جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر جو ڪهاڻيڪار آهي،

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر تي ڪهاڻيڪار آهي،​




    [​IMG]


    جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر تي ڪهاڻيڪار آهي، ......... جمال ابڙو مشهور تعليمي ماهر، عالم اديب ۽ قرآن جو آسان سنڌي ۾ سهڻو ترجمو ڪندڙ عالم محترم علي خان ابڙو جو پٽ هو. پاڻ شروعاتي تعليم سنڌ جي سهڻي ضلعي دادو جي تعلقي ميهڙ ڀرسان پنهنجي ڳوٺ سانگي مان حاصل ڪئي. ڪجهه عرصو جونا ڳڙهه ۾ به زير تعليم رهيو.تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1948 ۾ جمال ابڙو وڪالت جي پيشي سان وابسته ٿيو. ڪجهه عرصو پبلڪ پراسيڪيوٽر رهڻ کان پوءِ عدليا سان وابسته رهيو. پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج طور رٽائر ٿيو. ان دوران هڪ سنڌ اسيمبلي جو سيڪريٽري ۽ سروسز ٽربيونل جو چيئرمين به رهيو. مگر سندس سڃاڻپ ادب ۽ ان جا ترقي پسند خيال هئا.
    پاڻ اسڪول واري زمان کي ئي لکڻ شروع ڪيو. سچ، پيار، محبت، انساني حق، مساوات ۽ سماجي انصاف جهڙن موضوعن تي قلم کنيو.سندس پهرئين ڪتاب ”پشو پاشا“ افسانن جو مجموعو هئي. جنهن کين امر ڪري ڇڏيو. سندس ڪهاڻين مواد، فن ۽ خيالن جي حوالي سنڌي ادب ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. پاڻ سنڌي افسانا نگاري کي نون رجحانن سان روشناس ڪرايو. جمال ابڙي جو شمار جديد سنڌي افساني جي بانين ۾ ٿئي ٿو. ان جي ڪجهه افسانن جو ترجمو انگريزي، اردو، روسي ۽ جرمن ٻولين ۾ به ٿي چڪو آهي، جمال صاحب لاء سنڌ جو مشهور اديب غلام رباني آگرو صاحب پنهنجي لکيل هڪ تاثر ۾ (جيڪو هن 1961ع واري مهراڻ جي سيپٽمبر واري شماري ۾ لکيو آهي ) لکيو آهي ته جمال ابڙو صاحب سنڌي افسانن جو امام هو، جمال صاحب پنهنجن ڪهاڻين کانسواء پنهنجي هڪ بهترين آتم ڪٿا پڻ لکي آهي، جنهن ۾ پنهنجي دور جي عالمن اديبن جو پڻ ذڪر ٿيل آهي، ۽ ان ۾ پنههنجي محبت جو به هڪ عجيب داستان بيان ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان بدن ڪاڊارجو ٿو وڃي، ۽ ان داستان کي بيان ڪندي به جمال صاحب اسان جي سنڌ جي انهن جاهلانا رسم ڪارو ڪاري کي نديو آهي ۽ اهيو پڻ ٻڌايو اٿن ته سچو ۽ خلوص وارو پيار محبت سڪ ڇا هوندي آهي، ۽ سندس اهي آتم ڪٿا جا ڪتاب مان وڏي شوق مان حيدرآباد سنڌ مان خريد ڪري آيو هئس ۽ اهي سمورا جلد مون ٻه ٻه دفعا پڙهيا آهن مگر پوء به دل چوندي آهي ته اهي ڪتاب وري پڙهجن ۽ پڙهڻ سان دل اڃان به سٽون پئي کائي ته جمال ابڙي صاحب جا ڪاش اڃان به ڪي آتم ڪٿا جا ڪتاب هجن هان ۽ پڙهجن هان۔
    جمال صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ ايماندار، همدرد، ۽ نيڪ دل آفيسر ٿئي گذريو آهي، حق سچ لاء به پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن ۽ ڪڏهن به ڪوڙ اڳيان نه جهڪيا، هميشه سچ جو ساث ڏنائون، جنهن جي ڪري کيس گهڻو نقصان به برداشت ڪرڻو پيو، مگر پاڻ پوئتي نه هٽيا۔ ۽ پاڻ يارن جا يار رهيا آهن، سنڌ جي شاعر شيخ اياز صاحب پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر ۾ لکيو آهي ته جڏهن مارشل لاء دور ۾ آرمي ۽ پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ ٿي چاهيو۽ مان روپوش زندگي گذارڻ تي مجبور هئس ته پاڻ ان وقت جمال ابڙي صاحب وٽ پناهه ورتي هئائون، ۽ جڏهن ته ان وقت جمال ابڙو صاحب سرڪاري ملازم هئا ۽ جج هئا۔ مگر پوء به جمال صاحب ڪنهن ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي، جمال صاحب هڪ بهترين ڪهاڻيڪار اديب، عالم کانسواء هڪ بهترين پيءُ پڻ هئا، ۽ جمال صاحب پنهنجي اولاد تي پڻ پنهنجو اٿر ڇڏيو جنهن جو مثال اهيو آهي ته سندس جون ڪجهه سڪون وري سندس پٽ بدرالدين ابڙو لاهيندو آهي، دعا آهي ته رب پاڪ جمال ابڙي صاحب جون بشري مدايون ميٽي ڪري کيس جنت ۾ جايون عطاء ڪري۔ آمين۔
    ۔
    جمال ابڙو جي سوانح عمري جو مختصر خاڪو ​


    نالو: جمال الدين ابڙو.
    والد جو نالو: علامه علي خان ابڙو
    پيدائش جي تاريخ: 2 مئي 1924ع (27 رمضان).
    ڳوٺ: سانگي، تعلقو ميهڙ (تڏهن ضلعو لاڙڪاڻو).
    پرائمري تعليم: ڳوٺ منگواڻي تعلقو ميهڙ ۾ ميونسپل پرائمري اسڪول لاڙڪاڻو.
    هم ڪلاسي دوست: الله بخش ”انيس“ انصاري، دوست محمد ابڙو، عباس شيخ، آنند لال تولاڻي.
    هاءِ اسڪول: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو (39-1935) نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد (40-1939)، گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول ميرپورخاص (41-1940).
    ميٽرڪ: 1948ع (بمبئي يونيورسٽي).
    ايل.ايل.بي: شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو (يونيورسٽي آف سنڌ).
    رانديون: ڪرڪيٽ، ٽينس، بيڊمنٽن ۽ شطرنج.
    لکڻ جي شروعات: گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي واري وقت ۾ ئي ”ڪهاڻي“ لکڻ سان ۽ نور محمد هاءِ اسڪول واري زماني ۾ ”مضمون“ لکڻ سان.
    پهرين ڇپيل ڪهاڻي: ”هو حر هو“ (هفتيوار ”طوفان“، حيدرآباد (1949).
    ڊي جي، نيشنل ڪاليج حيدرآباد (42-1941).
    بهاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه (43-1942).
    ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي.
    شاهاڻي لا ڪاليج لاڙڪاڻو.
    سماجي خدمت: بنگال جي ڏڪر دوران رضاڪاراڻي شرڪت ۽ خدمت (44-1943).
    سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرمي: باني ميمبرن مان هڪ، جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪنوينشن سڏايو ويو، پوءِ تاج محمد ابڙي سان گڏجي لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي شاخ قائم ڪيائين، نواز علي نياز، اياز قادري، هري دلگير، جمال الدين بخاري، انيس انصاري ۽ ٻيا ڪيئي مقامي ليکڪ ۽ ادبي دوست ساڻس گڏ هئا.
    سچل اڪيڊمي ۾ سرگرمي: باني ميمبرن مان هڪ، جڏهن ان جي پهرين گڏجاڻي سندس ئي رهائشگاهه مخدوم منزل خيرپور ميرس ۾ ٿي. (60-1959).
    ادبي گڏجاڻيون: سنڌي ادبي سنگت کان اڳ ترقي پسند اديبن جون گڏجاڻيون، جيڪي ليسلي ولسن هاسٽل (جناح ڪورٽس) ۾ ٿينديون هيون، انهن ۾ حصو ورتائين، حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، سوڀو گيانچنداڻي، رام پنجواڻي، شيخ اياز، عبدالستار شيخ، سائينداد سولنگي ۽ ٻيا اديب شامل ٿيندا هئا.
    بين الاقوامي ڪانفرنس: ائفرو ايشين رائٽرز ڪانفرنس الماٽا (تڏهوڪي سويت يونين ۾ ) سيپٽمبر 1974ع ان ڪانفرنس ۾ فيض احمد فيض، ڪامريڊ سجاد ظهير، عطر سنگهه ۽ اتم به شامل هئا. (ان سانفرنس دوران ڪامريڊ سجاد ظهير دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو ۽ فيض صاحب سندس لاش سان گڏ دهلي هليو ويو. فيض جي غير موجودگي ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪيائين).
    نوڪري ڪيريئر: ايل. ايل. بي 1948ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ڀاءُ شمس الدين ابڙي سان گڏ وڪالت شروع ڪيائين.
    51-1949ع تائين پوليس پراسيڪيوٽر، شهداد ڪوٽ.
    52-1951ع لاڙڪاڻي ۾ وڪالت.
    1952ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن سب جج ڪري چونڊيو.
    24 آڪٽوبر 1952ع تي کپري ۾ پهرين مقرري، ان کانپوءِ سکر، شڪارپور، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊي الهيار، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مقرريون ٿيون ۽ سيشن جج جي عهدي تائين پهتو.
    78-1972ع سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري.
    80-1978ع ليبر ڪورٽ جو جج.
    81-1980ع ميمبر فيڊرل سروسز ٽربيونل، اسلام آباد.
    82-1981ع رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ.
    84-1982 ليبر ڪورٽ جو جج.
    85-1984ع سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻيهر سيڪريٽري.
    86-1985ع چيئرمين اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز ونگ سنڌ.
    رٽائرمينٽ: 10 اپريل 1986ع:
    ڪهاڻين جا ترجما: روسي، جرمني، اردو ۽ انگريزي (پشوپاشا“ پنجابيءَ ۾).
    سياست ۾: خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپو.
    عملي شرڪت: شروع کان وٺي سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ لاڳاپيل پورهيت تنظيمون (شاگرديءَ جي زماني کان وٺي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات تائين لاڳيتو هاري ڪاميٽيءَ سان دلچسپ- ۽ عملي سهڪار).
    ڇپيل ڪتاب:
    1. ”پشوپاشا“ (افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا. (سڀ کان پهرين ”زندگي پبليڪيشن“ حيدرآباد پاران 1959ع ۾ حميد سنڌيءَ شايع ڪيو).
    2. ”جمال ابڙو ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“، سنڌ ثقافت کاتو 1992ع.
    3. آتم ڪهاڻي (چئن ڀاڱن ۾).
    - ”ڏسي ڏوهه اکين سين“
    - ”اونهي ڳالهه اسرار جي“
    - ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“
    - ”ايندو نه وري وڻجارو“
    4. حسن ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ 1994ع.
    وفات جي تاريخ: 30 جون 2004ع



    جمال ابڙي صاحب جي لکڻي جو هڪ انداز​

    نوٽ هي تاثر جمال صاحب مشهور سنڌي سفرنامه لکندڙ اديب ۽ ليکڪ محترم الطاف شيخ صاحب لاء لکيا آهن جيڪي توهان جي پڙهڻ لاء پڻ هت پيش ڪجن ٿا، اميد ته پسند ايندا۔ مهرباني۔
    الطاف شيخ تي مون هميشه رشڪ ڪيو آهي ته هو ڪيئن سفرنامن ذريعي مسلسل ترقي پسند ادب ڏيئي رهيو اهي ترقي پسند ادب تي ڪنهن وڏي جگادري قسم جي اديب جي نڪي هڪ هٽي آهي ت نه ئي ميراث نه وري ڪو افلاطوني فلسفو اهي جنهن تي ڪنهن خاص گروه جو يا ڪنهن آئيديالاجي جو ٺپو لڳل هجي بس سڌو سنئون معلوماتي ادب جو سوچڻ تي مجبور ڪري بهتري لاء چاهنا پئدا ڪري ان لاء راهون کولي ان کان وڌ ترقي پسند ادب ڪهڙو چئبو ان ڪسوٽي تي الطاف شيخ جو ڏنل ادب نج سون ثابت ٿيندو سندس نگاهه تمام گهري خلوص واري ڇند ڇاڻ وااري ميٺاڄ ۽مزاح واري ڀلائي ۽ برائي جون آنڊا گجيون ڪڍڻ واري ۽ پيار سان _ڏاه ۽ ڏس ڏيڻ واري آهي ڪو دور هوندوهو جو ڪيئي کنڊ کائي مجنو ن ٻر کان ٻاهر نڪري ترقي پسند جو ٺپو هڻائي هنبوڇيون هڻندا وتندا هئا نه علم نه ڄاڻ نه مسئلن تي نظر نه عوام سان ڳوڙهي وابستگي نه ايثار جو جذبو پنجاه سٺ واري ڏهاڪي ۾ حقيقي ترقي پسند ته وڃي جيلن ۾ پيا يا عذاب کائي ماريا ويا پوء مڪو متو هٿراڌو ليڊر پسند شهرت پسند *۽ناماچار پسند ڄامڙن جو جي پيداوار اڄڪلهه جا ڌاڙيل يا خوشامد سرڪاري صلاحڪار آهن لفاظي ۽ نعري بازي ڪري پيسا ڪمائيندڙ وڃي ليڊري ۽ صلاحڪاري کي پهتا انهن جا ڪيئي نمونا ڪي مهذب ڪي بڪواسي ڪي چرچائي مقصد سڀني جوهو سرڪا ر سان سنمک ٿيڻ ۽ ماڻهن ۾معتبر بنجڻ سچو ترقي پسند ۽ انقلابي ٿيڻ سندن پهچ کا ن ٻاهر هو ڇو ته انلاء قرباني ڏيڻي ٿي پوي انلاء سولو بنهه آسان طريقو ايجا د ڪيائون ته مذهب ۽ الله جي نالي گهٽ وڌ ڳالهايو هڪدم ترقي تي ۽ جي ڪنهن سرڪاراي کاتي يا سپاهي کي هيسائن لاء مٿس جلهه ڪيو يا ڪنهن شريف جي _ڏاڙهي پٽ ڪيو ته توها ن انقلابي آهيو انهي دور ۾ ۾مولوي نذير جا انقلابي ٽوٽڪا ڏاڌا مقبول ٿيا مولوي صاحب لٺ کنيو ڪليڪٽر ۽ انجنيئر کاتي ۾ ماڻهن جا لانڍ وٺيو ڪم ڪرائيندو ٿي ويو ٻئي پاسي ڪامريڊ عبد القادر حيدر بخش ڪامريڊ سوڀو گيانچنداني ۽ رسول بخش پليجو جهڙا سمجهدار ورڪر ورهين جا ورهه جيلن ۾ پيڙهبا رهيا شيخ اياز جهڙو نج اديب پيارو ماڻهو پڪاري اٿيو ته سچ وڏو ڏوهاري آهي سنڌڙي تنهن جو نانء ورتو ڄڻ ڪاري تي پير پيو ٻاٻري ڪنڊي تي هلي رتو ڇاڻ ٿي وڃي جيل جو واسي ٿيو هن صدي جو ههڙو عظيم اديب ۽ انسان به اهو مقام پائي نه سگهيو جيڪو ٻيا سڌڙيا پائي ويا مٿيان سڀ عظيم ترقي پسند اڄ تائين لعن تعن جو شڪارآهين اها وڏي سرڪاري چال هئي جا اسين سمجهي ڪونه سگهيا آهيو ن اهڙيون قداور شخصيتون مشڪل سان پئدا ٿينديون اهن قادر بخش نظاماڻي وڃي لنڊن وسايو جمال الدين بخاري چريو ٿي مري ويو
    اڄ لاڙڪاڻي پريس ڪلب تان سندس نالي جي تختي لاٿي وئي برڪت آزاد گمنامي گوشه نشيني ۾ گهاري رهيو آهي محترم ابراهيم جويو هڪ مثالي ڪردار آهي جنهن کي مان ۽ اياز ڪرائسٽ چوندا آهيون
    هند ويل ساٿين جو ذڪر ڪري پاڻ کي ٻوهي ۾ وجهڻ وارو مان نه آهيان ڪامريڊ غلام محمد لغاري بک ڏک ۾پاڻ کي غريب هارين جو ساٿاري بنايو ويٺو هوندو هو خالي هٿين ويوهليو تاج صحرائي انگريز ن جا جيل ڪاٽي اڄ به بيابان پيو جهاڳي آزادي کانپوء ادب جي ميدان ۾ پختو ۽ جاکوڙي محنت جو سهرو ڊاڪٽر نبي بخش ڊاڪٽر غلام علي الانا مرحوم حسام الدين ۽ علي محمد راشدي تي آهي انهن کي بڻ بنياد نه بنايوسين ته يتيم ٿي وينداسين انهن نئون رخ ڏنو انهي کان ڪو انڪار مورکپائي آهي ڪن جوانڙن جو چوڻ آهي ته انهن صاحبن تخليقي ادب نه ڏنو اهو بحث طلب مسئلو آهي انهن پهاڙ جهڙين هستين تي بحث ڪرڻ آهي جبل سان مٿو هڻڻ مٿي ذڪر ڪيل صاحبن کي ترقي پسند اديب ئي چئبو اهي صاحب توڙي ڪاڪوڀيرو مل ۽ ڪشنچند بيوس انهن جا نالا نه کڻان ها ته پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪيان ها.
    ترقي پسند ادب جو بڻ بنياد وجهندڙ آهن اها ٻي ڳالهه آهي جو مٿن ڪڏهن عتاب نازل نه ٿيو هميشهه معزز رهيا انهي جو اهو سبب ڪونهي ته انهن مزاحمتي ادب پيش نه ڪيو پوء ائين ڪونه چئبو ته ترقي پسند ادب صرف مزاحمتي ادب آهي پوء ته والٽ وٽمئن جهڙو اديب به چيو ٿو ته ويٺو آهيان ۽ ماٺ ڪري ويٺو ڏسان به معيارکان ڪري پوندو يا ملٽن چيو جي ماٺ ۾ اهن ۽ ترسيا پيا ـآهن سي به ڪرت سان آهن سچل سائين چيو ماٺ ڪيا ن ته مشرڪ ٿيان ڪڇان ته ڪافر سڀني عظيم انسانن جي سوچ هڪ ٿيندي آهي ٻيو ته اڄڪلهه ائين سمجهيو ويو آهي ته اديب دانشور آهي ائين نه آهي اديب ته سونهن پسي وٺي ٿوان جي جهلڪ ٻين کي وٺرائي ٿو اڄ جنهن صاحب جي ڪا تخليق اخبار ۾ ڇپجي ٿي ته هو اديب يا دانشور ٿيو وڃي ما ن پاڻ لاء اعلان ٿو ڪيان ما ن دانشور ڪونه اهيان اسان علم جي راه جا پانڌيئڙا اهيون شل الله علم زياده ڪري.
    ها ڊاڪٽر نبي بخش شيخ اياز رسو ل بخش پليجو محمد ابراهيم جويو سوڀو گيانچنداني وڏا اديب ۽ دانشور آهن ڇو ته هو عالم ۽ اسڪالر به اهن سچو اديب اهو ئي آهي جيڪو عوام جي آواز ۽ ضمير بنجي سند ن جدوجهد جو ساٿاري هجي ۽ عوامي تحريڪن کي صحيح لاڙا ڏي ڪجهه ڏينهن اها گونج ٻڌڻ ۾ آئي ته جيڪو سٽ لکي ٿو سو اديب هاڻي ڏيو منهن هر بندش کان آزاد جانسن لکيوته ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن جاهل کي لکڻ اچي ويندو الحمد الله هاڻ اهو رجحان ختم ٿيو آهي هاڻ وري ٻيو چوٻول ٿيو آهي ته هر اديب لٺڙيو هئڻ گهرجي امر جليل چوي ٿو ته ڌاڙيل سان منهن به اديب ڏين ڀائي ڏاها ٿيو پوء ته هاري هر ڦٽو ڪري پورهيت مترڪو ڇڏي ڪامورو نوڪري ڇڏي ٻيلي هرڪو پنهنجي،وت آهر دائري ۾ ڪم ڪندو ته هو اتي لاڀائتو ٿيندو ادب ۽ ترقي پسند جو مقصد فوجي هئڻ نه آهي هو سڀ ڪجهه هوندي به اديب هوندو آهي
    مون ڳالهه پئي ڪئي الطا ف جي سفرنامن جي سفرناما ٻيا به گهڻا لکيا ويا پر انهن مان پڏڻ پائي ۽ ذات جو اظها ر ٽيڪا پيو ڏئي الطاف ۾ اها ڳالهه ڪونهي هو اجايو عالماڻو اظهار ڪونه ٿو ڪر ي هو ٻين ماڻهن جون اوڻايون خوبيون چڱي طرح سان جاچي پرکي پنهن جا نتيجا ڪڍي اسانکي ٻڌائي ٿو معمولي موضوع مان اهڙا سبق ٿو ڏيئي جو واڄٽ وڄيو وڃن سندس ڪجهه ڪاڪوسن بابت پڙهي ڏسو پوء چئو ڪپاٽ کلي وڃن ٿا يا نه الطاف هڪ منفرد ليکڪ آهي هو منهنجي ديرينا دوست گل محمد جو فرزند آهي ڊاڪٽر نبي بخش هڪ گڏه تي معلوماتي ڪتا ب لکي ته شيخ صاحب ڪاليجي زماني ۾ ئي ماکي جي مک تي اهڙو معلوماتي ڪتاب لکي ڇپائي ڇڏيو ان بعد ماڪوڙي ۽ ڪوريئڙي تي پڻ شيخ صاحب نهٺو ٿور ڳالهائو ڳوڙهي سوچ رکڻ وارو خوش مزاج ۽ سچ جو ساٿاري هو سادي طبيعت ۽ آفيسري ۾ به گيڙو کاڌي جاڪپڙا پائيندو هو مون کي الطاف ۾ شيخ صاحب واريو ن جهلڪيون نظر اچن ٿيون سندس زور قلم اڃآ زياده آهي هن سڄي پٽاڻ جو مقصد آهي ته الطاف جون لکڻيون ترقي پسند ادب جو لاجواب حصو آهن
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر تي ڪهاڻيڪار آهي،

    جمال ابڙي جو هڪ يادگار انٽرويو​

    ڳالهه ٻولهه: ادريس جتوئي
    ادريس جتوئي: پهرين ڪهاڻي اوهان ڪڏهن لکي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ لکي؟
    جمال ابڙو: ڪهاڻيون ته سرجنديون رهنديون آهن، ماڻهو سڄي عمر ڪهاڻيون ٻڌائيندو رهيو آهي، او جڏهن پٿر جي دور ۾ هوندو هو، تڏهن به ته ڪهاڻيون ٻڌائيندو هوندو. ته مون اڄ هيئن ڪيو ۽ اڄ هونئن ڏٺو. ڪهاڻيون ته ماڻهوءَ جي من ۾ آهن ئي آهن ۽ رهنديون پيون اچن ۽ دنيا جي هن ڪينواس تي جيڪي وهي واپري پيو، اهو به پيو ڏسجي. تنهن ڪري اهو مواد ڪٺو ٿيندو ٿو وڃي، پوءِ ڪنهن به وقت ڪو اهڙو واقعو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کان متاثر ٿي ليکڪ لکي ٿو.
    مون کي يادگير ي آهي ته مون پهرين ڪهاڻي لکي :”هو حُر هو“ منهنجي پهرين ڪهاڻي اها هئي، انهن ڏينهن ۾ منهنجو ڀيڻويو عبدالحق وڪو، ڊي ايس پي ٽنڊو محمد خان هو، انهيءَ کي ميري نظاماڻي جي مارڻ جي ڊيوٽي ڏني وئي هئي ۽ مشهور ڌاڙيل ڦل ماڇي کي به مارڻ جي ذميواري ڏني وئي هئي. سو ڦل ماڇيءَ کي به ماريائين ۽ ميري نظاماڻيءَ سان به سندس وڏو مقابلو ٿيو هو. مون کي به وٺي ويو، پر ميرو نڪري ويو، ٻيا ڌاڙيل هئا. هڪڙو منٺار ۽ ٻيو جنهن جو نالو وسري ويو آهي، انهن کي ماريو ويو. ميرو نظاماڻي مشهور ڌاڙيل ۽ حر هو. انهي کي جڏهن ماريائين ته مون کي اهو مواد ذهن ۾ هو ، پوءِ مون اهو لکي ڇڏيو، ته ماڻهو ڌاڙيل ڇو ٿو بڻجي ۽ ڌاڙيل بڻجڻ ۾ هن جي ڪا رضا ۽ خوشي شامل نه آهي، حالتون آهن، جيڪي هن کي مجبور ڪري ڌاڙيل بڻائين ٿيون ۽ جي هو چڱو ٿيڻ چاهي ٿو ته هن کي موقعو نٿو ڏنو وڃي.
    ادريس جتوئي: ورهاڱي کانپوءِ جي سنڌي ڪهاڻيءَ جو اوهان کي باني چيو وڃي ٿو، اوهان کي اڳ امر لعل هنڱوراڻي، آسانند مامتورا، نادر بيگ، مرزا ۽ ٻيا رهيا آهن پر نئين سنڌي ڪهاڻي باقائدي جيڪا جديد شڪل اختيار ڪئي آهي، اهو اوهان جو ڪارنامو آهي پر ڪجهه نقادن جي راءِ آهي ته اياز قادري نئين سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني آهي؟
    جمال ابڙو: اياز قادري نه، منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪو موجوده سنڌي افساني جو باني آهي ته اهو اياز شيخ آهي، ان جو ڪتاب ”سفيد وحشي“ توهان پڙهيو هوندو يا ٻيون ڪهاڻيون لکڻي وغيره تمام لاجواب ڪهاڻيون آهن. منهنجي خيال ۾ جديد دور جي ڪهاڻي جو باني شيخ اياز آهي هو وڏو شاعر بڻجي ويو، ان ڪري هن جي مضمون نويسيءَ ۽ افسانه نويسيءَ وارو پهلو جهڪو ٿي ويو، نه ته هو جديد ڪهاڻي جو باني آهي، پوءِ رباني، پوءِ مان ۽ پوءِ اياز قادري آهي.
    ادريس جتوئي: توهان شروع ۾ لکڻ وقت شعوري طرح ڪنهن ليکڪ جي اسٽائيل کان متاثر ٿيا يا اوهان پنهنجو اسٽائيل تبديل ڪيو؟ هڪ راءِ اها به آهي ته اوهان جي ڪهاڻين تي گورڪي، اوهينري ۽ جيڪ لنڊن جو اثر آهي؟
    جمال ابڙو: ها، سڀ ايئن چون ٿا، دوستن به مون کي ايئن چيو هو، مون چيو ته ادا مون نه اوهينري پڙهيو آهي، نه ڪو وري جيڪ لنڊن پڙهيو آهي، مون ته پنهنجا سنڌي ڪهاڻيڪار پڙهيا آهن، امر لعل هڱوراڻي پڙهيو آهي، ٽئگور به پڙهيو آهي. ٽالسٽاءِ پڙهيو اٿم سي به انگريزيءَ ۾، نه سنڌيءَ ۾ ترجمي سان، ان زماني ۾ بابي سائينءَ وٽ ڪتاب تمام گهڻا ايندا هئا، انهن مان ڪهاڻيون پڙهندو هوس، مون تي جيڪڏهن اثر آهي ته منشي پريمچند جو ۽ ٽالسٽاءِ ۽ ٽئگور جو، ٽئگور جون ڪهاڻيون عاليشان هيون. ”ڪابولي والا“ ۽ ٻيا ڪتاب وغيره مون پڙهيا، مون انگريزي ليکڪ نه پڙهيا هئا بعد ۾ پڙهيا هوندم پر جڏهن مون ڪهاڻيون لکيون ته اهي ڪو نه پڙهيا هئم.
    ادريس جتوئي: توهان جي ڪهاڻين جا جيڪي ڪردار آهن، اهي اوهان جي ذهن جي تخليق آهن يا اهي سماج ۾ حقيقي وجود رکن ٿا؟ اوهان جن ڪجهه ڪردارن جي باري ۾ اها راءِ به آهي ته اهي غير فطري محسوس ٿين ٿا ڇو ته عملي زندگيءَ ۾ ايئن نه ٿيندو آهي؟
    جمال ابڙو: منهنجي خيال ۾ منهنجا سڀ ڪردار زندگيءَ سان وابسته آهن، ڪو به ڪردار زندگيءَ کان ٻاهر ڪونهي، سواءِ هڪڙي ”پشوپاشا“ جي پر ان ٽائيپ جا ليڊر جيڪي ماڻهن کي ساڻ ڪيو وتن، اکين سان اوهان به ڏٺا هوندا، ماڻهن جا ڪم ڪريو، پنج پنج رپيا درخواست تي وٺي ڪامورن، انجنيئرن ۽ مختيارڪارن وٽ ماڻهن جا ڪم ڪرائيندا وتن، اها ليڊر شپ ته ڪامياب نه ٿيندي، هاري پارٽيءَ ۾ به اهڙا ليڊر هئا ۽ مون هاري پارٽيءَ ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي. حيدر بخش جتوئي سان، نذير جتوئيءَ سان ۽ ڪامريڊ عبدالقادر سان، مون کي ڪاوڙ هئي انهيءَ جي رد ۾ صحيح ليڊرشپ عوام پيدا ڪري. ٻئي طبقي مان جيڪو ليڊر ايندو سو ته رڳو پنهنجو فائدو ڳوليندو يا مان ليڊر ٿيان يا پئسا ڪمايان، جيئن عبدالواحد سومرو اسان وٽ لاڙڪاڻي ۾ هوندو هو، اهو وڏو ڪروڙ پتي ٿي ويو، هينئر ڪراچيءَ ۾ ڄام صادق جي بنگلي جي ڀرسان بنگلو اٿس، پاڻ مري ويو آهي ته ”پشوپاشا“ به غير فطري ڪونهي. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اهڙا به آهن، جيئن سنڌيءَ جا چرچا آهن، سي مون لکيا آهن، مثلن هن جو چوڻ ته ”ڇو چهڙي جو گلاس آ؟“ اڃا تائين ٻهراڙيءَ جا ماڻهو چوندا آهن.
    ادريس جتوئي: اياز قادري جو تازو انٽرويو ڇپيو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته اسان جو نوجوان ڪهاڻيڪار ان منزل تي نه پهچي سگهيو آهي، جنهن منزل تي ان جي دور جا ڪهاڻيڪار پهتا؟ ڪهڙي منزل آهي، ڪهڙين ڳالهين جي کوٽ آهي نوجوانن ۾؟
    جمال ابڙو: جيڪا لکڻي تڙپ پيدا ڪري، مون اهو لکيو ۽ سمجهايو آهي، پشوپاشا جي آخر ۾ ته ”بدمعاش“ جيڪو آهي ”بلودادا“ ۽ شيدو ڌاڙيل کان ان ڪري مختلف آهي جو هو چپ ڪري نٿو ويهي، ڪجهه ته ڪرڻو آهي، انسان جيڪڏهن معاشري کان متاثر ٿي ۽ چپ ڪري ويهي رهي ته دٻجي وڃي ته اهو غلط آهي، انسان ڪڏهن به چپ ڪري ويهڻ وارو نه آهي، انسان هميشه اڀري مٿي ٿو اچي، انهيءَ ڪري هميشه مون اهو ڏيکاريو آهي ته انسان ۾ بي حساب قوتون آهن هو ڪهڙي به مشڪل سان مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿو، جيئن پشو پاشا ڪيو، مون ڪهاڻين ۾ اهو پيغام ڏٺو آهي ته انسان دٻجي نٿو سگهي، جيئن دٻائبو تيئن اهو اڀرندو، مهاڏو اٽڪائيندو آ ۽ نيٺ پنهنجي منزل ماڻيندو آ.
    ادريس جتوئي: 70 کانپوءِ جيڪا ڪهاڻي آهي، ان ۾ موضوع ۽ توڙي ٽيڪنڪ جي حوالي سان ڪافي نوان تجربا ٿيا، انهن نون تجربن مان اوهان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
    جمال ابڙو: الائي ڪهڙا نوان تجربا ٿيا آهن؟
    ادريس جتوئي: شعور جي وهڪري ۾ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، مونولاگ ڪهاڻيون ۽ داخليت جا موضوع ڪهاڻيءَ ۾ اچڻ لڳا؟
    جمال ابڙو: سڀ تجربا اسان جي دور ۾ ٿيا، پر اسان انهن تجربن کي پنهنجو نه ڪيو، اها ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي، فرينچ لٽريچر ۾ اها 50 سال اڳ جي پراڻي ڳالهه آهي، اسان به پڙهي پر اسان ان کي پنهنجو نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج ۽ اسان جي معاشري، اسان جي اخلاق، اسان جي ڪردار، اسان جي سوچ کان مختلف هئي ۽ نه ئي اها اسان جي ڪم جي هئي، ان ڪري اسان انهي کي نه کنيو، ايئن ته اسان صاف اڻ پڙهيا ڪورا ڄٽ ته نه هئاسون، فرانس جا سڀ ليکڪ پڙهيا هئاسون، اهي لکڻ جا طريقا به ڏٺاسين پر اسان کي پسند نه آيا. ”شعور جو وهڪرو“ وغيره اهي بيڪار ڳالهيون آهن. هڪڙو رائيٽر لکي ٿو ته موضوع جي تلاش ۾ بس گهمندو گهمندو ويس پوءِ وڃي هوٽل ۾ ويٺس، چانهه جي گرم پيالي تي وري سگريٽ جو سوٽو ابا انهيءَ جي ضرورت ڪهڙي آهي، چپي چپي تي گراٺ گراٺ تي مسئلا پيا آهن، اهي توهان کي نظر ئي ڪونه ٿا اچن، توهان کي رڳو پنهنجي داخليت ٿي نظر اچي. توهان کي رڳو سگريٽ جو ڪش ۽ چانهه جو ڪوپ کپي ۽ بس-اها ڳالهه ڪانهي. مسئلا ماڻهن جا سوين، هزارين، لکين پيا آهن، ڪروڙين پيا آهن، منهنجو ڀاءُ ڪمال چوندو هو، اهو پئسي وارو ماڻهو هوندو هو، چوندو هو ته مون کي پنهنجو ڪو انقلابي ليکڪ ڏيو ته مان پنجن ڏينهن ۾ ڦيرائي نه ڏيانوءَ، ته منهنجو نالو ڪمال نه آهي. روز وسڪي پياريندو سانس، روز مرغي کارائيندو سانس، ڏسو ته ڳالهيون وساري ٿو ويهي، نٿو ويهي. هنن ليکڪن جا مسئلا ئي داخلي آهن نه ڪي خارجي آهن. اهڙا ليکڪ رڳو پنهنجي اندر ۾ گم آهن.
    ادريس جتوئي: جمال صاحب، سنڌي سماج ۾ ڪا اهڙي اٿل پٿل ۽ ڀڃ ڊاهه ته نه ٿي، جنهن معروضي صورتحال جي ڪري ليکڪن ان رُجحان ۽ لاڙي ڏانهن متوجهه ٿيا؟ خاص طور تي 70 کان پوءِ واري دور ۾؟
    جمال ابڙو: ها سنڌي سماج ۾ ايئن ٿيو، تعليم عام ٿي ته ان ۾ وڏن ماڻهن جا پٽ به آيا، غريبن جا پٽ به آيا، غريبن جي پٽن کي نه ڪپڙو چڱو، نه سواري چڱي، نه ڪا لفٽ پوري ملي، ڪاليج ۾ ڇوڪريون نه اچڻ لڳيون، مسلمان رڳو ٻه ڇوڪريون هيون، هڪڙي فهميده شيخ، اسلم شيخ جي ڌيءَ هئي، اسلم شيخ جيڪو نور محمد هاءِ اسڪول جو سيڪريٽري هو ۽ ٻي پنهور ڇوڪري هئي، جيڪا خانبهادر کهڙي جي سالي هئي. لاڙڪاڻي جي سڄي هاءِ اسڪول ۾ جتي پنج ڇهه سئو شاگرد هئا، ان ۾ هڪڙي ڇوڪري هئي ڊاڪٽر اشرف عباسي اسان کان وڏي هئي.
    ادريس جتوئي: ترقي پسند تحريڪ توهان جي دور ۾ عروج تي هئي، ان جا سنڌي ادب تي ڪهڙا اثر مرتب ٿيا آهن؟
    جمال ابڙو: ترقي پسند تحريڪ جا سنڌي ادب تي اثر آهن، ڇاڪاڻ ته اهي زندگي سان وابستگي رکن ٿا، نه ته اسان رڳو گل ۽ بلبل وارا شعر پڙهيا، اسان جي دور ۾ گل ۽ بلبل ڪاڪل ۽ زلف جون ڳالهيون ٿيون، ٻي ڪا ڳالهه ڪانه ٿي. ويندي ابراهيم خليل هو، جيڪي به هئا، سڀ اهي ڳالهيون ڪندا هئا، جيڪا اسان جي معاشري کان بلڪل الڳ ڳالهه هئي، اسان جي سماج کان الڳ ڳالهه هئي، انهي کان اسان هٽي جدا ٿياسون ته هنن کي ڪاوڙ لڳي، انهيءَ ڪري اسين تنقيد جو نشانو بڻياسون، ٻي ته ڪا ڳالهه ڪانهي، نه ته سردار علي شاهه منهنجو دوست، مون سان گڏ نمازون پڙهيائين مون سان مسجد ۾ گڏ ٻانگون ڏنائين، اهو مون کي ”ڪافر“ لکي. مان ته هڪڙي طبقي جي نمائندگي ڪئي، غريب طبقي جي.
    ادريس جتوئي: توهان جڏهن ڪهاڻيون لکيون ان وقت سنڌي ادبي سنگت جي ڇا حيثيت هئي؟
    جمال ابڙو: سنڌي ادبي سنگت کي بعد ۾ قائم ڪيو ويو، اسان ته اڳ ۾ لکڻ شروع ڪيو، سنڌي ادبي سنگت به وجود ۾ آئي، اها پاڻهي وجود ۾ آئي، ڪنهن ڪوشش ڪري نه آندي، محمد ابراهيم جويي جو ”دماغ“ ۽ ڪردار هوندو هو. هيءَ ڳالهه هيئن نه هئڻ کپي. ابراهيم جويو صاحب، تمام وڏو ماڻهو آ، ان جو اهو نظريو هوندو هو. محمد ابراهيم جويو، ابن حيات پنهور، اهي ٻه ماڻهو خاص هئا، جن ٻين سڀني کي گڏ ڪيو. اهي ترقي پسند ادب جا حامي هئا. باقي ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ شيخ اياز اهي ورهاڱي کان اڳ ۾ پاڻ ۾ گڏ ٿيندا هئا. اسان جي ايل ڊبليو او هاسٽل ۾ جنهن تي پوءِ جناح ڪورٽس نالو پيو، گڏ ٿيندا هئاسين، اتي هال هوندو هو، جنهن ۾ پنج ڇهه ڄڻا هوندا هئاسين، ان ۾ مون کي هڪ ٻه دفعو سڏيو ويو هو. مسلمانن ۾ شيخ اياز ۽ ٻيو مان، ٽيون عبدالستار شيخ ميرپور خاص جو ايڊووڪيٽ جنرل هو ۽ چوٿون سائينداد سولنگي جيڪو انجنيئر هو، اهي ڪڏهن ڪڏهن چار ڄڻا ويهندا هئاسين. ٽيلينٽ ته هو. سائينداد سولنگي هڪڙي اهڙي عجيب ڪهاڻي لکي جو سڀ واهه واهه ڪري اٿيا. ”انڌي ۽ جنڊ“ انهي جو نالو هو. هڪڙي انجنيئر ماڻهو اهڙي ڪهاڻي لکي، عجب جي ڳالهه چئبي. سڀ هندو ڇوڪرا ڪيرت ٻاٻاڻي، پوهو وارا وهوا ڪري اٿيا. شايد ڪٿي ڇپي هوندي. اوهان پڙهي آ الائي نه، ڏاڍي سٺي ڪهاڻي هئي.
    ادريس جتوئي: اوهان پنهنجن همعصر ڪهاڻيڪارن مان ڪنهن کان وڌيڪ متاثر آهيو؟
    جمال ابڙو: شيخ اياز کان تمام گهڻو متاثر آهيان، شيخ اياز جي ڪهاڻين کان ربانيءَ سٺيون ڪهاڻيون لکيون پر ٻه ٽي ڪهاڻيون لکي ميدان ڇڏي ويو. هن جو انداز ڏاڍو پيارو هو، منهنجو انداز سخت گير هو پر رباني جو مٺو لهجو هو. جيئن فيض احمد فيض جو پيارو لهجو هر ڳالهه پياري ڪندو هو، چئبو هو ته ٺنڊڪ ٿي وئي. رباني جو اهڙو لهجو هو. اياز ۾ ڪڙواهٽ هئي، مون ۾ به اها ڪڙواهٽ آهي، اهي ٻه ماڻهو هئا.
    ادريس جتوئي: ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي جي ڪهڙي دور کي روشن، عروج وارو يا عظيم دور چئي سگهجي ٿو ۽ ان دور جا ڪهڙا اهم ڪهاڻيڪار آهن؟
    جمال ابڙو: سنڌي ادبي سنگت واري دور ۾ امر جليل ۽ نسيم کرل تمام سٺا ليکڪ هئا، انهن تمام سٺيون ڪهاڻيون لکيون.
    ادريس جتوئي: بهترين ۽ ڪامياب ڪهاڻيڪار لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن، جيڪي اسان جو نوجوان پوريون ڪري؟
    جمال ابڙو: مون عرض ڪيو ته هن جي دل صاف هجي ڪينو، بغض، ڪدورت، نفرت اهي نه هجن، محبت هجي، چڱائي، اخلاص، اهي ڳالهيون ضروري آهن، اهي هونديون ته هو چڱي طرح لکي سگهندو.
    ادريس جتوئي: اهي ڳالهيون فڪري حوالي سان ٿيون، فني حوالي سان جيڪي نوان تجربا ڪرڻ گهرن ته اهي ٻڌايو؟
    جمال ابڙو: فن تي پاڻهئي اچي ٿو وڃي ڳالهه صحيح هجي، چوڻ جو انداز سولو هجي عام ماڻهن تائين پهچي سگهي.
    ادريس جتوئي: سنڌي اديبن ۾ گروهه بنديءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟
    جمال ابڙو: هر دور ۾ رهي آهي، هميشه رهي آهي، هر ملڪ ۾ رهي آهي، انگلينڊ ۾، فرانس ۾ توڙي اسان جي ملڪ ۾ به رهي آ. او جميعت الشعراءُ وارن ۾ به رهي آ، جيڪي پاڻ کي وڏو شريف سمجهندا هئا. انهن ۾ به رهي آ. جمع خان غريب ويچارو شاعر هوندو هو. ماستر دادو جو، انهي کي ڪڏهن اڳيان اچڻ نه ڏنائون، حالانڪه وڏو شاعر هو، منهنجي نطر ۾ ڏاڍو سٺو هو ۽ عام غريب ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪندو هو. اهو هنن کي نه وڻندو هو، جميعت الشعراءُ ۾ به اها حالت رهي آهي.
    ادريس جتوئي: عالمي طور تي سويت يونين جي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ ۽ وڏي اٿل پٿل آئي آهي، ان جا اسان جي ادب تي ڪي اثرات مرتب ٿيا آهن ۽ اسان جو اهو ترقي پسند ليکڪ جيڪو انهن تحريڪن کان متاثر ٿي ادب جي ميدان تي آيو، اهو ته ڀڄي ڀري پيو آهي؟ توهان تي به ڪو اثر پيو آ؟
    جمال ابڙو: سويت يونين جو ڊهڻ وڏو الميو آ، پر ان جو اثر اسان تي ڪونه پيو آهي، اسين اڃا به انهيءَ ڳالهه تي محڪم آهيون ته پورهيت جا حق ڪيئن به ڪري حاصل ڪرڻا آهن. ڪميونزم هڪ سائنس آ، مارڪسزم هڪ سائنس آ، سائنس ڪڏهن به فيل نه ويندي آهي، نڪو ئي وئي آ، انهن کي سويت يونين وارن پاڻ Disown ڪري ڇڏيو آ، ڪهڙين حالتن ۾، اهو سڄي هڪڙي انٽرنيشنل منصوبابندي هئي. ان ڪري ڪميونزم ۽ مارڪسزم ناڪام نه آهي. ڪميونزم سائنس آهي ۽ اها هلندي رهندي. معاشي سائنس آ، اها صحيح آ، پنهنجي جاءِ تي اسان اڃا به ان تي قائم آهيون.
    ادريس جتوئي: مارڪسز ۾ تبديليون اچي سگهن ٿيون؟
    جمال ابڙو: مارڪسزم ۾ خود لچڪ آهي ته بابا انقلاب Indigenous ٿيندو آ، پنهنجي Soil مان ٿيندو آ، پنهنجين حالتن آهر اڀرندو آ، مائوزيتنگ، لينن جي ٿيوري کي ختم ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته پهريائين جاگيرداري ۽ زمينداري مان اچبو، سائنس، صنعت ۾ ۽ پوءِ انقلاب ايندو پر مائو چيو ته: صنعتڪاري کان سواءِ هاري به انقلاب آڻي سگهي ٿو، اتي هارين انقلاب آڻي ڇڏيو، ايڏو وڏو انقلاب، جو سويت يونين جي انقلاب کان وڏو.
    ادريس جتوئي: مجموعي طور نوجوان ليکڪن لاءِ اوهان جو پيغام ڪهڙو آهي؟
    جمال ابڙو: پڙهن، لکن-پڙهڻ کي نه ڇڏين، پڙهڻ تمام ضروري آهي، اهو مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته پڙهڻ کانسواءِ ماڻهو لکن ڪيئن ٿا، اهو مان نه سمجهي سگهيو آهيان


    جمال ابڙي جي ڪهاڻي ۔۔۔ ( سينڌ“) پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو ​


    بشڪريه مددي ڪتاب رسالا ۽ سائيتون
    ڪاوش، عبرت، عوامي آواز، وڪيپيڊيه، ذاتي ممتاز علي وگهيو جي ڊائري، جمال ابڙو جي آتم ڪهاڻين جا ڪتاب۔۔ ڏسي ڏوهه اکين سين“۔۔۔۔۔۔ - ”اونهي ڳالهه اسرار جي“۔۔۔۔۔ - ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“۔۔۔۔- ”ايندو نه وري وڻجارو“ شيخ اياز جي آتم ڪهاڻي ۔۔ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر۔ سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ، ماهوار نئين زندگي، ٽي ماهي مهراڻ ،گوگل، وغيره
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر تي ڪهاڻيڪار آهي،

    مهرباني ادا ممتاز

    جمال ابڙو سنڌي نثر خاص ڪري افساني ۽ ڪهاڻي ء جو پهريون نمبر ليکڪ رهيو آهي جنهن کي لکڻين ۾ هڪ تڙپ هئي۔ سمجهڻ ۾ آسان ۽ سوليون لکڻيون هئڻ ڪري هن کي هر ڪلاس جا ماڻهو پڙهندا رهيا آهن۔

    ڪاله اوهان جي لکيل ليک تي ته مون ايئن ئي پنهنجي راء ڏني هئي ته جمال ابڙو سنڌي ڪهاڻيء جو وڏو ۽ نمبر هڪ ليکڪ آهي ۔ اوهان اڄ ٻيهر سٺي چاڻ ونڊ ڪئي آهي۔

    جمال ابڙو جي ڪهاڻي بدمعاش کي تمام گهڻي موٽ ملي هئي جيڪا هڪ مختصر ۽ ننڍي ڪهاڻي آهي۔ هت ڪلڪ ڪري اها ڪهاڻي پڙهي سگهجي ٿي۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر تي ڪهاڻيڪار آهي،

    جمال ابڙي تي مڪمل ڄاڻ ڏيڻ تي ممتاز صاحب جا ٿورا ۔۔۔

    اسانجي هنن سنڌ دوست اديبن ۽ ڏاهن سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ته هيرا جواهر گڏ ڪيا آهن جو اڄ اسانجي ٻولي ڪنهن خزاني کان گهٽ ڪونهي، پاڻ جڏهن ايم اي ادب ۾ پڙهندا هئاسون ته اسانجا سڀ استاد جن ۾ سائين محترم اياز قادري ۽ محترم فهميده ميمڻ ۽ سائين شوق صاحب جن پڻ شامل هئا سي جمال ابڙي جي ڪهاڻي پشو پاشا خاص ڪري پڙهائيندا هئا ۽ اسانکي ڪهاڻين لکڻ جي ترغيب ڏيندا هئا ۔۔۔

    مون پڻ اهڙن ئي سنڌ سڄڻن کان متاثر ٿي ڪجهه ڪهاڻيون لکيون هيون پر افسوس جو هاڻ رزَق حلال جي تلاش ۾ پرديس جا منهن ڏسي سنڌي ادب کان ڏوري ٿي پئي آهي ۔۔۔

    پر پوءِ به اوهان دوستن سان ڪچهريون ڪري ۽ اوهانجا ليک پڙهي اندر جي اساٽ ختم ٿئي ٿي ۔۔۔

    تمام سهڻو ۽ پيرائتو ليک آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر تي ڪهاڻيڪار آهي،

    ادا ونڊ کي پسند ڪرڻ جي لاء اوهان جي مهرباني​
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر تي ڪهاڻيڪار آهي،

    سائين ابڙا صاحب ونڊ کي پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,415
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: جمال ابڙو صاحب پهرين نمبر جو ڪهاڻيڪار آهي،

    بهترين سائين تمام سٺي ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو