ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت جو لوگو دوستو اڄ پاڻ ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت جو لوگو هڻڻ ۽ ان جو نالو لکڻ سکنداسين.. ان لاءِ اسان کي ٻه فائلون ٺاهڻ جي ضرورت پوندي. پهرين فائل Oeminfo.ini ۽ ٻي فائل Oemlogo.bmp آهي. 1. Oeminfo.ini فائل ٺاهڻ: سڀ کان پهرين ورڊ پيڊ کولي ان ۾ هڪ هيٺ ڏنل سيٽنگ سان مطابق لکو، [General] Manufacturer= سنڌ سلامت هاڻي فائل کي oeminfo.ini جي نالي سان هيٺ ڏسيل لوڪيشن تي محفوظ ڪريو. C:\WINDOWS\system32 پر ان فائل جي اينڪوڊنگ يونيڪوڊ ۾ رکجو، نه ته فائل ۾ سنڌي لفظ محفوظ نه ٿيندا. جيڪڏهن توهان وڌيڪ انفارميشن ڏيکارڻ چاهيو ٿا ته oeminfo.ini فائل ۾ هيٺين معلومات ڏيو. ان جي رزلٽ ڪجهه هن طرح ايندي. 2. oemlogo.bmp فائل ٺاهڻ: پهرين سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان سنڌ سلامت جو لوگو ڊائونلوڊ ڪريو. ان کان بعد ان کي تصوير ايڊٽ ڪرڻ واري ڪنهن پروگرام ۾ کوليو، ۽ ان کي ريسائيز ڪندي ان جي سائيز 150x120 رکو. هاڻي ان فائل کي oemlogo.bmp جي نالي سان هيٺ ڏسيل لوڪيشن تي محفوظ ڪريو. C:\WINDOWS\system32 نتيجو توهان جي سامهون آهي.
جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت ادا مست توهانکي هر تحرير ماشاالله نهايتي سبق جوڳي هوندي آهي الله سائين اوهانکي تمام بهترين ذهين بڻايو آهي مان توهان کي هر تحرير مان ڪجه نه ڪجه ضرور پرائيندو آهيان دوست اهي پنهنجون ڪوششون جاري ۽ ساري رکجو اسانکي اميد آهي ته ادو مست انکان به بهترين سبق اساجي نظر ڪندو ۽ اسانجي دعا آهي ته الله تعالي ادي مست جي ناليج ۾ اضافو فرمائي (آمين)
جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت تمام بهترين معلومات ونڊي آهي۔۔ ادا اوهان کي اهڙي لاجواب ونڊ پيش ڪرڻ تي مبارڪ پيش ڪيان ٿو۔ هن ونڊ ۾ سنڌ سلامت کي پنهنجي ڪمپيوٽر جي ونڊوز ۾ به شامل ڪرڻ جو طريقو آهي۔۔ انکان علاوه سسٽم 32 جون ڪجهه ڪمانڊز لڳائڻ جو طريقو سيکاريو ويو آهي۔۔ تمام بهترين،، shal judy hujeen
جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت ادا مست۔۔۔۔ماشاالله اوهان جي بهترين ونڊ آهي مان به ڪوشش ڪيان ٿو ڏسان لوگو لڳي ٿو
جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت تمام سٺي ڪوشش آهي ادا ڪجهه سال پهريائين جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فورم هئي ڪمپيوٽنگ پي ڪي جيڪا هاڻي بند ٿئي وئي آهي اتي ادا رشيد به هوندو هو مون جي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ اسٽارٽنگ هئي سو اهڙيون شيون ڏسي ڪري اصل ان ٽائيم ئي اهڙا عمل ڪندو هيس پراڻيون ياديون تازا ڪرائڻ تي توهان جي مهرباني ان سان گڏ توهان جي شيئرنگ پڻ خوبصورت آهي سدائين گڏ
جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت ادا فقير سائين اوهان جي ڇا ڳالهه ڪجي ته ۔۔۔ اوهان جتي پرنسپال رهي چڪا آهيو اتي اڃان اسان داخلا مس ورتي آهي۔۔ ها ها ها
جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت ڪجهه ڏينهن اڳ ادا ابوزين هڪ اسلامي ونڊو ”انا مسلم“ کي متعارف ڪرايو هيو ۔۔۔ جتي مون پنهنجي پراڻي خواهش ”سنڌ سلامت ونڊوز“ جو اظهار ڪيو هو۔۔۔۔ دوستن مدد ڪرڻ لاءِ حامي ڀري پر پنهنجي بي انتها مصروفيت ڪري پروجيڪٽ کي مختلف حصن ۾ ورهائي ٽاسڪ ڏئي نه سگهيس ۔۔۔۔ اڄ جڏهن ادا مست ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ تبديلي ڪندي سنڌ سلامت لوگو کي شامل ڪيو ته پراڻي خواحش هڪ دفعو وري ڪَرُ کنيو۔۔۔۔ خيال ٿيو ته ڇو ته هي پروجيڪٽ ٿورو وڏو ۽ وقت طلب آهي ته ان جو هڪ عليحده سيڪشن ٺاهجي ۽ دوستن کي دعوت ڏجي ته پنهنجي ونڊوز ۾ يا رجسٽري ۾ جيڪي تبدليون سنڌ سلامت شامل ڪندي ڪن ان کي ان سڪيشن ۾ پوسٽ ڪن ۔۔۔ جهڙوڪ هي موضوع يا ايندڙ موضوع جهڙوڪ ؛ سنڌ سلامت ٿيم، سنڌ سلامت وال پيپر ۽ سنڌ سلامت رجسٽري ٽرڪس وغيره ۔۔۔ جن کي اڳتي هلي گڏ ڪري سنڌ سلامت ونڊوز جو بيٽا ورجن طور سامهون آڻي سگهجي ٿو۔۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ سمورن دوستن کي هڪ دفعو ٻيهر اڳتي وڌڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔۔۔۔ مٿي ادا ابوزين جي آندل موضوع جي آخر ۾ منهنجي جواب کي هڪ دفعو پڙهن جي دعوت پڻ ڏجي ٿي۔۔۔۔
جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت سائين لڳي ٿو ته اسان جا دوست ميمبر وڏن جي انتظار ۾ آهن ته اهي پهرين قدم کڻن ته اسان انهن جي پيروي ڪيون۔۔ ته سائين بسم الله ڪري اوهين سيڪشن ٺاهڻ سان ڪم کي شروع ڪيو۔۔۔ ان سيڪشن ۾ فقط اهي ئي ميمبر اچي سگهن جيڪي ان ڪم ۾هٿ وندرائڻجي حامي ڀرين، مان ڪوشش ڪيان ٿو ته پنهنجي طور تي ڪجهه ونڊ پيش ڪرڻ شروع ڪريان ته جيئن عيد تائين هي ڪم چڱو اڳتي وڌي۔۔