ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت جو لوگو
    [​IMG]

    دوستو اڄ پاڻ ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت جو لوگو هڻڻ ۽ ان جو نالو لکڻ سکنداسين..
    ان لاءِ اسان کي ٻه فائلون ٺاهڻ جي ضرورت پوندي.
    پهرين فائل Oeminfo.ini ۽ ٻي فائل Oemlogo.bmp آهي.
    1. Oeminfo.ini فائل ٺاهڻ:
    سڀ کان پهرين ورڊ پيڊ کولي ان ۾ هڪ هيٺ ڏنل سيٽنگ سان مطابق لکو،
    [General]
    Manufacturer= سنڌ سلامت
    هاڻي فائل کي oeminfo.ini جي نالي سان هيٺ ڏسيل لوڪيشن تي محفوظ ڪريو.
    C:\WINDOWS\system32
    پر ان فائل جي اينڪوڊنگ يونيڪوڊ ۾ رکجو، نه ته فائل ۾ سنڌي لفظ محفوظ نه ٿيندا.
    [​IMG]
    [​IMG]
    جيڪڏهن توهان وڌيڪ انفارميشن ڏيکارڻ چاهيو ٿا ته oeminfo.ini فائل ۾ هيٺين معلومات ڏيو.
    [​IMG]
    [​IMG]
    ان جي رزلٽ ڪجهه هن طرح ايندي.
    [​IMG]
    2. oemlogo.bmp فائل ٺاهڻ:
    پهرين سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان سنڌ سلامت جو لوگو ڊائونلوڊ ڪريو.
    ان کان بعد ان کي تصوير ايڊٽ ڪرڻ واري ڪنهن پروگرام ۾ کوليو، ۽ ان کي ريسائيز ڪندي ان جي سائيز 150x120 رکو.
    هاڻي ان فائل کي oemlogo.bmp جي نالي سان هيٺ ڏسيل لوڪيشن تي محفوظ ڪريو.
    C:\WINDOWS\system32
    نتيجو توهان جي سامهون آهي.
    [​IMG]
     
  2. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

    ادا مست توهانکي هر تحرير ماشاالله نهايتي سبق جوڳي هوندي آهي الله سائين اوهانکي تمام بهترين ذهين بڻايو آهي مان توهان کي هر تحرير مان ڪجه نه ڪجه ضرور پرائيندو آهيان دوست اهي پنهنجون ڪوششون جاري ۽ ساري رکجو اسانکي اميد آهي ته ادو مست انکان به بهترين سبق اساجي نظر ڪندو ۽ اسانجي دعا آهي ته الله تعالي ادي مست جي ناليج ۾ اضافو فرمائي (آمين)
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

    تمام بهترين معلومات ونڊي آهي۔۔
    ادا اوهان کي اهڙي لاجواب ونڊ پيش ڪرڻ تي مبارڪ پيش ڪيان ٿو۔ هن ونڊ ۾ سنڌ
    سلامت کي پنهنجي ڪمپيوٽر جي ونڊوز ۾ به شامل ڪرڻ جو طريقو آهي۔۔
    انکان علاوه سسٽم 32 جون ڪجهه ڪمانڊز لڳائڻ جو طريقو سيکاريو ويو آهي۔۔
    تمام بهترين،،
    shal judy hujeen
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

    بهترين سائين تمام سٺي ونڊ آهي
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

    ادا مست۔۔۔۔ماشاالله اوهان جي بهترين ونڊ آهي
    مان به ڪوشش ڪيان ٿو ڏسان لوگو لڳي ٿو
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

    تمام سٺي ڪوشش آهي ادا ڪجهه سال پهريائين جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فورم هئي ڪمپيوٽنگ پي ڪي جيڪا هاڻي بند ٿئي وئي آهي اتي ادا رشيد به هوندو هو مون جي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ اسٽارٽنگ هئي سو اهڙيون شيون ڏسي ڪري اصل ان ٽائيم ئي اهڙا عمل ڪندو هيس

    پراڻيون ياديون تازا ڪرائڻ تي توهان جي مهرباني
    ان سان گڏ توهان جي شيئرنگ پڻ خوبصورت آهي

    سدائين گڏ
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

    ادا فقير سائين اوهان جي ڇا ڳالهه ڪجي ته ۔۔۔ اوهان جتي پرنسپال رهي چڪا آهيو اتي اڃان اسان داخلا مس ورتي آهي۔۔ ها ها ها
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

    ڪجهه ڏينهن اڳ ادا ابوزين هڪ اسلامي ونڊو ”انا مسلم“ کي متعارف ڪرايو هيو ۔۔۔ جتي مون پنهنجي پراڻي خواهش ”سنڌ سلامت ونڊوز“ جو اظهار ڪيو هو۔۔۔۔ دوستن مدد ڪرڻ لاءِ حامي ڀري پر پنهنجي بي انتها مصروفيت ڪري پروجيڪٽ کي مختلف حصن ۾ ورهائي ٽاسڪ ڏئي نه سگهيس ۔۔۔۔
    اڄ جڏهن ادا مست ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ تبديلي ڪندي سنڌ سلامت لوگو کي شامل ڪيو ته پراڻي خواحش هڪ دفعو وري ڪَرُ کنيو۔۔۔۔ خيال ٿيو ته ڇو ته هي پروجيڪٽ ٿورو وڏو ۽ وقت طلب آهي ته ان جو هڪ عليحده سيڪشن ٺاهجي ۽ دوستن کي دعوت ڏجي ته پنهنجي ونڊوز ۾ يا رجسٽري ۾ جيڪي تبدليون سنڌ سلامت شامل ڪندي ڪن ان کي ان سڪيشن ۾ پوسٽ ڪن ۔۔۔ جهڙوڪ هي موضوع يا ايندڙ موضوع جهڙوڪ ؛ سنڌ سلامت ٿيم، سنڌ سلامت وال پيپر ۽ سنڌ سلامت رجسٽري ٽرڪس وغيره ۔۔۔ جن کي اڳتي هلي گڏ ڪري سنڌ سلامت ونڊوز جو بيٽا ورجن طور سامهون آڻي سگهجي ٿو۔۔۔۔۔
    ان سلسلي ۾ سمورن دوستن کي هڪ دفعو ٻيهر اڳتي وڌڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔۔۔۔ مٿي ادا ابوزين جي آندل موضوع جي آخر ۾ منهنجي جواب کي هڪ دفعو پڙهن جي دعوت پڻ ڏجي ٿي۔۔۔۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ماءِ ڪمپيوٽر جي پراپرٽيز ۾ سنڌ سلامت

    سائين لڳي ٿو ته اسان جا دوست ميمبر وڏن جي انتظار ۾ آهن ته اهي پهرين قدم کڻن ته اسان انهن جي پيروي ڪيون۔۔ ته سائين بسم الله ڪري اوهين سيڪشن ٺاهڻ‌ سان ڪم کي شروع ڪيو۔۔۔ ان سيڪشن ۾ فقط اهي ئي ميمبر اچي سگهن جيڪي ان ڪم ۾‌هٿ وندرائڻ‌جي حامي ڀرين، مان ڪوشش ڪيان ٿو ته پنهنجي طور تي ڪجهه ونڊ پيش ڪرڻ شروع ڪريان ته جيئن عيد تائين هي ڪم چڱو اڳتي وڌي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو