سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ​

    تحرير: شبير ڪنڀار هالا سنڌ
    عام تصور اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. پر ايئن ناهي سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌين کانسواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن هن (سنڌي) ٻوليءَ ۾ زم ٿي ويا. جيئن بصر (بصل)، بدڪ (بطخ)، زائفان (ظعيفه)، پهراڻ (پيراهن)، مترڪو (مطرقه) ٽيشڻ (اسٽيشن)، ماچيس (مئچس) وغيره. اوائلي دور ۾ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ (الفابيٽ) ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دؤر (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو. جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فيئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي ۽ سنسڪرت مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو. پر انکانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ ، جيستائين = جيستاءِ ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره. نيٺ 1888 ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جو پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو. مددي ڪتاب: سنڌي ادب جو مختصر جائزو (اڪبر لغاري) سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (سيد شيرل شاھ/ ڊاڪٽر عبدالجبار مغل)


    سنڌ جي تاريخ ۽ اسان جون ذميواريون




    اسان جي ملڪ ۾ اڃان سوڌو تاريخ ڏانهن سنجيدگي سان ويچار ئي نه ڪيو ويو آهي. هتي تاريخ کي صرف سياسي تبديلين جو نالو ڏنو ويو آهي. تاريخ کي صرف بادشاهن، اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي ڪارنامن، سندن جنگين، قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود رکيو ويو آهي. جڏهن ته تاريخ جو اهو تصور صحيح نه آهي. تاريخ هڪ سائنس آهي، تاريخ ڪنهن قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي اڀياس جو نالو آهي. دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي تصور رهيا آهن. پر تاريخ جي مادي نقطي نظر موجب، انسانذات جي سموري تاريخ طبقاتي ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. اها ويڙهه ڦريل ۽ ڦريندڙ، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هلندي رهي آهي. تاريخ جي جديد مادي قانون موجب سماجن ۾ اٿل پٿل يا نظرين ۽ خيالن ۾ اٿل پٿل سڄي مادي پيداوار جي تابع آهي. مادي پيداوار جي ترقي سان ئي نظريا، سماج ۽ انهن جا طور طريقا ۽ قانون بدلبا رهندا آهن، ان ڪري تاريخ اصل ۾ سماجي ٽڪرائن جو لاڳيتو عمل آهي. ان طريقي سان تاريخ کي نه صرف صحيح نموني سمجهي سگهجي ٿو، پر ان جي روشني ۾ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي تايخ جو جديد نظريو آهي. جنهن تحت اسان کي سنڌ سميت دنيا جي تاريخ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

    ادا بهترين ونڊ آهي۔ ادا سنڌي ۾ اڃان وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ خصوصاً اسلامي مواد کي پين ٻولين کان سنڌي ۾ آڻڻ جي وڏي کوٽ آهي ۽ هن جو وڏو سٻٻ سنڌي ماڻن جي عدم دلچسپي جو به دخل آهي۔ اسان کي گهرجي ته دوستن جا ذهن هيڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪيون۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

    سائين ان ڳالهه کي ڏسون ٿا ته افسوس ٿو ٿئي، اهي ته انگريز هئا پر تڏهن به سنڌي جي لاءِ انهن جو جذبو ڪيترو نه بهترين هو، انهن سنڌي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ سان گڏ سنڌي سکڻ لازمي قرار ڏنو هو، هاڻي اسان پنهنجي هن دور تي ڪجهه نظر ڪيون ته ٻڏي مرڻ جو مقام آهي، سرڪاري طور تي سنڌي کي لکڻ پڙهڻ‌ ته ٺهيو پر هاڻي سنڌي جي لاءِ ايتري گهڻي محنت انفرادي باوجود ڪو خاص ڪنهن به حڪومت طرفان نظر نه ٿو اچي۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

    ادا تمام بهترين ون آهي ..................
     
  5. ربنوازبلوچ

    ربنوازبلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2010
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نوڪر
    ماڳ:
    ڪراچي گلشن اقبال
    جواب: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

    مبارڪ هجي تواهان سڄڻن کي ڪافي ڪم پيا ڪيو
    سنڌ ۽ سهڻين سنڌ جي تاريخ تي
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

    مان جڏهن سنڌسلامت تي لاگ ان ٿيندو آهيان۔۔۔۔مانکي ائين لڳندو آهي۔
    مان دنيا سان ڪلهو ملائي ٿو هلان۔

    پيارا ادا ٿورو سنڌي لکڻ ڏي خيال ڪريو۔۔۔مهرباني
     
  7. ربنوازبلوچ

    ربنوازبلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 نومبر 2010
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نوڪر
    ماڳ:
    ڪراچي گلشن اقبال
    جواب: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ

    1947ع ۾ آزاديءَ کانپوءِ موجوده پاڪستان جي سڀني صوبائي ٻولين کان وڌيڪ ترقي سنڌي ٻولي ڪئي آهي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ انگريزن بيشمار ترقياتي ڪم ڪرايا، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي تشڪيل به شامل آهي. انگريزن طرفان قائم ڪيل عالمن ۽ ماهرن جي ڪميٽيءَ عربي رسم الخط ۾ ڦير ڦار ڪري، ڪجهه اضافي نقطن جي مدد سان نوان اکر ٺاهي، موجوده ٻاونجاهه اکرن واري الفابيٽ منظور ڪئي، ان کانپوءِ هر موضوع تي ڪتاب لکجڻ لڳا. ان سان گڏ دنيا جي ٻين ٻولين جا مشهور ڪتاب ڌڙا ڌڙ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ لڳا، ان ڪري سنڌي ٻولي تمام تيزيءَ سان مالا مال ٿيڻ لڳي. ان الفابيٽ جو ئي ڪمال آهي جو هينئر اسان پرائمريءَ کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين پنهنجي ٻوليءَ ۾ علم حاصل ڪريون پيا، جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان ۾ اڄ به اردوءَ واري رسم الخط ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، البته خيبر پختونخوا ۾ اردو رسم الخط ۾ ڦيرڦار ڪري پشتو الفابيٽ ٺاهي ويئي آهي. ٻوليءَ جي معاملي ۾ چيو ويو آهي ته ”هر ڏهن ميلن کانپوءِ لهجي ۾ فرق اچي ويندو آهي. اهو نظريو شايد هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي، هاڻي ته هر ڳوٺ جو لهجو، ٻئي کان ڪجهه مختلف هوندو آهي، توڙي کڻي ٻنهي جي وچ وارو مفاصلو، هڪ ڪلوميٽر کان به گهٽ هجي. ڪٿي ڪٿي ته وڏن ڳوٺن جي الڳ الڳ پاڙن جو لهجو به الڳ الڳ هوندو آهي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي مختلف علائقن مان بيشمار دانشور، مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر اڀري سامهون آيا، جن پنهنجين شاهڪار تخليقن ذريعي پڙهندڙن جون دليون موهي ڇڏيون. مثال طور ڪهاڻيڪارن ۾ جمال ابڙو، سراج الحق ميمڻ، اياز قادري، آغا سليم، امر جليل، نسيم کرل، علي بابا، خير النساءِ جعفري، ثميره زرين، ماهتاب محبوب. شاعرن ۾ وري شيخ اياز، مخدوم طالب الموليٰ، تنوير عباسي، نياز همايوني، تاج بلوچ، عبدالڪريم گدائي، بردو سنڌي سيد منظور نقوي، نور شاهين ۽ ٻيا.
    جيتوڻيڪ مٿين تخليقڪارن جو تعلق، سنڌ جي جدا جدا علائقن ۽ شهرن سان آهي، ان ڪري هنن جي ٻولي، محاورا ۽ تشبيهون هڪٻئي کان بنهه مختلف آهن. ان هوندي به عوام ۾ سندن مقبوليت هڪٻئي کان گهٽ نه آهي. سرڪاري طور تي سنڌ جي وچولي واري علائقي جي لهجي کي ”معياري ٻولي“ تسليم ڪيو ويو آهي. ان ڪري ٻوليءَ جو سمورو ڪاروهنوار ان لهجي مطابق هوندو آهي. درسي ڪتابن ڇاپڻ واري سرڪاري اداري ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ طرفان ڇاپيل ڪتابن ۾ به اها ئي ٻولي هوندي آهي، جيڪي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين ڪورس تي رکيل هوندا آهن. تڏهن به ڏٺو وڃي ته لاڙڪاڻي، شڪارپور، خيرپور، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي ٻوليءَ ۾ وڏو فرق آهي، جنهن کي غير سرڪاري طور ”مقامي“ يا ”علائقائي“ لهجو چئبو آهي، جيڪو دراصل ان شهر يا ان جي آس پاس واري علائقي جي ”شناخت“ آهي. مثال طور لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جا رهاڪو ”اولاد“ کي مونث ڪري ڳالهائيندا آهن، يعني ”منهنجي اولاد“. ”رت“ کي به مونث چوندا آهن، جيئن ”رت ٽچڪي پئي“، جڏهن ته اهي ٻئي لفظ، وچولي توڙي باقي سنڌ ۾ ”مذڪر“ چئبا آهن. مٿين ٻنهي شهرن ۾ ”گ“ جو آواز ”غ“ سان ۽ ”غ“ جو آواز ”گ“ سان بدلايو ٿو وڃي، جيئن ”غزل“ کي ”گزل“ ۽ ”غفار“ کي گفار“ چيو ٿو وڃي. ”ڇ“ کي ”ش“ سان ۽ ”ش“ کي ”ڇ“ سان بدلايو ٿو وڃي. جيئن ”مڇي“ کي ”مشي“ ۽ ”شوشاٽ“ کي ”ڇوڇاٽ“ چيو ٿو وڃي. خيرپور وارن جو وري ڪجهه ٻيو طريقو آهي. هو مونث شيءِ کي واحد کان جمع ڪرڻ وقت لفظ جي آخر ۾ ”ون“ لڳائڻ بدران ”آن“ لڳائيندا آهن، جيئن ”کٽ“ جو جمع کٽون لکڻ بدران ”کٽان“ لکندا آهن. ”کارڪ“ جو جمع ”کارڪان“ لکندا آهن. حالانڪه مٿين علائقن سان واسطو رکندڙ ڪيترائي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي ”معياري ٻولي“ ڳالهائيندا آهن، يعني هنن پنهنجي مقامي لهجي جو اثر قبول ڪو نه ڪيو آهي، يا گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي علائقي کان ٻاهر نڪرڻ وقت، ان جي اثر کان آزاد رهندا آهن. ان کانسواءِ اهي سنڌي فئمليون، جيڪي ڪراچي يا حيدرآباد جي اهڙن علائقن ۾ رهن ٿيون، جتي گهڻائي اردو ڳالهائڻ وارن جي آهي، تن جو گهر کان ٻاهر سمورو وهنوار اردوءَ ۾ هلي ٿو، يعني پاڙي ۾ اردو، بازار ۾ اردو، اسڪول ۾ اردو، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ اردو. ايڏي زبردست پريشر کان پوءِ هاڻي ته گهڻين فئملين پنهنجي گهر ۾ به اردو ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اردوءَ جي اثر ڪري ئي هو سنڌيءَ جي گرامر سان ظلم ۽ زورآوري ڪندا رهن ٿا. مثال طور ”آواز“ هاڻي سنڌيءَ ۾ به ”مونث“ ڪري ڳالهايو ويندو آهي، حالانڪه آواز پنهنجي تاثر جي ڪري هيڏو سارو ”نَرُ“ لفظ آهي، ان کي ڪير چوي ته ”منهنجي آواز سٺي آهي“ ته ڪيڏو نه عجيب لڳندو! ساڳيءَ طرح ڪتاب، دوڪان، سگريٽ، شرط، نسل سمورا لفظ سنڌيءَ ۾ مذڪر آهن، پر اردوءَ جي اثر ڪري هاڻي انهن سڀني کي مونث ڪري ڳالهايو ٿو وڃي. حد ته اها آهي جو ”دل“ جهڙيءَ نازڪ، نفيس، شيءِ کي به ”مذڪر“ چيو ٿو وڃي، ان ڪري جو اردوءَ ۾ دل مذڪر آهي.
    اهڙو هڪڙو واقعو، مون کي ٽي وي ڊرامي جي رڪارڊنگ دوران پيش آيو. حيدرآباد شهر جو هڪ تمام سينيئر اداڪار، جيڪو مادر پدر”اصيل“ سنڌي آهي، ڊائيلاگ ڳالهائيندي منجهي پيو. ڊائيلاگ هو، ”ڇا ڪجي يار، دل نٿي مڃي“. هو چوي پيو ”ڇا ڪجي يار، دل نٿو مڃي“. ڇهه دفها Re-take وٺڻ بعد به شاٽ Ok نه ٿي سگهيو. آخرڪار مان پڇيومانس، ”يار توهان گهر ۾ ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا آهيو؟“ چيائين ”سائين سنڌي“، چيومانس، ”ڇا توهان گهر ۾ به دل کي مذڪر چوندا آهيو؟“. بيزاريءَ مان وراڻيائين سائين فرق ڪهڙو ٿو پوي!“.
    Oh my God! مون کان رڙ نڪري ويئي، ٻئي هٿ پنهنجي وارن ۾ وجهي ڇڏيم، Headphone لاهي، پينل تان لهي سيٽ تي اچي ويهي رهيس. سيٽ تي موجود فنڪارن چيو، ”سائين ٽينش نه وٺو، ڪوشش ڪريو، هن دفعي اوڪي ٿي ويندو. مون چيو ”پنهنجي ڊرامي ۾ ”دل“ کي مذڪر ڪري رڪارڊ ڪيان، اهو مون کان ڪو نه پڄندو، بهتر آهي ته آئون اهو جملو ئي بدلائي ڇڏيان.“ ڏهه منٽ ترسي سڀني جي چوڻ تي آخري ڪوشش ڪندي، هيڊ فون لڳائي پينل تي ويٺس، خدا جو شڪر جو هن ڀيري ڊائيلاگ اوڪي ٿي ويو.
    چوڻ جو مطلب ته هڪڙو پڙهيل ڳڙهيل ۽ تجربيڪار فنڪار به پنهنجي ٻوليءَ جي غلطي کي نٿو محسوس ڪري ته پوءِ جهڙي تهڙي ماڻهوءَ کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟ اهو به اردوءَ جو اثر. هاڻي ته معاملو ان کان به گهڻو اڳتي نڪري وڏين وڏين ڪمپنين جي اشتهارن تائين پهچي چڪو آهي. روڊن جي ڪناري مختلف هنڌن تي وونئڻن جي فصل لاءِ ڪنهن جيت مار دوا جو وڏو اشتهار لڳل آهي، جنهن ۾ دوا جي استعمال ڪرڻ کانپوءِ وارو جملو آهي، ”فصل شاندار، ميها بيشمار“. ڀلا ”ميهن“ جو وونئڻن جي فصل سان ڪهڙو واسطو؟ وونئڻن ۾ ته ”گوگڙا“ ٿيندا آهن. دراصل اهو جملو اردوءَ تان ترجمو ڪيل آهي، جيڪو آهي، ”فصل شاندار، ٽينڊي بيشمار“ اردوءَ ۾ ميهن کي ”ٽينڊي“ چئبو آهي. ان سان گڏ، گوگڙن“ لاءِ به ساڳيو لفظ ”ٽينڊي“ استعمال ٿيندو آهي. ترجمو ڪندڙ کي ميهن جي ته خبر هئي، پر هن کي اها خبر ڪا نه هئي ته گوگڙن لاءِ به ساڳيو لفظ استعمال ٿئي ٿو، ان ڪري هن ميها ئي لکيو. ان قسم جو اشتهار ڏسي، اسان خار کائي يا طنزيه مرڪي اڳتي وڌي ويندا آهيون، پر ان کي درست ڪرڻ لاءِ ڪا به انفرادي يا اجتماعي ڪوشش ڪو نه ٿا ڪريون، نتيجي ۾ جيڪو ”ڪوڙو“ سِڪو مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي، وقت گذرڻ سان گڏ ان تي ”سچو“ هجڻ جو گمان ٿيڻ لڳندو ۽ اسان جو ايندڙ نسل ان کي ”سچو“ ئي سمجهندو.
    ان کان علاوه مقدس رشتن جي نالن کي به نه بخشيو ويو آهي. ماءُ جي سڳي ڀيڻ، جيڪا ماءُ وانگر ئي عزيز ۽ محترم هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته اها ڀيڻ جي ٻار کي ”ٿڃ“ به ڏيئي وٺندي آهي، اسان وٽ ان رشتي لاءِ هڪ انتهائي موزون ۽ پاڪيزه نالو آهي، ”ماسي“ يعني ”ماءُ جهڙي“. هاڻي اهو نالو، وڏن شهرن جي بنگلن ۾ ٿانوَ ٻهاري ڪرڻ وارين نوڪرياڻين لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ٽي وي ڊرامن ۾ به هاڻي نوڪرياڻي کي ”ماسي“ سڏيو وڃي ٿو. هڪڙي مقدس سنڌي لفظ ۽ پاڪيزه رشتي جي ڪيڏي نه تذليل ڪئي پئي وڃي، پر اسان خاموش آهيون، ڪو به احتجاج ڪو نه پيا ڪريون. مٿي ڏنل مثالن سان گڏ ٻيا به انيڪ لفظ آهن، خاص ڪري رشتن جا نالا جيڪي شهرن جي سنڌي ٻارن کي وات ۾ ڏنا ويا آهن، هو هاڻي ”بابا“ کي ”اَبو“ امان کي ”اَمِي“ ادا کي ”ڀائي جان“ اديءَ کي ”باجِي“ ڏاڏا کي ”دَدُو“ نانيءَ کي ”نانون“ ماسيءَ کي ”خالا“ ڦڦيءَ کي ”بوئا“ يا ”ڦُڦو“، چاچا کي ”چاچو“ چوندا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو