القلم قرآن پبلشر فونٽ

برصغيري رسم الخط ۾ دنيا جو پهريون مڪمل لگيچر بيڊ قرآن پبلشنگ فونٽ رليز ٿي چڪو آهي. هن فونٽ ۾ مڪمل قرآن پاڪ رموز اوقاف سان گڏ لکي سگهجي ٿو. انهيءَ کان سواءِ هي فونٽ مختلف DTF سافٽويئرن جهڙوڪ ايم ايس آفس (خاص طور ايم ايس آفس 2010، انهيءَ کان پهرين وارن ورزن ۾ رموز اوقاف تبديل ٿي وڃن ٿا)، انڊيزان سي ايس 5، انٽرنيٽ ايڪسپلورر، فائر فاڪس وغيره وغيره ۾ پڻ صحيح طور تي ڪم ڪري ٿو.
هن فونٽ جي ڪتابت لاهور جي مشهور ڪاتب علي احمد صابر ڪئي آهي. گهڻي عرصي کان هن قرآن پاڪ جا صفحا مون وٽ ڪورل ڊرا ۾ ٽريس ٿيا پيا هئا. جڏهن جميل نستعليق جي ٽيم هن تي ڪم ڪرڻي ۾ دلچسپي ڏيکاري ته مون کين اهي سمورا صفحا مهيا ڪري ڏنا، جن تي تقريبا سال کان مختلف مرحلن ۾ ڪم هلي رهيو هيو.
متن ۽ رموز اوقاف جي فائلن کي محفوظ رکڻ لاءِ لاڪ ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري جنهن کي قرآن جي متن جي ضرورت هجي ته هيٺ ڏنل لنڪ ۾ موجود اصل فائل مان ڪاپي پيسٽ ڪري.
لنڪ
http://www.mediafire.com/?pg2r76q0x656g00