اسان جي جگر جو ٽڪڙو ”خلوص“ گم ٿي ويو آهي جنهن جي عمر ڪئي سو سال آهي۔۔۔۔۔ ڪراڙپ جي ڪري ڏاڍو ڪمزور آهي۔۔۔۔ سندس ويڳي ڀيڻ ”خودغرضي“ سان ڪنهن ڳالهه تي اڻ بڻت ٿيڻ ڪري گهر مان ڪاوڙجي نڪتو آهي۔۔۔۔ هن کي آخري ڀيرو ”همدردي“ سان ڏٺو ويو هو پر هاڻي سندس جي ڪا خبر نه آهي ته هو ڪاڏي ويو۔۔۔۔ هن جو ڀاءُ ”اخوت“ ۽ ”سخاوت“ ڏاڍو پريشان آهن ۽ ڀيڻ ”حب الوطني“ جو ته نه پڇو، هن جا دوست ”محبت“ ۽ ”مهرباني“ هن جي ڳولا ۾ هر هنڌ تي ڪوشش ڪري ٿڪجي پيا آهن۔۔۔ هن جي غير موجودگي ۾ هن جا دشمن ”حسد“ ۽ ”ساڙ“ تباهي مچائي ڏني آهي۔۔۔ هن جي جاڙي ڀيڻ ”شرافت“ جدائي نه برداشت ڪندي وفات ڪري چڪي آهي۔۔۔ شرافت جي غم ۾ هن جي ننڍي ڀيڻ ”حيا“ به موڪلائي وئي آهي۔۔۔ هن جي ماء ”انسانيت“ سخت بيمار آهي ۽ پنهنجي جگر جي ٽڪڙي ”خلوص“ کي ڏسڻ چاهي ٿي۔۔۔ خلوص جنهن کي به ملي مهرباني ڪري هن جي ماء ”انسانيت“ وٽ پهچائي ته کيس هڪ لک روپيه روڪ انعام ڏنو ويندو۔۔۔
(جيڪڏهن هي پيغام ”خلوص“ پاڻ پڙهي ته هن کي پرزور گذارش آهي ته هو واپس موٽي اچي۔۔۔ ڇو ته اسان کي هن جي سخت ضرورت آهي)
(جيڪڏهن هي پيغام ”خلوص“ پاڻ پڙهي ته هن کي پرزور گذارش آهي ته هو واپس موٽي اچي۔۔۔ ڇو ته اسان کي هن جي سخت ضرورت آهي)