دوستو جيئن ته رمضان جو مهينو آهي اسان گهرجي ته افطار ۾ سٺي کان سٺا کاڌا پچايو توهان دوستن جي لا۽ هڪ دش جيڪا اميد آهي ته توهانکي پسند ايندي گهربل شيون مرغي اڌ ڪلو تازو حرٻو ٻه گٺڙيون سويا کاڌي جا ٻه چمچا لوڻ ذائقي موجب ادرڪ(پيٺل) کاڌي جو هڪ چمچو ٿوم (پيٺل) کاڌي جو هڪ چمچو بصر هڪ عدد ٽماٽا هڪ عدد ڳاڙها مرچ (پيٺل) کاڌي جو هڪ چمچو سفيد جيرو چانه جو هڪ چمچو هيڊ چانه جو هڪ چمچو ساوا مرچ ٻه يا ٽي عدد ساوا ڌاڻا اڌ ڳٺڙي کاڄرو تيل اڌ پيالي رڌڻ جو طريقو حرٻي کي ڏه منٽ پاڻي ۾ڀڄائي رکو، ان پاڻي ۾ جيڪڏهن ٿورڙي هيڊ وجهندا ته حرٻي جي ڪڙاڻ ختم ٿي ويندي۔ پو۽ حرٻي جي سنهي ڪاٿر ڪريو ڪڪڙ جو گوشت کي ڌوئي صاف ڪر رکپ سويا بصر ٽماٽا ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا سنها ڪتري رکو ديڳڙي ۾کاڄرو تيل وجهي ان کي وچولي باه تي ٽن منٽن تائين گرم ڪريو پو۽ ان ۾ بصرن جو داڳ بصرن جو رنگ هلڪو ناسي ٿيڻ تائين پچايو ان ۾ ادرڪ ٿوم،لوڻ ڳاڙها مرچ جيرو ۽ هيڊ وجهي ٽن منٽن تائين ڀڃو پو۽ ان ۾ مرغي ۽ ٽماٽا وجهي ڍڪ ڏيئي وچولي باه ٿي ايتري دير پچايو، جيئن مرغي جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي۔ هاڻي ان ۾ حرٻو ۽ سويا وجهي تيل الڳ ٿيڻ ٿائين ڀڃو پو۽ سائو مصالحو وجهي ان کي هلڪي باه تي پنجن کان ستن منٽن تائين دم ڏئي رکو هاڻي هي لذيذ ڀاڄي رات جي ماني تي گرم مانين سان کائڻ لا۽ تيار آهي۔
جواب: حُرٻو مُرغي ير همانگير! روزو کلي ويو آهي پر اڃان هرٻو پيو رجهي ۔۔۔ ڪڪڙ ته اڃان ڪٺي ئي ناهي ۔۔۔ بس ڙي يار موالي ماڻهون آهيون، ير پنهنجو خيال ڪندو ڪر، ير پاڻ پچائي کارايئندو ڪر نه ته اهي رڌڻ جا نسخا نه ڏيندو ڪر ۔۔۔ پاڻ کي باهه ئي نه ٿي ٻري ۔۔۔ نشي ۾ ڦوڪون ڏئي ڏئي ڇتا ٿي پيا آهيون ، ير ڏاهو ٿي ۔۔۔ ٿاڌل جا نشا آهن جي ختم ٿي ويا ته وري ڪير گهوٽيندو ۔۔۔؟؟؟
جواب: حُرٻو مُرغي ها ها ها ها ها ادا نثار سهي سڃاتو اٿو توهان مونکي ٻيهر توهانکي پچرائي کارائيندس انشالله