تلاشِ گمشده

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اسان جي جگر جو ٽڪڙو ”خلوص“ گم ٿي ويو آهي جنهن جي عمر ڪئي سو سال آهي۔۔۔۔۔ ڪراڙپ جي ڪري ڏاڍو ڪمزور آهي۔۔۔۔ سندس ويڳي ڀيڻ ”خودغرضي“ سان ڪنهن ڳالهه تي اڻ بڻت ٿيڻ ڪري گهر مان ڪاوڙجي نڪتو آهي۔۔۔۔ هن کي آخري ڀيرو ”همدردي“ سان ڏٺو ويو هو پر هاڻي سندس جي ڪا خبر نه آهي ته هو ڪاڏي ويو۔۔۔۔ هن جو ڀاءُ ”اخوت“ ۽ ”سخاوت“ ڏاڍو پريشان آهن ۽ ڀيڻ ”حب الوطني“ جو ته نه پڇو، هن جا دوست ”محبت“ ۽ ”مهرباني“ هن جي ڳولا ۾ هر هنڌ تي ڪوشش ڪري ٿڪجي پيا آهن۔۔۔ هن جي غير موجودگي ۾ هن جا دشمن ”حسد“ ۽ ”ساڙ“ تباهي مچائي ڏني آهي۔۔۔ هن جي جاڙي ڀيڻ ”شرافت“ جدائي نه برداشت ڪندي وفات ڪري چڪي آهي۔۔۔ شرافت جي غم ۾ هن جي ننڍي ڀيڻ ”حيا“ به موڪلائي وئي آهي۔۔۔ هن جي ماء ”انسانيت“ سخت بيمار آهي ۽ پنهنجي جگر جي ٽڪڙي ”خلوص“ کي ڏسڻ چاهي ٿي۔۔۔ خلوص جنهن کي به ملي مهرباني ڪري هن جي ماء ”انسانيت“ وٽ پهچائي ته کيس هڪ لک روپيه روڪ انعام ڏنو ويندو۔۔۔
    (جيڪڏهن هي پيغام ”خلوص“ پاڻ پڙهي ته هن کي پرزور گذارش آهي ته هو واپس موٽي اچي۔۔۔ ڇو ته اسان کي هن جي سخت ضرورت آهي)
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    تمام پياري ڳالهه جيڪا اوهان هتي شيئر ڪئي، اصل اهڙن نالان سان ته جيئن ڪو به پڙهي ته ان کي اهو ضرور معلوم هجڻ کپي ته خلوص ڇا آهي،، مهرباني ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    وڃ ڙي ايترين سارين فيميل مائين جو اڪلوتو جهونو ۽ ڪُراڙو واحد ميل ميمبر خلوص، ادا جيڪڏهن ان خلوص جو ڪو بابو ، چاچو، ادو، مامون هُجي ها ته يقينن خلوص لڀجي به وڃي ها، باقي فيميل خاندان جون مايون آهن سي ته خلوص جي گم ٿيڻ واري غم ۾ روڄ راڙي ۾ قابو آهن ۔ دوست خلوص جو ڪو ميل ميمبر هٿ ڪر اميد ته سڀ سڻايون ٿي وينديون۔ ۽ ها خلوص جي عمر سئو سالن کان مٿي آهي، ۽ خلوص اڻ پڙهه آهي ڪٿان پڙهندو ۽ ڪٿان موٽندو۔ بس ڪيبل تي جيڪڏهن جهوني خلوص جي ٻوٿي هڻين ۽ ڪجهه ڪيش رقم انعام رکين ته موالي ۽ فقرا لڏو کيس ڳولي وٺندو۔ ڪنهن اردو شاعر جو شعر آهي ته
    ڍونڍ اُجڙي هوئي لوگون ۾ وفا ڪي موتي، يه خزاني ممڪن هي تجهي خرابون ۾ ملين​

    نوٽ: سخاوت ۽ اخوت پڻ مايون آهن توهان هروڀرون کين خلوص جا ڀاءُ ڪري پيش ڪيو آهي.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    واه سائين واه، شابش هجئي ادو خلوص ايترن ڏينهن کان غائب آهي ۽ اڄ ٻڌايو اٿئي، يار ڏي خبر ته ” خلوص“ پاڻ گم ٿي ويو آهي يا ” همدرديءَ“ سميت غائب آهي، ڇاڪاڻ ٻنهي جو پيار ته ڏاڍو گهاٽو هوندو هو ... جي ٻئي غائب آهن ته پوءِ پڪ سمجهو مايوسيءَ جي عالم ۾ ڪنهن درگاه تي وڃي ويٺا آهن ... ۽ ادا رشيد، جي هيڏانهن ڪٿي حرم ۾ نظر آيا ته کين الله ايلاز ڪري موڪلڻ جي ڪوشش ڪندس، پر هت به ڪنهن عرب جي هٿ چڙهيا ته خودڪشي نه ڪري وجهن ... سو دوستن کي گذارش آهي ته هو جلد ڪري کين ڳولهي وٺن نه ته بس پنهنجو خئير ناهي ... اصل ظلم ٿي ويندو ... ماڻهون ماڻهونءَ کي کائڻ شروع ڪندا ...
    sindhsalamatsaathsal
     
  5. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    ايتري دير ٿي ته پوءِ ”خلوص“ جي ماء ”انسانيت“ جو بچڻ مشڪل ٿي پوندو۔ ”حسد“ ۽ ”ساڙ“ هنگامو ان لاءِ ڪري رهيا آهن جو ”خلوص“ کي گم ڪرڻ ۾ ٻئي ملوث آهن۔ چوندا آهن ته چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک۔ هنن همراهن ”خود غرضي“ جي هٿان خلوص کي اغوا ڪرايو آهي۔ خود غرضي کي ”بي حيائي“ جي سپورٽ حاصل آهي ۽ هن جي ٽولي ۾ "ڪوڙ"، "دوکو"، "دغا"، "مڪاري"، "فريب"، "لالچ"، "حرص" ۽ ٻيا بدنام زمانا ڏوهاري شامل آهن جن جو هتي ذڪر ڪرڻ به مناسب نه ٿيندو۔ آخري اطلاع مطابق "خلوص" جي ڀيڻ "اُميد" ڪوششن ۾ لڳي پئي آهي ته ڪنهن طرح سان " خلوص“ کي بازياب ڪرائي ۽ امڙ ”انسانيت“ کي بچائي۔"اُميد"، محبت، مهرباني ۽ اخوت کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ”همت“ ۽ ”حوصلي“ جي مدد وٺن ۽ سندس ڀرپور ساٿ ڏين ڇو ته اگر "خلوص"، نه موٽيو ته امڙ "انسانيت" مري ويندي ۽ انسانيت کي ڪجهه ٿيو ته ڏاڏي "زندگي" پڻ موڪلائي ويندي۔
    سڀني کي گذارش آهي ته خلوص جي بازيابي لاءِ دعا ڪن


     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه ادا رشيد تمام پياري ڳالهه توهان اسان سان شيئر ڪئي آهي
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه ادا رشيد واه تمام بهترين ادا مهرباني سهڻا اهڙي سهڻي شيئرنگ جي
     
  8. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    رشيد صاحب ۔ توهان کي خوشبري ٻڌايان ته منهجي خلوص سان ملاقات ٿي پر هو ڏاڍو ڪاوڙيل هو مون چيو مانس يار ڪٿي آهين سڀ دوست تنهجي لاءِ پريشان آهن پهرين ته ڳالهائين نه پئي پوءِ مس وڃي راضي ٿيو چيائين ته ما هڪ شرط تي واپس ايندس جڏهن توهان حسد ، ساڙ ، دوکي بازي ۽ لالچ کي اندر مان ڪڍو ته مان اچڻ لاءِ تيار آهيان مون چيو شرط ته ڏکيو آهي اهي ته اسان جي زندگي جو حصو بنجي ويا آهن پر مان سڀني دوستن کي ٻڌائيدس ۔
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد
    حق موجود؛
    يار وارو ڪيو!!! ادي عظيم کي خلوص جو ڏس پتو ملي ويو آهي ... انکان پهريان جو هو وري غائب ٿي وڃي، توهان سڀ دوست ڏانهس ميڙ ڪري وڃو ۽ موٽائي وٺي اچو ... جي منهنجي ضرورت پئجي وڃي ته ٻڌائجو آءُ هت اوهانجي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرندس ...

    ادا عظيم، سائين خلوص کي ڳالهين ۾ مصروف رکجانءِ جيستائين دوست ميڙ منٿ جو بندوبست ڪري وٺن ۽ جي تو پاڻ وٽ رهايو اٿس ته يار! قرب ڪري چويس ته عوامي ٿيڻ ۾ ثواب به آهي ته خوشي به ملندي آهي ...
     
  10. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڀاءُ نثار ابڙو
    مان ٻڌايو ته خلوص شرط سان موٽڻ لاءِ هاء ڪئي آهي چيائين ته اها شرط پوري ڪيوته مان اچڻ لاءِ تيار آهيان
    ٻئي ڪنهن به صورت ۾ راضي نه آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو