• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪورل ڊرا 13 پورٽيبل صرف 34 ميگابائيٽ۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
ڪورل ڊرا گرافڪ ڊزائيننگ جو هڪ بهترين ۽‌ مڃيل ٽول آهي۔۔ پرنٽ انڊسٽري ۾ گهڻو ڪري يعني گهڻي ڀاڱي انهيءَ‌جو استعمال ٿيندو آهي۔۔۔ اونئن ته مارڪيٽ‌ ۾ ان جون سي ڊيز وغيره دستياب آهن پر انهن جو ڪو ڀروسو نه هجي ٿو۔۔۔ سنڌ سلامت تي ڪورل ڊرا جا ڪيترا ئي لنڪ ونڊ‌ ٿي چڪا آهن، هن جو ليٽيسٽ ورجن ڪورل 15 يا ايڪس 5 آهي، پر ان ۾‌۽‌ ڪورل 13 ورجن ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي۔ اوهان جي سولائيءَ‌لاءِ‌ مان ڪورل ڊرا 13 جو پورٽيبل ورجن کڻي آيو آهيان ، جنهن جي گهڻي قدر سائيز 100 کان مٿي هوندي آهي، پر مان اوهان لاءِ‌فقط 34 ميگابائيٽ جي سائيز وارو ڪورل ڊرا سو به پورٽيبل کڻي آيو آهيان، جنهن کي انسٽال ڪرڻ‌جي به ضرورت نه آهي بس ڪلڪ ڪريو ۽ هلايو۔۔۔ رجسٽرڊ ڪرڻ‌ جي ضرورت به نه آهي۔۔

هن تصوير تي ڪلڪ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔
 
جواب: ڪورل ڊرا 13 پورٽيبل صرف 34 ميگابائيٽ۔۔۔

ادا مست پاڻ وٽ اهو تصوير ظاهر ڪونه پيو ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پو انهي جو ڪو ٻيو حل ٻڌائيندا
 
جواب: ڪورل ڊرا 13 پورٽيبل صرف 34 ميگابائيٽ۔۔۔

ادا مست پاڻ وٽ اهو تصوير ظاهر ڪونه پيو ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پو انهي جو ڪو ٻيو حل ٻڌائيندا

سائين توهان تصوير تي ڪلڪ ڪندو ته لنڪ کلي ايندو۔۔ پر جي نه ٿو کلي ته هي وٺو لنڪ۔۔
http://www.4shared.com/file/d4oCrogH/Portable_Corel_Draw_X3.html
 
جواب: ڪورل ڊرا 13 پورٽيبل صرف 34 ميگابائيٽ۔۔۔

مهرباني ادا مست هاڻي تصوير به ظاهر ٿي ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ڪورل ڊرا 13 پورٽيبل صرف 34 ميگابائيٽ۔۔۔

ادا مست صاحب اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان اسان ڀائرن سان اهڙي قيمتي ونڊ شيئر ڪئي۔ ادا مان هن سافٽ ويئر کي ڊائونلوڊ ڪيو آهي، ۽ واقعي اهيو بهترين پورٽيبل سافٽ ويئر آهي۔ ادا مست صاحب ٻيو عرض ته مان هن سافٽ ويئر کي فرسٽ ٽائيم يوز ڪري رهيو آهيان، جنهن ڪري مونکي هن سافٽ ويئرکي سمجهڻ ۾ ٿوري مشڪلات ٿئي ٿي۔ جنهن ڪري مان اوهان کي عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري هن سافٽ ويئر جا ڪجھ ٽيوٽولرز شيئر ڪيو ته اوهانجي وڏي مهرباني ٿيندي۔ ٽيوٽولرز اردو يا سنڌي ۾ هجن ته تمام بهتر رهندو۔
 
ادا مظهر علي۔ لک ٿورا جو اوهان کي منهنجو هي ننڍڙو ونڊ وڻيو۔۔ دوست اوهان هن بهترين سافٽ ويئر جي ذريعي فونٽ ٺاهي سگهو ٿا۔ ڊزائين ٺاهي سگهو ٿا، جن ۾ پمفليٽ، نقشا ۽ ڪنهن به ڪتاب جو سرورق وغيره آهي، خاص ڪري پرنٽ انڊسٽري ۾ هي سافٽ ويئر تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو۔۔۔
سنڌ سلامت تي مون هن سلسلي ۾ ٽيوٽرلس جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو پر مصروفيتن جي ڪري ان کي ڪجهه وقت جاري نه رکي سگهيو آهيان۔ انشاءَ الله ڪوشش‌ڪندس ته ان کي اڳتي وڌايان۔۔ اوهان هن ويب سائيٽ‌ جي سنڌي سکيا سيڪشن ۾ وڃي ڪري ڪورل ڊرا، ڦوٽوشاپ، ايم ايس آفيس، وڊيو ايڊيٽنگ، ايم آفيس وغيره جا ڪورس پڙهي سگهو ٿا۔
 
Back
Top