جواب: هاڻي برش ڪريو بغير پيسٽ سان۔۔۔
واه ادا واه
واه جو ڪم ڪيو آهي ڪمپني وارن
بهترين
ادا ايڏاهن هڪ برش وٺي ته موڪل
پئسن جي اصل پرواه نه ڪجا۽ جيئن ئي ڪانڊيرن جو فصل کنيو ته اڳ ۾ توهان
اميد آهي ته ڳالهه تي غور ڪندا
سدائين گڏ
واهه ڙي فقير واهه خوب ڄاڻون ٿا تو واري ڪانڊيرن واري فصل جي باري ۾ هيل ته فقير وٽ نيڪ بابا نيڪ مائي جي باري ۾ ٻه ٻه آپشن آهن سڀ کان پهرين ته نيڪ ۽ ڀلارو مهينو رمضان ڪريم وارو مهينو ٻيو پروفيشنل فقيرن کي پنهنجي پاڻ کي ٻوڏ سٽيل ظاهر ڪري ائين سمجهو ته اهڙن فقيرن جو پنج ئي آڱريون گيهه ۾ آهن، اڃان ڪالهه جو ذڪر آهي ، جو مان
پنهنجي بي بي کي اسڪول ڇڏڻ پي ويس ته رستي تي پاڪستاني چوڪ هندستانين جي پڙ تي ٻه فقير ڏينهن جو ساڍي ٻارهين وڳي صُبح کان وٺي جي ڪمائي جو حساب ڪتاب ڪري رهيا هُئا، انهن وٽ رڳو ڳاڙها ۽ ساوا نوٽ هُئا۔ مان جلدي جلدي پنهنجي بي بي کي خواجه محلا سي بي ايس اسڪول ڇڏي فوري پاڪستاني چوڪ پهچي انهين فقيرن وٽ پهتس جيڪي رمضان ڪريم واري مهيني جي نيڪ بابا نيڪ مائي ڏي خدا جي راهه ۾ جو حساب ڪتاب ڪري رهيا هُئا
دُعا سلام کان پو پڇيو مان ته فقيرو ڏيو خبر ڪم ڌندو ڪيئن پيو هلي، پهرين ته پريشان ٿِي ويا مون کين تسلي ڏني ته پريشان نه ٿيو، مان توهان جي فيملي سان ئي تعلق رکان ٿو، سو فقير ڦلپوٽا تنهنجو حوالو ڏنومانس تنهنجي باري ۾ چيومانس ته فقير سنڌ سلامت سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌ سلامت جو اڱڻ اسان سڀني جو اڱڻ آهي انهي حساب سان فقير لڏي سان تعلق ته ٿي ويو۔ خير وڏا قُرب ڏئي مليا، پنهنجي پاڻ ۾
ڳالهائڻ لڳا ته اسان جي اسٽاف جو ماڻهو آهي، چانهه پاڻي جو پُڇڻ لڳا اڙي نه فقير وڏا روزو آهي سڀ هوٽلون وغيره بند پيون آهن، چيائون ته فقير تنهنجي بادشاهي جو خير هُجي چانهن پاڻي ماني تنهنجي لا سڀ حاضر ٿي سگهن ٿا، اهو وري ڪيئن مون سوال ڪيو چوڻ لڳا ته
فقير در در تي وڃون ٿا اتي نيڪ بابا نيڪ مائي واري سوال کان پو بونس وارو سوال ته دريا شاهه جي ٻوڏ جا سٽيل آهيون، مجبورين سبب روزو ڪونه رکيو اٿئون ريلوي اسٽيشن تي اسان جي ٻار ٻچا توهان جي آسري الله جي آسري بُک تي ويٺا آهن پو ته اصل جاوا ٿيو وڃن، روڪ رقم، ٻوڙ پُلا ڪپڙا لٽا اصل منٽن ۾ مليو وڃن، اڇا اڇا اهو ته سڀ ٺيڪ پر هي هينئر ڏينهن جو هڪ وڳي تائين ڪيترو ڪمايو اٿئو، چوڻ لڳا ته فقير گنج ٿِي وياآهن عام طور اسان پنهنجي ڪمائي ڪونه ٻُڌائيندا آهيون پر
تون اسان جي لڏي جو ماڻهو آهين ان ڪري ڪُل خرچ وغيره ڪڍي ٽي هزار منهنجي ننڍي فقير ڪمايا آهن ۽ چار هزار مون وڏي فقير ڪمايا آهن، مونکان ڇرڪ نڪري ويو ته صُبح کان وٺي هڪ بجي تائين ست هزار روپيا نقد ڪمايا اٿن شام جو ڇهه وڳي تائين ڪيترو ڪمائيندا ؟وري پڇيومان ته
توهان چيو ته خرچ وغيره ڪڍي ، اهو خرچ توهان جو ڪهڙو ٿيو هوندو؟، چوڻ لڳا، فقير زماني جو ماڻهو آهين هي علائقو
هڪڙي مها فقير اسان کي ٺيڪي ۾ ڏنو آهي، ان کان علاوه ڪجهه شهر جا ڪامريڊ آهن جيڪي هر ڪلاڪ کان پو پنهنجو حصو وٺي ويندا آهن ۽
ڪجهه پوليس وارا به آهن جيڪي اسان کا چانهه پاڻي وٺي ويندا آهن سوچڻ لڳس ته ناز!ڇڏي هن مُلڪ دنيا کي لڳون بس نيڪ بابا نيڪ مائي واري صدائن جي پويان۔ سو فقير مونکي خبر آهي ته تون ڪانڊيرن جي فصل جي آڙ ۾ جادوگر رشيد سمي کي انهي ڪمال جي بغير پيسٽ واري بُرشن جا پيسا ڪٿان ڏيندين؟ خير ڪانڊيرن واري فصل جا پيسا هُجن يا نيڪ بابا نيڪ مائي واري صدائن جا نوٽ هُجن پر يارفقير وحيد ڦلپوٽا
هُن انٽرنيشنل فقير مُرلي واري کان پاڻ بچائجان، توکي مُرليون وڄائي تنهنجي ڀينگ ڪري ويندو۔!! جادوگر رشيد سمان واهه جي پراڊڪٽ کڻي آيو آهين لڳي پيو ته
اهڙيون شيون ڏيکارڻ عيوض تنهنجي به شايد ڪميشن کڙي هوندي، فقيرن کان ئي ماڻهو ڪميشن وٺيو وڃن سو تون ڪمپني وارن کي ڪٿي ٿو ڇڏين ، فقير ۽ جادوگر ٻئي ڪن کولي ٻُڌو ڇا به ڪريو پر ٻيلي منهنجو حصو پتي ضرور رکجو، ڇا ڪيان جهونڙو آهيان، جيڪي جهونڙا پن سن تي گُذارو ڪندا آهن انهن جي دُعا پِٽ به لڳندي اٿئو۔ وڌيڪ سمجهو آهيو ! ! ! ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔