هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ٿورو تصور ڪيو۔۔ ڪير توهان کي چوي ته مون وٽ منٽ يا وري گرين ٽي فليور ٽوٿ برش آهي۔۔۔۔
    ڪيئن محسوس ڪندو۔۔۔ دوستو مٿين لفظن تي غور ڪيو ۔۔۔۔ مون ٽوٿ پيسٽ نه ٽوٿ برش جو ذڪر ڪيو آهي۔۔۔
    پر اهو هاڻي ممڪن بنايو آهي oral care وران۔۔۔ ڪمپني Soladey-J3DX brushing ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي برش جي اندر بلٽن سن لائيٽ ڪيميڪل شامل ڪيا آهن۔۔ جيڪي ڏندن تي برش استعمال ڪرڻ سان تمام گهٽ مقدار ۾ توهان جي وات جي ذائقي کي تبديل ڪندا آهن ۽ هن جي جديد ٽيڪنالاجي توهان جي ڏندن کي رکي پهرين کان وڌيڪ صاف ۔۔۔۔

    [​IMG]

    وڌيڪ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=3o-MSOPfFF8
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    واه ادا واه

    واه جو ڪم ڪيو آهي ڪمپني وارن

    بهترين

    ادا ايڏاهن هڪ برش وٺي ته موڪل

    پئسن جي اصل پرواه نه ڪجا۽ جيئن ئي ڪانڊيرن جو فصل کنيو ته اڳ ۾ توهان

    اميد آهي ته ڳالهه تي غور ڪندا

    سدائين گڏ
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    واھ سائين واھ ڪمپني ته صفا وي آ پي ڪم ڪيو آهي۔
    بهترين ونڊ سائين
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    تمام بهترين خبر آهي ادا۔۔ مستن جا ته پيسٽ تي خرچ ٿيندڙ پئسا بچي پوندا باقي عاشقن ۽ فقيرن جي خبر نه آهي، ڇو ته اهي شروع کان ئي کبڙ جي ڪاٺي سان ڏند صاف ڪندي ڏٺا ويا آهن۔۔ ها ها ها
    دوستن کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هي ٽوٿ برش شمسي توانائي جي اصول تحت ڪم ڪن ٿا۔۔۔
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    سائين تمام بهترين ونڊ آهي۔۔
    ڪمپني وارن اصل ڪم سولا ڪري ڇڏيا ۔۔

    مست ۽ منهنجي پيسٽ جو خرچو بچي پيو۔۔
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    دوستو ڪمپني وارن منهنجي صلاح آهي ته اسان جيڪو ٽوٿ برش ۾ هٿ وجهي ڪري برش ڪيو ٿا اهو به هجي انهن کي گهرجي اهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ڪن جو برش پنهجو پاڻ مومينٽ ڪري ها ها ها ها ها ها ها ها ها ها۔ هي ٿي مذاق۔

    ادا رشيد سمون صاحب تمام بهترين ونڊ اسان موالن سان مهرباني۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    واهه ڙي فقير واهه خوب ڄاڻون ٿا تو واري ڪانڊيرن واري فصل جي باري ۾ هيل ته فقير وٽ نيڪ بابا نيڪ مائي جي باري ۾ ٻه ٻه آپشن آهن سڀ کان پهرين ته نيڪ ۽ ڀلارو مهينو رمضان ڪريم وارو مهينو ٻيو پروفيشنل فقيرن کي پنهنجي پاڻ کي ٻوڏ سٽيل ظاهر ڪري ائين سمجهو ته اهڙن فقيرن جو پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن، اڃان ڪالهه جو ذڪر آهي ، جو مان پنهنجي بي بي کي اسڪول ڇڏڻ پي ويس ته رستي تي پاڪستاني چوڪ هندستانين جي پڙ تي ٻه فقير ڏينهن جو ساڍي ٻارهين وڳي صُبح کان وٺي جي ڪمائي جو حساب ڪتاب ڪري رهيا هُئا، انهن وٽ رڳو ڳاڙها ۽ ساوا نوٽ هُئا۔ مان جلدي جلدي پنهنجي بي بي کي خواجه محلا سي بي ايس اسڪول ڇڏي فوري پاڪستاني چوڪ پهچي انهين فقيرن وٽ پهتس جيڪي رمضان ڪريم واري مهيني جي نيڪ بابا نيڪ مائي ڏي خدا جي راهه ۾ جو حساب ڪتاب ڪري رهيا هُئا دُعا سلام کان پو پڇيو مان ته فقيرو ڏيو خبر ڪم ڌندو ڪيئن پيو هلي، پهرين ته پريشان ٿِي ويا مون کين تسلي ڏني ته پريشان نه ٿيو، مان توهان جي فيملي سان ئي تعلق رکان ٿو، سو فقير ڦلپوٽا تنهنجو حوالو ڏنومانس تنهنجي باري ۾ چيومانس ته فقير سنڌ سلامت سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌ سلامت جو اڱڻ اسان سڀني جو اڱڻ آهي انهي حساب سان فقير لڏي سان تعلق ته ٿي ويو۔ خير وڏا قُرب ڏئي مليا، پنهنجي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا ته اسان جي اسٽاف جو ماڻهو آهي، چانهه پاڻي جو پُڇڻ لڳا اڙي نه فقير وڏا روزو آهي سڀ هوٽلون وغيره بند پيون آهن، چيائون ته فقير تنهنجي بادشاهي جو خير هُجي چانهن پاڻي ماني تنهنجي لا سڀ حاضر ٿي سگهن ٿا، اهو وري ڪيئن مون سوال ڪيو چوڻ لڳا ته فقير در در تي وڃون ٿا اتي نيڪ بابا نيڪ مائي واري سوال کان پو بونس وارو سوال ته دريا شاهه جي ٻوڏ جا سٽيل آهيون، مجبورين سبب روزو ڪونه رکيو اٿئون ريلوي اسٽيشن تي اسان جي ٻار ٻچا توهان جي آسري الله جي آسري بُک تي ويٺا آهن پو ته اصل جاوا ٿيو وڃن، روڪ رقم، ٻوڙ پُلا ڪپڙا لٽا اصل منٽن ۾ مليو وڃن، اڇا اڇا اهو ته سڀ ٺيڪ پر هي هينئر ڏينهن جو هڪ وڳي تائين ڪيترو ڪمايو اٿئو، چوڻ لڳا ته فقير گنج ٿِي وياآهن عام طور اسان پنهنجي ڪمائي ڪونه ٻُڌائيندا آهيون پر تون اسان جي لڏي جو ماڻهو آهين ان ڪري ڪُل خرچ وغيره ڪڍي ٽي هزار منهنجي ننڍي فقير ڪمايا آهن ۽ چار هزار مون وڏي فقير ڪمايا آهن، مونکان ڇرڪ نڪري ويو ته صُبح کان وٺي هڪ بجي تائين ست هزار روپيا نقد ڪمايا اٿن شام جو ڇهه وڳي تائين ڪيترو ڪمائيندا ؟وري پڇيومان ته توهان چيو ته خرچ وغيره ڪڍي ، اهو خرچ توهان جو ڪهڙو ٿيو هوندو؟، چوڻ لڳا، فقير زماني جو ماڻهو آهين هي علائقو هڪڙي مها فقير اسان کي ٺيڪي ۾ ڏنو آهي، ان کان علاوه ڪجهه شهر جا ڪامريڊ آهن جيڪي هر ڪلاڪ کان پو پنهنجو حصو وٺي ويندا آهن ۽ ڪجهه پوليس وارا به آهن جيڪي اسان کا چانهه پاڻي وٺي ويندا آهن سوچڻ لڳس ته ناز!ڇڏي هن مُلڪ دنيا کي لڳون بس نيڪ بابا نيڪ مائي واري صدائن جي پويان۔ سو فقير مونکي خبر آهي ته تون ڪانڊيرن جي فصل جي آڙ ۾ جادوگر رشيد سمي کي انهي ڪمال جي بغير پيسٽ واري بُرشن جا پيسا ڪٿان ڏيندين؟ خير ڪانڊيرن واري فصل جا پيسا هُجن يا نيڪ بابا نيڪ مائي واري صدائن جا نوٽ هُجن پر يارفقير وحيد ڦلپوٽا هُن انٽرنيشنل فقير مُرلي واري کان پاڻ بچائجان، توکي مُرليون وڄائي تنهنجي ڀينگ ڪري ويندو۔!! جادوگر رشيد سمان واهه جي پراڊڪٽ کڻي آيو آهين لڳي پيو ته اهڙيون شيون ڏيکارڻ عيوض تنهنجي به شايد ڪميشن کڙي هوندي، فقيرن کان ئي ماڻهو ڪميشن وٺيو وڃن سو تون ڪمپني وارن کي ڪٿي ٿو ڇڏين ، فقير ۽ جادوگر ٻئي ڪن کولي ٻُڌو ڇا به ڪريو پر ٻيلي منهنجو حصو پتي ضرور رکجو، ڇا ڪيان جهونڙو آهيان، جيڪي جهونڙا پن سن تي گُذارو ڪندا آهن انهن جي دُعا پِٽ به لڳندي اٿئو۔ وڌيڪ سمجهو آهيو ! ! ! ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    مطلب ته فقير جي نصيب تي هر ڪو رشڪ ٿو ڪري۔۔ هئه ڙي فقير سائين تنهنجي لئه۔۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    يار مست وارو ڪر! تون ته مست به آهين، فقيري سان گڏ مستي هُجي ته هتي جا ماڻهو امر جليل جي لکيل ڪهاڻي اروڙ جو مست وانگر توکي ڄامشوري جو الستي مست سمجهي گنج ڏئي ويندا ۔ اميد ته منهنجي مشوري تي عمل ڪري هينئر کان ئي ڌنڌي تي لڳي وڃ۔ پر يار منهنجو حصو پتي ضرور رکجان نه ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وارو ڪر مست وارو ڪر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جادوگر رشيد سمون ڀلي پرائين ڪمپني جا پراڊڪٽ کڻي اچي پر پنهنجي نيڪ بابا نيڪ مائي صدائن واري پراڊڪٽ جو اصل جواب ئي نهين ! ! !
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔


    سائين حصو پاڻي ته سڀ کي ڏيڻو پوندو آهي اڄ کان وري توهان جو حصو به وڌيو پر خيئر آهي اڄ ڪلهه ڌنڌو ٽاپ تي پيو هلي

    توهان کي توهان جو حصو ملي ويندو
    :)):)):)):)):)):)):)):))

    سدائين گڏ
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    سائين الله پناهه ڏئي۔۔ ٻوڏ ستايلن ۽‌ فقيرن جي حصي تي مست ڪڏهن نه ڊڪ ڪندو۔۔ الله پيو ڏئي مست کي زماني جي فڪر ئي نه آهي۔۔۔ بس توهان وڏڙن جون دعائون هجن۔۔
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔

    واه سائين واه.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو