عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
اڄڪلهه پاڪستان ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت ڪنهن حد تائين مايوسي جو شڪار ٿيل آهي پر ان دوران پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ اهڙو واقعو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ ماڻهن ۾ هاڻوڪي قدرتي آفت کان به وڌيڪ خوف پيدا ٿي ويو آهي.
راندن جو سامان تيار ڪرڻ جي لحاظ سان عالمي سطح تي مشهور شهر سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ بٽر ۾ 15 آگسٽ تي ڪجهه ماڻهن 2 ننڍن ڀائرن کي ماڻهن جي پيهه ۽ پوليس جي موجودگي ۾ بدترين تشدد ڪيو جنهن سبب ٻئي ڀائر مري ويا.
18 سالن جي حافظ مغيث ۽ 15 سالن جي منيب جي لاشن کي شهر جي گهٽين ۾ دربدر ڪيو ويو بلڪ هڪ هنڌ ٻنهيءَ ڀائرن جي لاشن کي تارن سان اونڌو لڙڪايو ويو. اِها سموري ڪارروائي 20 ماڻهن ڏٺي جن ۾ پوڙها، جوان ۽ ٻار پڻ شامل هئا.
ظاهري طور تي ڪنهن ”تماشائي“ اهڙي بي رحم تشدد جي وڊيو فلم ٺاهڻ کانپوءِ ٽي وي چئنلز کي ڏئي ڇڏي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان بار بار نشر ڪئي پئي وڃي. فلم جي منظرن ۾ حملي آورن ۽ واقعي واري هنڌ تي موجود پوليس انتظاميا جا چهرا پڻ نظر آيا پر ظاهري طور تي ڪنهن هنڌ محسوس نه ٿيو ته ڪنهن جي دل ۾ رحم پيدا ٿيو هجي ۽ هن بي درد ڪم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
مبصرن جو چوڻ آهي ته رتوڇاڻ ۽ دهشتگردن جي حملن سبب انساني جان جي ڏينهون ڏينهن گهٽجندڙ اهميت سماجي مسئلن جو جائزو وٺندڙ ماهر ۽ باشعور شخص لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته تازو ئي ٿيل اذيتناڪ ڪارروائي پاڪستاني معاشري ۾ وڌنڙ بي حسي ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي.
انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم ايڇ آر سي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر مهدي حسن چيو آهي ته گذريل ڪجهه سالن کان اسين جهڙي قسم جي دهشتگردي جو شڪار ٿيل آهيون انهيءَ سبب انساني زندگي جي اهميت تمام گهٽجي وئي آهي ۽ موت بيحد سستي نظر اچڻ لڳي آهي.
مبصرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ گذريل سالن کان لاقانونيت ڪيترا ئي ڀاڱا وڌي وئي آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ اضافو اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ٿيو آهي جڏهن ته ماڻهو انهن واقعن جو شڪار ٿيندي يا وري اهڙن واقعن باري ٻڌي ڪري بيزار ٿي ويا آهن جيڪڏهن ڏوهارين کي سزا ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته هڪ وڏي انگ ۾ ماڻهن کي ترت جواب عام طور تي اهڙن لفظن جي شڪل ۾ سامهون ايندو آهي ته انهن جو خاتمو آڻڻ گهرجي.