وفاق ۾ شامل اڪائين جي قومي حيثيت ۽ سنڌي ٻولي

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    وفاق ۾ شامل اڪائين جي قومي حيثيت ۽ سنڌي ٻولي​

    محمد ابراهيم جويو

    تاريخ جي ڄاتل ۽ لکت ۾ آيل زمانن ۾ سنڌي ٻولي به، سنڌي سماج ۽ سنڌي تهذيب وانگي ٻڏڻ ۽ اُپرڻ واريءَ ڪيفيت ۾ رهيل ملي ٿي. اتهاس جا ڪئين پيڙاونت، اَهکا ۽ اوکا واقعا شاهد آهن ته سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي فطري اوسر ۾ ڪڏهن به آزاد نه ڇڏيو ويو هو، ۽ اها پنهنجي واڌ ويجهه لاءِ ٺهڪندڙ ۽ گهربل ماحول لاءِ واجهائيندي رهي هئي. اهو سڄو سارو عرصو سنڌ – ديس، وڏيءَ حد تائين ڌارين جي زنجيرن جهڙي حاڪميءَ ۾ هڪ غلام سماج طور رهيو. جڏهن فاتح ڪنهن فتح ڪيل ملڪ ۽ قوم تي پنهنجو ناجائز قبضو ڄمائي ويهندا آهن ته اهي مفتوحن مٿان پنهنجي ٻولي ثقافت، علم ادب ۽ حڪومت جو نمونو مڙهيندا آهن. سنڌ ديس به ڌارڪي راڄ جي مٿين سمورين برائين، اذيتن ۽ عذابن مان پئي گذريو آهي. جڏهن ڪنهن قوم تي حڪومت ئي ڌارين جي هجي، ته انهيءَ جي پنهنجي مرضي ته ڪابه معنيٰ نه رکندي آهي، بلڪه اها هڪ گستاخي ۽ نافرماني سمجهي ويندي آهي. اهڙي غلاماڻي ٻوساٽيل فضا ۾ سنڌي ٻولي پنهنجي فطري اوسر جا ڏاڪا ڪيئن ٿي ماڻي سگهي، ۽ اهاٻولي، جا غلامن جي ٻولي هئي، انهيءَ ۾ حاڪمن جي ڪهڙي دلچسپي ٿي ٿِي سگهي. اهڙي لاڳيتي اڻ- ٺهڪندڙ ۽ اڻ سونهندڙ ماحول ۾ ٻولي ته ٻوليءَ جي جاءِ، قومن ۽ سماجن جا مزاج ئي مٽجي ويندا آهن، ۽ غلامي مٿن اهڙو جمود بيهاري ڇڏيندي آهي، جو آزاديءَ لاءِ تحرڪ ڪا بي وجود شيءِ ٿي ويندي آهي. پر انهن سڀني ڀانءِ نه پوندڙ ۽ ڦٽڪار جوڳين حالتن هوندي به سچ پچ، سنڌي قوم پنهنجي مادري ٻوليءَ سان پنهنجيءَ اُڪنڊ ۽ اڪير کي جيئرو ۽ قائم رکيو، جنهن لاءِ کيس جس ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي.

    سوچيو ته هنن مصيبت ماريل ۽ سورن سٽيل ماڻهن ڌارين حڪمرانن جي دهشت، انڌ ۽ ڏاڍ ڀريي راڄ ۽ انهن جي وحشي، ظالماڻن ۽ غيرانساني حڪمن ۽ ڪارواين کي سهندي ۽ ڀوڳيندي به سندن ٻوليءَ، تهذيب ۽ روايتن کي ٿڏي ۽ ڌُتڪاري، آزاد ۽ نج نبار روحن وانگي پنهنجي ٻوليءَ ۾ وطن جا گيت پئي ڳاتا، پنهنجي سماج جي سڃاڻپ لوڪ گيتن، ڳجهارتن، ڏور بيتن، ڳاهن ۽ ڏِٺن کي پئي ورجايو، هئا نه عجيب ماڻهو، جيڪي غلام ته هئا، پر کين پنهنجين روايتن ۽ قدرن سان اٿاهه، اڻ ميو ۽ اَڪٿ عشق ۽ انس هو. سو سلام انهن جي مٿان اهڙا ڏکندا ۽ ڏورڻ ڏٺا، جُهريا ۽ جھڃيا، پر اسان لاءِ اُملهه ادبي سرمايو محفوظ رکي ويا، جنهن تي اسين وڏو فخر ڪريون ٿا. جڏهن اهڙي ادبي سرمايي کي ميڙڻ ۽ سهيڙڻ جي مند ۽ مهل آئي ته ميڙ سهيڙ ۾ ورهيه وهاميا، ۽ انهن جي چونڊ سوءَ، ڇنڊ ڦوڪ ۽ ترتيب ۾ به سال سهڪي پيا، ائين درجين ڪتاب تيار ٿي ويا. تڏهن اندازو ٿيو ته صدين تائين غلام رهندڙ، هيڻن، هيسيل ۽ هراسيل ماڻهن ڪيترو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جنهن کي اسين پاڻ ڏسيو، ٺريو ٺريو ٿا پئون پر جي اُهو دنيا کي ڳڻائيندا ۽ پيش ڪنداسون ته به آڇيندي لڄ نه مرنداسين.

    هتي موضوع جي نسبت ٻه سنڌي چوڻيون ڏجن ٿيون، جيڪي ٻن الڳ الڳ روين جي نمائندگي ڪن ٿيون. پهرين آهي: ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“. فارسيءَ مان مطلب آهي، ”حڪمران جي ٻولي“. اها ٻولي، جيڪا پنهنجي نه آهي، جنهن سان ڪو سڱ سياپو، لڳ لاڳاپو نه آهي، جيڪا نه ته ماءُ جي ٻولي آهي، نه ڪڙم قبيلي جي، نه اوڙي پاڙي جي. اها ٻولي ابن ڏاڏن جي به ناهي، نه ئي اها اسان مان ڪنهن جي جذبن، امنگن ۽ خوابن جي ٻولي آهي پر تڏهن به اها پياري آهي، اکين جو نور ۽ هينئين جو ٺار آهي. اهو هڪ رويو آهي جيڪو اهڙن نالائق ۽ ڪَلَ ٿڙيل ذهنن جي پيداوار آهي، جيڪي وقت جي حڪمرانن جون جتيون کڻندي ۽ چٽيندي وڏو فخر محسوس ڪندا آهن. اهي درٻاري سوچن جو پرچار ڪري عام جنتا/رعايا کي، پنهنجين روايتن ۽ رواجن، ٻولي ۽ ادب، تهذيب ۽ ثقافت ۽ هئڻ جي ٻئي ضروري سامان ڇڏڻ تي اڪسائيندا آهن. اهڙو رويو ۽ انهيءَ رويي جا پرچارڪ ۽ پَڙهو ڏيندڙ هر زماني ۾ موجود رهيا آهن. جڏهن ته ٻيو رويو آهي ”جو فارسي سکيو، گولو توءِ غلام“. هيءُ رويو مٿئين رويي جي مقابلي ۾ رهندو پئي آيو آهي. هن مصرع مان مراد آهي ته ڌاري ٻولي- ڪا غاصب ۽ سامراجي ٻولي، جيڪا ڪنهن غلام بڻايل قوم تي مڙهي وڃي ٿي، ۽ جي اها قوم انهيءَ ٻولي کي قبولي وٺي، ته سمجهبو ته اها قوم هاڻي پنهنجي بقا جي ويڙهه هارائي رهي آهي. اها تاريخ ۾ پنهنجي هئڻ جي احساس ۽ اجتماعي طرح جيئڻ جي تمنا تان هٿ کڻي رهي آهي. اها صدين جي سنڀاليل پنهنجي موڙيءَ تان دستبردار ٿي، ڪنهن اوجهڙائيءَ ۽ اونداهيءَ جي رستي ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهي. شڪر، جو اسان جو سنڌي عوام، مهڙئين رويي جي پرچارڪن کي روڪندي ۽ ننديندي، پوئين رويي سان سلهاڙيل رهيو:

    جو فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،

    جو ٻَڌو ٻن ڳالهئين، سو ڪئن چائي ڄام،

    اڃيو تان آب گهري، بکيو تان طعام،

    ايءُ عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿئي.

    اهڙيءَ طرح اتهاس جي ور وڪڙ ۽ منجهائيندڙ مرحلن مان پار پوندي سنڌي قوم پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي هڙ سنڀاليندي اڳتي هلندي آئي ۽ مختلف ڌارين ۽ نيم مقامي دورن مان گذرندي انگريز دور ۾ داخل ٿي. جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ کي حتمي شڪل ملي ۽ انهيءَ کي تعليمي سرشتي ۾ تعليمي ذريعي طور رائج ڪيو ويو ۽ ان ۾ دفتري لکپڙهه جي به منظوري ڏني ويئي. واضح رهي ته اهي سڀ انتظام انگريز سرڪار پنهنجن حاڪماڻن مقصدن جي پورائي لاءِ ڪيا هئا.کين سنڌيءَ ٻوليءَ جي ترقي ۽ وڌاري جي لاءِ ڪو اونو نه هو. جيڪڏهن ڪو چئي ته انگريز سنڌ لاءِ وڏا فڪر مند هئا ته ان کي هڪ مفروضو چئبو. گورو صاحب اسان جي ماڻهن ۽ سندن ٻوليءَ سان ڪيترو سچو ۽ ان لاءِ ڪيترو فڪرمند هو، انهيءَ جو اندازو سندس سنڌ ۾ رائج ڪيل ”ٻه واٽائين تعليمي سرشتي“ مان لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ سرشتي جي هڪ واٽ سنڌي فائينل تائين ٿي ويئي، عمر جي يارهين سال ۾، پرائمريءَ جي چئن درجن پاس کان پوءِ ، سنڌي ٻار هڪ ٻه – واٽي تي اچيو ٿي بيٺو: اهو سنڌي فائينل واري واٽ وٺي، يا ثانوي يا اعليٰ تعليم واري. گهڻي ڀاڱي مائٽ پنهنجي غريبي حال ڪارڻ پنهنجن ٻارن کي سنڌي فائينل ڪرڻ لاءِ چوندا هئا، ۽ انهيءَ کي ڪافي سمجهندا هئا. جڏهن ته ڪن ٿورڙن امير ۽ سرنديءَ وارن گهراڻن جا ٻار ثانوي ۽ اعليٰ تعليم واري واٽ وٺندا هئا. نتيجو ڇا هوندو هو، جن پهرين واٽ وٺي سنڌي فائينل جو امتحان پاس ٿي ڪيو، انهن لاءِ رڳو هڪ ملازمت موجود هئي- پرائمري ماستري. اهي سنڌي فائينل ڪيل نوجوان اڌوگابرا پڙهيل هوندا هئا. انگي حسابن، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي محدود ۽ اڻپوري ڄاڻ وٽن هئي، سا سندن شاگردن لاءِ ڪنهن به ڪم جي نٿي ٿي سگهي، نه ئي انهن ويچارن ماسترن کي مادري ٻوليءَ جي خوبين ۽ خاصيتن کان واقفيت هئي، ۽ پنهنجي نه ئي علمي ادبي سرمايي جي عظمتن جو ڪو اندازو هونِ. اهڙيءَ ريت اهي اڌ پڙهيا استاد پاڻ جهڙا ئي شاگرد پيدا ڪرڻ لڳا ۽ سنڌي سماج جي شعوري سطح اتي جو اتي رهي. جڏهن ته ٻي واٽ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم واري شاهوڪارن ۽ پڙهيل ڳڙهيل مائٽن جي ٻارن لاءِ هئي. جڏهن اهي تعليم پوري ڪري وٺندا هئا ته ماڻهو ئي ٻيا ٿي پوندا هئا. انهن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڪابه دلچسپي نه رهندي هئي، ۽ گهڻي ڀاڱي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ ۽ ڪنهن حد تائين ڳالهائڻ کي عيب به سمجهندا هئا. انهن کي نوڪريون به چڱيون موچاريون ملنديون هيون، جو انهن حاڪمن جي شاهاڻي ٻوليءَ ۾ تعليم پرائي هئي .

    مٿي پيش ڪيل بيان مان اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته انگريزن جي رائج ڪيل ٻه واٽائين تعليمي سرشتي ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تعليم ڪي نوان، اڳتي وٺي ويندڙ ۽ اتساهيندڙ بندوبست موجود نه ٿي ڪيا. انگريزن اسان جي ٻوليءَ کي غلامن جي ٻولي ٿي سڏيو، ۽ اسان جي مٺڙي، سرل ۽ سدا ملوڪ ٻوليءَ کي پنهنجي شاهاڻي سڌريل ٻولي جي ڀيٽ ۾ غير اهم ۽ گهٽ ٿي ڀانيو. کين رڳو هڪ محدود انگ ۾ تعليم ورتل غلامن جو طبقو پيدا ڪرڻو هو، جيڪو سندن وفادار ۽ تابعدار رهي، ۽ جيڪو سنڌ ۾ حڪومتي چرخي هلائڻ ۾ مقامي سطح تي پيش پوندڙ رڪاوٽن دور ڪرڻ ۾ سندن مددگار ٿي سگهي .

    اڳتي هلي گڏيل هندوستان جو ورهاڱو ٿيو. پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن کي پنجن اڪائين – سنڌ، اوڀر پاڪستان، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب ملي ٿي ٺاهيو، انهن اڪائين آزادي ۽ خودمختياريءَ جي شرط هيٺ مسلمانن جي هن نئين رياست ۾ شموليت تي راضپو ظاهر ڪيو هو، پر انهن مٿان مضبوط وفاقيت مڙهي، سندن سياسي، سماجي، معاشي، تاريخي ۽ ثقافتي حق ڦٻايا ويا. مٿن اهڙي ٻولي مڙهي ويئي، جيڪا پاڪستان ۾ شامل ڪنهن به صوبي جي ٻولي نه هئي. اردو ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي درجي ڏيڻ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي پيو، ڇاڪاڻ ته شروع ۾ اوڀر پاڪستان/بنگال اردو ٻوليءَ کي قومي ٻولي طور قبولڻ کان انڪار ڪيو، سندن گهر هئي ته بنگالي ٻولي جيئن ته ملڪ جي 56 سيڪڙو اڪثريتي آبادي جي ٻولي آهي، انهيءَ ڪري ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. بنگالين جي وڌندڙ احتجاج ۽ مطالبي کي نيٺ مڃيو ويو، ۽ سندن ٻوليءَ کي اردوءَ سان گڏ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو .

    جڏهن ته پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان صوبن ۾ ورهاڱي کان اڳ ئي اردو ٻولي تعليمي ذريعي طور اسڪولن ۾ رائج هئي. انهن به اردو کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري معاملي تي ڪو گهڻو اعتراض نه واريو. پر سنڌ جو معاملو ٻين سڀني صوبن کان الڳ هو، جتي سنڌي ٻولي کي نه رڳو پنهنجي لپي حاصل هئي، پر اها اسڪولن ۾ تعليمي ذريعي طور رائج به هئي، ته سرڪاري ۽ دفتري لکپڙهه جي ٻولي به هئي. انهيءَ سان گڏ سنڌي ٻولي ۾ لکيل ۽ ڇپيل علم ادب جي خزاني جي به ڪابه کوٽ نه هئي. سنڌيءَ ٻولي کي مستند ۽ حتمي لپي ملڻ کان پوءِ سنڌ جي اديبن، استادن ۽ عالمن پنهنجي فهم ۽ فڪر سان مالا مال لکتن/ لکڻين وسيلي اظهار ۽ گفتار جو نئون ۽ سهڻو جهان جوڙي ورتو هو. انهيءَ کان سواءِ سنڌي عوام کي پنهنجي ٻوليءَ سان گهرو لڳاءُ ۽ جذباتي رشتو هو، جنهن جو اظهار اهي مختلف صورتن ۾ ڪندا ٿي آيا. ورهاڱي وقت سنڌي ٻوليءَ جي سڌريل هئڻ جو هڪ ثبوت هيءَ به هو ته انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون ڇپجي پڌريون ٿينديون هيون. نيتجي طور سنڌي عوام اردوءَ کي قبولڻ کان انڪار ڪيو، ۽ انهيءَ ڏس ۾ پنهنجو تاريخي احتجاج درج ڪرايو. الميو هيءَ هو ته پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي ٻوليءَ کي اسڪولن مان نيڪالي ڏني وئي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ سون جي انگ ۾ سنڌي اسڪولن کي بند ڪيو ويو.

    اڄ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪنهن حد تائين آزادي ۽ آسانيون موجود آهن. اڄ اها پرائمري ۽ ثانوي اسڪولن ۾ اڀياسي مضمون به آهي ته تعليمي ذريعو به آهي، غير سنڌين لاءِ چوٿين درجي کان 12 درجي تائين لازمي موضوع به آهي. اهڙي طرح سنڌيءَ ٻولي ۾ ڊاڪٽوريٽ آف فلاسافيءَ جي سند ڏني وڃي ٿي، مقابلي وارن امتحانن ۾ سنڌي ٻوليءَ هڪ مضمون طور رکيل آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اندازي پٽاندر هر ڏينهن هڪ ڪتاب ڇپجي رهيو آهي. روزاني اخبارون نڪرن ٿيون هفتيوار، پندرهوار، ماهوار ۽ ٽماهي رسالا ۽ ميگزين پيا نڪرن، ۽ هاڻي سنڌي ٽي وي چئنل به جام ٿي ويا آهن. اهي سڀ ڪاميابيون مختلف مرحلن طئه ڪرڻ کان پوءِ مليون آهن ۽ هڪ لاڳيتي جدوجهد ۽ خاص رٿابنديءَ جونتيجو آهن. پر انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته هاڻي ماٺڙي ڪري ويهجي ۽ سمجهجي ته جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻو هو، اهو حاصل ٿي چڪو. اڃا ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه باقي آهي. سڀ کان اهم هدف، جيڪو اسان کي هر حال ۾ حاصل ڪرڻو آهي، اهو هيءُ آهي ته اسين هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريون ۽ اسين جيڪي پنهنجي ماتر ڀوميءَ سان سڪ ۽ سنيهه جو وچن ڪريون ٿا، اهي هاڻ انهيءَ هڪ رخ ۾ گڏجي سڏجي، هڪٻئي جي صلاح سان، هڪٻئي جي سهڪار سان سفر ڪريون جيستائين اسان اهو هدف نه ماڻيون. سنڌي ٻولي محفوظ نه آهي، ۽ انهيءَ جي ترقيءَ جو سفر هڪ ڪرو ۽ رڪاوٽن کان آجو نه آهي.

    جڏهن اسين ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“ جو اصلاح ڪتب آڻيو ٿا ته واضح طور چئون ته اسين سنڌي هڪ قوم آهيون، ۽ سنڌي اسان جي ٻولي آهي، ۽ انهيءَ خيال کي رد ڪيون ٿا ته اها ڪا گروهي، صوبائي يا علائقائي ٻولي آهي. اهڙيءَ ريت اها به گهر ڪريون ٿا ته جيئن هيءَ اسان جي ٻولي آهي انهيءَ ڪري ان ۾ سڌارن ۽ واڌارن جو اختيار به اسان سنڌين کي هئڻ گهرجي. هيءَ ڳالهه اوهان تي روشن هجي ته جيڪڏهن اسين سنڌي ٻولي لاءِ قومي ٻولي جو درجو حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿياسون ته هڪ ئي مهل ٻه هدف ماڻياسون. پهريون هيءُ ته اسان جي ٻوليءَ کي اهو درجو مليو، جنهن جي اها هر طرح حقدار ۽ لائق هئي، ۽ ٻيو هدف هيءُ ماڻيوسون ته اسين هن ملڪ جي حڪمرانن کي نيٺ اها ڳالهه مڃائي وياسون ته اسين سنڌي هڪ قوم آهيون. قوم جي جڙت ۽ جڙاءُ ڪنهن اوچتي لمحاتي حادثي جو نتيجو ناهي، ۽ نه ئي وقت جي اختيار ڌڻين جي چئي ڇڏڻ سان ڪا قوم وجود ۾ اچي سگهي ٿي. ملڪ جي حڪمرانن کي پاڪستان ۾ شامل وفاقي وحدتن جي قومي حيثيت جي احترام ۽ ملڪ ٺهڻ وقت ساڻن ڪيل واعدن کي مان ڏيندي، انهن کي قومي اقتدار اعلى ۽ قومي خود مختياري ڏيڻ گهرجي ۽ اهڙيءَ طرح سندن ٻولين کي قومي ٻوليون تسليم ڪرڻ گهرجي. اها ئي حقيقت پسندي آهي، ۽ اها ئي شيءِ ساڃاهه ڀري آهي. ائين ممڪن به آهي. اهو ئي سڀ کان بهتر طريقو آهي، جنهن وسيلي ڪنهن ملڪ جي وفاق کي ڪاميابيءَ سان هلائي سگهجي ٿو. سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه هيءَ به آهي ته صوبائيت ۽ قوميت جي فڪر کي ملڪي سطح تي وفاقيت جي ڪمزوري يا انهيءَ جي مخالف قوت طور ڇو ڄاتو ويو آهي؟ جڏهن ته سچ هيءُ آهي ته پاڪستان جو وفاق بيٺل ئي قوميتن جي رضاڪاراڻي ۽ سهڪاري هلت تي آهي. هيءُ وقت آهي جڏهن هن ملڪ جي وفاق جي علامت کي حقيقت بنائيندڙ صوبن/قوميتن کي مضبوط ڪيو وڃي. انهن کي پنهنجين پنهنجين حدن ۾ ڪاروهنوار ۽ انتظام ۾ آزاد ۽ خود مختيار ڇڏيو وڃي. سٺ ورهيه مضبوط وفاقيت جي ناڪامياب ۽ اسڦل تجربي بدران هاڻي مضبوط صوبن واري طريقيڪار کي به آزمائڻ گهرجي، جنهن جي گُهر شروع کان ئي ٿيندي رهي. ان ڏس ۾ يعني صوبن جي وفاق ۾ ڀروسي کي بحال جي شروعات چئني صوبن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ سان ٿي سگهي ٿي. اهڙو فيصلو ڪنهن ٻوليءَ جي اهميت نه گهٽائيندو، نه ئي وري ٽڪراءَ ڏانهن وٺي ويندڙ ثابت ٿيندو. انهيءَ جي ابتڙ اهڙن بيحد اهم ۽ لڳاتار مطالبن جي فهرست ۾ مٿي مٿي رهندڙ معاملي جي نبيري جي آجيان ڪئي ويندي. ڀلا انهيءَ ۾ ڪهڙي خرابي ٿي سگهي ٿي، ۽ ڪنهن جو نقصان ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن پنجاب وارا پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم پرائين ۽ انهيءَ جي ترقي توڻي سنوار سڌار ۾ وڌي چڙهي، وڏيءَ خوشيءَ سان پنهنجو يوگدان پيش ڪن، ۽ ساڳيءَ طرح سنڌ وارا سنڌي، بلوچ بلوچي ۽ پٺاڻن پشتو ٻوليءَ ۾ لکن پڙهن ۽ انهيءَ جي اوسر ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا ڪن. ٻوليءَ جي آزادي انسان جي بنيادي حقن جي دائري ۾ اچي ٿي، انهيءَ کي بحال حالت ۾ رکڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ اصول طئه ٿيل آهن، ۽ قانون پاس ٿيل آهن.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,189
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: وفاق ۾ شامل اڪائين جي قومي حيثيت ۽ سنڌي ٻولي

    ها بلڪل اسان سنڌي هڪ قوم آهيان،،،،،بهترين ونڊ
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: وفاق ۾ شامل اڪائين جي قومي حيثيت ۽ سنڌي ٻولي

    مهرباني ڀاء
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وفاق ۾ شامل اڪائين جي قومي حيثيت ۽ سنڌي ٻولي

    جي ادا بلڪل.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو