نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوست السلام عليڪم جيئي سنڌ
ساٿيو هڪ مهينو اڳ سنڌ ترقي پسند ڪلچرل ونگ ۽ سنتپت فورم طرفان ايندڙ سنڌي ٽيلي فلم ”انقلاب“ جي مهورت جي هڪڙي ساڌي مگر پُر وقار تقريب حيدرآباد جي مشهور هوٽل شاليمار ٺنڍِي سڙڪ تي ملهائي وئي ۔ دوستو هن تقريب ۾ شموليت جي دعوت مونکي هن فلم جي ڊائريڪٽر محترم غلام نبي راهي ۽ فلم جي پروڊڪشن انچارج محترم وڪيل منڱريو طرفان ڏني وئي ، هن تقريب ۾ شوبز سان تعلق رکندڙ ڪافي شخصيتن خواتين ۽ حضرات شرڪت ڪئي ۔ اتي ڪافي سارن دوستن جيڪي هن فلم ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهيا آهن ، فني ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ سان پنهنجو پنهنجو حصو وٺي رهيا آهن انهن جو چوڻ هو ته هِي سنڌي ٽيلي فلم انقلاب سنڌ ۾ سُجاڳي جو سڏ ڏيندي، وڏيرا شاهي، ظلم ۽ ٺڳي جي خلاف صحيح معنا ۾ انقلاب ثابت ٿيندي۔ ساٿيو هن تقريب جون تصويرون اڳ ۾ صرف پنهنجي پُٽ علي جي شادي جي مصروفيت سبب نه موڪلي سگهيس جنهن لا تمام گهڻو معذرت خواهه آهيان خير جيئن ته هي فلم منهنجي ڄاڻ مطابق مڪمل ٿي چُڪي آهي ٿِي سگهي ٿو هي فلم عيدالفطر جي پُر مسرت موقعي تي ريليز ٿئي۔ في الحال هن تقريب جون تصويري جهلڪيون پيش خدمت آهن۔
دوستو ڪيئن لڳيون توهان کي هي تصويرون۔