ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    اڄڪلهه پاڪستان ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت ڪنهن حد تائين مايوسي جو شڪار ٿيل آهي پر ان دوران پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ اهڙو واقعو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ ماڻهن ۾ هاڻوڪي قدرتي آفت کان به وڌيڪ خوف پيدا ٿي ويو آهي.



    راندن جو سامان تيار ڪرڻ جي لحاظ سان عالمي سطح تي مشهور شهر سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ بٽر ۾ 15 آگسٽ تي ڪجهه ماڻهن 2 ننڍن ڀائرن کي ماڻهن جي پيهه ۽ پوليس جي موجودگي ۾ بدترين تشدد ڪيو جنهن سبب ٻئي ڀائر مري ويا.



    18 سالن جي حافظ مغيث ۽ 15 سالن جي منيب جي لاشن کي شهر جي گهٽين ۾ دربدر ڪيو ويو بلڪ هڪ هنڌ ٻنهيءَ ڀائرن جي لاشن کي تارن سان اونڌو لڙڪايو ويو. اِها سموري ڪارروائي 20 ماڻهن ڏٺي جن ۾ پوڙها، جوان ۽ ٻار پڻ شامل هئا.



    ظاهري طور تي ڪنهن ”تماشائي“ اهڙي بي رحم تشدد جي وڊيو فلم ٺاهڻ کانپوءِ ٽي وي چئنلز کي ڏئي ڇڏي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان بار بار نشر ڪئي پئي وڃي. فلم جي منظرن ۾ حملي آورن ۽ واقعي واري هنڌ تي موجود پوليس انتظاميا جا چهرا پڻ نظر آيا پر ظاهري طور تي ڪنهن هنڌ محسوس نه ٿيو ته ڪنهن جي دل ۾ رحم پيدا ٿيو هجي ۽ هن بي درد ڪم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.



    مبصرن جو چوڻ آهي ته رتوڇاڻ ۽ دهشتگردن جي حملن سبب انساني جان جي ڏينهون ڏينهن گهٽجندڙ اهميت سماجي مسئلن جو جائزو وٺندڙ ماهر ۽ باشعور شخص لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته تازو ئي ٿيل اذيتناڪ ڪارروائي پاڪستاني معاشري ۾ وڌنڙ بي حسي ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي.



    انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم ايڇ آر سي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر مهدي حسن چيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان اسين جهڙي قسم جي دهشتگردي جو شڪار ٿيل آهيون انهيءَ سبب انساني زندگي جي اهميت تمام گهٽجي وئي آهي ۽ موت بيحد سستي نظر اچڻ لڳي آهي.



    مبصرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ گذريل سالن کان لاقانونيت ڪيترا ئي ڀاڱا وڌي وئي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اضافو اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ٿيو آهي جڏهن ته ماڻهو انهن واقعن جو شڪار ٿيندي يا وري اهڙن واقعن باري ٻڌي ڪري بيزار ٿي ويا آهن جيڪڏهن ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ترت جواب عام طور تي اهڙن لفظن جي شڪل ۾ سامهون ايندو آهي ته انهن جو خاتمو آڻڻ گهرجي.

    [​IMG]
     
  2. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا سولنگي بس رب العامين هر هڪ کي پنهنجي امان ۾‌رکي آمين۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا انسان اشرف المخلوقات آهي پر جڏهن اهو ساڳو انسان حيوان ٿو بڻجي وڃي ته ان کان وڌيڪ درنده جانور ٻيو نٿو ملي۔ دعا آهي ته حالتون اهڙيون ٿين جو امن ۽ خوشي هر هنڌ ملي۔

    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    بس ادا...............
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ به هڪ اهڙو واقعو ٿي چڪو آهي ان وقت هي ميڊيا ڪٿي هوئي
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا ڪڏهن ۽ ڪهڙو۔۔؟
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا ڪراچي ۾ واقعو پيش آيو هو هڪ فورو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو جيڪڏهن اهڙا قدم ان وقت ميڊيا کهڻي ها ته شايد اڃ هي بيگناهه نه مارجن ها ....
    اهڙي سزا جي شرعات انڊيا مان ٿي آهي جڏهن اهڙي رپورٽ ماڻهن انڊيا جي ميڊيا ته ڏٺي ته ڪجهه هفتن کان باد ڪراچي ۾ به اهڙو واقعو ميڊِيا جي نظر هيٺ آيو پر ان کان بعد پاڪستان ۾ سيالڪوٽ وارو ٻيو واقعو آهي انن کان مختلف آهي چو جو هن ۾ پوليس جي حمايت حاصل هوئي پوليس خاموش تماشائي بڻيل هوئي ڊي پي او جا اهئي به لفظ ٻڌڻ ۾ آيا آهن ته مان هنن کي انڪائونٽر ۾ مارڻ جي رپورٽ ڏئي ڇڏيم توهان کي ڪجهه ڪون ٿيندو توهان پنهنجو ڪم جاري رکو ٻه نوجوان ماڻهن جي لٺين سان مارجي رهيا هئا ....،.،.
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا ڦورن ڌاڙيلن چورن تي پاڻ کي ڪوبه رحم نه ايندو آهي۔ انهن کي سرعام ماريو وڃي ڀلي۔۔۔۔۔۔اهڙن ماڻهن کي ختم ڪيو وڃو۔اُهو ماڻهو معاشري جي هڪ گندگي آهن۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا عاشق۔۔۔ يار خدا جو خوف ڪر۔۔۔
    ڇا تون قسم کڻين سگهين ٿو ته اهي ماڻهو جن انهن بيگناهه ڇوڪرن کي ڦورو سمجهي ماريو هو، پاڻ ڪنهن به گناهه کان بچيل هئا۔۔۔ جيڪڏهن توهان واري ڳالهه کي صحيح به مڃجي کڻي ته اهو ٻڌاءِ‌ته پوءِ عدالتون، پوليس، انصاف، دين ، مذهب اهي سڀ شيون معاشري ۾ ڇو آهن۔۔۔ بس انسان پاڻ ئي جج ۽ پاڻ ئي سزا ڏيندڙ ٿي وڃي پوءِ ته معاشري ۾ جيڪو ممڻ مچندو ڪنهن کي به ان کي روڪڻ‌جي جرئت نه هوندي، پوءِ توهان جهڙي سوچ رکندڙ ماڻهو افسوس ڪندا ته واقعي يار اسان واري سوچ غلط هئي۔۔۔
     
  10. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا مست منهنجي توبه۔۔۔۔۔۔۔۔ادا مست مان انهن ٻن ڀائرن جي ڳالھ نه ڪئي آهي مان علي اڪبر ڇر جي هن ڳالھ جو جواب ڏنو آهي


    ادا ڪراچي ۾ واقعو پيش آيو هو هڪ فورو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو جيڪڏهن اهڙا قدم ان وقت ميڊيا کهڻي ها ته شايد اڃ هي بيگناهه نه مارجن ها ....

     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا اهو ڦورن کي مارڻ وارو واقعو به سراسر بي وقوفي ۽ بي حسي آهي ڇو ته عام ماڻهن کي ڪوبه حق نه آهي ته قانون کي هٿ ۾ کڻن، جي انهن قانون کي هٿ ۾ کنيو ته پوءِ انهيءَ‌ ڦورن ۽ مارڻ واري عوام ۾ ڪهڙو فرق رهجي ويو، قانون ته ان به هٿ ۾ کنيو ۽ عوام به کنيو۔۔۔
    بهرحال۔۔ عام ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته اهي واقعي ڦورو هئا يا نه۔۔ ايئن ته مان به ڪنهن شخص مان دشمني ڪڍڻ لاءِ سرِ عام ان جي خلاف دانهون ڪيان ته فلاڻو ڌاڙيل آهي، اجهو مونکان ڦر ٿو ڪري۔۔۔ پوءِ‌ته عوام ان کي به جيئرو نه ڇڏيندي۔۔ مطلب ته ڪنهن جي ڳالهه تي اکيون پوري يقين ڪري وري ڪنهن ماڻهو کي قتل ڪرڻ اهو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي۔۔۔ ۽‌ هاڻي اسان واري ملڪ جي عوام ان ڏوهه کي نيڪي جو ڪم ٿي سمجهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو سيالڪوٽ جهڙو واقعو پيش آيو ۽ متان اڳتي ٻيا به واقعا پيش اچن۔۔
     
  12. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا مست۔۔۔۔مان اوهان جي ڳالھ سان متفق آهيان۔
    پر ادا اهي جيڪي ڦورو آهن انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي۔۔۔؟
    پوليس به انهن کي پڪڙي۔ ٻه پيسا وٺي ڇڏي ٿي ڏئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔آخر غريب ماڻهو وڃي ڪاڏي۔۔۔؟ڪنهن کي دانهن ڏئي ادا۔
    مثال هڪ غريب ماڻهو پنهنجي نياڻي جي شادي ڪرائڻ لا مينهن وڪڙڻ ويو مال پڙي تي رستي ۾ ان کان پيسا ڦورجي ويا ته ان جي دل تان ڇا گذرندي، وري هو ويو پوليس وٽ ايف آر درج ڪرائڻ پوليس جا ابتا سبتا جواب 1000 رپيا ڏي ته ايف آر داخل ٿا ڪيون۔۔۔۔هاڻي اوهان ئي ٻڌايو ته انهن ماڻهن کي ڇا ڪجي۔۔۔اوهان سيالڪوٽ واري ٻن ڀائرن کي ڇڏي ڪري ڳالھ ڪيو۔۔۔۔۔۔؟
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا ان کي چئبو آهي ناحق۔۔۔۔ ۽‌ ناحق جي خلاف آواز کڻڻ‌انسانيت جو اولين فرض آهي۔۔۔
     
  14. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا ناحق جي خلاف صرف آواز اٿاري ٿو سگهي۔۔۔۔۔۔۔ڇا انهن جي خلاف اسان هٿ نه ٿا کڻي سگهون۔
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    ادا عام انسان ناقص العقل آهي جيستائين ان کي ڪو سنئين واٽ ڏيکارڻ‌وارو نه ٿو ملي شيطان جي چئي تي عمل ڪندو رهندو۔۔۔
    هٿ بيشڪ کڻو پر تڏهن کڻو جڏهن توهان جو هادي، رهبر يا اڳواڻ حڪم ڪري۔۔۔ ڇا توهان کي خارجين واري ذهنيت ياد نه آهي۔۔ مولا علي عليه السلام انهن سان ڇو جنگ ڪئي هئي۔۔۔ انهيءَ‌ڪري ته هو خدا جي مقرر ڪيل حڪمن کان نابري واري صرف عبادت کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي رهيا هئا ”مطلب ته پنهنجي ڳالهه هلائي رهيا هئا۔“
     
  16. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    توهان ته وڏي بحث ۾ هلايا ويا آهيو ... جيڪڏهن اهڙي اجازت معاشرو ڏئي ٿو پوءِ به ڏوهاري نڪري ويندا مان ۽ توهان جهڙا مسقين ماڻهن سِيالڪوٽ واري ڀائرن وانگر بيگنا ماڻهون ماريا ويندا چورن ۽ ڌاڙيلن کي ڪوئي ڪجهه ڪون ڪندو جيڪڏهن ٻه ڌاڙيل نه موئا ته 10 بيگناهه ضرور مرندا
     
  17. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    مٺا ڀا مان پهريان ته پاڻ کان وڏن سان بحث نه ڪندو آهيان۔
    مان ته ادا مست کان ڪجھ سوال پڇيا هئا نه ڪي مان ادا مست سان بحث ڪيو۔
    بحث به اُهو ڀلو جنهن مان ڪجھ سکڻ لا‌ملي باقي هرو بهرو ٽائيم برباد نه ڪجي۔
    ادا مست جي مهرباني جو انهن سهڻي معلومات اسان کي ڏني۔
     
  18. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماڻهو ايترا بي درد ۽ ظالم ڇو ٿي ويا آهن؟

    صحيح پيا چئو ادا۔۔۔ پر هي بحث براءِ اصلاح هئي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو