شخٍصيتن جا پروفا”يل

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ يونس جسڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2010۔

  1. يونس جسڪاڻي

    يونس جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اڄ جي شخصيت آهي۔۔۔۔۔۔

    مخدوم طالب الموليٰ


    سالگره 4 آڪٽوبر 1919 (ورسي 11 جنوري 1993 ع)

    مخدوم طالب الموليٰ 9 محرم الحرام 1338 هه ، 4 آڪٽوبر 1919 ع تي هالن نون ۾ ڄائو. سندس ڏاڏي حضرت مخدوم ظهيرالدين عرف مخدوم پرو ڄام 15 سجاده نشين حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمت جي لاڏاڻي بعد سندس پڦين ۽ ننڍي چاچي ميان غلام حيدر پاران سارسنڀال ڪئي وئي. هن قرآن جي تعليم آخوند ولي محمد کان ورتي. هن سنڌي تعليم جي شروعات عبدالغفور کان ڪئي ۽ مڪمل حاجي عبدالرحمان انجم هالائي وٽان ڪئي. هن 14 سالن جي ڄمار ۾ فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي عبدالحئي ڦلپوٽي کان ورتي. هن انگريزي جا ٽي درجا غلام رضا ڀٽي وٽان حاصل ڪيا. سندس والد پاران ذهني تربيت ڪرڻ سميت پنهنجن معزز دوستن ۽ مريدن سان پڻ ملايو ويو. رئيس غلام محمد نظاماڻي سندس هم ڪلاسي هو.

    26 جون 1938 ع ڌاري 18 سالن جي ڄمار ۾ سندس پيرميان امام علي صديقي جي ڀيڻ سان شادي ٿي، جنهن 14 نومبر 1940 ع تي وفات ڪئي. سندس ٻئي شادي 9 ڊسمبر 1942 ع تي مولوي فضل احمد غزنوي جي ڌيءُ سان ڪرائي وئي.

    هن 1934 ع ڌاري شاعري جي شروعات ڪئي. هن هالا ۾ ”الزمان پريس“ قائم ڪري ”پاسبان“ ۽ ”الزمان“ اخبارون جاري ڪيون. ”انجمن علم و ادب هالا“ جي سرپرستي ڪندي 1 نومبر 1952 ع ڌاري هالا ۾ هڪ عظيم الشان ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي. هن ”ماهوار فردوس“ رسالو سنڀاليندڙن جي هر لحاظ کان رهبري ڪئي پر رسالو سنڀاليندڙن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيڻ بعد رسالو پنهنجي نگراني هيٺ شايع ڪرائڻ لڳو. 1952 ع ۾ سندس رهنمائي هيٺ ”طالب الموليٰ “ رسالو ڪڍيو ويو. 1954 ع ۾ سندس رهنمائي هيٺ ”روح ادب“ ۽ ”ماهوار شاعر“ شايع ڪيا ويا.

    1957 ع ۾ هي جميعت شعراء سنڌ جو صدر چونڊيو ويو. هي سنڌي ادبي بورڊ جو ٻه ڀيرا چيئرمين پڻ رهيو. سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جو تعداد 22 جي لڳ ڀڳ آهي، جن جو وچور هي آهي

    بهار طالب

    رباعيات طالب

    اسلامي تصوف

    شيطان

    خود شناسي

    امام غزالي جا خط

    در ناياب عرف ياد رفتگان

    مثنوي عقل و عشق

    ڪچڪول طالب

    ڪافي

    شان سروري

    بي پير اکيون

    ڇپر ۾ ڇڙيون

    مضامين طالب الموليٰ

    ديوان طالب الموليٰ

    مصري جون تڙون

    سدا وسين سنڌڙي

    آب حيات

    چهنڊڙيون

    منهنجو ننڍپڻ

    بهارستان

    لغات سنڌي مخففات !

    سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ نومبر 1955 ع ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد وڌو ويو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاڪستان 1965 ع ۾ ”تمغه پاڪستان“ ۽ 1992 ع ۾ ”هلال امتياز“ جي اعزازن سان نوازيو. هي 11 جنوري 1993 ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    تمام بهترين سلسلو توهان شروع ڪيو آهي ادا
    سچ به مون کي اهو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿئي
    ادا سائين

    توهان جي اهڙي ئي نموني ٻئي شضصيت جو پروفائيل جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    بهترين تمام سٺو.... مهرباني ادا
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    ادا يونس جسڪاڻي صاحب ڪافي ڏينهن کانپو پيا ديدار ڪرايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ڀلا ڪٿي بجلي نڀاڳي جو مسئلو ته ناهي اوهان سان۔۔۔۔۔۔۔۔

    تمام پيارو ونڊ ڪيو اٿوَ
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: شخصيتن جا پروفائيل

    ادا توهانجي شروعاتي پروفائيل جي ئي ڇا ته ڳالهه ڪجي۔۔۔ ڀاء آئنده جيڪڏهن هن سلسلي ۾ شخصيت جي تصوير به لڳايو ته هوند موضوع وڌيند جرڪي پوي۔۔۔۔ توهان جي وڌيڪ موضوعن جو انتظار رهندو۔۔۔

    [​IMG]
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    واھ واھ سائين اهڙي سٺي ونڊ جو انتظار رهندو
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    ادا يونس تمام بهترين ونڊ‌آهي۔ پر ادا هڪ ٻي ڳالهه ته گهڻي عرصي کان بعد ظاهر ٿيا آهيو۔
    ۽ هڪ ٻي ڳالهه هاڻي سنڌ سلامت کي ڇڏي نه وڃجو۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    تمام بهترين ادا زبردست.
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    بهترين ڪم پيا ڪريو دوست ۔ سچ پڇو ته پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي۔ مخدوم صاحب جي شاعري ۽ رونا ليلا جو آواز ڪنهن کان وسرندو۔ سنڌ جي هڪ بهترين شخصيت ، شاعر ، سچو سياستدان ، پيري مرشدي وارو (سروري جماعت ) جو روح روان۔

    اوهان جو ليک دل کي لڳو اميد ته هنن ڪوششن کي جاري رکندا

    راتين جهڙيو راتيون ڏينهن جهڙا ڏينهن
    طالب مولا مينهن ڪڏهن وسندا قرب جا


    [​IMG]
     
  10. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    تمام بهترين ادا زبردست.
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    ادا يونس جسڪاڻي۔۔۔ يار توهان ايتري ڏينهن بعد اچڻ ساڻ ئي واهه جو ڌماڪيدار موضوع ونڊ ڪيو آهي۔۔۔۔ باقي سائين رشيد جي ڳالهه به صحيح آهي ڪوشش‌ڪري موضوع سان ٺهندڙ تصوير به ونڊ ڪندا ڪريو۔۔۔
     
  12. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: شخٍصيتن جا پروفا”يل

    تمام بهترين سلسلو آهي ادا هن فورم تي موجود هر دوست کي اعلى شخصيتن جي مڪمل تعارف
    کان آگاه ڪرڻ تمام بهترين ڪم آهي۔ ان سان جنرل ناليج ۾ اضافو ٿيندو۔۔
    جاري رکو۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو