وقت زندگي آهي ۔۔۔ هن جو بهترين استعمال ڪري اسان ڪامياب ٿي سگهون ٿا۔۔۔ اسان وقت کي سمجهون، وقت ضايع ڪندڙ ڪمن جو جائزو وٺون، وقت جو بهترين استعمال ڪرڻ لاءِ منصوبا تيار ڪريون ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميدارين جو احساس ڪريون۔۔۔۔
وقت هڪ بيمثال ذريعو ۽ وسيلو آهي۔۔۔ هي جهٽ پٽ ۾ ضايع ٿيندڙ هڪ اهڙي شي آهي جنهن کي اسان ڇهي به نه ٿا سگهون ته ان کي گڏ ڪري زخيرو به نه ٿا ڪري سگهون۔۔۔ هي بلڪل برف وانگر آهي جيڪڏهن توهان استعمال نه ڪيو ۽ رهڻ ڏنو ته پگهلجي ويندو۔۔ وقت جو متبادل ڪجهه به ناهي۔۔ هن کي توهان نه پهريان استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ نه وري بعد ۾۔۔۔ جهڙي طرح سج، چنڊ ۽ زمين کي گردش ڪرڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي اهڙي طرح وقت کي به روڪي نه ٿو سگهجي۔۔۔جيڪو وقت گذري ويو ان کي گذريل وقت ئي چئبو پر جيڪو وقت آيو نه آهي ان جي باري ۾ سوچي سگهجي ٿو ۽ منصوبا پڻ ٺاهي سگهجن ٿا پر ان کي استعمال نه ٿو ڪري سگهجي۔۔۔
جيڪو وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو اهو آهي موجوده جنهن سان توهان پنهنجا قيمتي لمحا گزاري رهيا آهيو۔۔۔ ٿورو پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙي تي نظر ته وجهو ڏسو ڪيڏو نه تيزي سان لمحه گزرن پيا ۽ اسان جي مقرر ڪيل زندگي گهٽجندي رهي پئي۔۔۔ وقت کي خريد ڪري نه ٿو سگهجي، نه ئي کپائي سگهجي ٿو ۽ نه وري ڪرائي تي وٺي سگهجي ٿو، نه ڏئي سگهجي ٿو۔۔ هرڪو انسان جڏهن ننڊ مان اٿي ٿو پوءِ اهو چاهي امير هجي يا غريب، ننڍو هجي يا وڏو ان کي اهوئي 24 ڪلاڪ ملن ٿا ان جي اهميت انسان لاءِ زندگي جو مقصد آهي۔۔۔
انسان کي وقت جي استعمال ڪرڻ جا وسيلا به گهٽ آهن۔۔۔ ان کي هميشه وقت جي گهٽ هجن جي شڪايت رهي ٿي۔۔۔ هو پنهنجا ڪيترائي ڪم واندڪائي ۾ ڪرڻ چاهيندو آهي پر هي زندگي هن کي واندڪائي جو هڪ ننڍو لمحو به نه ڏئي سگهندي آهي۔۔۔۔
وقت کي دولت ۽ سون چاندي چوڻ به وقت جي ناقدري آهي۔۔۔ دولت ۽ وقت ٻئي حضرت انسان جي لاءِ نعمتون آهن۔۔۔۔ دولت ظاهري شي آهي ڪنهن کي گهٽ ته ڪنهن کي وڌيڪ ملندي آهي پر زندگي ۾ 24 ڪلاڪ هر انسان کي برابر ملندا اهن۔۔۔
ان ڪري دوستو وقت جو قدر ڪريو ۽ سڀاڻي وارو ڪم اڄ ئي ڪريو ائين نه ٿئي ته توهان کي پنهنجي مقصد لاءِ وقت نه ملي۔۔۔۔ ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته توهان جي زندگي ئي نه رهندي ڇو ته وقت زندگي آهي۔۔۔۔