• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبدالستار ايڌي پاڪستان جي ”مدر ٽريسا“ آهي: رپورٽ

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
عبدالستار ايڌي پاڪستان جي ”مدر ٽريسا“ آهي: رپورٽ​


Abdul_Sattar_Edhi_300.jpg
انسانيت جي سيوا جي بيمثال ڪردار عبدالستار ايڌي پاڪستان جي مدر ٽريسا آهي. آمريڪي خابرو اداري ”اي پي“ موجب ميرن ڪپڙن ۾ جسماني ڪمزوري سبب ڪُٻڙو ٿي ڪري هلندڙ ايڌي جڏهن روڊ تي هلڻ شروع ڪندو آهي ته رپين جي برسات شروع ٿي ويندي آهي ۽ سندس جهولي پئسن سان ڀرجي ويندي آهي. ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ لاءِ اپيل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جي هر طبقي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ کيس پئسا ڏنا. عبدالستار ايڌي هر امداد ڪندڙ شخص جو شڪريه ادا ڪيو. ماڻهون ساڻس تصوير ڇڪرائڻ کي وڏي اهميت ڏيندا آهن. 4 ڪلاڪن ۾ سندس باسڪٽ ۾ 15 هزار کان پڌيڪ ڊالر هئا. ايڌي سندس زندگي جا 60 سال انسانيت جي خدمت ۾ گذاري ڇڏيا آهن.
 
Back
Top