پيرنٽس ڊي ڪامپريهينسو انگلش گرامر هاٌءِ اسڪول ماتلي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    يارهون پيرنٽس ڊي
    ڪامپريهينسِوِ انگلش گرامر هاءِ اسڪول ماتلي۔​


    سنڌ سلامت جا ساٿيو اڄ توهان سان جيڪا تقريب شيئر ڪري رهيو آهيان سا ڪجهه مختلف آهي، تعليمي حوالي سان انتهائي اهم پڻ آهي۔ دوستو ان تقريب جو اکين ڏٺو احوال ڪافي اڳ۾ تيار ڪري ڇڏيو هئم۔ پر طبيعت جي شديد ناسازيءَ جي ڪري مان بروقت توهان سان شيئر ڪري نه سگهيس۔
    دوستو گُذريل 21 اپريل 2009ع تي لاڙ ۽ سنڌ جي سونهن ڦليلي جي ڪناري تي آباد ٿيل بدين ضلع جي انتهائي خوبصورت شهر ماتلي ۾ پڙهائي ۽ ايڪسٽرا ايڪٽيوٽي جي حوالي سان مشهور ۽ نامياري اسڪول ڪامپريهينسو انگلش گرامر هاءِ اسڪول ماتلي ۾ 11 هون پيرنٽس ڊي ملاهيو ويو۔ ان شاندار پيرنٽس ڊي ۾ مونکي پڻ ان اسڪول جي سابق پرنسپال جي حيثيت سان مدعو ڪيو ويو هو۔ساٿيو منهنجي تعليم کاتي ۾ سروس صرف ڪي اڍائي سال آهي، انهن اڍائي سالن ۾ صرف چار مهينا اها مُنهنجي خوشنصيبي آهي جو انهيِءَ اسڪول ۾ بحيثيت پرنسپال جي پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني هئي۔ اهو اسڪول پنهنجي تعليم، پنهنجي ماحول، پنهنجي ايڊمنسٽريشن ، قابل ۽ تجريبڪار استادن ، انتهائي هوشيار ۽ لائق شاگردن، شاگردياڻين جي ڪري پوري ماتلي شهر ۾ تمام گهڻو مشهور آهي۔ هن اسڪول جي سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي جو اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين صاحبان جو رابطو اسڪول جي انتظاميه سان سئو فيصد آهي۔ هن اسڪول جو تعليمي معيار انتهائي اعلى درجي جو آهي. خير ڳالهه هلي پئي پيرنٽس ڊي جي سو مان سڀ کان پهرين انهي پيرنٽس ڊي ۾ پهتس، پنهنجي پراڻن ساٿين سان ملي انتهائي ڏاڍي خوشي ٿي، اهو پيرنٽس ڊي ماتلي جي مشهور شخصيت حاجي نجم الدين سريوال جي وشال پلاٽ جي اڱڻ تي هڪ زبردست ۽رنگا رنگ اسٽيج لڳائي ملاهيو ويو، هن شرڪت ۾ والدين جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ مردن ۽ عورتن جو جُدا جُدا ٽينٽ لڳايو ويو هو ٻنهي ٽينٽن ۾ تقريبن پندرهن پندرهن سئو ڪرسيون لڳايون ويون هُيون. هن پيرنٽس ڊي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت کي پڻ يقيني بنائڻ لاءِ اسڪول جي انتظاميه ، اسڪول جي اُستادن ڏينهن رات ڪري سخت محنت ڪئي هئي، هن پروقار تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، نعت مقبول رسول صلي الله وعليه وسلم پڻ پڙهي وئي، ان کان پوءِ مختلف قسم جا ٽيبلا، ڪوئز ڪاميٽيشن، ڊبيٽ مقابلا، تعليم جي سگهه وڌائڻ وارا خاڪا، ڪرسي جي چوداري ڦرڻ واريون رانديون، تقرير بازي، الغرض توهان کي اهو ٻُڌي حيرت ٿيندي ته اسڪول جي تقريبن چارسئو شاگردن شاگردياڻين انهن ٽيبلوز ۽ خاڪن ۾ ڀرپور حصو ورتوآخر ۾ اسڪول جي تعليمي سلسلي ۾ پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ نقد ڪيش انعام، شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ انعام طور ورهايا ويا بلڪل اهڙي طرح هن پيرنٽس ڊي ۾ پيش ڪيل تقرير بازي، ٽيبلوز، راندين ، ڪوئيز ڪامپيٽيشن ۾ بل ترتيب پهرين ٻي ۽ ٽي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڻ ايوارڊ، نقد ڪيش انعام ۽ شيلڊون ڏئي انهن جي حوصله افزائي ڪئي وئي. مان اهو پڻ خوشي سان ٻُڌائيندو هلان ته ٻن بهترين اُستادن کي پڻ سندن پوري سال جي سُٺي ڪارڪردگي عيوض مڃتا طور کين نقد انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو
    هن پيرنٽس ڊي ۾ آفيشل انگن اکرن موجب چار هزار والدين عورتن ۽ مردن حصوورتو
    اهڙيءَ طرح هي رنگا رنگ تقريب رات جو 3 وڳي ختم ٿي .​
    پيش آهن ان رنگا رنگ تقريب جون ڪجهه تصويرون.​

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ماشاءَ الله تمام بهترين شيئرنگ آهي سائين نثار احمد ناز صاحب گهٽ ۾ گهٽ ان تصويرن جي بدولت توهان جو ديدار ته نصيب ٿيو
    الله پاڪ توهان کي خوش رکي آمين .
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مٺا ماڻهو وحيد ڦلپوٽا شال جُڙيو هُجين ۔ هنن تصويرن ۾ مان توهان کي ڪٿي نظر اچي ويو آهيان ڇا؟ اهڙي ڪا ڳالهه هن پوسٽ ۾ مان لکي ته ڪانه هُئي، اڳ ۾ ادا رشيد سمون کي جادوگر ڪري ڪوٺيندا هُئاسين پر لڳي ٿو رشيد سمي کان توهان پڻ ٻه ٽي جادو وارا گُر سکي ورتا آهن ۔​
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    سائين توهان ته اصلي صفا asul matt asul matt
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پر مٺا مُنهنجي انهيء لکڻيءَ سان ڪٿي به اهو تاثر نٿو اڀري ته هرون ڀرون انهن تصويرن ۾ مُنهنجي به ڪا تصوير آهي، ٻيلي صفا زورا ور آهين هوندو ڪو موجودهه ان اسڪول جو مان وارو پرنسپال باقي سابقن کي ڪير ٿو پُڇي دعوت هُنن ڏني مان ويس ۽ اکين ڏٺو احوال کڻي آيس ڪجهه رنگا رنگ تصويرون ننڍڙين ڀينرن جون، ۽ ننڍڙن ادن جون ۽ بس باقي ادا وحيد بلڪل هاڻي يقين ٿي ويو آهي ته ادا رشيد سمون کان ڪجهه نه ڪُجهه ڍارا هڻڻ وارو ڪم ضرور سکيو آهين۔ ​
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    asul matt
    asul matt
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا توهان مٽ نه ڀڃو مان مڃان ٿو جيڪو توهان سمجهيو آهي اهو ئي آهي هاڻي خوش باقي مٺا انهن گنجن جي هٿ ۾ قلندري ڏنڊا ۽ مٽ ڀڃڻ جون ڳالهيو هُجن ته ڀانءِ ڪرڻ کان سواءِ مون وٽ ڪوبه رستو ڪينهي۔ توهان بلڪل صحيح اندازو لڳايو هو ۔
    ]
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين توهان جون اهي ناياب تصويرون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا وهاب توهان کي اهي تصويرون ڏسي خوشي محسوس ٿي۔ لک ٿورا
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    مهرباني سائين مولا شاد رکئي آباد رکئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو