ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪزن ميرج خانداني بيماريون وڌائڻ جو وڏو ڪارڻ

شادي زندگي جو سڀ کان اهم فيصلو آهي ۽ طبي ماهر چوندا آهن ته شادي سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته فرسٽ ڪزنز سان شادي ڪرڻ سبب معذور ٻار پيدا ٿيڻ جو امڪان 10 سيڪڙو وڌي ويندو آهي. برطانيا ۾ پاڪستاني شهرين جي گهرن ۾ معذور ٻارن جي وڌندڙ شرح ماهرن کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ ماهر اِهو مسئلو نبيرڻ لاءِ سنجيدگي سان غور ڪري رهيا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻارن ۾ پيدائشي معذوري جو ڪارڻ عام طور تي جينياتي هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن خاندان ۾ هڪ جينياتي خرابي موجود هوندي ته خاندان ۾ شادي ڪرڻ سان هن بيماري ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان پڻ وڌي ويندو آهي ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو اک کوليندڙ ٻار ذهني يا جسماني معذور هوندو.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته فرسٽ ڪزنز جي شادي ٿيڻ کانپوءِ اهڙا ٻار پيدا ٿيڻ جو خطرو عام حالات کان 10 سيڪڙو وڌي ويندو آهي ته انهن ۾ ڪا پيدائشي نقص هوندو، هنن ٻارن جي ڏسڻ يا ٻڌڻ ۾ ڪا خرابي هوندي. هو ذهني طور تي معذور هوندا يا انهن ۾ پيٽ جون بيماريون هونديون.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر ۾ مرندڙ ٻارن جو سڀ کان وڏو انگ فرسٽ ڪزنز جي اولاد جو هوندو آهي. ماهرن موجب اهڙا ٻار پيدا ٿيڻ کان ترت پوءِ يا وري پنهنجي عمر جي شروعاتي مهينن دوران مري ويندا آهن ۽ پيدائشي طور تي معذور ٻارن مان ستر سيڪڙو ٻار پنجين سالگره ملهائڻ کان پهريان ئي مري ويندا آهن.
اولهه واري معاشري ۾ فرسٽ ڪزنز ۾ شادي کي بُرو سمجهيو ويندو آهي جڏهن ته مشرقي ملڪن ۾ جتي زندگي جي هر کاتي ۾ ذات برادري کي اهميت ڏني ويندي آهي ڪيترا ئي ماڻهو فرسٽ ڪزنز سان شادي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. پاڪستان ۾ جتي فرسٽ ڪزنز ۾ شادي جو رواج عام آهي هتي ٻارن جي معذوري جي حوالي سان هينئر تائين ريسرچ نه ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي ريسرچ ڪرڻ سان بُرو نتيجو نڪرڻ جو امڪان آهي.
پر پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود آهن جيڪي فرسٽ ڪزنز سان شادي ڪرڻ جي حق ۾ دليلن جو ڍڳ هڻي سگهن ٿا.