڪري انٽر نيٽ تي اچي نه سگهيس، خير سنڌ جي جاکوڙي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم جي وڊيوز جو سلسلو جاري آهي، هن دفعي مرحوم مُنشي ابراهيم جا ٻه وڊيوز مُنشي ابراهيم نمبر 6 ۽ 7 توهان سان شيئر پيو ڪريان، دوستو هن وڊيو ز ۾ مرحوم مُنشي ابراهيم پنهنجي اڳئين وڊيوز جيان پنهنجون وايون ۽ گيت ترنم ۾ ٻُڌايا آهن ، سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ مُنشي ابراهيم جي لاجواب شاعري جي ڪري يقينن پنهنجي انفراديت ساري دنيا ۾ قائم رکندو ، انهي انفراديت کي برقرار رکڻ ۾ اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي ٿورائتا آهيون ٽنڊو محمد خان شهر جي باصلاحيت ، علمي ۽ ادبي شخصيت محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب جن جا ، جن جي انتهائي قرب ڀرين ٿورن سان سنڌ جي جاکوڙي ۽ قوم پرست شاعر جِي شاعري سندس زباني سنڌ سلامت جي پياري اڱڻ جِي زينت بڻِي!
    سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جِي پنهنجي پيشڪش جاکوڙي شاعر مُنشِي ابراهيم مرحوم 6​


    عظيم قوم پرست شاعر مُنشي ابراهيم مرحوم جي شاعري 7 سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ‌ جي پنهنجي پيشڪش​

    دوستو توهان سڀني جي قيمتي ۽ اهم ترين راين جو منتظر رهندس ته سنڌ سلامت جو هِي سلسلو توهان کي ڪيئن لڳي رهيو آهي!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    سائين تمام بهترين
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    ادا تمام بهترين شاعري آهي
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    ادا عاشق سولنگي توهان جي مهرباني جو توهان مُنشي ابراهيم مرحوم جي هنن انتهائي ناياب ۽ انمول وڊيوز کي تمام بهترين چيو توهان کي ياد ڏياريندو هلان ته هي وڊيوز کي ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪرڻ وارو صرف ۽ صرف سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ آهي۔ هنن تاريخي وڊيوز کي ونڊ ڪرڻ لا اسان کي هي اهم ترين وڊيوز سوکڙي جي صورت ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب کان مليا، ڊاڪٽر صاحب جن جو اهو تاريخي ٿورو لاهي ته ڪونه سگهبو پر ڳائبو ضرور پيو۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    ادا همانگير سولنگي توهان جي به مهرباني جو توهان سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ جي پنهنجي ونڊ کي بهترين چيو، مون اڳ ۾ اهو چيو هو ته ڪافي سارا سنڌ جا ناميارا شاعر ٿي گُذريا آهن جن جا وڊيو بلڪل ڪونه آهن جيڪڏهن آهن ته صرف هڪ اڌ، پر جس هُجي ٽنڊو محمد خان شهر جي نامياري ادبي ۽ ڊاڪٽري شعبي سان سلهاڙيل بهترين شخصيت محترم ڊاڪٽر انور عالماڻي صاحب جن کي جنهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي قومي شاعر مرحوم مُنشي ابراهيم سان سندس حياتي ۾ اهڙيون ڪافي شامون ملهايون ، ۽ سندس آواز ۾ هي شاعري رڪارڊ ڪري سنڌي قوم جي هن وڏي اثاثي کي هميشهه لا محفوظ ڪري ڇڏيو، جيئن ته ڊاڪٽر محترم انور عالماڻي صاحب جن کي سنڌ سلامت جي حقير نمائندي جي حيثيت سان انهن وڊيوز لا گُذارش ڪيم ۽ کين اهو چيم ته ڊاڪٽر صاحب مُنشي مرحوم جا اهي وڊيو توهان جي ٿورن سان سموري دنيا جا سنڌي باقائده مُشاهدو ڪندا۔ هاڻي اها ڳالهه توهان سڀني دوستن ۽ ساري دنيا جي سنڌين تي ڇڏيان ٿو ته هن قومي شاعر جي شاعري سندس زُباني صرف سنڌ سلامت تان ونڊ ڪري اسان پنهنجي قومي ڪم کي ڪيتري قدر اڳيان وڌايو آهي۔ توهان جا لک لائق ادا۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    ادا نثار ناز، سڀ کان پهريان ته اوهانکي پنهنجي پٽ جي شاديءَ جون لک لک مبارڪون هجن، خوشي ان ڳالهه جي ته اوهان پنهنجا امور خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيا ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي اولاد جون خوشيون ڏٺيون ۔۔۔ جيڪا هڪ خوشنصيبي ۽ الله جي رحمت آهي ۔۔۔ اوهانکي مبارڪون هجن ۔۔۔

    محترم ابراهيم منشيءَ جا وڊيوز تمام سهڻا آهن ۽ ان تاريخ ساز شاعر، سنڌ دوست شاعر کي حال حيات ڳائيندي ۽ پنهنجي شاعري ٻڌائيندي ڏسي تمام سٺو لڳو ۔۔۔ جيتوڻيڪ آواز ڪافي جاين تي سمجهه ۾ نٿو اچي تمام گهڻي ڌيان ڏيڻ سان ڪجهه سمجهه ۾ اچي ٿو ۔۔۔ پر اوهان انهن وڊيوز کي سنڌ سلامت جي ملڪيت بڻائي اڱڻ جي سڀني دوستن تي قرب ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔

    هي پهريون وڊيو ۔۔۔ جنهن جي گيت جي پويان الا الا ۔۔۔ اچي ٿو، پهريان به شايد ڪنهن ڳائڻي ڳايو آهي، مون ٻڌو ضرور آهي ۔۔۔ پر ڪنهن ۽ ڇا ڳايو آهي سو ياد نٿو اچي جي اوهانکي ياد هجي ته ٻڌائجو ۔۔۔

    رب العالمين اوهانکي پٽ جي شاديءَ جهڙيون هزارين خوشيون عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    زبردست ادا تمام بهترين.
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    پيارا نالي ڀائِي نثار شال جُڙيا هُجو۔محترم سائين توهان مونکي منهنجي پُٽ جي شادي جي سلسلي ۾ مُبارڪون ڏنيون خير مُبارڪ سائين الله سائين جا ڪروڙين ڪرم جو مون جهڙي گهنگار کي اهڙو اهم ترين فرض ادا ڪرڻ جي همت ڏني ۔ ادا نثار ان ڳالهه ۾ ڪنهن به ڳالهه جو شڪ ڪونهي ته انهن وڊيوز ۾ ڪافي جاين تي آواز سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي، پر ان هوندي به نوي سيڪڙو آواز تمام سمجهه ۾ اچي پيو انهي ڪوشش ۾ آهيان ته مُنشي ابراهيم جنهن جنهن وڊيو ۾ پنهنجي شاعري ٻُڌائي آهي اها ساڳوڻي شاعري مرحوم جي ڪتابن مان ڪمپوز ڪري انهن وڊيوز جي هيٺان لکي لڳايان، ان سلسلي ۾ ڪمپوزنگ جو ڪم جارِي آهي ساڳوڻي شاعري ڪمپوز ٿيل هتي لڳائبي ته ڌڻي ڪندو ته آواز سمجهه ۾ نه اچڻ وارو مسئلو حل ٿي ويندو۔ دوست منهنجو پي سي اصل وائرسن جي ور چڙهيو پيو آهي هر ڪلاڪ اڌ ڪلاڪ کان پو ري اسٽارٽ ٿيو وڃي۔ ان ڪري توهان سان رابطو ڪٽجي وڃي ٿو۔ جيئن ته منهنجي پي سي جي ڪافي سارِي ڊوائيسز ۾ سنڌ سلامت اڱڻ جون ڪافي ساريون امانتون پيون آهن جيڪي مونکي توهان سڀني دوستن سان ونڊ ڪرڻيون آهن هاڻي جيڪڏهن وائرس کي مڪمل ختم ڪرڻ لا ساري ڊوائيسز کي ڊي ايم ڪيان ٿو ته ناياب شيون ڊليٽ ٿي وينديون ان ڪري ري اسٽارٽ واري مسئلي کي دل نه چاهيندي به مُنهن ڏيان پيو۔ باقي مُنشي ابراهيم مرحوم جِي شاعري ڪافي سارن فنڪارن ڳائي آهي ٿِي سگهي ٿو هي شاعري به ڪنهن فنڪار ڳائي هُجي۔ توهان جا ٿورا۔
     
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    مهرباني سائين
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جو اڱڻ ۽ مرحوم مُنشي ابراهيم جي شاعري سندس زباني!

    منشي ابراهيم سنڌ جو عاشق، قومپرست ۽ ترقي پسند شاعر هو۔

    ظلم اڳيان ڪونه جهڪيو کڻي ڪيئي دفعا جيل ويو۔
     
  11. ذوالفقارعلي مگسي

    ذوالفقارعلي مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    downloading
    ماڳ:
    tando mohammad khan
    سائين زبردست وڊيو آهن،اميد ت اهڙي جاکوڙ جاري رکندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو