نثارناز
سينيئر رڪن
يارهون پيرنٽس ڊي
ڪامپريهينسِوِ انگلش گرامر هاءِ اسڪول ماتلي۔

سنڌ سلامت جا ساٿيو اڄ توهان سان جيڪا تقريب شيئر ڪري رهيو آهيان سا ڪجهه مختلف آهي، تعليمي حوالي سان انتهائي اهم پڻ آهي۔ دوستو ان تقريب جو اکين ڏٺو احوال ڪافي اڳ۾ تيار ڪري ڇڏيو هئم۔ پر طبيعت جي شديد ناسازيءَ جي ڪري مان بروقت توهان سان شيئر ڪري نه سگهيس۔
دوستو گُذريل 21 اپريل 2009ع تي لاڙ ۽ سنڌ جي سونهن ڦليلي جي ڪناري تي آباد ٿيل بدين ضلع جي انتهائي خوبصورت شهر ماتلي ۾ پڙهائي ۽ ايڪسٽرا ايڪٽيوٽي جي حوالي سان مشهور ۽ نامياري اسڪول ڪامپريهينسو انگلش گرامر هاءِ اسڪول ماتلي ۾ 11 هون پيرنٽس ڊي ملاهيو ويو۔ ان شاندار پيرنٽس ڊي ۾ مونکي پڻ ان اسڪول جي سابق پرنسپال جي حيثيت سان مدعو ڪيو ويو هو۔ساٿيو منهنجي تعليم کاتي ۾ سروس صرف ڪي اڍائي سال آهي، انهن اڍائي سالن ۾ صرف چار مهينا اها مُنهنجي خوشنصيبي آهي جو انهيِءَ اسڪول ۾ بحيثيت پرنسپال جي پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني هئي۔ اهو اسڪول پنهنجي تعليم، پنهنجي ماحول، پنهنجي ايڊمنسٽريشن ، قابل ۽ تجريبڪار استادن ، انتهائي هوشيار ۽ لائق شاگردن، شاگردياڻين جي ڪري پوري ماتلي شهر ۾ تمام گهڻو مشهور آهي۔ هن اسڪول جي سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي جو اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين صاحبان جو رابطو اسڪول جي انتظاميه سان سئو فيصد آهي۔ هن اسڪول جو تعليمي معيار انتهائي اعلى درجي جو آهي. خير ڳالهه هلي پئي پيرنٽس ڊي جي سو مان سڀ کان پهرين انهي پيرنٽس ڊي ۾ پهتس، پنهنجي پراڻن ساٿين سان ملي انتهائي ڏاڍي خوشي ٿي، اهو پيرنٽس ڊي ماتلي جي مشهور شخصيت حاجي نجم الدين سريوال جي وشال پلاٽ جي اڱڻ تي هڪ زبردست ۽رنگا رنگ اسٽيج لڳائي ملاهيو ويو، هن شرڪت ۾ والدين جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ مردن ۽ عورتن جو جُدا جُدا ٽينٽ لڳايو ويو هو ٻنهي ٽينٽن ۾ تقريبن پندرهن پندرهن سئو ڪرسيون لڳايون ويون هُيون. هن پيرنٽس ڊي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت کي پڻ يقيني بنائڻ لاءِ اسڪول جي انتظاميه ، اسڪول جي اُستادن ڏينهن رات ڪري سخت محنت ڪئي هئي، هن پروقار تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، نعت مقبول رسول صلي الله وعليه وسلم پڻ پڙهي وئي، ان کان پوءِ مختلف قسم جا ٽيبلا، ڪوئز ڪاميٽيشن، ڊبيٽ مقابلا، تعليم جي سگهه وڌائڻ وارا خاڪا، ڪرسي جي چوداري ڦرڻ واريون رانديون، تقرير بازي، الغرض توهان کي اهو ٻُڌي حيرت ٿيندي ته اسڪول جي تقريبن چارسئو شاگردن شاگردياڻين انهن ٽيبلوز ۽ خاڪن ۾ ڀرپور حصو ورتوآخر ۾ اسڪول جي تعليمي سلسلي ۾ پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ نقد ڪيش انعام، شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ انعام طور ورهايا ويا بلڪل اهڙي طرح هن پيرنٽس ڊي ۾ پيش ڪيل تقرير بازي، ٽيبلوز، راندين ، ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۾ بل ترتيب پهرين ٻي ۽ ٽي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڻ ايوارڊ، نقد ڪيش انعام ۽ شيلڊون ڏئي انهن جي حوصله افزائي ڪئي وئي. مان اهو پڻ خوشي سان ٻُڌائيندو هلان ته ٻن بهترين اُستادن کي پڻ سندن پوري سال جي سُٺي ڪارڪردگي عيوض مڃتا طور کين نقد انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو
هن پيرنٽس ڊي ۾ آفيشل انگن اکرن موجب چار هزار والدين عورتن ۽ مردن حصوورتو
اهڙيءَ طرح هي رنگا رنگ تقريب رات جو 3 وڳي ختم ٿي .

پيش آهن ان رنگا رنگ تقريب جون ڪجهه تصويرون.