وقت زندگي آ۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    وقت زندگي آهي ۔۔۔ هن جو بهترين استعمال ڪري اسان ڪامياب ٿي سگهون ٿا۔۔۔ اسان وقت کي سمجهون، وقت ضايع ڪندڙ ڪمن جو جائزو وٺون، وقت جو بهترين استعمال ڪرڻ لاءِ منصوبا تيار ڪريون ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪريون۔۔۔۔
    وقت هڪ بيمثال ذريعو ۽ وسيلو آهي۔۔۔ هي جهٽ پٽ ۾ ضايع ٿيندڙ هڪ اهڙي شي آهي جنهن کي اسان ڇهي به نه ٿا سگهون ته ان کي گڏ ڪري زخيرو به نه ٿا ڪري سگهون۔۔۔ هي بلڪل برف وانگر آهي جيڪڏهن توهان استعمال نه ڪيو ۽ رهڻ ڏنو ته پگهلجي ويندو۔۔ وقت جو متبادل ڪجهه به ناهي۔۔ هن کي توهان نه پهريان استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ نه وري بعد ۾۔۔۔ جهڙي طرح سج، چنڊ ۽ زمين کي گردش ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي اهڙي طرح وقت کي به روڪي نه ٿو سگهجي۔۔۔جيڪو وقت گذري ويو ان کي گذريل وقت ئي چئبو پر جيڪو وقت آيو نه آهي ان جي باري ۾ سوچي سگهجي ٿو ۽ منصوبا پڻ ٺاهي سگهجن ٿا پر ان کي استعمال نه ٿو ڪري سگهجي۔۔۔
    جيڪو وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو اهو آهي موجوده جنهن سان توهان پنهنجا قيمتي لمحا گزاري رهيا آهيو۔۔۔ ٿورو پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙي تي نظر ته وجهو ڏسو ڪيڏو نه تيزي سان لمحه گزرن پيا ۽ اسان جي مقرر ڪيل زندگي گهٽجندي رهي پئي۔۔۔ وقت کي خريد ڪري نه ٿو سگهجي، نه ئي کپائي سگهجي ٿو ۽ نه وري ڪرائي تي وٺي سگهجي ٿو، نه ڏئي سگهجي ٿو۔۔ هرڪو انسان جڏهن ننڊ مان اٿي ٿو پوءِ اهو چاهي امير هجي يا غريب، ننڍو هجي يا وڏو ان کي اهوئي 24 ڪلاڪ ملن ٿا ان جي اهميت انسان لاءِ زندگي جو مقصد آهي۔۔۔
    انسان کي وقت جي استعمال ڪرڻ جا وسيلا به گهٽ آهن۔۔۔ ان کي هميشه وقت جي گهٽ هجن جي شڪايت رهي ٿي۔۔۔ هو پنهنجا ڪيترائي ڪم واندڪائي ۾ ڪرڻ چاهيندو آهي پر هي زندگي هن کي واندڪائي جو هڪ ننڍو لمحو به نه ڏئي سگهندي آهي۔۔۔۔
    وقت کي دولت ۽ سون چاندي چوڻ به وقت جي ناقدري آهي۔۔۔ دولت ۽ وقت ٻئي حضرت انسان جي لاءِ نعمتون آهن۔۔۔۔ دولت ظاهري شي آهي ڪنهن کي گهٽ ته ڪنهن کي وڌيڪ ملندي آهي پر زندگي ۾ 24 ڪلاڪ هر انسان کي برابر ملندا اهن۔۔۔
    ان ڪري دوستو وقت جو قدر ڪريو ۽ سڀاڻي وارو ڪم اڄ ئي ڪريو ائين نه ٿئي ته توهان کي پنهنجي مقصد لاءِ وقت نه ملي۔۔۔۔ ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته توهان جي زندگي ئي نه رهندي ڇو ته وقت زندگي آهي۔۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabash
    shabash

    اها حقيقت آهي ادا رشيد
    lajwab-sharing

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جي ادا بلڪل وقت زندگي آ جنهن وقت جو قدر نه ڪيو ان زندگي جو قدر نه ڪيو جنهن زندگي جو قدر نه ڪيو ان الله تعالي جي نعمت جو قدر نه ڪيو مطلب ته ڪفر ڪيو
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادي رشيد جي هن لکڻيءَ تي مونکي منهنجو ڊائريءَ جو ورق ياد اچي ويو آهي ... دوست رشيد جي ڳالهه کي اڳي ڪندي اوهان سان ونڊ ڪندو هلان ...

    وقت جي طاقت

    اڄ آفيس کان موٽندي پاڙي واري ناڪي کان گذر ي ، ٿاڻي واري سنهي گهٽيءَ ۾ پهتس ته خادو چريو نظر آيو، ڀت جي ڇانوري ۾ ويٺي گھڙيال جا پرزا پرزا ڪري کين جاچي رهيو هو ... خادم پڙهيل لکيل چريو آهي ... ڪڏهن ڪڏهن ته چريو گهٽ ۽ مفڪر وڌيڪ لڳندو آهي ... کيس ننڍپڻ کان سڃاڻا ۽ هو پڻ مونکي ڪڏهن ڪڏهن کيڪاريندو آهي ... جڏهن کيڪاريندو آهي ته سمجهي ويندو آهيان ته کيس اڄ قلفي کائڻ جو شوق چڙهيو اٿس جو کيس آءُ ننڍپڻ کان قلفي وٺي کارائيندو آهيان ...

    اڄ کيس گهر جو گهڙيال هٿ چڙهي ويو هيس سو ان جو آپريشن ويٺي ڪيائين ... مون ڀر مان گذرندي کائنس سوال ڪيو،
    ” اڙي خادم هي ڇا گهڙيال جي اهڙي حالت ڪئي اٿئي؟“
    مونڏانهن اڻ ڏٺي ئي جواب ڏنائين
    ” وقت جي طاقت پيو ڳولهيان “
    ” وقت جي طاقت ! “ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي
    مونڏانهن غور سان ڏسي چيائين ” ڏٺو نٿي ڇا ته؟ ساڳيو وقت ڪنهن لاءِ خراب ته ڪنهن لاءِ سٺو هوندو آهي، ڪنهن لاءِ ڏک ته ڪنهن لاءِ سک کڻي ايندو آهي، ڪنهن لاءِ موت ته ڪنهن لاءِ زندگي هوندو آهي، ڪنهن سان پيار ته ڪنهن سان نفرت کڻي ايندو آهي ، مطلب ته جيترا ماڻهون اوترا ئي وقت جا نمونا هوندا آهن ... سو جانچ پيو ڪريان ته سندس ايتري طاقت ڪٿي لڪل آهي ؟ “
    ”هل هتان هل، مونکي ڪم ڪرڻ ڏي !!! “مونکي دڙڪو ڏئي وري لڳي ويو گهڙيال جي پرزن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ ۾ “
    آءُ کيس موڳن وانگر ڏسندو ، خادم چرئي جي عقلمندي تي سوچيندو هلندو رهيس، پاڻکي چرئي ٿيڻ کان ۽ سوچن کي ختم ڪرڻ لاءِ سگريٽ دکائي سوٽا هڻندو اچي گهر پهتس ...
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    واه سائين ڇا ته خادو چريو هئو جنهن جي ڳالهه اوهان جهڙن سياڻن کي سوچڻ سان گڏوگڏ سگريٽ جي پيئڻ تائين مجبور ڪيو، پر محترم سائين ادا رشيد واري نصحيت جو هڪ سڌو سنئون مثال هئو جيڪو اوهان هڪ خادو چريي جي نالي سان سمجهايو۔۔۔ تمام بهترين سائين، اهي سڀ حقيقتون آهن۔ وقت ڪنهن جو به ناهي۔۔۔ وقت جو قدر ڪرڻ کپي، نه ڪي وقت اسان قدر ڪندو۔۔۔۔۔
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه ادا رشيد واهه، تمام بهترين سمجهاڻي، پر ادي نثار جي ڳالهه به گهٽ ناهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو